عقل ننڍڙو ٻار. . .
فطرت ۽ فطرتي حُسن جو موهہ، هر حُسن پسند ماڻهوءَ لاءِ ڪشش جو سبب رهيو آهي. شاعر ويچارو ته هوندو ئي حُسن پسند آهي. جِتي جلوو جوت جمال نظر آيو، اُتي ئي اَڙي بيهي رهندو، خيالن ۾ غرق ٿي فنا ٿي ويندو. پوءِ جڏهن هوش ايندس ته زمان ۽ مڪان جي ڪا ڪَلَ ئي نہ رهندس. پنهنجي خودي ۽ آپي کان ٻاهر هوندو، پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙيندو، جتان جا اصول هُن جا، جتان جي روشني هن جي، جتان جو ماحول هُن جو، جتان جي زندگي هن جي. شاعر، هن سماج جا انڪاري آهن. هو روپ ٻهروپ نٿا ڄاڻن، هو ظلم ٿيندو ڏسي تڙپي ٿا پون. هو انياءَ سان مهاڏو ٿا اٽڪائين. هنن جي مزاحمت انقلاب ٿي آڻي وجهي، پر هي سماج انهن کي ’ديوانو‘ ٿو ڪوٺي. افلاطون به تڏهن پنهنجي ’’تصوراتي رياست‘‘ مان شاعرن کي گُلن جا هار پارائي الوداع ڪرڻ لاءِ چيو هئو، پر شاعر ته شعور جا پيامبر آهن. هُو هميشه گلاب آڇيندا آهن، پنهنجو وجود وڃائيندي نوان گس ڏيکاريندا آهن. ميٺ محبت ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ هوندا آهن. الئه ڇو پوءِ به هن مطلبي سماج لاءِ اُهي ’’چَريا‘‘ آهن.
هن ڪائنات جي جنم جو هڪ سبب سونهن به آهي، ڇو ته خوبصورت هٿ ئي خوبصورت تخليقون ڏيندا آهن.
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ’’شعور شاعر شاعري‘‘ ۾ لکي ٿي:
“شاعري، شاعر جي زباني ادا ڪيل عقل، علم ۽ دانائيءَ جو گفتو آهي، يا وري ڪا نئين ڳالهه، ڪا نئين دريافت آهي. جڏهن لفظي مفهوم ۾ شاعريءَ جو ايڏو اعليٰ رُتبو متعين ٿيل آهي، تڏهن عملي طور اهڙي اعليٰ دريافت کي ئي شاعري چوڻ ۽ مڃڻ مراد آهي. هر ان شيءَ کي شاعري نٿو چئي سگهجي، جا محض بحر وزن يا ڇند تي پوري هجي، يا جيڪا محض رديف قافيي جي بندشن ۾ قيد هجي ۽ محض ردم ۽ نغمگيءَ ۾ پوري هجي، يا وري جديد دؤر جي فئشن پٽاندر ننڍين وڏين سِٽن جي ٽڪرائن ۾ ورڇيل هجي. ان ڪري اسين پوري يقين سان چئي سگهون ٿا، تہ ڪنهن به تحرير جي آسي پاسي گهڻو اڇو پنو ڇڏڻ سان اُها شاعري نٿي ٿي وڃي. ڪنهن بہ تحريرجي ’’شعر‘‘ بڻجڻ لاءِ محض اهو ڪافي ناهي، ’’شعر‘‘ جي بنيادي گهرج ’’شعور‘‘ ئي آهي.‘‘
اهڙي ئي ديواني، باغي قبيلي جو فرد آهي ’’سرڪش‘‘ ناريجو. سرڪش ناريجي اڃا نئون ديوانگيءَ جي دنيا ۾ پير پاتو آهي. سندس ڪوِتائون اڃا بلنديءَ جو طواف ناهن ڪري سگهيون. فني پاسو انتهائي ڪمزور پر خيال ۽ فڪر ۾ گهري پختگي نظر ايندي. سندس تڙ تڪڙ ۾ ڪتاب آڻڻ پٺيان ڪي سبب آهن، جن سببن سندس ننڊون ڦٽائي رکيون آهن. سرڪش ناريجو تخلص جي لحاظ کان ’’سرڪش‘‘ آهي، جيڪو نامياري مزاحمتي شاعر ’’سرڪش سنڌي‘‘ کان متاثر ٿي استعمال ڪيو اٿس، پر مزاج ۾ نهايت حليم ۽ گهٽ ڳالهائو آهي. شاهه لطيف ته چيچ پڪڙي اعلان ڪري ورتو هو ۽ پوءِ ڪي چهرا ڏسي بي اختيار چئي ويٺو هو:
’’جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس‘‘
پر هي سرڪش ويچارو فقط ٿڌيون آهُون ڀريندي، ڪجهه به نه چئي سگهڻ جي حسرت کڻي هي ڪوِتائن جا ڪاڳر کيس ارپنا ڪرڻ ٿو چاهي. جڏهن ڪا ڳوٺاڻي اجرڪ ۾ ڪنوار جي روپ ۾ ٿو ڏسي ته بي اختيار ٿو چوي:
“ڪيو مان پيار هُن سان،
ڪري نه سگهيس اظهار هُن سان،
زندگي تمنا ۾ گذري ويئي،
ڪيان ڪيئن اقرار هن سان.
سرڪش جو روح، تن، من سندس تعاقب ۾ رُلي ٿو، ڳولا اٿس هُن جي، روبرو ڏسي ٿو ته ڪجهه قرار مليس ٿو، نه ته ڳولا جي تڙپ هڪ جاءِ ويهڻ نٿي ڏئيس:
سرڪش ٿي پوي، تنهنجي ڊائريءَ جيان،
روز چـــــــــپ چــــمـــي، روز ڳالهيون ڪـــــــــــــــــــــــــــــري.
ڳولا جي تڙپ ايتري ته آهي جو کيس هر لمحي جي خبر آهي:
سهڻي سوير سُتي آهي،
مون خوابن جي ڀري مُڪي آهي.
هوءَ ننڊ مان اُٿي ناهي،
ڪاليج کان شايد ڇُٽي آهي.
هن جي محبوب ڪا گليمر پسند شهري اپسرا ناهي، پر هو ان ڳوٺاڻيءَ جي سادگيءَ ۾ گُم آهي، جيڪا گهر ۾ نِم هيٺان ويهي راند به کيڏي ٿي ته سهيلين سان کينچل پڻ ڪري ته ٻنيءَ تي جهار پڻ هڪلي ٿي:
اک کي سج ڪري بيٺو ڏسان هن کي،
ڪچڙي اُس ۾ بيهي، جڏهن جهار اڏاري ٿي.
ڳوٺاڻي جيڪا سونهن سينگارن کان پري آهي، پرفيوم، اسپري ۽ سرخين کي ڏسي به نٿي، تڏهن به اها ماحول کي هن طرح معطر پئي ڪري:
هن کي ڪهڙي گل سان ڀيٽيون،
هن جي خوشبوءِ سڀ کي ماري ٿي.
شاعر کي پنهنجي ان پيار تي ايترو فخر آهي جو علي الاعلان چوي ٿو:
ڇڏي شهر جون ڇوريون، ڪئي آ يار ڳوٺاڻي،
سڏي نم هيٺان، ڪري ٿي پيار ڳوٺاڻي.
سرڪش کي ايترو يقين آهي، جتي هوءَ هوندي، اُتي خوشحالي هوندي. اتي ’’مَــــرُ پيا مينهن وسندا‘‘:
هوءَ ڪالهه ڇا واريءَ تي گهمي،
بادل اچي ٿر تي اُٺو آهي.
يا وري هُن جو مليل زهر به ترياق جيان آهي، هيٺ ملاحظه ڪريو:
رندو اوهان کي شراب تکو ٿو لڳي،
هُن جي هٿن سان پي، ٽُوهه به مِٺو آهي.
هر ڳالهه پياري، پر کيس اها سڌ پڻ ضرور آهي ته اها ڳوٺاڻي ڇوڪري هڪ وڏي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ اهو ڄار آهي غربت جو، وڏيري جي ظلم جو – وحشي پڻي جو:
وِڪجي ويئي ساون ساون نوٽن تي،
هن خوشيءَ جي ميندي لڳائي نه هئي.
. . .
ڪاليج کان جڏهن موٽي،
چپن تي هيس خشڪي!!
سرڪش ناريجي جي شاعريءَ جو ٻيو پاسو ڌرتيءَ سان دل وارو آهي. هُن وٽ روشن آئيندي جا خواب آهن، پر قوم جي ننڊ کان به باخبر آهي:
سنڌ نڌڻڪي ناهي پرين،
ڇا ڪجي قوم ننڊ ٿي ڪري.
. . .
ڀل ته مدينو مون کي سڏي،
ڪونه ويندس سنڌ کان پري.
. . .
ڪيئن مان توکي ڀاڪر پايان،
مان ڌرتيءَ جو غدار ته ناهيان.
انتها پسنديءَ جا ڪڪر کيس سنڌ تي به وسندي نظر پيا اچن. انهيءَ امڪان ۾ چئي ويٺو آهي ته:
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ لاشن ڍير،
سنڌ آ يا افغانستان آهي؟!
. . .
ڪراچيءَ تي قبضو، دهشت جون ڪاهون،
بم گوليءَ جو آواز وڏو، ٻڌي نه ڪو ٻارن جون آهُون.
هر باشعور شاعر جيان سرڪش ناريجو به انسان کي اُتم سمجهي ٿو. هو انسان ۽ انسانيت جو پيروڪار آهي. هو رنگ ۽ نسل کي فوقيت نٿو ڏئي. هو دنيا کي ٻن حصن ۾ ٿو ورهائي؛ هڪ حاڪم، ٻيو محڪوم – هڪ ظالم، ٻيو مظلوم – هو مظلومن جو ساٿي آهي ۽ ان جو اظهار ڪجهه هن ريت ٿو ڪري:
جا انا اسان جي اندر ۾ آ،
سا انسان جي دل ڏکائي پئي.
. . .
تون روز ٿو مارين مارو منهنجا،
مان هٿ هي تو ڏي ڪيئن وڌايان.
. . .
هي فطرت آهي ماڻهوءَ جي،
جا ماڻهن ڪنڌ ڪپائي پئي.
. . .
مزدور اسان جا ماري، پيٽ وڏيرا پالن ٿا،
’سرڪش‘ هانءُ وڏو ڪري، چير ته اهڙن ڏاڍن کي.
ڌرتيءَ جي گولي تي، ڪٿي به، ڪنهن جو گهر جلي ٿو ته انسان دوست شاعر جو اندر پڻ جلي ٿو. اگر ڪنهن معصوم جي ماءُ مري ٿي پوي ته هن جي به اندر جي ڪائنات ڀسم ٿي ٿي وڃي:
پکيءَ جا ٻچا پيا چيڪن،
جهُڳي ڪنهنجي ته جَلي آهي،
روڄ پاراتا پيا ٻڌجن،
ماءُ ڪنهن جي ته مَئي آهي.
سنڌ جو ڀلوڙ راڳي مريد عباس ڪٽپر جيڪو اهڙي ئي وحشي سماج ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ جي نالي تي ماريو ويو، ان لاءِ سرڪش چوي ٿو ته:
هوءَ کِلي خوش ٿي گذاري پئي،
جنهن لاءِ ماڻهن مريد کي ماريو.
اهڙي ڪيفيت جڏهن سماج جي مخالف هن باغي شاعر تي طاري ٿئي پئي ته هو پنهنجو فڪر ياد ڪندي، پنهنجي ديوانگيءَ جي دنيا ڏانهن موٽڻ جو اظهار ٿو ڪري:
پنهنجو پاڻ پلي ويندس،
توکان دور هليو ويـــندس.
ان ئي ڪيفيت ۾ کيس معلوم ٿي چڪو آهي ته:
عقل ننڍڙو ٻار،
عشق دريا تار،
ڪندو ڪيئن پار،
عقل ننڍڙو ٻار.
سرڪش ناريجي جا نثري نظم پنهنجي خيال ۽ جوهر ۾ انتهائي پختا آهن، جيڪي سندس فڪر ۽ خيال جي اڏام کي ظاهر ڪن ٿا.’’عيد جي رات‘‘ ۾ ننڍڙي معصوم نينگري جڏهن ماءُ کي اهو چوي ٿي ته امان مون کي منهنجو ڦاٽل چولو سبي ڏي، سڀاڻي عيد آهي، متان ماڻهو مون تي کِلن. يا هيءُ اظهار ته ’’هوءَ هاريءَ جي نياڻي – وڏيري جي گهر نوڪرياڻي.‘‘ سندس نثري نظم ۾ ’’ڪکن پنن جي جهوپڙي‘‘ پڻ اهڙو تاثر ڏيندڙ آهي.
سرڪش ناريجي جو هيءُ پورهيو سندس شروعاتي وکون آهن. ڪنهن ’’خاص مقصد‘‘ خاطر شايع ٿي رهيو آهي. سندس فن ۾ ڪيئي جهول آهن، پر تنهن جي باوجود سندس هن ڪوشش کي ٻار جي پهرين وک جيئن، پوءِ ڀلي اُها سڦلتا نه ٿي هجي، ڏٺو وڃي. اميد اٿئون ته سندس ايندڙ وکون ڀرپور ۽ فن جي پورائي سان هونديون.