ڪيترن ئي ملڪن، ماڻھن، آفيسرن، ٻولين وغيرہ سان ائين ٿيندو آھي جو انھن کان وڌيڪ سندن ماتحتن کي وڌيڪ مقبوليت ملي ويندي آھي، ھتي بہ اسين ھڪ اھڙي ملڪ جي ڳالھ ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، جيڪو ايترو مقبول ناھي جيتري ان جي رياست، جي بلڪل اسين ڳالھايون پيا گڏيل عرب رياستن United Arab Emirates جي باري ۾ جنھن کي متحدہ عرب امارات جي نالي سان ڄاتو ويندو آھي.
دبئي ڪنھن ملڪ جو نالو ناھي پر گڏيل عرب رياستن (UAE) جي ستن رياستن منجھان ھڪ رياست آھي. جيڪا مقبوليت ۾ پنھنجي ملڪ کان وڌيڪ ھجڻ جي ڪري وڌيڪ اھميت رکي ٿي. ان سڄي بناوت کي سمجھڻ واسطي پھرين ھن ملڪ بابت سمجھنداسين.
متحدہ عرب امارات (United Arab Emirates): کي اسين سنڌيءَ ۾ گڏيل عرب رياستون سڏي سگھون ٿا، ھي ملڪ 2 ڊسمبر 1971ع تي ھتان جي ٻن شيخ حڪمرانن شيخ زيد بن سلطان الناھيان ابوظھبيءَ واري ۽ شيخ راشد بن سعيد ال مڪتوم دبئيءَ واري جي ڪوششن سان وجود ۾ آيو. جنھن کي ھتان جا رھائشي يوم الاتحاد ڪري ملھائيندا آھن، ان کان پھرين ھتي ھڪ معاھدي تحت برطانوي راڄ ھيو، برطانوي حڪومت پاران ھنن رياستن کي Trucial States يا Pirate Coast پڻ سڏبو ھيو، ڇو تہ ھتان جي ڪجھ قذاق قبيلن برطانوي بحري جھازن مان ڦرلٽ پئي ڪئي. ملڪ جي پراڻي تاريخ ۾ نٿا گھڙئون بس ايترو تہ سمنڊ ۽ صحرا جي سنگم تي واقع ھن ملڪ جي شروعاتي آبادي جو ذريع معاش مڇي پڪڙڻ ئي ھيو. ھتان جي سمنڊ مان موتي پڻ لڌا ويندا ھئا.
1960ع ڌاري ھتي جي ابوظھبي رياست ۾ تيل لڌو ويو، جيڪو ھڪ معاھدي تحت برطانيا آمريڪا کي وڪرو ڪيو پئي، 1966ع تائين برطانيا جي اندروني معاملن ۽ آمريڪي معاھدي جي ڪمزورين جي ڪري انھن کي ھنن رياستن مٿان پنھنجو قبضو ڍرو ڪرڻو پيو، نتيجي ۾ 1966ع ۾ شيخ زايد بن سلطان ابوظھبيءَ جو بادشاھ مقرر ٿيو، جيڪو 2 نومبر 2004ع تائين مرڻ گھڙيءَ تائين ابوظھبي جو حڪمران ۽ ملڪ جو صدر رھيو.
ھن ملڪ ۾ ست رياستون شامل آھن، جن ۾ ابوظھبي Abu Dhabi ، دبئي Dubai ، شارجہSharjah ، عجمان Ajman ، ام ال قوئين Umm Al Quwain، فجيرہ Fujairah۽ راس الخيمہ Ras Al Khaimah شامل آھن. شيخ زيد بن سلطان کي قوم جو ابو سڏيو ويندو آھي جيڪو ملڪ جو پھريون صدر پڻ ھيو. ملڪ جو گاديءَ وارو ھنڌ ابوظھبي آھي، ملڪ جي سرڪاري ٻولي عربي آھي، آفيسن ۾ انگريزي ۽ مارڪيٽ ۾ ھندي/ اردو ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جي ڪرنسي کي درھم ۽ سڪي کي فلس سڏيو ويندو آھي جنھن کي لکت ۾ AED لکيو ويندو آھي. ھن وقت جنوري 2022ع ۾ ھڪ درھم پاڪستاني روپئي جي حساب سان 49 پاڪستاني روپين جي برابر آھي. ھتي لباس ۾ مرد اڇو جبو (قندورو) پھرين ٿا ۽ مايون ڪاري لباس (ابايا) ۾ ھونديون آھن. ملڪ جي قومي تراني کي ”عيشي بلادي“ سڏيو وڃي ٿو. ملڪ جي جھنڊي ۾ چار رنگ آھن، جن ۾ اڇو، ڪارو، سائو ۽ ڳاڙھو شامل آھن.
ھن ملڪ جي ڪل ايريا 83600 اسڪوائر ڪلوميٽر آھي، زميني سرحدون سلطنتِ عمان ۽ سعودي عرب سان ملن ٿيون جڏھن تہ سامونڊي حدون قطر، ايران ۽ ٻين ايشيائي ملڪن سان جڙن ٿيون.
ھن ملڪ جي ڪل آبادي 2019ع جي انگن اکرن موجب لڳ ڀڳ 96 لک آھي، جنھن ۾ 42 لک آبادي رڳو دبئي رياست ۾ آھي. گڏيل عرب رياستن جي ستني رياستن مان سڀ کان وڌيڪ آدمشماري دبئيءَ جي آھي، دبئي، ملڪ جي ٽوٽل آدمشماريءَ جو 42.8 سيڪڙو آھي باقي ايريا جي لحاظ کان ابوظھبي وڏي آھي جيڪا 67340 اسڪوائر ڪلوميٽر تي مشتمل آھي.
مزي جي ڳالھ اھا آھي تہ ھتان جا مقامي ماڻھو ھتان جي آباديءَ جو ڪل 11.6 سيڪڙو آھن باقي سڀ ٻاھرين دنيا جا ماڻھو آھن جن ۾ 38.2 سيڪڙو انڊين نيشنل آھن، 27.4 سيڪڙو پاڪستاني، 12.5 سيڪڙو بنگلاديشي ۽ باقي ٻيون قومون آھن.
ھن وقت گڏيل عرب رياستن جو صدر خليفہ بن زيد الناھيان (ابوظھبيءَ وارو) ۽ وزير اعظم محمد بن راشد ال مڪتوم (دبئيءَ وارو) آھن.
ھاڻي اچئون ٿا دبئي جي پاسي، جيڪا دبئي پاڻ کي اڄ نظر اچي رھي آھي اھا 1995ع کان 2015ع تائين جي ويھن سالن جي عرصي ۾ سامھون آئي آھي، شروعاتي دبئي خليج الفارس سمنڊ ڪناري تي آباد مھاڻن جو ھڪڙو ڳوٺ ھئي، جنھن کي 1883ع ۾ مڪتوم خاندان پنھنجي حڪمرانيءَ ھيٺ آندو، پھرين حصي ۾ ذڪر ڪري آيا آھيون تہ مڪتوم خاندان جي شيخ راشد بن سعيد ال مڪتوم جو پڻ گڏيل عرب رياستون فيڊريشن ٺاھڻ ۾ وڏو ھٿ ھيو، جيڪو 1990ع ۾ فوت ٿي ويو جنھن کان پوءِ واڳون سندس پٽ مڪتوم بن راشد سنڀاليون، جيڪو 2004ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ پوءِ رياست جون واڳون موجودہ حڪمران شيخ محمد بن راشد ال مڪتوم سنڀاليون آھن. سڀ کان پھرين موجودہ حڪمران بابت مختصر نموني سمجھون ٿا.
شيخ محمد بن راشد ال مڪتوم:
جيئن تہ دنيا جي ھر علم ۽ ڏاھپ جو سرچشمو يونان کي سمجھيو ويندو آھي ۽ يوناني ڏاھن سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جي راين ۽ خيالن کي ھر علم جي سرچشمي طور يا حوالي طور ورتو ويندو آھي. ائين ئي يوناني ڏاھي افلاطون ھڪ ڪتاب ”عوامي راڄ“ (Republic) لکيو ھيو جنهن ۾ هڪ مثالي حڪومت جو نقشو سامهون رکي، انصاف جو عملي خاڪو پيش ڪيو ھو. هن ئي ڪتاب ۾ هن شاعرن کي پنهنجي مثالي رياست مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي، سندس خيال موجب شاعرن تي الھام ٿئي ٿو ھو تڏھن شاعري لکي سگھن ٿا، جڏھن اھي الھام واري ڪيفيت ۾ ھوندا آھن تہ اھي ھن عام دنيا کان ڪٽيل رھن ٿا، تنھن ڪري کين گلن جا ھار پارائي عملي رياست مان نيڪالي ڏني وڃي. بلڪل ان جي ابتڙ يوناني ڏاھي جي ان فلسفي کي غلط ثابت ڪندي دبئي جي موجودہ حڪمران نہ فقط شاعريءَ ۾ پاڻ مڃايو آھي پر تاريخي حڪمراني ڪري ڏيکاري آھي، جي ھا... ھن وقت جي دبئي جو بادشاھ ھڪ شاعر آھي، جنھن جي شاعري جا ڪتاب پڻ ڇپيل آھن، ھو نہ فقط شاعر آھي پر سٺو نثر نويس پڻ آھي. سندس شايع ٿيل ڪتابن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.
1. 40 poems of Desert
2. My Story
3. My vision: challenges in race for excellence
4. Flashes of thought
5. Flashes of verse
6. Reflections on happiness & positivity
شيخ محمد بن راشد ال مڪتوم گڏيل عرب رياستن جو نائب صدر ۽ وزير اعظم آھي ۽ ساڳي وقت دبئيءَ جو حڪمران پڻ. سندس تعارف حڪمران، شاعر ۽ گھوڙن جي ريس جو Tycoon وارو آھي.
شيخ محمد بن راشد 15 جولائي 1949ع تي دبئي ۾ پيدا ٿيو، ھن پنج شاديون ڪيون آھن، جن ۾ پھرين شادي سندس سوٽِ سان ٿي جنھن مان کيس حمدان بن محمد ال مڪتوم پٽ آھي جيڪو دبئيءَ جو ڪرائون پرنس آھي. سندس ٻہ ٻيون زالون حيا بنت حسين اردن جي شاھي خاندان مان آھي ۽ ٽئين يونان مان زوئي گرگوراڪوس نالي اٿس.
شيخ محمد بن راشد جي ذاتي ملڪيت ۾ Godolphin نالي گھوڙن جو تنبيلو پڻ آھي، ھتي دبئي ۾ دبئي ورلڊ ڪپ نالي گھوڙن جي ريس ھر سال ٿيندي آھي، جيڪا پوري دنيا ۾ مشھور آھي.
شيخ محمد جي ذاتي ويب سائيٽ www..sheikhmohammed..ae تي سندس ڪتاب ۽ شاعري موجود آھي.
شيخ حمدان بن محمد ال مڪتوم:
شيخ حمدان بن محمد ال مڪتوم دبئي جو مستقبل ۽ ڪرائون پرنس آھي. ھي شيخ محمد بن راشد جي پھرين گھر واري مان آھي، ھو خاندان توڙي عوام ۾ ”فزاع FAZZA“ جي نالي سان مشھور آھي، جنھن جي معنى آھي مددگار. شيخ حمدان 14 نومبر 1982ع تي ڄائو، ھو ھن وقت ڪيترن ئي ادارن جو سنڀاليندڙ آھي، سوشل ميڊيا خاص ڪري انسٽاگرام تي تمام گھڻو ايڪٽو آھي ۽ ھن جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳايو جو رڳو انسٽاگرام تي 10 ملين فالوور اٿس. ھڪ ئي وقت راندين، ريس ۽ حڪمراني سندس مشغلا آھن. سوشل ميڊيا تي سندس مشغولين جون تصويرون مقبول آھن. شيخ حمدان پڻ شاعر آھي ۽ پنھنجي شاعري فزاع جي نالي سان ڇپرائي ٿو. ھو نوجوانن سان گڏجي ھر قسم جي ايٿليٽڪ سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.
دبئي جنھن کي ھتي سرڪاري طور ”دبي“ لکيو ويندو آھي، ملڪ جي ٻئي وڏي رياست آھي، جنھن جي اربن ايريا 3885 اسڪوائر ڪلوميٽر آھي، جڏھن تہ شھر 35 اسڪوائر ڪلوميٽرن ۾ آھي. شھر کي وڌائڻ لاءِ ھنن سمنڊ کي لٽي ھٿراڌو ٻيٽ، واٽر فرنٽ مارڪيٽون ۽ ٽي Palm(کجيءَ جي شڪل وارا پراجيڪٽ) پام ديرا، پام جميرہ ۽ پام جبل علي ٺاھيا آھن. دبئي رياست کي ڏکڻ ۾ ابوظھبي رياست، اتر اوڀر واري ڪنڊ واري پاسي شارجہ رياست ۽ اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي سلطنتِ عمان اٿس. دبئيءَ جو ھڪ ٻيو ٽڪرو جيڪو حتا جي نالي سان آھي، جتي ڊيم پڻ ٺھيل آھي، ان جون سرحدون سلطنتِ عمان، عجمان رياست ۽ راس الخيمہ رياست سان ملن ٿيون. دبئي 4114 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ٻڌل آھي، دبئي کي ٻن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو ھڪ پراڻي دبئي ۽ ٻيو نئين دبئي. پراڻي دبئي سمنڊ جي ڪناري آباد بر دبئي، ديرہ، سطوى، ڪراما ۽ ٻيا علائقا شامل آھن جڏھن تہ نئين دبئي جي علائقن جا نالا بزنس بي، جميرہ وليج سرڪل، جميرہ ليڪس ٽاورز، بزنس بي، جميرہ ٽرائينگل، ڊائون ٽائون دبئي، البرشا، جي بي آر، رم رام، دبئي انويسٽمينٽ پارڪ، ڊسڪوري گارڊن، دبئي انٽرنيشنل سٽي، الورقا، مدن. ۽ ٻيا ايريا شامل آھن.
دبئي ۾ ھڪ وسيع پلاننگ تحت ھر فيلڊ لاءِ الڳ الڳ سٽي پراجيڪٽ ٺاھيا ويا آھن، جيئن ٽي وي چئنلن ۽ ٻين واسطيدار ادارن لاءِ دبئي ميڊيا سٽي، راندين لاءِ دبئي اسپورٽس سٽي (جتي دبئي جو انٽرنيشل ڪرڪيٽ گرائونڊ پڻ آھي)، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز لاءِ دبئي اڪيڊمڪ سٽي (اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيز ٻين علائقن ۾ پڻ آھن) اسڪولنگ يا ٽريننگ وارن ادارن لاءِ دبئي ناليج وليج، صحت وارن ادارن لاءِ دبئي ھيلٿ ڪيئر سٽي جھڙا انيڪ پراجيڪٽ آھن.
دبئي جي ٽوٽل آباديءَ 3355900 مان فقط 263450 ھتان جا لوڪل رھواسي آھن، باقي سڀ ٻاھريان آھن، جن ۾ گھڻائي ايشيائي ماڻھن جي آھي. انڊيا، پاڪستان، ايران، بنگلاديش، فلپين، چائنا، مصر ۽ ٻيا عرب ملڪ شامل آھن. دبئي ۾ 200 ملڪن جا ماڻھو رھائشي ويزا تي ترسيل آھن ۽ ڪاروبار يا نوڪري ڪن ٿا.
دبئي خليجي رياستن توڙي ملڪن ۾ سيڪيولر ترين رياست آھي، اسلامي بنياد ھجڻ باوجود ٻين مذھبن لاءِ دريا دل رھي آھي، عيد، ھولي ۽ ايسٽر عوامي سطح تي ھڪ جيتري اھميت سان ملھايا ويندا آھن. ڪٿي بہ فرقيواريت يا مذھبي جنونيت نظر نھايندي آھي. رياست اندر، مسجدون، مندر، چرچ، گردوارا توڙي امام بارگاھون پڻ موجود آھن نھفقط ايترو پر ھتي شراب پيئڻ جي اجازت پڻ ڏنل آھي، حلال توڙي حرام کاڌا مارڪيٽن ۾ موجود آھن. ھتي اوھان ھر اھو ڪم گھر ۾ ويھي ڪري سگھو ٿا، جيڪو اوھان جي ذات تائين محدود ھجي ۽ رياست جي قانون جي خلاف نہ ھجي.
آخر اھڙو ڇا آھي دبئي ۾.....؟؟؟
جي ھا، ڪجھ تہ آھي جو ھن رڻ پٽ جي جسم تان کل لاھيندڙ گرميءَ ۾ بہ دنيا ھتي موجود آھي. ايشيا، آفريڪا، يورپ توڙي آمريڪا سڀئي تہ ھتي موجود آھن. دبئي فقط ايتري وڏي آھي جو اوھان پنھنجي گاڏيءَ تي شارجہ رياست مان نڪرو ۽ دبئي کي لتاڙي ابوظھبيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيو تہ مشڪل سان ھڪ ڪلاڪ لڳندو.
اچو تہ ھڪ نظر دبئيءَ جي انفراديت تي وجھئون ٿا.
اھو پڻ ورلڊ رڪارڊ آھي تہ دبئي وٽ گھڻي مان گھڻا ورلڊ رڪارڊ آھن. دبئي وٽ لڳ ڀڳ 300 ورلڊ رڪارڊ آھن. ھتان جو موجودھ حڪمران شيخ محمد بن راشد جيڪو وزنري ليڊر آھي، ان جو ھڪڙو ئي اصول آھي تہ Either the only one or the number one. جيڪو ڪجھ ڪرڻو آھي ان ئي اصول تي ڪرڻو آھي. ان جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
1. دنيا جي وڏي ۾ وڏي بلڊنگ ”برج خليفہ“ دبئي ۾ آھي جيڪا 160 ماڙ کان وڌيڪ آھي، جيڪا 828 ميٽر اونچي آھي.
2. دنيا جي وڏي ۾ وڏي رھائشي بلڊنگ ”پرنسيس ٽاور“ دبئي ۾ آھي جيڪا 414 ميٽر ڊگھي ۽ 107 ماڙ آھي.
3. برج العرب دنيا جو پھريون 7 اسٽار ھوٽل طور دعوى ڪيو ويو، برج العرب سمنڊ اندر ٺاھيل دنيا جو مھانگو ھوٽل آھي جنھن وٽ ڪيترائي ورلڊ رڪارڊ پڻ رھيا آھن، جيئن دنيا جو ڊگھي ۾ ڊگھو ھوٽل، دنيا جو مھانگو ڪاڪٽيل، ڊگھي ۾ ڊگھو صحن ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن.
4. دنيا جيپھرين3D پرنٽ ٿيل ڪمرشل بلڊنگ دبئي ۾ آھي.
5. دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ مال ”دبئي مال“ دبئي ۾ آھي.
6. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ھٿرادو ڦوھارو”دبئي فائونٽين“ دبئي ۾ آھي.
7. دنيا جو وڏي ۾ وڏو قدرتي گلن جو باغ ”مئريڪل گارڊن“ دبئي ۾ آھي.
8. دنيا جو وڏي ۾ وڏو انڊور ٿيم پارڪ ”IMG world of Adventures“ دبئي ۾ آھي.
9. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ھٿرادو ٻيٽُ ”The Palm Jumairah“ دبئي ۾ آھي.
10. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽاور ”دبئي ڪريڪ ٽاور“ دبئي ۾ ٺھي رھيو آھي جيڪو پڻ 828 ميٽر ڊگھو ھوندو.
11. دبئي گھڻين وڏين آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ عمارتن جو شھر آھي، جيڪي 300 ميٽر يا ان کان بہ وڌيڪ آھن، جنھن جو پڻ ورلڊ رڪارڊ مليل اٿس.
12. دبئي ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي فريم جي شڪل ۾ بلڊنگ تيار ٿيل آھي، جنھن کي دبئي فريم جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
13. دنيا جون مھانگيون ۽ تيز ترين ڪارون ھتي جي پوليس استعمال ڪندي آھي، دبئي پوليس سمارٽ پوليس اسٽيشن ٺاھي ڇڏيون آھن، جتي موجود مشينن ۾ اوھان پنھنجا ڏنڊ ادا ڪري سگھو ٿا، ڪو پوليس ڪيس ڪري سگھو ٿا يا ڪنھن ڪيس بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا.
14. برج خليفہ فقط دنيا جي وڏي ۾ وڏي بلڊنگ جو ايوراڊ رکندڙ ناھي پر برج خليفہ وٽ ڏھن کان وڌيڪ ٻيا بہ ايوارڊ آھن، جن ۾ ڌرتيءَ تي اوچي ترين بلڊنگ، اوچي ترين لفٽ، اوچو رھائشي اپارٽمينٽ، اوچو لائوج، اوچو لائيٽ ۽ آواز جو شو، اوچو فائر ورڪ ۽ ٻيا شامل آھن.
15. دبئي ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ورلڊ رڪارڊ جوڙيا ويا آھن، جن ۾ وڏي ۾ وڏو چانھ جو ڪوپ، وڏي ۾ وڏو Jigsaw Puzzle، وڏي ۾ وڏي سونوھار، وڏي ۾ وڏي ٽئڪسي پريڊ، اوچي ۾ اوچو ٽينس گرائونڊ، چاڪليٽ مان ٺاھيل تصوير وغيرہ شامل آھن.
دبئي لاءِ چيو ويندو آھي تہ گرمين ۾ دبئي جو ڏينھن دشمن بہ نہ ڏسي، دبئي جي رات سڄڻن سان گڏ ھجي. دبئيءَ جون اڪثر رونقون رات جون ئي آھن. ڪيترائي ريسٽورانٽ ۽ سپر مارڪيٽون 24 ڪلاڪ کليل ھوندا آھن جڏھن تہ ڪجھ شاپنگ مال رات جو ھڪ يا ٻين وڳي بند ٿي ويندا آھن. سئنمائون رات جو ٽين وڳي بند ٿي وينديون آھن جڏھن تہ دبئي جي شيخ زايد روڊ تي 24 ڪلاڪ ئي ٽرئفڪ رھندي آھي. دبئي لاءِ چيو ويندو آھي تہ ھي اھو شھر آھي جيڪو سمھندو ناھي.
دبئي جون راتيون ايتريون حسين آھن، جنھن جو تصور ئي الائي ڇا آھي. جيئن ئي رات پنھنجي ڪاري چادر وڇائي ٿي تہ دبئي جا بلب جاڳي پون ٿا ۽ اھي جاڳائي وجھن ٿا دبئيءَ جي رونقن کي. دبئي ۾ 544 ھوٽلون آھن ۽ انھن ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ ڪمرا موجود آھن، جن کي 2020 جي آخر تائين ھڪ لک سٺ ھزار تائين وڌايو ويو آھي. اڪثر ڪري دبئي جي ھر ھوٽل ۾ ھڪ کان وڌيڪ نائيٽ ڪلب آھن، جيڪي الڳ الڳ قومن جي لاءِ آھن ۽ ڪيترائي سڀني جي لاءِ پڻ آھن، جتي رات جي وقت ڊانس، شراب توڙي شباب جون محفلون لڳنديون آھن.
دبئي جي شام ٿيندي ئي ماڻھو آفيسن مان گھرن ڏانھن نڪرندا آھن، ان وقت روڊن تي تمام گھڻي رش ٿي ويندي آھي، خاص ڪري اھي روڊ جيڪي شارجہ رياست ڏانھن ويندا آھن. ڇو تہ رھائش جي لحاظ کان شارجہ دبئي جي ڀيٽ ۾ اڌ و اڌ سستي آھي.
دبئي جي شام جو منظر ڊزرٽ سفاري تي ڏسي سگھجي ٿو، جتي واريءَ جي دڙن تي بيھي سج کي لھندي ڏسي سگھجي ٿو، ٿوري اونداھ ٿيندي ئي واريءَ جي انھن دڙن جي وچ ۾ ھٿراڌو ٺاھيل گول ميدان موجود آھن، جتي عربي ڪلچرل ڊانس ”Belly Dance“ ۽ باھ سان کيڏڻ جا شو ڏيکاري دل وندرائي ويندي آھي.
دبئي جي شام جو منظر سمنڊ ڪناري بيھي لھندڙ سج کي پاڻيءَ ۾ پنھنجي روشني جذب ڪندي ڏسي سگھجي ٿو، جنھن پاڻيءَ ۾ سوين اڇا توڙي ڪارا ماڻھو بنا ڪنھن جنسي يا قومي مت ڀيد جي وھنجندي ڏسي سگھجن ٿا.
دبئي جي شام جو منظر آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ بلڊنگن جي ڪنھن مٿئين فلور تان ھيٺ روڊ تي ھلندڙ ڪولين جيترين گاڏين کي ڏسندي دل کي لڀائي سگھي ٿو.
دبئي جي ھر رات ھتان جون مختلف بلڊنگون فائر ورڪ يا ٻين روشنين سان گھمندڙن کي تفريح ڏينديون آھن، برج خليفہ جو ھڪ پاسو جنھن تي وڊيو جي صورت ۾ تصوير ۽ آواز سان ھر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موقعي جي مناسبت سان ڪجھ نھ ڪجھ ڏيکاريو ويندو آھي، برج خليفہ وٽ خاص ڪري نئين سال جي آمد وقت ماڻھن جي پيھہ لڳل ھوندي آھي. ايتري تائين جو اگر سُئي اڇلايو تہ فرش تائين پھچندي وقت لڳي وڃيس. برج خليفہ جي ھيٺان موسيقيءَ تي ناچ ڪندڙ ھٿراڌو پاڻيءَ جو فائونٽين دل وندرائيندي ملندو، دبئي مال جي اندر وڏو مڇيءَ جو اڪائرم، ھٿراڌو آبشار ۽ گھڻو ڪجھ موجود ھوندو آھي.
دبئي جي رات جڏھن پنھنجا پر پکيڙيندي آھي تہ شھر جي ڳتيل آباديءَ وارن حصن ۾ سڄي دنيا جو حسن پنھنجا جلوہ ڏيکارڻ لاءِ نڪري پوندو آھي، اڪثر جڳھين تي سوڙھين گھٽين ۾ جسم فروشي ڪندڙ حسينائون اشارا ڪندي ملنديون تہ پياڪ ۽ ڊانس جا شوقين مجرن جي محفلن ۽ نائيٽ ڪلبن جو رخ ڪندا آھن. جڏھن رات جو عروج ٽٽندو آھي تہ مستيءَ ۾ چور چور پياڪ رستن تي ٿاٻڙندا پنھنجي پنھنجي گاڏيءَ يا ٽئڪسيءَ واري کي ڳوليندي ملندا، ڪيترائي ماڻھو ڪلب ۾ ملي ويل جوڙيءَ سان گڏ ڪنھن ھوٽل يا پنھنجي موجود ڪمري جو رخ ڪندي ملندا آھن ۽ ائين ھتان جون رنگين راتيون نئين صبح سان وري پنھنجي گردان ۾ شروع ٿي وينديون آھن.
دبئيءَ 2013 ۾ ورلڊ ايڪسپو کٽيو ۽ پنھنجي جبل علي واري علائقي ۾ EXPO-2020 جي نالي سان ھڪ وڏو تاريخي سفر شروع ڪرڻ وڃي رھي ھئي جو ھن عالمي وبا جي ڪري ان کي 2021ع تائين ملتوي ڪيو ويو، ايڪسپو 2020 ھڪ عالمي ميلو آھي جيڪو پورا ڇھہ مھينا ھلندو، جنھن ۾ مصنوعي ذھانت ۽ IT سان جڙيل ڪمپنيون پنھنجا اسٽال ھڻنديون ۽ روزاني سيمينار، ايونٽ، تفريح ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ شامل ھوندو.
دنيا ۾ ڀلي چار موسمون ھجن پر دبئيءَ ۾ ٻہ موسمون ٿينديون آھن، ھڪڙو سانوڻ ٻيو آوڻ (آوڻ مان منھنجي مراد اچڻ جي مند آھي) دبئيءَ ۾ نومبر کان اپريل تائين اچي گھمي سگھجي ٿو. نومبر مھيني کان ھتان جي موسم نارمل ٿي ويندي آھي ۽ دبئي پنھنجي رنگينين جا آغاز ڪري ڇڏيندي آھي.
نومبر مھينو شروع ٿيندي ئي ھتي الڳ الڳ ايونٽ ۽ پروگرام شروع ٿي ويندا آھن، جن ۾ گلوبل وليج، دبئي شاپنگ فيسٽيول، مئريڪل گارڊن، دبئي ورلڊ ڪپ ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ تقريبون، ڏيکاءَ ۽ نمائشي پروگرام شامل آھن.
جيڪڏھن ڪوئي اوھان کي ٻڌائي تہ دبئي وٽ تيل آھي ان ڪري ترقي ڪري رھي آھي تہ اوھان بلڪل بہ اعتبار نھ ڪجو، دبئيءَ جو روينيو تيل تي نھ پر ٽوئرازم تي ھلي پيو، ھنن ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لاءِ ايترا تہ گھمڻ ۽ ڏسڻ جا نظارا ٺاھيا آھن جو ھر ماڻھوءَ جي دل چوندي تہ جيڪر اکين سان ڏسي اچي! ھتي ڪجھ خاص خاص گھمڻ وارين جاين جي باري ۾ مختصر ڄاڻ ونڊ ڪريون ٿا.
1. گلوبل وليج: اوھان فقط گلوبل وليج جو تصور ٻڌو ھوندو، دبئي وارن گلوبل وليج ٺاھي ڇڏيو آھي، دبئي ۾ گلوبل وليج جي نالي سان ھڪ وڏو ميلو متل ھوندو آھي، جنھن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سياحت، خريداري ۽ تفريح جو منصوبو تسليم ڪيو ويندو آھي. گلوبل وليج ۾ دنيا جي 90 ملڪن لاءِ الڳ الڳ پويلين مقرر ڪيل آھي، جتي ان ملڪ جي سامان، موسيقي، کاڌن ۽ تفريح جو اھتمام ٿيل ھوندو آھي. ھتي ھر پويلين ۾ ان ملڪ جا ڳائڻا توڙي ٻيا فنڪار فن جو مظاھرو ڪندا آھن ۽ ھڪ مين اسٽيج پڻ آھي جتي ھر ھفتي دنيا جا مڃيل فنڪار اچي فن جو مظاھرو ڪندا آھن. 2019-2020 جي گذري ويل سيزن ۾ گلوبل وليج ۾ دنيا جي 7 ملين ماڻھن شرڪت ڪئي. ھي ميلو ھر سال نومبر کان اپريل تائين لڳندو آھي.
2. مئريڪل گارڊن: مئريڪل گارڊن 2013ع ۾ ويلنٽائينس ڊي جي ڏينھن شروع ڪيو ويو، ھي باغ 72000 اسڪوائر ميٽرن تي ڦھليل آھي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو قدرتي گلن جو باغ آھي جنھن ۾ 50 ملين الڳ الڳ قسمن جا گل ۽ 250 ملين ٻوٽا لڳل آھن. ھن باغ کي ڌرتيءَ تي جنت سڏيو ويندو آھي.
3. برج خليفہ: 2010ع ۾ افتتاح ٿيل ھن دنيا جي وڏي ۾ وڏي بلڊنگ دنيا جي ڪيترن ئي سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو آھي، ھر سال لکين ماڻھو برج خليفہ کي ڏسڻ ايندا آھن. برج خليفہ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ مال ”دبئي مال“ جي احاطي ۾ آھي، ان جي بلڪل ھيٺيان پاڻيءَ جي ھٿراڌو ڍنڍ ٺھيل آھي جتي دبئي واٽر فائونٽين ٺھيل آھي جتي روزانو شام جو موسيقي تي پاڻيءَ جي ڊانس جو شو ھر اڌ ڪلاڪ بعد ڏيکاريو ويندو آھي. اتي ئي اندر دبئي مال ۾ پاڻيءَ اندر ٺاھيل مڇيءَ جو اڪائرم، واٽرفال، 7Dجا شو ۽ گھڻو ڪجھ موجود آھي. برج خليفہ تي ھر سال نيو ايئر تي اسپيشل فائرورڪ ٿيندو آھي جيڪو ڏسڻ لاءِ ھزارين ماڻھو اتي جمع ٿيندا آھن.
4. ڊزرٽ سفاري: ڊزرٽ سفاري دبئي جي واحد قدرتي منظرن واري پوائينٽ آھي جتي اوھان واريءَ تي گاڏيون ڊوڙائيندڙ ڊرائيورن سان گڏ ويھي واريءَ جي دڙن جي لاھين چاڙھين ۾ چڪر ڏئي سگھو ٿا، ھي خطرناڪ ڊزرٽ سفاري ڪندي چڱن ڀلن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويندو آھي. ھتي سج لھڻ جي منظر بعد بيلي ڊانس، تنورا شو، ميجڪ شو، باھ جي شعلن سان کيڏڻ جا ڪرتب ڏيکارڻ جا شو ٿيندا آھن.
5. بيچ: دبئي جا اڪثر بيچ عام پبلڪ لاءِ آھن پر ڪجھ مخصوص بيچ يا پرائيويٽ بيچ پڻ آھي، جتي ھر عام ماڻھو کي وڃڻ جي اجازت ناھي، دبئي ۾ 15 کان وڌيڪ بيچ آھن. جن ۾ جميرھ بيچ، الممزر بيچ، نڪي بيچ، لامير بيچ، ڪائيٽ بيچ گھڻو مشھور آھن.
6. دبئي ائٽلانٽس يا پام جميرہ: دبئي جي ٽن پامن مان ھڪ آھي (پام ھڪ کجيءَ جي شڪل ۾ سمنڊ کي لٽي ھٿراڌو ٺاھيل ٻيٽ آھي، جنھن جو نقشو کجيءَ وانگر آھي) جتي مھانگو ترين ائٽلانٽس ھوٽل پڻ آھي جتي اڪثر ھندي ۽ انگريزي فلمون پڻ رڪارڊ ڪيون ويون آھن ھتي سياحن جو ھڪ وڏو تعداد روزاني اچي ٿو.
7. دبئي ميوزيم: دبئيءَ ۾ ميوزمن جو تعداد پڻ ڏھن کان مٿي آھي، جتي قديم دبئي توڙي جديد دبئيءَ جا نمونا رکيل آھن، قديم ميوزيم ۾ ”دي دبئي ميوزيم“، ” دي ڪوائن ميوزيم“، ”اتحاد ميوزيم“، ”الفھيدي فورٽ“، ”الشندگاھ ميوزيم“ وغيرہ ۽ جديد ميوزيم ۾ ”ميوزيم آف فيوچر“، ”دبئي فريم“ ۽ ”ميوزيم آف اليوشنس“ شامل آھن.
8. جيڪڏھن شاپنگ مال ڏسڻ ۽ خريداريءَ جا شوقين آھيو تہ دبئي مال، مال آف دي امريٽس، ابن بطوطہ مال، سٽي واڪ، سٽِي سينٽرس، مرڪاٽو مال، الغرير سينٽر ۽ ٻيون انيڪ جايون اوھان جي ڀليڪار لاءِ موجود آھن. جيڪڏھن اوھان پارڪ وغيرہ ڏسڻ ۽ گھمڻ چاھيو ٿا تہ بٽرفلائي گارڊن، دبئي واٽر ڪئنال، بالي ووڊ پارڪ، لامير بيچ، Love Lake، زابيل پارڪ، دبئي گلو گارڊن، الممزر پارڪ ۽ ٻيا بيشمار پارڪ اوھان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا.
9. اسڪاءِ ڊائيو: جھاز تي چڙھي ھيٺ ٽپو ڏيڻ يا وڏي ھوائي ڦوڪڻي تي اڏامندي ھيٺ لھڻ ھتي ايندڙ سياحن جا مقبول مشغلا آھن، توڙي جو اھي ٻئي مشغلا مھانگا آھن پر ٿوري گھڻي بچت ڪندي اسان جا ديسي ڀائر بہ انھن مان مزو وٺندا رھيا آھن.
10. ڍائو ڪريوز Dhow Cruise: ڍائو ڪريوز يا Yachts ۾ ويھي سمنڊ اندر سير تفريح ڪرڻ، پڪنڪ ملھائڻ يا ننڍا وڏا ايونٽ ڪرڻ ھتي جي عام ڳالھ آھي، اوھان کي ڪنھن جو جنم ڏينھن جو ڪيڪ ڪٽڻو آھي تہ اوھان پنھنجي لاءِ پرائيويٽ ٻيڙو بوڪ ڪرائي پنھنجي خاندان يا دوستن سان سمنڊ ۾ وڃي اھڙي تقريب ڪري سگھو ٿا. جيڪڏھن اڪيلا آھيو تہ ڍائو ڪريوز بھترين آپشن آھي، جنھن وسيلي اوھان سمنڊ جو سير بہ ڪري سگھو ٿا تہ سمنڊ اندر تفريح پڻ حاصل ڪري سگھو ٿا.
11. دبئي ۾ ميٽرو ريل سروس پڻ ڏاڍي مقبول آھي، اوھان اھو ٻڌي شايد يقين نھ ڪريو تہ دبئي جي ميٽرو ريل بنا ڊرائيور جي ھلندي آھي ۽ پنھنجي ھر اسٽاپ تي ٺيڪ ٽي يا پنج منٽن تي پھچي ويندي آھي ۽ ٽڪيٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪوئي چيڪر ناھي ھوندو، بس ھڪڙو ڪارڊ ھوندو آھي جنھن ۾ بئلنس وجھي اوھان ھر اسٽيشن تي لھي يا چڙھي سگھو ٿا. دبئي ميٽرو ريل ۾ روزانو لکين ماڻھو سفر ڪندا آھن.
12. سون جي بازار: دبئي گولڊ سوڪ دبئي جي ڪمرشل ضلعي ديرہ ۾ آھي جتي 380 سون جا دوڪان آھن، جتي مڻن جي ماپ ۾ ڪچو توڙي ٺھيل سون موجود آھي، گولڊ سوڪ مارڪيٽ بہ ورلڊ رڪارڊ ٺاھڻ ۾ پوئتي ناھي رھي، ھنن 64 ڪلو نجي سون مان ھڪ منڊي تيار ڪئي جنھن کي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ھتي سون حاصل ڪرڻ لاءَ ATM پڻ آھي، جنھن ۾ اوھان پئسا وجھي سون حاصل ڪري سگھو ٿا.
دبئي جي اھا خاص ڳالھ رھي آھي تہ اھا ھر سال ڪو نھ ڪو نئون گھمڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪندي رھندي آھي، جنھن وسيلي جيڪي پھريان گھمي ويل سياح پڻ ٻيھر اچڻ جي ڪندا آھن. ھونئن بہ دبئي جي سنڌين ۾ مشھور آھي تہ ”جنھن ھڪ ڀيرو دبئيءَ جو پاڻي پيتو، اھو ڪٿي مڙندو.“
دبئي جي ٿوري ڪجھ گلا بہ ضروري آھي، سوچيان پيو شروعات ڪٿان ڪجي. گرميون لڳيون پيون آھن گرمي تہ جتي ڪٿي آھي پر صحرائي گرميءَ جي جيتري ڳالھ ڪجي اوتري گھٽ آھي. دبئيءَ ۾ خصوصن ٻہ ئي موسمون ٿينديون آھن، سانوڻ ۽ سيارو، سانوڻ صفا گرم ترين ۽ سيارو سنڌ جي بہار جھڙو. سانوڻ جي مھينن ۾ ٻاھرين لُڪَ توڙي ھيوميڊٽي ساھ ڪڍڻ لاءِ ڪافي ھوندي آھي، مٿان وھنجڻ لاءِ شاور مان اھڙو پاڻي ايندو آھي جھڙو ٽانڊا. ٽانڪيءَ جي پاڻيءَ جو خيال ايندي ئي واش روم وڃڻ جو خيال ئي لھي ويندو آھي. ھوٽلن، اپارٽمينٽس ۽ ولاز ۾ پاڻيءَ کي نارمل ڪري موڪلڻ جو بندوبست ٿيل ھوندو آھي.
دبئيءَ ۾ تعليم ۽ صحت مھانگيون آھن. ٻارڙن جي تعليم جو خرچ ايترو جو پگھار پوري ئي نھ پوي، صحت جو کاتو جديد سھولتن سان خدمت ڪندو آھي پر بل مھل ٻہ ٽي ايڪڙ زمين وڪڻي جان ڇڏائڻي پوندي آھي خير ان جو حل آھي تہ ھر ماڻھو لازمي پنھنجي صحت جي انشورنس ڪرائيندو آھي ۽ اھڙي مصيبت ۾ انشورنس وارا پئسا ڀريندا آھن.
دبئي سميت پوري گڏيل عرب امارات ۾ فقط ٻہ ٽيلي ڪميونيڪيشن نيٽورڪ آھن، ھڪڙو اتصالات ۽ ٻيو دُو. ٻئي نيٽورڪ ناني ويڙھو ڪري ماڻھن کي ڦري رھيا آھن. آفيس يا دوڪان تي اوھان کي انٽرنيٽ ڪنيڪشن کپي تہ ان جوگھٽ ۾ گھٽ ماھوار بل پاڪستاني پنجاھ ھزار جي برابر ھوندو، جيڪڏھن اھا سروس گھر لاءِ وٺبي تہ گھٽ ۾ گھٽ بل پاڪستاني ڪرنسيءَ موجب پندرنھن ھزار ماھوار ھوندو آھي. جيڪڏھن اوھان کي موبائيل تي ڊيٽا گھربل آھي تہ پوءِ تہ ٿيو ڪُلُ خير، ھڪ GB ڊيٽا پاڪستاني ڪرنسيءَ موجب چار ھزار کان مٿي ملندي.
دبئيءَ ۾ رھائش تمام گھڻي مھانگي آھي، جيڪڏھن اوھان ھڪڙو ڪمرو مسواڙ تي وٺندا تڏھن بہ پاڪستاني ڪرنسيءَ موجب ھڪ کان ڏيڍ لک جو ملندو. جيڪڏھن صرف سمھڻ لاءِ جڳھ گھربل ھجي، جنھن کي ھتي Bed Space سڏيو ويندو آھي، ان لاءِ بہ ماھوار گھٽ ۾ گھٽ پاڪستاني ڪرنسيءَ موجب ويھ ٻاويھ ھزار ڏيڻا پوندا آھن. ھتي اڪثر مذدوري ڪندڙ ھڪڙي ڪمري ۾ ويھ کان ٽيھ ماڻھو گڏجي رھندا آھن. اھڙي گھٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول کي ڪمرن کي يخ ٿڌو ڪندڙ اي سيز نہ ھجن تہ ھتي رھڻ جو تصور ئي نہ جڙي.
دبئي ۾ پنھنجي ڪار خريد ڪرڻ ايترو سولو جيترو سنڌ ۾ چائنا وارو اسڪوٽر وٺڻ، باقي ڪار کي روڊ تي ھلائڻ لاءِ ڊرائيونگ لائيسنس وٺڻ ايترو ڏکيو آھي جيترو اليڪشن جي سيٽ کٽڻ. پنھنجي ڪار لاءِ الڳ سان پارڪنگ جو بندوبست ڪرڻ، ان جي خرَ خُرَ مٿي جو سُور آھن مٿان وري ٽرئفڪ جا ڏنڊ ھتي معمول جي ڳالھ آھي وري مٿان، گاڏيءَ تي سالياني رينيول جون فيون. اڪثر ڪري ھتان ھميشہ لاءِ ويندڙ يا نوڪري يا ويزا ختم ٿيڻ تي پنھنجي سٺي گاڏي بہ ڀڳڙن مُٺ ۾ وڪڻي ويندا آھن.
دبئيءَ وٽ پنھنجي قدرتي شيءِ رڳو واري آھي باقي ھر شيءِ ٻاھران ايندي آھي، ھتي زراعت ناھي، پنھنجو پيئڻ جو پاڻي ناھي. ھتي سبزي ۽ فروٽ عُمان توڙي ٻين ملڪن مان ھوائي جھاز يا روڊ رستي پھچي وڃي ٿو. گوشت وغيرہ فريز ٿيل ملندو آھي. ڪھڙي بہ موسم ھجي ھر قسم جي سبزي ۽ فروٽ موجود ھوندو آھي. دبئيءَ ۾ مڪمل نيڪال سسٽم ناھي، اڪثر بلڊنگن جو نيڪال اتي ئي ٺاھيل ڪنھن کڏي ۾ جمع ٿيندو آھي جتان پوءِ ھر روز ميونسپالٽيءَ جون گاڏيون خالي ڪري ڪڍي وينديون آھن.
دبئي ھڪ عالمي منڊي آھي جتي پير کوڙڻ لاءِ دنيا ڀر مان ڪاروباري ماڻھو ھتي اچن ٿا، پنھنجا پئسا لڳائي ڪاروبار ڪن ٿا، ھتي جي مارڪيٽ ۾ نالو ٺاھڻ ۽ مستقل رھڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. ھر ڀيري نوان نوان چئلينج سامھون ايندا رھندا آھن، ساڳي طرح ھتي نوڪري ڪرڻ ايتري بہ آسان ناھي جيتري سمجھي ويندي آھي. ھتي ڊگريءَ کي اڪثر جڳھين تي ايتري ويليو ناھي ملندي جيتري تجربي کي ملندي آھي. اوھان وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ھجي ۽ تجربو نھ ھجي تہ پوءِ ھتي نوڪري ڏکي ملي سگھندي. سڄي دنيا جو ٽئلنٽ ھتي اچي گڏجي ٿو، جتي روزگار جا موقعا گھڻا آھن تہ اتي مقابلو بہ عالمي سطح جو آھي. اڪثر نوجوان پڇندا رھندا آھن تہ دبئيءَ اچڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڇا ضروري آھي تہ منھنجو ھڪڙو ئي جواب ھوندو آھي تہ تجربو. اوھان پنھنجي ڪنھن بہ فيلڊ ۾ مھارت حاصل ڪريو پوءِ دبئي اوھان جي لاءِ کليل ميدان آھي. جيڪڏھن صرف ڊگري ۽ سفارش جو آسرو آھي تہ پوءِ ھتي گاڏو نھ ھلندو. ھتي خيال وڪامندا آھن، پيپر نہ، ھتي جاڳ جا خواب پورا ٿيندا آھن سمھڻ وارا نہ. دبئي محنتي ماڻھن جو گھر آھي ھتي ڪمچور ۽ جڳاڙي اٽڪي پوندا آھن.
خيال ڇا آھي ۽ اھو ڪيئن وڪامندو آھي؟ ان جو صفا سولو جواب آھي تہ خيال اوھان جي ذھن ۾ پيدا ٿيل تخليق آھي، جنھن کي حقيقت اوھان جا ڏينھن ڏٺي جا سپنا ڏيندا آھن. پنھنجو تخليقي فن دنيا کي ڏيکاريو پوءِ دنيا توھان کي پنھنجي دنيا جا جلوہ ڏيکاريندي.
ويجھڙ ۾ ڪيترائي نوان خيال (Ideas) دبئيءَ ۾ آيا آھن ۽ ڪيترائي اگھامي پڻ ويا آھن. ھي وقت انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو آھي ۽ ايندڙ وقت مصنوعي ذھانت جو آھي، پنھنجو پاڻ کي اپڊيٽ ڪريو، پنھنجي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پڙھايا ويندڙ سبجيڪٽ ايڪسپائر ٿي چڪا آھن، جڳ سان ڳنڍجي ھلو.
دبئي ھاڻي عالمي فنانشل حب ٿي چڪي آھي، جيڪا دنيا جي ٻيھر ايڪسپورٽ ڪرڻ جي مارڪيٽ بڻجي وئي آھي. دبئيءَ ۾ 50 جي لڳ ڀڳ بئنڪون ڪم ڪري رھيون آھن، جن جون ڪيتريون ئي برانچون آھن. ھتان جو بئنڪون گھڻو اڳتي آھن، ھتي جي بئنڪن جي اڪثر اي ٽي ايم مشينن مان اوھان نھ فقط پئسا ڪڍرائي سگھو ٿا پر پنھنجي يا ڪنھن ٻئي جي اڪائونٽ ۾ پئسا وجھي بہ سگھو ٿا، نھ رڳو ايترو پر اي ٽي ايم وسيلي چيڪ پڻ جمع ڪرائي يا ڪئش ڪرائي سگھو ٿا.
دبئيءَ ۾ ڊجيٽل ۽ آنلائين ڪاروبار جو دور ھلي رھيو آھي، ھتي سون جي تعداد ۾ موبائيل ائپس آھن جيڪي روزاني ملين جو ڪاروبار ڪن ٿيون. دنيا نئون ڪجھ ڏسڻ چاھي ٿي، جيئن ھتي ڏسي رھيا آھيون.
ويران رستي تي اوھان جي گاڏيءَ جو پئٽرول کپي وڃي تہ پرييشان نھ ٿيو، ھتي ھڪڙي CAFU نالي موبائيل ائپ آھي انھن کي ائپ مان نياپو ڪريو اتي پھچي اوھان جي گاڏيءَ جو پئٽرول ڀري ڏيندا. اوھان ڪنھن اھڙي جاءِ تي وڃڻ چاھيو ٿا جتان اوھان جي ڪار واپس ڪير ڪاھي اچڻ وارو ناھي، ڳڻتي نھ ڪريو، ecar نالي ائپ تي ڀرسان ئي پارڪ ٿيل ڪار ڪاھي وڃو ۽ پنھنجي منزل تي وڃي پارڪنگ ۾ ھڻي ھليا وڃو. گھر ۾ ايمرجنسي ٿي وڃي ھيلٿ ائپ کي الرٽ ڪريو ڊرون دوا کڻي اوھان جي ڪمري ۾ پھچي ويندو. وڌيڪ ڊيگھ ۾ نٿا وڃئون دبئي ڀري پئي آھي اھڙن مثالن سان.
ھتي ڪامياب نوڪري ڪرڻ لاءِ يا ڪامياب ڪاروبار ڪرڻ لاءِ نوان خيال ھجڻ کپن، جيڪي اوھان کي منزل تي رسائيندا نھ تہ اوھان بہ لکين اھڙن فردن جي فھرست ۾ لڙھي ويندا جيڪي ھتي آيا ۽ ھليا ويا.
دبئي جي ھڪڙي پاسي سمنڊ آھي تہ ٻئي پاسي واري. ھتي پاڻي ۽ پئٽرول جي قيمت ساڳي آھي. ھتي پاڪستاني مارڪيٽون بہ آھن جتي نجيون پاڪستاني پروڊڪٽس ملن ٿيون.
ان کان علاوہ بہ دبئي جي رونقن ۾ گھڻو ڪجھ آھي جيڪو منھنجي ذھن مان يا ڳولا ڪندي اڳتي پوئتي ٿي ويو ھوندو
دبئي ۽ سنڌ
ماترڀوميءَ جي سڪ ۽ اڪير تہ ڪوئي انھن کان پڇي جيڪي پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌار يا پري آھن پر روزگار جي ذريعن جي کوٽ جي ڪري يا پرڏيھي ناڻو ڪمائڻ جي چڪرن ۾ ماڻھن کي پنھنجو ڏيھ ڇڏڻو پوي ٿو، جنم ڀوميءَ کان ڪوھين ڏور نڪري وڃڻو پوي ٿو. ائين سنڌ ڌرتيءَ جا رھاڪو سنڌي پڻ آھن. ھڪڙن کي ورھاڱي ڀيري زوريءَ لڏايو ويو ۽ باقي رھيلن کي داٻا دھمان ۽ خوف ڏئي لڏايو پيو وڃي. باقي جيڪي پاڻ جھڙا بچيا اھي بدحاليءَ ۽ ٻيائيءَ جي ور چڙھي ويا ۽ پنھنجي وسيلن سان مالامال ڌرتيءَ کي ڇڏي پرڏيھ ۾ ڪمائڻ پھچي ويا آھن.
ھونئن تہ دبئي ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ھڪجھڙايون آھن پر ڪجھ خاص ھتي پيش ڪجن ٿيون
1. سمنڊ دبئيءَ وٽ آھي تہ سنڌ وٽ بہ آھي.
2. صحرا دبئيءَ وٽ بہ آھي تہ سنڌ وٽ بہ آھي.
3. گھڻ قومي معاشرو دبئيءَ ۾ بہ آھي تہ سنڌ ۾ بہ آھي.
4. سنڌ ۾ سمنڊ سنڌ جي زمين کائي رھيو آھي تہ دبئيءَ ۾ سمنڊ کي لٽي زمين ٺاھي آباد ڪئي پئي وڃي.
5. سنڌ وٽ سڀئي قدرتي وسيلا ھوندي بہ بدحال ۽ دبئي ھر مصنوعيت ھوندي بہ خوشحال آھي.
دبئيءَ ۾ موجود سنڌين بابت ڄاڻڻ کان پھرين اھو ٻڌائيندو ھلان تہ دبئي اھا واحد جاءِ آھي جتي ھند ۽ سنڌ جا سنڌي گڏجن ٿا. اسان ھتي آسانيءَ خاطر ھند ۽ سنڌ جي سنڌين جي ھتي واري ڪردار کي ڌار ڌار سمجھنداسين.
سنڌ جا سنڌي:
گڏيل عرب رياستن جي قيام کان اڳ بہ سنڌي ھتي رھيل ھئا، جن مان ڪيترن کي ھتان جي نيشنلٽي پڻ مليل آھي، جن ۾ مگسي، پنھور، کوسا، عمراڻي، سومرا، مشوري، تنيا، ٻرڙا ۽ ٻيون برادريون شامل آھن جيڪي پاڻ کي ھاڻي السندي، البلوشي ۽ المسوري وغيرھ سڏرائين ٿا. جڏھن تہ ھن ملڪ ۾ پاڪستانين جو تعداد 12 لک کان وڌيڪ آھي، جنھن مان چار لک دبئيءَ ۾ رھن ٿا. دبئيءَ ۾ سنڌين جو رھائشي لحاظ کان تعداد ايترو گھڻو نھ ھوندو. منھنجي محتاط اندازي موجب ڪي ويھہ ھزار سنڌي دبئيءَ ۾ رھندا ھوندا.
دبئيءَ ۾ ڪنسٽرڪشن جي عروج واري زماني ۾ (ھلندڙ صديءَ جي پھرين ڏھاڪي) ۾ سنڌين جو مشھور ڪاروبار اسڪرئپ (ڪاٻاڙ جو وڪرو) ئي رھيو آھي. ھتي ٿيندڙ ڪنسٽرڪشن مان بچي ويل يا ڪٽيل لوھ جا ٽڪر ڪاٻاڙ جي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ڪيترائي سنڌي شاھوڪار ٿي چڪا آھن اھو سلسلو ڪنھن حد تائين اڄ بہ ھلي رھيو آھي. دبئيءَ ۾ اڪثر سنڌي يا تہ ڪنسٽرڪشن ۾ مذدوري ڪندا آھن يا تہ اسڪرئپ (پراڻي لوھ ۽ ڪٻاڙ) جي خريد و فروخت ڪندا رھيا آھن. ويجھڙ جي اٺن ڏھن سالن ۾ ڪيترائي سنڌي نوجوان ھر قسم جي ميدان ۾ بہتر ليول جون نوڪريون ڪري رھيا آھن.
ڪيترائي سنڌي ھاڻي دبئيءَ ۾ سول انجنيئر، HSE انجنيئر، ڪنسلٽنٽ، پلاننگ انجنيئر، ڊاڪٽر، گرافڪ ڊزائينر، ڊرائيور، بئنڪر، سيلزمين، فري لانسر، ايگريڪلچر انجنيئر، اڪائونٽنٽ، بروڪر، پروگرامر، آءِ ٽي ائڊمن، ڦوٽوگرافر، پوليس مئن، وڪيل، سي آءِ ڊي رپورٽر، نيوز رپورٽر، رازا، واڍا توڙي ٻيا فني ڪم وغيرہ ڪري رھيا آھن جڏھن تہ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پنھنجو ڪاروبار ڪري رھيا آھن. سنڌ جي سنڌين جي ذاتي ڪاروبارن ۾، انڊسٽريل سپلائيز، اسڪرئپ، گارڊننگ، پرنٽنگ، ٽيڪنيڪل سروسز، ٽوئر ۽ ٽريول گائيڊ، سفاري ٽوئر، ٽرانسپورٽ، ڪنسلٽنسي، ويٽرنري ڪلينڪ، آنلائين اسٽور، بلڊنگ مٽريل سپلائي، ڪنسٽرڪشن، ڪليننگ سروس، ٽائيپنگ سروسز، بروڪرز ۽ ٻيا شامل آھن.
دبئيءَ ۾ سنڌين جا ڪجھہ متحرڪ فورم پڻ آھن، جن ۾ ڪجھہ ھم خيال دوست گڏجي سڏجي ثقافتي توڙي سماجي سرگرميون ڪن ٿا. جن ۾ سنڌي سنگت (آشا چاند)، مھراڻ ڪلچرل گروپ، سنڌ دوست سٿ، سنڌ فرينڊس فورم، سنڌي ائسوسيئيشن آف يو اَي اِي، سنڌ نوجوان سنگت، سدائين گڏ سنڌي سوشل تنظيم ۽ ٻيا شامل آھن.
ھند جا سنڌي:
ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جو قدر انھن کي ٿئي ٿو جن پاڻ پرديس ۾ نڌڻڪائپ جي احساس ۾ ڀوڳيو ھجي. ورھاڱي پڄاڻان جڏھن گڏيل عرب امارتن ۾ روزگار جا ذريعا کليا تڏھن سنڌ توڙي ھند مان سنڌي ھتي اچي روزگار سان لڳا. ھند جي سنڌين اچي ھتي پنھنجا ڪاروبار ڄمايا جڏھن تہ سنڌ جي سنڌين ھتي اچي نوڪريون ڪيون. ٻئي ڌريون ورھاڱي وقت وڇڙيا ھئا پر ٻنھي ۾ ٻولي ڀائيءَ جي ڇڪ ساڳي رھي ھئي. جيئن ورھاڱي کان پھرين ميٺ محبت ۾ گڏجي رھيا پئي، ھڪ ٻئي جو مرڻو پرڻو کاڌن پئي، پر پوءِ وچ ۾ ڏراڙ وجھي الڳ ڪيو ويو ھيو. ھاڻي ھي ھڪ موقعو ھيو وري گڏجڻ جو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ گڏجي بيھڻ جو، ان زماني ۾ ھند جي سنڌين ۽ سنڌ جي سنڌين گڏجي ھڪ فورم جو بنياد وڌو. عطا سنڌي سنڌ جي سنڌين مان گڏيل عرب رياستن جو پهريون سنڌي هو جنهن هتي سدائين گڏ سنڌي سوشل تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن ۾ هند سنڌ جا سنڌي شامل هئا، ان پليٽ فارم تان ڪيترائي فنڪار دبئي ۾ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ ايندا هئا.
انڊين سنڌي دبئيءَ جا اسٽيڪ ھولڊر آھن، ھتان جا مشھور ڪاروبار، برانڊس، سپرمارڪيٽون توڙي دنيا جي مشھور برانڊس جي ڊيلرشپ انھن وٽ آھي. دبئيءَ جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ھجي، چوئٿرامس، ويسٽ زون يا المايا سپر مارڪيٽون ھجن، لينڊ مارڪ گروپ، بيبي شاپ، ڪوسموس، شو مارٽ، جمبو اليڪٽرانڪس، اسپليش، ميڪس، اي ميڪس سميت وڏيون وڏيون برانڊس انڊين سنڌين جون آھن. دبئيءَ ۾ مينا بازار نالي مارڪيٽ کي سنڌين جي بازار پڻ سڏيو ويندو آھي جتي ڪپڙي، سون، اليڪٽرانڪس، ريسٽورانٽس توڙي ٻين ڪاروبارن ۾ اڪثريت سنڌين جي آھي ان کان علاوہ سنڌي سيريمونيل ھال، لامسي پلازہ، نڪي بيچ سنڌي سوسائيٽي ۽ ٻيون ڪيتريون آباديون سنڌين جي نالي سان سڃاتيون وينديون آھن. واسديو موھي، ڪلاپرڪاش، موتي پرڪاش، موھن گياڻي، گوپ ڪمل، رام بخشاڻي، گوردن ڀارتي، گورڌن گھايل، شريڪانت صدف، آشا چاند، مومل پنجابي ۽ نالي وارا ليکڪ، شاعر ۽ ڪاروباري ماڻھو ھتي رھيا آھن.
آشا چاند جي سنڌي سنگت جنھن جي پليٽ فارم تان سال ۾ ھڪ يا ٻہ پروگرام لازمي طور ڪرايا ويندا ھئا، ان ۾ پڻ ھند ۽ سنڌ جا سنڌي فنڪار گڏجي فن جو مظاھرو ڪندا رھندا آھن، جنھن ۾ سڀ سنڌي گڏجي شرڪت ڪندا رھندا آھن. اھڙن پروگرامن ۾ سنڌي گانن توڙي مزاح کي ڏسندي ۽ ٻڌندي ائين لڳندو آھي تہ دبئي پڻ ھڪ ننڍڙي سنڌ آھي.
**