دنيا ڪھاڻين تي قائم آھي
مشھور آمريڪي ليکڪا لوري مور (Lourie Moore) جيڪا ڪھاڻيڪارہ ۽ ناول نگار آھي، اھا فڪشن بابت لکي ٿي تہ ”ڪھاڻي پيار ڪٿا وانگر آھي ۽ ناول شاديءَ جيان آھي. ڪھاڻي ڦوٽوءَ وانگر آھي ۽ ناول فلم جيان آھي.“
توڙي جو ناول ۽ ڪھاڻي پنھنجي ٽيڪنڪ ۾ الڳ الڳ ھوندي بہ پڙھڻ واري کي ساڳيو رس چس مھيا ڪن ٿا. ڪھاڻيڪار يا ناول نگار جو اسلوب، ڪردار نگاري، مڪالما توڙي بيان ٻنھي صنفن ۾اڪثر ساڳيو ئي رھي ٿو.
سنڌيءَ ۾ ناول جي کوٽ جون دانھون وڏي عرصي کان ادبي مضمونن جو حصو رھيون آھن پر ھاڻي گذريل ڪجھ سالن ۾سنڌي تخليقي ناولن جو ھڪ چڱو ڀلو تعداد سنڌي ادب ۾ شامل ٿي چڪو آھي. خوشيءَ جھڙي ڳالھ آھي تہ انھن لکندڙن ۾ وڏو تعداد نوجوان ليکڪن جو آھي.
سنڌي ادب ۾ تنقيد (تعميري) جي کوٽ جي ڪري اسان جون اڪثر لکڻيون اجائي واکاڻ جي ور چڙھي ليکڪ جي تخليقي سگهہ کي متاثر ڪري رھيون آھن، نتيجي طور اسان کي ساڳي ورجاءَ يا ڪمزور پلاٽ تي آڌاريل تخليقون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون. ھڪ بہتر تعميري تنقيد ڪنھن بہ ادبي فن پاري يا ليکڪ جي اسلوب کي نکارڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪندي آھي. سنڌي ادب ۾ ھاڻي تنقيد ڏانھن مثبت لاڙي جي سخت ضرورت کي ڪنھن بہ صورت نظراندازنٿو ڪري سگھجي. ناول جيئن تہ نئين خيال کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جو نالو آھي تنھن ڪري ناول ڏانھن خاص ڌيان جي ضرورت آھي. ھاڻي تہ تاريخي واقعن توڙي پراڻن قصن کي فڪشنائيز ڪرڻ جو ڪم بہ ناول توڙي ڪھاڻيءَ جو حصو ٿي ويو آھي.
اڪبر لغاري ناول بابت پنھنجي ھڪ مضمون ۾لکي ٿو تہ ” ناول يا ڪھاڻي جو مسودو هڪ اهڙي ڇڪيل رسي وانگر هوندو آهي جنهن تي بازيگر ڪرتب ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن رسي مڪمل طور ڇڪيل نھ هوندي تہ بازيگر پنھنجو توازن برقرار رکي نھ سگهندو.“
اھڙيءَ طرح ناول نگار پنھنجي ان ڇڪيل رسيءَ تي ڪردارن جا ڪرتب ڏيکاريندو اڳتي ھلندو ويندو آھي، جيڪڏھن ڪنھن ڪردار يا بيان ان رسيءَ کي ڍرو ڪري ڇڏيو تہ اھا ڳالھ ناول ۾ جھول پيدا ڪري وجھندي، جنھن جي نتيجي ۾ پڙھندڙ جي دلچسپي گهٽجي ويندي آھي.
منھنجي راءِ آھي تہ ناول جي ڪھاڻي پراڻي نوڪيا موبائيل ۾ موجود نانگ واري راند جيان ھجڻ گهرجي جنھن ۾ جيئن جيئن راند اڳتي وڌندي ويندي آھي تہ نانگ وڏو ٿيندو ويندو آھي ۽ تيئن تيئن ان کي پنھنجو پاڻ سان يا ديوار سان ٽڪرائڻ کان بچائڻ لاءِ ڊگها وڪڙ ڪرڻا پوندا آھن. جيتري رستي جي مونجهہ ان راند ۾ پيدا ٿيندي آھي اوترو ئي ان ۾ مزو پيدا ٿي پوندو آھي.
مسلسل لکڻ ھڪ فن آھي، جيڪو اڳتي ھلي لکڻين ۾ گھرائپ توڙي خيال جي بلندي پيدا ڪرڻ جو سبب پڻ بڻجندو آھي. اسان جي اندر ۾ جيڪو ڪجهہ آھي اھو پني تي اچڻ گهرجي، ان بابت وليم فاڪنر چوي ٿو تہ ”جيڪڏھن توھان جي اندر ۾ ڪا ڪھاڻي آھي تہ ان کي ٻاھر اچڻ گهرجي.“ وري مٿان ارنيسٽ ھيمنگوي جو خيال آھي تہ ” ڪنھن بہ شيءَ جو پھريون خاڪو بڪواس ھوندو آھي.“ پنجويھن کان مٿي ناول لکندڙ آمريڪي ليکڪا جودي پڪولٽ پڻ لکڻ لاءِ آمادہ ڪندي چوي ٿي تہ ” توھان ھميشہ ڪچي پڪي لکيل صفحي ۾ ترميم ڪري سگھو ٿا پر خالي صفحي ۾ نہ!“ ارنيسٽ ھيمنگوي وڌيڪ لکي ٿو تہ ” جيڪڏھن توھان وٽ لکڻ لاءِ ڪجهہ بہ نھ ھجي تڏھن بہ توھان کي ھيٺ ويھي ٽائيپ رائيٽر تي آڱرين مان رت وھائڻ گهرجي.“
ان ڪري ئي ڪھاڻي ھر دور ۾ لکجندي رھي آھي، قصي يا داستان جي صورت ۾، ناول جي صورت ۾، تاريخ جي صورت ۾ يا ڪنھن احوال جي صورت ۾. جيڪڏھن ڪھاڻيڪار نھ رھندا تہ ڪھاڻي نھ رھندي، جيڪڏھن ڪھاڻي نھ رھندي تہ عقيدا نھ رھندا، تصور نھ رھندا، خيال نھ رھندا يا ائين کڻي چئون دنيا ئي نھ رھندي.
ادبي کيتر ۾ ڪليم ٻُٽُ جو نالو ھڪ ناول نگار ۽ نقاد طور پڻ اڳيان آيو آھي، جنھن جا پنج ناول اڳي ئي ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ ”ڏاھر“، ”وطن جن وساريو“، ”آزاديءَ جي اپٽار“، ”مري ٿيا نھ مات“ ۽ ”راءِ ڏياچ“ شامل آھن. ھي سندس ڇھون ناول آھي، جنھن جو نالو ”يوٿوپيا“ رکيو ويو آھي.
هي ناول جيبي نالي هڪ اھڙي ڪردار جي ڪهاڻيءَ سان شروع ٿئي ٿو جيڪو جسماني طور اڌ مائي ۽ اڌ مرد آھي، جنھن جو تعلق يوٿوپيا ملڪ جي ھڪ وڏي سياسي خاندان سان آھي پر ھو ان ملڪ بدران انجليسيا نالي ھڪ انگريز ملڪ ۾ رھي ٿو/ ٿي ۽ ھو ماين جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي تحريڪ پڻ ھلائي ٿو/ ٿي ۽ يوٿوپيا ملڪ جي ماين کي گنجيڙي نالي حڪمران جي پاران لاڳو ٿيندڙ ڪاري قانون کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو/ ٿي.
جيبي جي خاندان ۾ ھڪ ٻيو ڪردار جنھن کي ھو ماسمو سڏي ٿو، اھو پڻ جيبيءَ وانگر اڌ مائي ۽ اڌ مرد آھي، اھو جيبيءَ جي ويجھو ۽ خيال رکندڙ فرد آھي جيڪو کيس يوٿوپيا ملڪ مان ان انجليسي ملڪ ۾ وٺي آيو ھيو ڇو تہ سندن خاندان جي سياسي مخالفن جي ڪري سندن جان کي خطرو وڌي ويو ھو.
ناول جو مرڪزي ڪردار پنھنجي خاندان جي تاريخ ٻڌائيندي ورھاڱي کان پھرين واري انگريز دور کان سندس خاندان جي پھرين سياسي فرد ڇٽو اول کان ڪھاڻي شروع ڪندي، پوءِ ڇٽو ثاني ۽ پوءِ ملڪ جي ٻين سياسي ڪردارن بابت بيان ڪندو وڃي ٿو.
جيبي پنھنجي خاندان جي سياسي ڪردار مان متاثر ناھي، ان ڪري پنھنجي خاندان جي سڀني ننڍين وڏين عياشين کي ظاھر ڪيو آھي ۽ ڇٽي ثانيءَ کي تہ اھڙو عادي ڏيکاريو آھي جو مائي ڏٺي ناھي ذھني عياشيءَ ۾ شروع. ڇٽي صاحب جي ھڪ ناچڻيءَ تي دل اچڻ ۽ ان سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ڇٽي ثاني پيدا ٿئي ٿو، جڏھن کيس خبر پوي ٿي تہ ھو ھڪ نچڻ ڳائڻ واريءَ جو اولاد آھي تہ ھو پنھنجي ماءُ کان نفرت ڪندي کائنس الڳ رھڻ لڳي ٿو ايتري حد تائين جو سندس مرڻ جي خبر پوندي بہ منھن ڏسڻ نٿو وڃي. ننڍپڻ کان ئي ڇٽي ثانيءَ جو الڳ الڳ ماين کي چنبڙڻ ۽ سندس سياسي قد ڪاٺ کي منفي رخ ۾ ظاھر ڪيو ويو آھي. اڳتي ھلي ڇٽي ثانيءَ جو پنھنجو تخت مضبوط رکڻ لاءِ کوجين جي ھڪ ڪميٽي جوڙڻ ۽ ان جو اڳواڻ ڪاڻي کوجي کي ڪرڻ وغيرھ.
ھن ناول ۾ ورھاڱي کان اول جون سياسي سرگرميون پڻ ڏيکاريون ويون آھن، جنھن ۾ ڏيکاريو ويو آھي تہ ڪيئن سياسي اڳواڻ، حڪمران توڙي انگريز سرڪار پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نسلي توڙي مذھبي وڳوڙ ڪرائن ٿا. ھن ناول ۾ درياھي صوبي جي اھم سياسي شخصيت پاران سکرش شھر ۾ سنياسي شھر کان پنجن ماڻھن جو ٽولو موڪلي اتي مذھبي فساد ڪرايا وڃن ٿا.
جتي مذھبي فسادن جي ڳالھ آھي اتي رواداري پڻ ڏيکاري وئي آھي، جيئن: ”ٻاوي گيدوڙي وٽ مذاق ڪرڻ جي حس مجلي امام دين کان وڌيڪ ھئي ۽ نيٺ مذاق ڪندي چيائينس: ”اسان جا ڀولڙا اڏامندا آھن ۽ اوھان جا خچر اڏامندا آھن، پوءِ پاڻ ۾ فرق ڪھڙو آھي.“ ان تي مجلو امام دين چڙي پيو ھوس ۽ لٺ گيدوڙي جي ٽڪڻ ۾ وھائي ڪڍي ھئائينس.“
ھن ناول ۾ ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ ملڪ جي کوجين جي ڪردار کي پڻ وائکو ڪيو ويو آھي ۽ ڏيکاريو ويو آھي تہ ڪيئن اھي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندي پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا ڏيارين ٿا. ان جو اظھار ھيٺ ڏنل ڊائلاگ مان ظاھر آھي: ” ياد رکو نھ ڪو اسان جو ماڻھو آھي، نھ ڪو وري اسان ڪنھن جا ماڻھو آھيون، اسان لاءِ اھم رڳو اسان جا مفاد آھن.“
ناول نگار ھن ناول ۾سماجي تبديليءَ بابت لکيو آھي: ” يوٿيوپيا جھڙن سماجن ۾ اڄ بہ سڀ کان وڏو مسئلو ھڪ اھڙو سماج قائم ڪرڻ آھي، جنھن ۾ سھپ ھجي. يوٿوپيا ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ سماجن ۾ ڪير بہ ڪنھن کي نٿو سھي، اسان وڏيرا شاھي خلاف تہ جدوجھد ڪريون ٿا پر ذھني طور اسان سڀ وڏيرا ۽ چوڌري آھيون.“
اڃا وڌيڪ تبديليءَ جو محرڪ ٿيڻ لاءِ شيڪسپيئر جو حوالو ڏيندي لکيو اٿس تہ: ” صديون اڳ شيڪسپيئر سندس شاعريءَ وسيلي ھڪ سوال اٿاريو ھو: اسان آھيون يا اسان نھ آھيون؟ (To be or not to be) جيڪڏھن نھ آھيون تہ پوءِ اوسي پاسي ۾ ڇا پيو ٿئي، ڪير ڪسجي رھيو آھي، ڪير بکيو مري رھيو آھي، ڪير غلام آھي، ڪير آقا آھي، ڪير مومن آھي، ڪير ڪافر آھي، ڪوبہ فرق نٿو پوي، پر جيڪڏھن اسان آھيون تہ پوءِ فرق پوي ٿو ۽ جيڪڏھن آھيون تہ پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏيارڻو پوندو.“
ڪليم جيتوڻيڪ اڌ درزن کان وڌيڪ ناولن جو ليکڪ آھي تنھن جي باوجود بہ ھن ناول ۾ موجود ڪيترا ئي جهول ناول جي خيال کي متاثر ڪن ٿا. تن جا ڪجهہ مثال ھيٺ ڏجن ٿا:
ھن ناول جا ڪجهہ واقعا ٻہ نسل پراڻا تہ ڪي زمان حال استمراري جا آھن، تن ڪردارن ۽ جاين کي نالن جي مٽاسٽا سان فڪشنائيز ڪيو ويو آھي پر تنھن باوجود ائين محسوس ٿي رھيو آھي تہ ھي ڪا ويجھڙ جي سياسي تاريخ آھي ناول ناھي. ڇو تہ چيو ويندو آھي تہ آرٽ ۾ ڳالھ چئي ٻڌائڻ جي بجاءِ ، اهميت انهيءَ ۾ آهي تہ اها ڳالھ ڪري ڏيکارجي.
ڪليم ٻٽ پنھنجي ھن ناول ۾توڙي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي کوٽ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ انگريزيءَ کي ان معاملي ۾ وسيع ڄاڻايو آھي، جنھن بابت لکي ٿو:
” معاف ڪجو پر لفظن جي معاملي ۾ پنھنجي ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ انجليسي ٻولي وڌيڪ مالامال آھي.“ اڳتي لکي ٿو تہ ماين جي سيني جي اڀارن لاءِ فقط ھڪ ئي لفظ ”ڇاتيون“ آھي جڏھن تہ انگريزيءَ ۾ گهڻا آھن سندس اھا راءِ سندس اڻپوري مطالعي جا شاھدي ڏئي پئي، ذڪر ڪيل لفظ لاءِ ببا، ارھ، سيني جا اُڀار ۽ ٿڻ لفظ پڻ ڪتب آندا ويندا آھن.
ناول جو ھڪ ڪردار ماسموپنھنجي باري ۾ ٻڌائي ٿو، ”پنجونجاھ سال اڳ جڏھن مان ڄائي ھيس تہ منھنجي جسم جو اڌ حصو عورتاڻو ھو ۽ اڌ مرداڻو، ان تي ڊاڪٽر ۽ نرسن سان گڏ سڀ پريشان ھئا ....... بابا جي سياسي قد ڪاٺ جي ڪري اسپتال وارا چپ رھيا ۽ منھنجي برٿ سرٽيفيڪيٽ تي جنس واري خاني ۾ ڌيءُ لکي ڇڏيائون، پر جڏھن بابا مذھبي رسمون پوريون ڪرڻ لاءِ ھڪ مجلي کي گهر گهرايو ۽ جڏھن ان مجلي جي نظر منھنجي جسم تي پئي تہ ھو وائڙو ٿي ويو پر بابا جي سامھون ڪڇي نھ سگھيو.“
مٿئين بيان ۾ گهڻا تضاد موجود آھن، پھرين ڳالھ تہ سماج ۾ کريل ٻار ڄمڻ ڀلي ڪيترو بہ خراب تصور ڪيو وڃي پر اھو ڪوئي جرم يا گناھ ناھي، ڊاڪٽرن ۽ نرسن وٽ اھڙا معاملا اڪثر ٿيندا رھندا آھن، انھن کي پريشان ڏيکارڻ سمجھ کان ٻاھر آھي، مٿان وري ٻار جي ڄمڻ سان ڪھڙيون مذھبي رسمون ادا ڪيون وينديون آھن سواءِ ڪن ۾ ٻانگ ڏيڻ جي. باقي نئين ڄاول ٻار کي نرسون، دايون يا گھر جون وڏيون وھنجارينديون آھن، مجلي کي گهر گهرائي ڪھڙيون رسمون ادا ڪيون ويون يا ننڍڙي ٻار جي اڻ ڍڪيل جسم تي ڪھڙيون نشانيون ھيون جيڪي مجلي ڏسي ورتيون؟ سياسي قد ڪاٺ جو اثر ڊاڪٽرن تي پيو پر مجلي تي نھ پيو جو ھن¬¬¬¬ ٻئي ڏينھن عبادت گاھ مان وڃي اھڙو اعلان ڪيو. ٻئي خاص ڳالھ تہ ذڪر ڪيل عرصي ۾ دنيا ايتري ترقي ڪري چڪي ھئي جو جنس تبديل ڪرڻ يا کريل جنس کي ڪنھن خاص جنس ۾ آڻڻ ڪنھن امير ماڻھوءَ لاءِ عام رواجي ڳالھ بڻجي چڪي ھئي.
ناول ۾ ضمير متڪلم جو بار بار تبديل ٿيڻ ڪري خيال توڙي ڪھاڻيءَ جي وھڪري تي اثر پيو آھي. Protagonist طور ڪڏھن جيبي، ڪڏھن ماسمو تہ ڪڏھن ڪو ٻيو ڪردار اچي وڃي ٿو ۽ سڀني جو اندازِ بيان پڻ ھڪ جھڙو ئي آھي.
پيرڻي ۽ گنجيڙي جا ڪردار زمان حال استمراريءَ جا آھن، جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ھن دور ۾ پيرڻيءَ جي آئسوليشن سٽيءَ ۾ ماين کي ھڪڙي چپ لڳائي روبوٽ جيان پنھنجي مطلب لاءِ استعمال ڪرڻ وارو خيال نھايت ئي ٻاراڻو لڳي رھيو آھي بہتر ھجي ھا جي اگر ان جي بدران روبوٽن کان ئي اھو ڪم ورتو وڃي ھا.
ھن ناول ۾ ڪجھہ واقعا ھروڀرو شامل ڪيا ويا آھن جيڪي جيڪڏھن ڪڍي بہ ڇڏجن تہ ناول جي صحت تي ڪو خاص فرق نھ پوندو.
توڙي جو ناول جو پلاٽ ديسي واقعن تي مبني آھي پر الائي ڇو مونکي ھن ناول مان پنھنجائپ جا رنگ نھ ملي سگھيا آھن، ٿي سگهي ٿو منھنجي Perception غلط ھجي پر ناول ترجمي جھڙو تاثر ڏئي رھيو آھي.
آخر ۾ ڪليم کي ھن موضوعاتي لحاظ کان نئين ناول سان سنڌي ادب ۾ وڌيڪ ھڪ ناول Contribute ڪرڻ تي واڌايون ڏيندي اھا اميد ڪجي ٿي تہ سندس قلم پنھنجي رفتار سان ھلندي بہتر کان بہتر فڪشن لکندو رھندو.
چيو ويندو آھي تہ دنيا اميدن تي قائم آھي ۽ اھڙي اميد ڪھاڻيڪار ئي سماج ۾ پيدا ڪري سگھن ٿا، اھڙي ئي اميد جو اظھار ھن ناول ۾ ھنن لفظن سان ٿيل آھي:
"جڏھن انسان جي ھٿان سڀ ڪجھ ترڪي ويندو آھي، تڏھن ڪھاڻي ان ۾ اميد جاڳائڻ ايندي آهي. ڪھاڻي کي صحيح نموني ٻڌائي ڪي ماڻھو ولي ٿي پيا تہ ڪي وري آسمان واري جا خاص چونڊيل نمائندا ٿي پيا، پر انھن مان تمام ٿورن ڏاھن کي ئي سمجھ ۾ آيو تہ اصل ۾ ھو ڪھاڻيڪار آھن."