course image
Dr Parveen Moosa Memon

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شھر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 20 نومبر 1958ع تي جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو، پيءُ جي بدلين سانگي سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ماتلي، عمرڪوٽ، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۽ 1975ع ۾ انٽرميڊئيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪرڻ بعد 1976ع ۾ سندس شادي پنھنجي پڦيءَ جي پٽ انجنيئر انور خان سان ٿي. کين ٽي ٻار ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمان (ايم بي بي ايس ۽ ايم پي ايڇ)، ڊاڪٽر ياسر رضا (بي ڊي ايس ۽ ايف سي پي ايس) ۽ انجنيئر محمد مجتبيٰ آهن. موجودہ وقت پاڻ ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. شروع ۾ پروين صاحبہ چند سال پرائمري استاد طور پڙهايو، اڳتي هلي 1983ع ۾ ايم اي انگريزي ادب ۽ پوءِ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحاس پاس ڪري 1991ع کان ليڪچرر طور ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص ۽ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد، سردار بھادر (ايم بي اينڊ جي ايف) گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين، 28 سال سنڌ ايجوڪيشن کاتي جي ڪاليجن ۾ ڪم ڪندي هوءَ 2018ع ۾ نذرٿ گرلز ڪاليج مان ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائر ٿي. 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر طور رجسٽر ٿي ۽ 2012ع ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجہ جي نگرانيءَ ۾ مقالو بعنوان ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: 1985ع تائين“  لکي پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين. ادبي زندگيءَ ۾ لکڻ جي شروعات افسانا نويسيءَ سان ڪيائين. هڪ افساني ”چري“ جي عنوان سان 1973ع ۾ هلال پاڪستان جي سگهڙين سٿ صفحي معرفت ڪيائين.  ان کانپوءِ ٻيو افسانو ” ماءُ جو دلاسو“ خليل جبران جي ڪھاڻيءَ جو ترجمو ڪيائين، ڪافي مضمون پڻ لکيائين هن تحقيق ۽ تخليق ٻنھي ۾ نڀايو آهي.تحقيق، تنقيد،مضمون نويسي، لطيف شناسي، ترجما نگاري، افسانا نويسي ۽ ٻالڪ ادب ۾ پنجيتاليھہ ڪتاب لکيا آهن، اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ دبئي، ڪيناڊا ۽ سعودي عرب جا سفرناما، آتم ڪھاڻي ۽ ٻيا ڪتاب آهن. ٻٽيھہ ڪتاب کن ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن، جي هن ريت آهن، .
1. ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ روشني پبليڪيشن، 2004ع، 2. ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع،  ٻيو ڇاپو روشني 2015ع، 3. ”اٿي رائو ريل“ (2008ع)، 4.”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ (لطيف شناسي،2008ع، ٻيو ڇاپو 2009ع، 5. ”سون ورنيون سوڍيون“ (ڪھاڻيون ترتيب، 2009ع)، (اهي ڪتاب، 3، 4 ۽ 5 نمبر  محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان شايع ڪيا ويا)، 6. ”وکر سو وهاءِ“ (مضمون) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع، 7. ”عالم سڀ آباد ڪرين“ (لطيفيات: مضمون) سنڌ راڻي پبليڪيشن،2016ع. 8. ”پلئہ پايو سچ“ (تحقيق ۽ تنقيد) سنڌ راڻي پبليڪيشن، 2016ع، 9.”سنڌي ادب پڇا ڳاڇا“ چٽا ڀيٽي جي امتحان لاءِ، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي،2017ع، ٻيو ڇاپو 2018ع ۽ ٽيون 2020ع، 10. ”اخلاقي قدر“ (مضمون: ٻالڪ ادب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2010ع، 2016ع ۽ ٽيون ڇاپو 2020ع، 11. ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (ادبي تاريخ) ائڊوانسڊ پبلشر لاهور 2015ع، 2016ع (ٻہ ڇاپا) 2018ع ۽ 2020ع ٻہ ڇاپا محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي( هي واحد ڪتاب آهي جنھن جون 4 هزار ڪاپيون ڇپيون آهن، خاص سي ايس ايس جي سنڌيءَ جي نئين نصاب مطابق آهي)، 12.”گلدستو“ (مضمونن جو مجموعو پي سي ايس لاءِ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي)2017ع، 2018ع، 2019ع (ٽي ڇاپا) 13. ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: (تحقيقي اڀياس 1985ع تائين) پي ايڇ ڊي مقالو پيڪاڪ پبلشرز 2020ع. 14. ”ٽي تحفا (ٻالڪ ادب ڪھاڻيون) پوپٽ پبلشنگ خيرپور، 2021ع، 15. ”شرارتي جن“ (ٻالڪ ادب ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2022ع، 16. ”پوپٽ ۽ گلاب“ (جانورن ۽ پکين جون ڳالھيون ٻوليون ڪھاڻيون: ٻالڪ ادب) چانڊوڪي پبليڪيشن،2023ع،  17. ”ثاقب جي آئيسڪريم“ (ٻالڪ ادب: ڪھاڻيون 2023ع) چانڊوڪي پبلڪيشن، 18. ”شھزادي ماھہ نور“ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: چانڊوڪي پبليڪيشن،2023ع، 19. ”سھڻا سخن“ (عالمن اديبن جا قول ۽ چوڻيون: چانڊوڪي پبليڪيشن،2023ع، 20. ”جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2023ع، 21. ”سنڌي نثرجو جديد مطالعو“ (آخوند عزيز ﷲ کان عثمان علي انصاريءَ تائين) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڊسمبر 2023ع، 22. ”ويھہ تولا سون“ (ڪھاڻيون/افسانا) سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2024ع،  23. ”معلومات جو خزانو“ (ٻارن لاءِ) ايڊوانس حيدرآباد 2024ع، 24. ”سائنسي ميلو“ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2024ع، 25. حضرت ابوبڪر صديقرضہ (سيرت، ترجمو) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2024ع 26. ”انوکو رازو“ (ڪھاڻيون: ترجمو ٻارن لاءِ)ايڊوانس پبلشنگ حيدرآباد ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ڏيپلائي ٽائون 2025ع، 27. ”اَمر انسانَ“ (سوانحي مضمون) ايڊوانس پبلشنگ ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي  حيدرآباد 2025ع، 28. آخري اسٽيشن ۽ چالاڪ پوڙهي (ٻالڪ ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2025ع. 29. ”حويلي ۽ کُليل آسمان“ (ڪھاڻيون)، چانڊوڪي پبليڪيشن، 2025ع، 30. ”ديرو دوست جو“ (لطيف شناسي)، شاد پبليڪيشن حيدرآباد، 2025ع، 31. ”پکراج پري“ (ٻالڪ ادب) محمد موسيٰ اڪيڊمي حيدرآباد، 2025ع، 32. اونداهيءَ ۾ روشني، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2025ع. 
سورنھن ريسرچ پيپرز هيڪ جي منظور شدہ جرنلز ۾ ڇپجي چڪا آهن، ان کانسواءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن مضمون، مقالا ۽ ڪھاڻيون پابنديءَ سان شايع ٿين ٿا، خاص طور لطيف شناسيءَ تي سندن 70 مضمون ۽ مقالا روزاني پنھنجي اخبار ۾ گذريل ٽن سالن ۾ شايع ٿيا آهن. کين سندن ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز عطا ٿيا آهن، جن مان چند هيٺين ريت آهن.

ايوارڊس 
1.    ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ۽ ”اٿي رائو ريل“ ٻن ڪتابن تي HEC اسلام آباد پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ 2009ع ۽ 2011ع
2.    ”اٿي رائو ريل“ کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي ايوارڊ شيلڊ 2010ع
3.    ”اخلاقي قدر، ٻالڪ ادب جي ڪتاب تي نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ 2016ع
4.    ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران بيسٽ ايونٽ آرگنائيزر طور ”لطيف ڏهاڙو“ نذرٿ گرلز ڪاليج ۾ منعقد ڪرائڻ تي ايوارڊ شيلڊ 2016ع
5.    روزاني عبرت ۾ لطيف شناسيءَ جي ڇپيل مضمونن ۽ ڪتاب عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي) تي درگاھہ ڀٽ شاھہ سيد وقار شاھہ پاران لطيفي ايوارڊ 2016ع
6.    انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران 2020ع جي بھترين تحقيق جو ايوارڊ ڪتاب ، ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ (پي ايڇ ڊي مقالو) 2021ع
7.    ”ٽي تحفا“ (ٻالڪ ادب) تي چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ايوارڊ 2022ع 
8.    ٻالڪ ادب جي خدمتن طور سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ايوارڊ شيلڊ 20 نومبر 2022ع
9.    ٻالڪ ادب جي ڪتاب پوپٽ ۽ گلاب تي ادب سماج تنظيم اسلام آباد پاران بھترين ڪتاب تي اروارڊ 2023ع
10.    اعتراف خدمت اعزاز (شيلڊ) ”پاڪستاني نامور خواتين“ 8 مارچ 2024ع جسٽس (ر) ماجدہ رضوي هٿان بيچ لگزري هوٽل ۾ وصول ڪئي
11.    لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، چانڊوڪي پبليڪيشن 2024ع
12.     لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ امرتا پبليڪيشن پاران 14 فيبروري 2025ع
13.    انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ڪتاب ”معلومات جو خزانو“ تي ايوارڊ، 2025ع.
 

  • جنم: 1958-11-20
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image
book image