ڊاڪٽر فھميدہ حسين

 نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فھميدہ حسين  5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنھنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهہ عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان 1964 ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1968ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، 1970ع ۾ ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي، ڪيائين. هن 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما بہ ڪئي. ڊاڪٽر صاحبہ ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو. 
ڊاڪٽر فھميدہ حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان کانپوءِ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهہ وقت اتي پڙهائڻ کانپوءِ جڏهن 1974ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي تہ کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو، جتي 1978ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي 1988ع کان 1995ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ 1995ع کان 1997ع تائين پروفيسر؛ پوءِ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏھ سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينھن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا آهن.
ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي، ٻاراڻيون آکاڻيون لکيائين، پوءِ ڊي. جي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻيون شايع ڪرايائين،  جڏهن ’بادل‘ رسالو شروع ٿيو تہ باقاعدہ ان ۾ لکڻ لڳي ۽ 1968ع کان 1972ع تائين ان وقت جي انھيءَ مشھور ادبي رسالي جي عورتن واري حصي جي ايڊيٽر رهي. سندس افسانا، شاعري (تسنيم يعقوب جي نالي سان) مضمون مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا. ان بعد 12 سال روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي عورتن واري صفحي جي ايڊيٽر رهي. ڪجهہ عرصو ”سوجهرو“ رسالي جي ايڊيٽنگ بہ ڪيائين. نوي جي شروعاتي سالن ۾ روزاني اخبار ’جاڳو’ ۾ ۽ ان کان پوءِ ڳچ عرصو ’عوامي آواز‘ ۾ سندس ڪالم ’منھنجون سوچون‘ نالي سان ڇپيا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون بہ ڇپجندا رهيا. هن ڪلاچيءَ جا لڳ ڀڳ 40 شمارا جاري ڪيا. جڏهن تہ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي چيف ايڊيٽر طور ٽيم جي رهنمائي ۽ نگراني ڪندي رهي آهي ، سنڌ جي هن پھرين سنڌي جامع انسائيڪلوپيڊيا جا ٽي جلد ( انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اشاعت سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پھرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جا 3 جلد سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيا آهن. سن 1972 کان 1979ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ’سنڌي اردو بول چال‘ نالي سنڌي سکيا جو پروگرام ڪيائين. ان کان پوءِ 2009ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’آئيي سنڌي سيکين‘ نالي پڻ سکيا جو پروگرام ڪيائين. ڪجهہ عرصو پي ٽي وي تي ادبي ٽاڪ شوز ۽ خواتين جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪيائين.
ڊاڪٽر فھميدہ حسين جا هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1)  هوائن جي آڌار (سفر نامو) 1983ع
(2)  پير حسام الدين راشدي (سوانح) 1990ع
(3)  شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز) ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1993ع
(4)  ادبي تنقيد ۽ تاريخ (ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ) 1996ع
(5)  شاھہ لطيف ڪي شاعري مين عورت ڪا روپ) (اردو) 1996ع
(6)  برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (جارج گريئرسن جي ڪتاب ’Linguistic Survey of India‘ جي اٺين جلد جو ترجمو) 2000ع ٻيو ڇاپو 2011ع
(7)  انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج Image of Woman in the Poetry of Shah Latif- 2002
(8)  هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون (ڪهاڻين جو مجموعو) 2003ع
(9)  دنيا جون شاعر عورتون (دنيا جي شاعر عورتن جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو) 2006ع
(10)  شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (زندگي، شاعري ۽ فلسفو: اردو) 2008ع.

ترتيب ڏنل ڪتاب
1.    Translation of Verses of Shah jo Risalo (2006)
2.    سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل (2006ع)، 
3.    Sindh- Past, Present & Future 2006،
4.     Dictionary of Classical Poets of Sindhi (1989)،
5.    مزاحمتي ادب (شريڪ ايڊيٽر طور) 1998ع،
6.     Shah & Sindh (1998)
7.    Poetry of Women During Last 50 Years in Sindh (1997)

ڊاڪٽر فھميدہ حسين کي سندس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل مليا آهن، جن ۾:
(1) حڪومت سنڌ طرفان تحقيقي ڪم تي ’جوش مليح آباد اوارڊ‘ (2009ع)
(2) تعليمي خدمتن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل (2008ع)
(3) حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي اوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (2004ع)
(4) اڪادمي ادبيات طرفان بھترين ڪتاب جو اوارڊ (2004ع)
(5) حڪومت سنڌ طرفان شاھہ لطيف بابت تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي مڃتا طؤر شاھہ لطيف اوارڊ‘ (2003ع)
(6) ’سگا‘ طرفان بھترين تحقيق جو اوارڊ (1995ع)
(7) اڪادمي ادبيات پاران سال جي بھترين ڪتاب تي ’هجرا اوارڊ 1414‘ (1994ع)
(8) شاھہ لطيف ۽ وومين اسٽڊيز تي بھترين تحقيق جو اوارڊ (1994ع)
(9) سھيوڳ فائونڊيشن، بمبئي طرفان بھترين سنڌي ليکڪ جو ’سهيوڳ اوارڊ
(10)  سال 1999ع کان 2000ع تائين بھترين سماجي ڪارڪن ۽ عورتن جي ترقيءَ بابت جاکوڙ تي ’سگا اوارڊ‘.
انھن کانسواءِ کيس مڃتا طور مختلف تنظيمن ۽ ادارن طرفان اوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا. ڊاڪٽر فھميدہ حسين سنڌ جي ليکڪائن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مختلف صنفن ۾ لاڳيتو لکندڙ ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ واحد عورت آهي جنھن کي مختلف اشاعتي مواد توڙي تحقيقي لکڻين ۽ لغتن جي ايڊيٽنگ جو 25 سالن جو تجربو حاصل آهي.[3]

 

  • جنم: 1948-07-05
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image