آديسين ادب، آھي اکڙين ۾, مصنف : پروين موسيٰ ميمڻ

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : آديسين ادب، آھي اکڙين ۾
مصنف : پروين موسيٰ ميمڻ
ڪيٽيگري : لطيفيات
ڇپيندڙ : محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2009
شامل ڪيو ويو : 2021-09-21
ڏِٺو ويو : 636 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 105 ڀيرا

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لطيفيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2023 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ