لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو : آديسين ادب آهي اکڙين ۾
موضوع : لطيفيات
تحقيق ۽ ترتيب : ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڇاپو پهريون : 2008ع
ڇاپو ٻيون : 2009ع
ڇاپو ٽيون : 2021ع ڊجيٽل ايڊيشن
ڪمپوزر : معاذ صديقي
ڇپائيندڙ : محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي
آن لائين _ سنڌ سلامت : محمد سليمان وساڻ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

آديسِيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِيَنِ ۾،

آديسِيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِيَنِ ۾،
نَسبُ تَن جو ناھ ڪو، ڪونهي اُنِ حَسَبُ،
سامِيَن کي سَڀين پرين، رُوحَ ۾ رهيو رَبُ،
رِيءَ لانگوٽِيءَ لَبُ، پاڇي ڪَن نه پاڻَ سين.
(سَر رامڪلي ۱۲-۷)

ارپنا

ارپيان ٿي، انھن آديسين جي عقيدتمنديءَ ادب ۽ احترام کي جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق و شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن.

نئين ڇاپي جو انتساب، ”سنڌ سلامت، آن لائين ڪتاب گهر“، جي نانءُ ٿي ڪريان. ادا محمد سليمان وساڻ کي جَسُ هجي جو ڪيترائي سنڌي ادب جا ڪتاب هن ڪتاب گهر وسيلي پوريءَ دنيا جي مطالعي لاءِ ممڪن بنايا اٿس، جن ۾ اڄ منهنجو هيءَ لطيف شناسيءَ جي تحقيق ۽ ترتيب جو ٽيون ڇاپو ڊجيٽل ڪتاب طور شامل ٿي رهيو آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آديسين ادب، آھي اکڙين ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب محترمہ پروين موسيٰ ميمڻ لکيو جنھن ۾ شاھ لطيف جي بيتن جي سِٽن مان ورتل مختلف ليکڪن جي 353 ڪتابن جي عنوانن يا ٽائيٽل پيجن جو وچور شامل آھي.
محترمہ پروين موسيٰ پنھنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو بہ پرايو تہ شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2008ع ۾، ٻيو ڇاپو 2009ع ۾ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھن ڪتاب جو وڌايل ۽ سنواريل نئون ڇاپو ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ:

ڪتاب ۾ ڏنل بيت غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڪيل ”شاھ جو رسالو“ مان ورتا ويا آهن. ڏنگين ۾ آيل پهريون انگ ان سُر جي داستان، ۽ ٻيوانگ بيت جي نمبر کي ظاهر ڪري ٿو. ڪجھ بيت پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر ھ.م گريخشاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي رسالن مان چونڊيل آهن جنهن بابت ان بيت جي هيٺ ڄاڻ ڏني وئي آهي.

ڪتاب جو تعارف

هن ڪتاب ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي بيتن مان چونڊيل عنوانن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جو موضوع وار تفصيل آهي گڏ اهي بيت مڪمل طور پيش ڪيا ويا آهن. جن ۾ شاعريءَ سان گڏ ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن جي ساڍا ٽي سئو کن ڪتابن جا عنوان آهن.
لطيف شناسيءِ تي ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ پنهنجي نوعيت جو هڪ الڳ، نئون، انوکو ۽ منفرد ڪتاب آهي. اڄ تائين هن لطيفي موضوع تي ڪنهن به قلم نه کنيو آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي ڇپجڻ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين خاص اهميت رهي آهي. هر ڇاپي ۾ بيتن جو تعداد وڌايو ويو آهي. موجوده هي 2021ع جو آن لائين ايڊيشن 350 لطيفي بيتن تي مشتمل آهي.

سٽاءُ

مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ٻئي ڇاپي جو مهاڳ ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ٻه اکر ڊاڪٽر فهميده حسين
آديسين ادب آهي اکڙين ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه
مقدمو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڪجھ ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊجيٽل ڇاپي لاءِ چند لفظ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٿورا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

شاعريءَ جي موضوعن تي ڪتاب
1. آڇيندي لڄ مران نارائڻ شيام
2. ڀؤنر ڀري آڪاس شيخ اياز
3. ڪلهي پاتم ڪينرو شيخ اياز
4. وڄون وسڻ آئيون شيخ اياز
5. وڏا وڻ وڻڪار جا شيخ اياز
6. تون ڇپر تون ڇانوَ شيخ اياز
7. هينئڙو ڏاڙهون گل جِئن شيخ اياز
8. ڪي جو ٻيجل ٻوليو شيخ اياز
9. ڪپر ٿو ڪن ڪري شيخ اياز
10. لڙيو سج لڪن ۾ شيخ اياز
11. پتڻِ ٿو پور ڪري شيخ اياز
12. جُهڙ نيڻؤن نه لهي شيخ اياز
13. اُڀر چنڊ پس پرين شيخ اياز
14. اُٿي اور الله سين (نثري نظم) شيخ اياز
15. اکڙيون ميگھ مَلار بردو سنڌي
16. بوندون بس نه ڪن بردو سنڌي
17. آڏي ڍال مَ ڍار رشيد ڀٽي
18. رڳون ٿيون رباب ڊاڪٽر تنوير عباسي
19. ساڄن سونهن سرت ڊاڪٽر تنوير عباسي
20. سڄڻ سفر هليا شيخ عبدالرزاق “راز”
21. پيهي منجھ پاتار شيخ عبدالرزاق “راز”
22. ڪڪر منجھ ڪپار بشير مورياڻي
23. آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ ترتيب: نياز همايوني
24. گهڙيا سي چڙهيا استاد بخاري
25. ماندي ٿي نه مارئي استاد بخاري
26. ولولو ۽ ووڪ استاد بخاري
27. ڪاري ڪڪر هيٺ استاد بخاري
28. ڏکندو ڏور ٿئي عبدالقيوم ”صائب“
29. سڄڻ نت سوجهرو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
30. جوتيون جواهرن جون ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
31. رُس ۾ رُسڻ گهوريو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
32. تند تنوار نثار حسيني
33. روح رهاڻ حاجي اميد علي لغاري
34. تند ڪٽارو ڪنڌ عنايت بلوچ
35. ڏوريان ڏوريان مَ لهان تاجل بيوَس
36. ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن تاجل بيوَس
37. ڪنڌيءَ اَڪَ ڦلاريا تاجل بيوَس
38. آءُ ڏُکن ڏڌي نثار بزمي
39. ڏاهيون ڏک ڏسن ڊاڪٽر ارجن شاد
40. اُٺا مينهن ملير تي گورڌن ڀارتي
41. وڻجارن وايُون ترتيب: عبدالڪريم پلي
42. ڪائو ڪمايوم معمور يوسفاڻي
43. پکن منجھ پساھ معمور يوسفاڻي
44. سُتا اُٿي جاڳ معمور يوسفاڻي
45. آڏي ڍالَ مَ ڍار معمور يوسفاڻي
46. ماڻڪ موتي لال ايوب انصاري
47. باهيون بيراڳين جون ترتيب: تاج جويو
48. ڪنول پاڙون پاتال ۾ فتاح ملڪ
49. جي تو بيت ڀانيان نورالدين سرڪي
50. اچن ڀؤنر ڀنڀوليا علي دوست عاجز
51. پرچن شال پهنوار شفيع انور هالائي
52. وليون وڻ ڦلاريا ڊاڪٽر ادل سومرو
53. اندر رت ريلا سيد اظهر گيلاني
54. ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي3 منصور ويراڳي
55. پرچن شال پنهوار عبدالقادر منور ابڙو
56. تند تنوار نور احمد ڀٽي
57. آديسي اسور وڄائي واٽ ٿيا شرمانند لال پرڀونندن
58. آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ شرمانند لال پرڀونندن
59. ڪوٽن ڪُٺي آهيان ترتيب: ادبي محفل بدين
60. سِي لاهوتي لڏي ويا يار محمد ٿانوري
61. پن ٻوڙين پاتال ۾ جمال الدين هوت
62. سورج شاخون ڪڍيون علي محمد ڀٽي
63. درد جون دانهون پنهل فقير مهر
64. سورن جو ثمر پنهل فقير مهر
65. رُس مَ رُسڻ گهوريو نور شاهين
66. اکين ۾ ٿي ويھ ميمڻ روشن تبسم
67. مون ۾ آهين تون اڪبر ساگر
68. تندون جي طلب جون رحيم بخش “قمر” لاکو
69. ڳاڙهيندين ڳوڙها رحيم بخش “قمر” لاکو
70. چنڊ تنهنجي ذات رحيم بخش “قمر” لاکو
71. آءُ نه گڏي پرينءَ کي رحيم بخش “قمر” لاکو
72. کڻي نيڻ خمار مان رحيم بخش “قمر” لاکو
73. روضي پاڪ رسول جي رحيم بخش “قمر” لاکو
74. محبت جي ميدان ۾ رحيم بخش “قمر” لاکو
75. ماڻڪ موتي رحيم بخش “قمر” لاکو
76. سڀ ۾ پنهون پاڻ سڪندر خان کوسو
77. پن ٻوڙين پاتال ۾ جمال الدين مؤمن
78. موکيءَ مٽ اُپٽيا (ترتيب) ذوالفقار گاڏهي
79. سدا سائر سيرَ ۾ مزمل ”سائز“ هاليپوٽو
80. آديسين ادب آهي اکڙين ۾ پروين موسيٰ ميمڻ

ناول
81. سسي نيزي پاند محمد عثمان ڏيپلائي
82. ڏکن پٺيان سک ٽهلرام آسودو مل
83. عشق ناهي راند گوبند مالهي
84. ديسي سيڻ ڪجن گوبند مالهي
85. سوريءَ آھ سينگار ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
86. سوريءَ جِنين سيڄ منصور ويراڳي
87. رُنَم رَتَ ڦڙا بادام ناتوان
88. پڙاڏو سو ئي سڏ سراج الحق ميمڻ
89. مرڻ مون سين آءُ سراج الحق ميمڻ
90. کاهوڙي کجن ڄام ساقي
91. هڪ سسئي سؤ سور سندري اُتم چنداڻي
92. حياتي هوتن ريءَ ڪلا پرڪاش
93. سورن سانڍياس فضل احمد بچاڻي
94. پرين پڳھ ڇوڙيا غلام نبي ناشاد
95. وساريان نه وسرن عمرالدين بيدار
96. موٽي ماڳ نه آيا لعل بخش جهرڪائي

ناٽڪ
97. عاشق زهر پياڪ رشيد ڀٽي
98. پڙاڏو سوئي سڏ مراد علي مرزا
99. لهرين لک لباس مراد علي مرزا
100. مڙيا مڇ هزار نثار حسيني
101. ڪاڪ ڪڙهي وڻ ٻريا نثار حسيني
102. ڪي جو ٻيجل ٻوليو نثار حسيني
103. سامونڊين سڙھ سنڀايا نثار حسيني
104. ويئي رات وهامي چنا شبير ناز
105. پو چا ڏٺم پير سراج الحق ميمڻ
106. گهاتو گهر نه آيا سراج الحق ميمڻ
107. جَرَ ۾ ڦوٽو جئن سراج الحق ميمڻ
108. دنگيءَ منجھ درياھ علي بابا
109. درياھ تو تي دانهن امر جليل
110. ڪي ڏور به اوڏا سپرين ممتاز مرزا
111. سي ئي جوڀن ڏينهن ممتاز مرزا
112. بوءِ بهار جي شوڪت حسين شورو
113. تند ڪٽارو ڪنڌ محمد قاسم بلوچ
114. سوريءَ سڏ ٿيو ڪيرت ٻاٻاڻي
115. سکن واري سڌ تنوير جوڻيجو
116. جوڳي ڏاڍي ذات عبدالغفار سومرو
117. روئي ڏنو رات ماهتاب محبوب

ڪهاڻين جا مجموعا
118. جي تند برابر توريان شيخ اياز
119. مٽيءَ لڌو مان اياز قادري
120. پن ٻوڙين پاتال ۾ حفيظ شيخ
121. اڄ پڻ آڳڙيا آيا رسول بخش پليجو
122. راڻا جي رجپوت حميد سنڌي
123. سو مون سڀ ڄمار حميد سنڌي
124. جن جهونا ڳڙھ جلايو ظهور انصاري
125. ماڻڪ مٽ سندوم ترتيب: ناز سنائي
126. رات منهنجي روح ۾ غلام نبي مغل
127. ايڏو سور سهي نجم عباسي
128. ڪنهن ساڻ سور سليان سهڙيندڙ: فيروز ميمڻ
129. مٿي سنڌ سُڪار نجم عباسي
130. ڀينر هن ڀنڀور ۾ فتاح ملڪ
131. پاڙي ناھ پروڙ بادل جمالي
132. جتي نينهن اڇل ڊاڪٽر غفور ميمڻ
133. موتي مهراڻ جا ترتيب: فيروز احمد ميمڻ
134. تو جَنِين تات سندري اُتم چنداڻي
135. پچڻ کي پچاءِ ريٽا شاهاڻي
136. سورج شاخون ڪڍيون محمد علي ڀٽي
137. ڪانڌي ڪنگ ٿياس علي گل عباسي
138. ڪٺيس ڪُويڄن محمد شريف کوسو
139. سندي سِڪ سپرين غالب لطيف
140. اکيون ميگھ ملهار اڪبر اديب
141. وَر وطن ڄائي شعبان بخت
142. کِھ کٿوري ع.ق. شيخ
143. اکيون ميگھ ملهار خديجه شيخ
144. توکي ساري ساھ ابن حيات پنهور
145. پيئي جن نه پروڙ ابن حيات پنهور
146. رچي جي ريٽو ٿيا ناز سنائي
147. کڙيا کٽڻهار طارق اشرف
148. رڻ گجيو راڙو ٿيو ميمڻ روشن تبسم
149. سامائي ته سک ويا نيلوفر جويو
150. سون ورنيون سوڍيون ترتيب: پروين موسيٰ ميمڻ

سفرناما
151. پرينءَ جي پار حڪيم محمد احسن
152. ماٽيءَ منجھ مهي هري موٽواڻي
153. جيڪي ڏٺو هو مون ڪيرت ٻاٻاڻي
154. هينئڙي منجھ هُرن ڪلا پرڪاش
155. پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا وينا شرنگي
156. ڏوري ڏوري ڏيھ ڊاڪٽر تنوير عباسي
157. سامي سفر هليا مخدوم غوث بخش مهر
158. ويھ مَ وساريج ڊاڪٽر سليمان شيخ
159. وايون وڻجارن جون الطاف شيخ
160. سي ئي جوڀن ڏينهن الطاف شيخ
161. بندر ديسان ديس الطاف شيخ
162. سمنڊ جن ساڻيھ الطاف شيخ
163. بندر بازاريون الطاف شيخ
164. جاني ته جهاز ۾ الطاف شيخ
165. جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا الطاف شيخ
166. جاني آيو جوءَ ۾ الطاف شيخ
167. سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين الطاف شيخ
168. سمنڊ جي سيوين الطاف شيخ
169. جت جر وهي ٿو جال الطاف شيخ
170. دنگيءَ منجھ درياھ الطاف شيخ
171. موج نه سهي مڪڙي الطاف شيخ
172. سمنڊ سيويو جَن الطاف شيخ
173. ڪنواريون ۽ ڪَنول عبدالحئي پليجو
174. هو جي وڻ ولات جا عبدالحئي پليجو
175. ووڙيم سڀ وٿاڻ عبدالحئي پليجو
176. پِريان سندي پار ڏي عبدالحئي پليجو
177. بَندرَ مُون ڏور ٿيا عبدالحئي پليجو
178. ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون عبدالحئي پليجو
179. ڪَجلَ ڀِنَل نيڻ عبدالحئي پليجو
180. اندر جَنين اُڃ ماهتاب محبوب
181. پرين جي پرديس عنايت بلوچ
182. سهسين ٿيا سارنگ عنايت بلوچ
183. پرديسي ڪهڙا پرين عنايت بلوچ
184. قدم ڪاپڙين جا حسين بخش مرتضائي
185. خيما کاهوڙين اشتياق انصاري
186. ڏور به اوڏا سپرين تاجل بيوَس
187. اکيون پسي آئيون رفيق جعفري

سوانح عمريون-آتم ڪهاڻيون ۽ خاڪا
188. هو ڏوٿي هو ڏينهن پير حسام الدين راشدي
189. جنب گذاريم جن سين جي. ايم. سيد
190. ويا سي وينجهار غلام محمد گرامي
191. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (آتم ڪٿا) ڊاڪٽر شمس عباسي
192. جهڙا گل گلاب جا (آتم ڪهاڻي) غلام رباني آگرو
193. سامي سفر هليا مخدوم غوث محمد مهر
194. آديسي اُٿي ويا (سوانح) ڊاڪٽر نواز علي شوق
195. ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر خان محمد پنهور
196. اڳي ايئن هياس فضل احمد بچاڻي
197. مارو جي ملير جا خادم حسين چانڊيو
198. سپريان سندي ڳالهڙي ممتاز مرزا
199. سدا سوئيتا ڪاپڙي ممتاز مرزا
200. وساريان نه وسرن ممتاز مرزا
201. ماءُ کاهوڙي هليا ناز سنائي
202. رچي جي ريٽو ٿيا ناز سنائي
203. ڏونگر جن ڏوريا ناز سنائي
204. ڏکيون جان نه مڙن (انٽرويو) ناز سنائي
205. موهيا ڪنهن نه مال حبيب الله ڏيرو
206. حاصل جنين حال (جي.ايم.سيد) آزاد قاضي
207. هوندا سي حيات خان محمد پنهور
208. ڪارون وس ڪيام سوز هالائي
209. هوندا سي حيات (سوانح) کٽياڻ موليٰ بخش
210. پرين جي پچار محمد موسيٰ ڀٽو
211. سکر سي ئي ڏينهن (آتم ڪهاڻي) محمد اسماعيل عرساڻي
212. ڏسي ڏوھ اکين سان (آتم ڪهاڻي) جمال ابڙو
213. اونهي ڳالھ اسرار جي (آتم ڪهاڻي) جمال ابڙو
214. ڍولي ڍڪي آهيان (آتم ڪهاڻي) جمال ابڙو
215. سيئي سڪان ساريان (آتم ڪهاڻي) اظهر گيلاني
216. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي) تاجل بيوَس
217. تان ڪي ڏونگر ڏوريان (آتم ڪٿا) محمد صادق ميمڻ
218. الا! ڏاهي مَ ٿيان فتاح هاليپوٽو
متفرقه موضوعن تي ڪتاب
219. ماڻڪ موتي لعل (مضمون) لعل چند امرڏنو مل
220. روح رهاڻ ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي
221. ساهڙ جا سينگار (خط) علامه آءِ. آءِ. قاضي
222. اڄ پڻ چڪيم چاڪ (خط) جي. ايم. سيد
223. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (مضمون) پير حسام الدين راشدي
224. ايڏو شان شعور (مضمون) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
225. ڪتين ڪَرَ موڙيا شيخ اياز
226. سر لوهيڙا ڳڀيا شيخ اياز
227. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي شيخ اياز
228. ڳچين سندا ڳچ (مضمون) ڊاڪٽر حميده کهڙو
229. ڏيئي ڏنڀ ڏڏن دادا سنڌي
230. تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي ڊاڪٽر سنتنداس جهانگياڻي
231. الا ڏاهي مَ ٿيان پوپٽي هيراننداڻي
232. چُرڻ چُڻڪن چت ۾ پوپٽي هيراننداڻي
233. جيڪي ڏٺو مون دادا گرداس واڌواڻي
234. ڪؤنر پاڙون پاتار ۾ ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي
235. نرتي تند نياز سين
ترتيب: (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو)
236. انڌا اونڌا ويڄ (تنقيد) رسول بخش پليجو
237. وهڻ مون نه وڙاءُ رسول بخش پليجو
238. رتيءَ جي رهاڻ (ترتيب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
239. منهنجي وَس واڪا ڪريم ڏنو راڄپر
240. جانب جو جمال (لطيفيات) اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت
241. سڏن مٿي سڏڙا علي احمد بروهي
242. ڳجھ ڳجهاندر ڳالهيون علي احمد بروهي
243. ڏيا تيل ڦليل جا علي احمد بروهي
244. امُلھ اڻ توريا فقير امداد علي سرائي
245. وڏي وٿ هيام سوڀو گيانچنداڻي
246. ڏونگر سي ڏورينديون (خط) ڊاڪٽر درِ شهوار سيد
247. قدم ڪاپڙين جا فقير امداد علي سرائي
248. پلئه پايو سچ (مضمون) علي نواز وفائي
249. رتيءَ جي رهاڻ (مضمون) علي نواز وفائي
250. نظارو نينهن جو ڪريم بخش خالد
251. وکر سو وهاءِ محبوب علي جوکيو
252. آڏو ٽَڪَرَ ٽَر عبدالواحد آريسر
253. نائي نيڻ نهار عبدالواحد آريسر
254. ڳچيءَ ڳانا لوھ عبدالواحد آريسر
255. سر جي صدا سُر ۾ عبدالواحد آريسر
256. هٿين هٿڪڙول (جيل ڊائري) طارق اشرف
257. ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن محمد حسين ڪاشف
258. اندر تون اُجار ترجمو: ديني ڪتاب
259. آديسي اُٿي ويا ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
260. حقيقت هن حال جي سليم ڀٽو
261. ھهڙا سيڻ سڌير (لطيفيات) سليم ڀٽو
262. جيڪي منجھ جهان يوسف سنڌي
263. توکي ساري ساھ ابن حيات پنهور
264. جهڙا گل گلاب جا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
265. اوجاڳي اجاريا (لطيفيات) ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
266. پائي پَٽَ ڪڻا ڊاڪٽر نور افروز خواجه
267. اگهيا سُٽ سندا (لطيفيات) ترتيب: ڊاڪٽر نور افروز
268. سون برابر سڳڙا ترتيب: ڊاڪٽر انور فگار
269. لامون تنهن وڻ سنديون ترتيب: آزاد قاضي
270. آيو ڄام تماچي (خط) ترتيب: آزاد قاضي
271. حاصل جَنين حال ترتيب: آزاد قاضي
272. ديسي سيڻ ڪجن ترتيب: تاج جويو
273. حسينيءَ جي هاڪ ترتيب: تاج جويو
274. واڄٽ ويراڳين جا (خط) ترتيب: تاج جويو
275. ڏاهيون ڏک ڏسن ترتيب: ڊاڪٽر گل
276. مڙيا مٿي مچ ترتيب: فقير محمد نظاماڻي
277. ڏيهاڻي ڏنڀ ڏين ڪريم بخش خالد
278. جر ٿر تک تنوار (لطيفيات) ترتيب: شمشير الحيدري
279. هو جي پهڻ پٻ جا مشتاق باگاڻي
280. کڙيا کٽڻهار غلام مرتضيٰ ڀٽي
281. واٽون ويھ ٿيون اضعف هالائي
282. پرچن شال پنهوار سهڙيندڙ: عرفان مهدي
283. فائق هليا فردوس ۾ حڪيم عبدالعزيز سرهندي
284. اندر تون اجار صاحبزاده علامه نعمت الله
285. سي آيتون آهن تقوي نعيم
286. جي منهنجو جن سين (خط) حڪيم خليفو عبدالحميد خان
287. سبحان تنهنجي صاحبي عبدالهادي ٿيٻو
288. نيئر منهنجو نينهن (ڊائري) اعجاز علي خواجه
289. جوڳيئڙا جهان ۾ (مقالا) جڳديش لڇاڻي
290. تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا جامي چانڊيو
291. وکُر سو وهاءِ (مضمون) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
292. مُلھ مهانگا سپرين (ادبي تاريخ) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
293. سونهان سڌيون ڏين (سوانح) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
294. جي پارکو پارس جا (لطيفيات) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
295. پلئه پايو سچ (مضمون) ڊاڪٽر پروين موسیٰ ميمڻ
متفرقه موضوعن تي مشتمل ٻيا لطيفي بيت
296. عالم سڀ آباد ڪرين (لطيفيات) ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
297. اٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد) ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
298. درد جو دارون (اڻ ڇپيل) ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
299. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (مضمون مقالا) ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
300. سدا وسين تون (مضمون) ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
301. ڪوڙين ڪايائون منظور قناصرو
302. آڇيندي لڄ مران لڇمڻ ڪومل
303. لهرن لک لباس نذير ناز
304. اديون عبدالطيف چي نذير ناز
305. پئي پراڻو نه ٿئي احسان لغاري
306. ڪوڙيين ڪن سلام رکيل مورائي
307. واجهائي وطن کي ناصر مورائي
308. جي گھاريا بند ۾ استاد نظاماڻي
309. محبت پائي من ۾ مخدوم جميل زمان
310. اُتر لڳا آءُ پرين مخدوم جميل زمان
311. رُوحَ رَچنديون مخدوم جميل زمان
312. پيهي منجھ پاتار ڊاڪٽر بشير احمد شاد
313. ڪيچان آيو قافلو وينا شرنگي
314. ماندي ٿي نه مارئي استاد بخاري
315. تون جنين جي تات محمد طالب پهنور
316. سَمنُڊ سُوجھيائون آزاد قاضي
317. سندي سِڪَ سپرين، (ناول) غلام رسول پرهياڙ
318. ڏونگر جن ڏوريا عبدالواحد آريسر
319. اک اُلٽي ڌار ايوب گاد
320. ٿيندو تن طبيب نذير ناز
321. تون ڇپر تون ڇانءُ وينا شرنگي
322. پاڻ سڃاڻج سپرين وينا شرنگي
323. وايون وڻجارن جون وينا شرنگي
324. سارنگ سار لهيج وينا شرنگي
325. جيڪي ڏٺو مون آغا سليم
326. دوست ڪهائي دادلا اظهر گيلاني
327. اندر جنين اڌ علي گوهر کهاوڙ
328. ڪپر ٿو ڪن ڪري علي گوهر کهاوڙ
329. گل ڇنو گرنار جو تاجل بيوس
330. جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا نواز زنئور
331. سنها ڀانءِ مَ سڀ حافظ انِ سبيل
332. چوٽا تيل چنبيليا مارو جمالي
333. تن سپون سوجھي ڪڍيون عبدالحئي پليجو
334. تنهن عشق کي شاباس ڪوثر ٻرڙو
335. سهائي سپرين جي ايوب گاد
336. مارو منهنجي مَنَ ۾ فقير غلام علي
337. جن جهونا ڳڙھ جلايو رسول بخش پليجو
338. ڪهڙي منجھ حساب ج.ع منگھاڻي
339. ڪُٺيس ڪُويڄن مبارڪ علي لاشاري
340. آهين تون ئي تون ناصر بلوچ
341. بهادر گڏيا بهادرين جي.ايم سيد
342. آئون جي اهائي ذات فاطمه الزهره
343. پردا سڀ پاسي ٿيا پروفيسر نورالصباح قاضي
344. قلم جنين جي هٿ ۾ (خاڪا) علي محمد درد سولنگي
345. آگم ڪيو اچن ڊاڪٽر نور افروز خواجه
346. مشڪ کٿوريءَ مڻ ڊاڪٽر نور افروز خواجه
347. اجھاميون ٻران (ناول) ظفر جوڻيجو
348. منهنجا ولڙين واس محمد علي دائود پوٽو
349. بري هن ڀنڀور ۾ ڊاڪٽر نسيمان
350. مون سي ڏٺا ماءُ کيمچند شرما
351. جيڪي منجھ جهان عبدالحئي پليجو
352. اندر جنين اڌ (مائي جندو بابت) شمس جعفراڻي
353. سامِيَن سَمَرُ سُورَ (ڊراما) محمد علي پٺاڻ

حڪايتن سان منسوب شاھ صاحب جا بيت
اهي عنوان جن جا بيت دستياب ٿي نه سگهيا آهن
شاھ جي بيتن مان منتخب نوان عنوان
ببليو گرافي
تبصرو مور ساگر
تبصرو آفاق صديقي (اردو)
سي.وي

مُهاڳ

ڪتاب دوستي، انسان جي زندگيءَ جو اهم شغل آهي. هن ۾ فائدو ئي فائدو آهي. ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ شعور کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو. محترمه پروين موسى پنهنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو به پرايو ته شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنهنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا ته شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنهنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي.
موجوده ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنى آهي ته هن ۾ سنڌي ادب جي اُنهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري به آهي ته رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي ته ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي به داد ڏيڻو پوي ٿو. انهن تڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسى پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ڪونهي، شاھ جو رسالو اهڙي علمي پالوٽ ۽ بيحد عميق آهي جو ان جي لهرن جا لک لباس آهن. موجوده ڪتاب جي اهميت اها آهي جو اهو پڙهندڙن سان گڏ سهيڙيندڙ جي ذهن جا گوشا به روشن ڪندو. آءٌ هن ڪاوش لاءِ کيس مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته هوءَ سنڌي ادب جي مختلف پهلوئن جو اڃان به وڌيڪ اڀياس ڪندي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
بدين

ٻه اکر

محترمه پروين موسىٰ ميمڻ جو هي ڪتاب ”آديِسيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِيَنِ ۾“، هڪ بنھ منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي، جنهن ڏانهن اڳ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. مون پاڻ به جڏهن پهرين اهو ڏٺو ته سوچيم ته اها ڪهڙي ريسرچ آهي ۽ ان جو پڙهندڙن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو! پر پوءِ جيئن جيئن ڪتاب پڙهندي ويس ته محسوس ڪيم ته ان ڪم کي ليکڪا ڪيترن ئي پهلوئن کان هٿ ۾ کنيو آهي. هن سنڌي تخليقڪارن جي تخليقي ڪاوش پٺيان ڪنهن نه ڪنهن ريت شاھ جو اثر محسوس ڪرايو آهي، پوءِ اهو عنوان جي صورت ۾ هجي، موضوع جي صورت ۾ يا بيتن جي سٽن جو جمالياتي استعمال هجي. شاھ صاحب هونءَ ئي سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن، ۾ مقبول آهي، سندن دلين ۾ رهي ٿو، جذبن، احساسن جي ترجماني ڪري ٿو ۽ سندن روزمره جي محاوري ۾ هن جا خلقيل ٻول چوڻين ۽ اصطلاحن جي صورت ۾ استعمال ٿيندا رهن ٿا، جيڪا ڳالھ ثابت ڪري ٿي ته شاھ سنڌين جي سائيڪيءَ جو حصو بنجي چڪو آهي. اها ڳالھ ته ٿي عام ماڻهن جي پر، جيڪي اديب آهن، عالم، دانشور ۽ فنڪار آهن، انهن وٽ شاھ جي اهميت اڃا ئي ٻي آهي. عام ماڻهو جيڪڏهن شاھ جي عوامي محاوري ۾ پيش ڪيل زندگيءَ جا معاملا ۽ مسئلا پڙهن، ٻڌن ٿا، سندن عشقيه داستانن تي ٻڌل شاعريءَ مان حظ حاصل ڪن ٿا يا نصيحت، ڪو درس حاصل ڪن ٿا ته عقل ۽ ڏاهپ وارا تخليقڪار ساڳئي ڪلام ۾ موجود علامتن، استعارن، تمثيلن ۽ علم ۽ عقل وارن نڪتن مان ڪيئي معنى جا املھ ماڻڪ حاصل ڪن ٿا. مون کي ته ايئن لڳندو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر قسم جي تخليقي ڪاوش جو سرچشمو شاھ آهي. سندس ڪلام انهن ڏاهن ڏات ڌڻين جي لاءِ وڏو اتساھ (Inspiration) آهي، جنهن جي ڇاپ هر قسم جي شاعريءَ تي آهي. هر ناول هر ڪهاڻيءَ ۾ سندس ڪانه ڪا ڳالھ ضرور شامل آهي. شاھ جو رسالو محض هڪ ڪتاب ڪونهي، محض بيت، شاعري يا محض خوبصورت ٻول ڪونهي، بلڪه اهو سنڌين جي رت ۾ تحليل ٿيل هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو نه صرف پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻيهر جيارڻ جو سبب بڻيو بلڪه کانئس پوءِ وارن نسلن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪڻ جو باعث بڻيو... شاھ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جو نشانبر آهي.
جيڪڏهن ڪنهن مضمون، شعر يا ڪتاب ۾ سندس بيت ڪنهن ڳالھ جي وضاحت لا استعمال ٿيل آهي، ته اهو به ثابت ڪري ٿو ته لکندڙ جي ذهن ۾ جيڪو خيال آهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان ڀٽائيءَ جي حوالي جو محتاج آهي ۽ جيڪڏهن مضمون يا ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو حوالو ڪونهي، ڪو بيت ڪونهي ۽ صرف عنوان شاھ جي رسالي مان کنيل آهي ته به چئبو ته ليکڪَ جي ذهن ۾ جيڪو Concept سندس تخليق جو سبب بڻيو سو سمورو شاھ کان متاثر ٿيل آهي، ڇاڪاڻ جو عنوان دراصل لکڻيءَ جي جسم مٿان ان جو چهرو هوندو آهي، جنهن جي آئيني ۾ ان جو اندر پيو بکندو آهي... سو مختلف ليکڪن جي عنوانن ۾ سندن لکڻيءَ جو عڪس ڏسي سگھبو آهي.
انهيءَ لحاظ کان هي ڪتاب ڪارائتو آهي ته هن ۾ ٽِن سؤ ڪتابن جي عنوانن جي ببليوگرافي به آهي. انهن جي اندر موجود موضوعن ۽ مواد جي به ڏسڻي آهي ته گڏوگڏ شاھ جي بيتن کي سمجھڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي تي استعمال ڪرڻ جو ڏس به ڏنل آهي. هيءَ هڪ سٺي ڪاوش آهي، جنهن سان شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر فهميده حسين
۲۰۰۷ـ۱۱ـ۲۸

آديِسيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِينِ ۾

پروين، محمد موسىٰ ميمڻ جي گھر ۲۰ نومبر ۱۹۵۸ع تي ڏيپلي ۾ پيدا ٿي، هن ۱۹۸۸ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم.اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيو. هوءَ ۱۹۹۱ع ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، هن وقت ايم.بي اينڊ جي.ايف گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائي رهي آهي.
پروين هڪ ذهين عورت آهي هوءَ تدريسي ڪم ڪرڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو ڪم به جاري رکندي اچي. اسان وٽ اڪثر عورتون شادي ڪرڻ، ٻارن کي پالڻ ۽ گھر جي ڪم ڪار ۾ ايتريون مصروف ٿي وينديون آهن، جو انهن کان لکڻ پڙهڻ وسري ويندو آهي. هن وقت به چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون بچيون آهن، جيڪي پنهنجي تدريسي ڪم سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق رکن ٿيون، اُنهن ۾ پروين به شامل آهي. آئون پروين کي چوندي آهيان ته، ”تون تڪڙي آهين“، پر هوءَ واقعي تڙ تڪڙ ۾ سٺا ڪم ڪري ٿي وڃي، هن کي شابس آهي، جو هن وقت تائين ڇھ ڪتاب لکيا اٿس ۽ ٻيا لکي رهي آهي. سندس تيار ٿيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ۲۰۰۴ع ۾ روشني پبليڪيشن، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۲۰۰۸ع ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن شايع ڪيا آهن ۽ ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“ هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي. ”وکر سو وهاءِ“ (مضمون نويسي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن مان بي.اي جي نصاب لاءِ منظور ٿي چڪو آهي جو ۲۰۰۹ع ڌاري شايع ٿيندو.
”جي پارکو پارس جا“ لطيفيات جي موضوع تي ۽ ”سونهان سُڌيون ڏين“ (محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون“ ڪمپوزنگ تي آهن، جيڪي به جلد ئي پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ ويندا. انهيءَ کان علاوه هوءَ ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو“، جي موضوع تي، سنڌي شعبي ۾، پي.ايڇ.ڊي ڪري رهي آهي. سندس پهريون سيمينار ڪامياب ٿي چڪو آهي، هن تحقيق ۾ هوءَ سنڌي ادب جي نثري صنفن ناول، ڊراما، افسانا، سفرناما، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خط، ڊائريون ۽ ڪالم وغيره ۾ عورتن جي لکڻين جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪندي، سنڌيءَ ۾ انهيءَ موضوع تي اڳ ۾ ڪنهن به ڪم مڪمل نه ڪيو آهي. انشاءَالله هيءَ انهيءَ موضوع تي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪندي.
پروين پنهنجين لکڻين جا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هن کي شاھ لطيف سان خاص عقيدت آهي، جنهنڪري هوءَ لطيف سائين جي رسالي مان ڪونه ڪو موضوع چونڊي کڻي ٿي.
پروين جي هن ڪتاب ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“ جو ٽائيٽل سندس ٻين ڪتابن وانگر شاھ جي بيت مان چونڊي رکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هن جو خاص ۽ اهم ڪم جيڪو جاکوڙ وارو ۽ محنت وارو آهي، سو اهو ته هن سنڌي ادب جي لکيل مختلف ڪتابن، جيڪي شاعري، ناول، افسانن، ڊراما، ڪهاڻيون، سفرنامن، سوانح عمرين، آتم ڪهاڻين، مضمونن، مقالن، ڪالمن، ڊائرين، تحقيقي، تنقيدي، تاثر، اخلاقيات، لطيفيات، انٽرويوز ۽ ٻين موضوعن تي لکيل آهن، انهن ڪتابن جي عنوان کي فوڪس ڪيو آهي. جن ۾ شاھ جي ڪلام جي ڪانه ڪا سٽ کڻي عنوان رکيا ويا آهن، کي پيش ڪندي انهيءَ ۾ هن ٽائيٽل سان گڏ شاھ جي رسالي مان اهو بيت، ان جو داستان ۽ بيت نمبر رسالو وغيره به ڏنا آهن، اهڙيءَ ريت ٽي سؤ کان مٿي ڪتابن جو وچور ڌنو اٿس. ان کان سواءِ ڪجھ حڪايتون به پيش ڪيون اٿس، اهو ڪم تمام ڏکيو آهي، جو پهرين انهيءَ صنف جا اهي ڪتاب جن جا ٽائيٽل شاھ جي بيتن مان چونڊيل آهن، اُهي ڳولهي هٿ ڪيا وڃن ۽ ٻيو ته شاھ جي ڪلام مان اهي بيت چونڊي پيش ڪجن، اهو وڏيءَ همت ۽ جاکوڙ جو ڪم آهي. ان کان سواءِ سندس وڏو ڪم جنهن ۾ هن شاھ جي ڪلام جي سٽن مان ڪجھ اهڙا عنوان چونڊي ڪڍيا آهن، جن سان لکندڙ فائدو وٺي پنهنجي لکيل ڪتابن جي موضوع مطابق اهي نالا رکي سگھن ٿا ۽ آخر ۾ ببليوگرافي به ڏني آهي، جيڪا به نئين تحقيق جي اصولن مطابق الفابيٽيڪل تيار ڪئي اٿس.
پروين جي ايترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هوءَ ادب سان ڪيترو چاھ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي. منهنجي دعا آهي ته خدا پاڪ کيس سندس انهيءَ مقصد ۾ ڪاميابي عطا ڪري، انشاءَالله سندس جاکوڙ هلندي رهندي ۽ هوءَ لکندي رهندي. (آمين)

پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه
شعبو سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
10-11-2008

خوشي ٿي اٿم ته پروين هن ڪتاب ۾ واڌارا ڪري ٽيون ڊجيٽل ڇاپو آندو آهي. هن 2012ع ۾ منهنجي نگرانيءَ ۾ PhD مڪمل ڪئي ۽ 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪاليج ايجوڪيشن مان رٽائر ٿي آهي. پر هوءَ ورچي ويهڻ وارن مان نه آهي. مون کي پنهنجي هن شاگردياڻيءَ جي ڪم تي خوشي ۽ فخر آهي هيستائين سندس 14 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ته 8 ڪتاب اڻ ڇپيل ۽ مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهن. هوءَ سنڌي ادب جي مستقل ۽ مسلسل ڪم ڪندڙ استاد ۽ ليکڪا آهي. خدا پاڪ کيس صحت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏي. آمين.

ڊاڪٽر نور افروز خواجه
4-11-2020

مقدمو

سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي انهن سدا حيات ٻولين جي گروھ مان ٿئي ٿو جيڪي صدين کان قائم ۽ دائم رهنديون اچن. سنڌ صوبي ۽ سنڌ واسين جي صڃاڻپ ۽ هن مٺيءَ ۽ سلوڻي ٻوليءَ جي ڪري آهي. هن عظيم ٻوليءَ جا سڄاڻ ۽ ساڃهاوند ئي سنڌي قوم جا محسن آهن. جن هن ٻوليءَ کي جيئاريو ۽ اجاريو آهي. بخاري صاحب جي چواڻيءَ ته،
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو. (1)
سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي عام ۽ خاص تائين پهچائڻ ۾ جيڪو ساٿ هن ڌرتيءَ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ڏنو آهي، انهيءَ جو قرض هن ڌرتيءَ جا واسي ڪڏهن به لاهي نه سگهندا. جنهن ۾ ڪجھ شخصيتون اهڙيون غير معمولي رهيون آهن. جن جي ڄاڻ، فهم، فن ۽ فڪر جي ادراڪ جي خوشبوءَ سان هيءُ خطو سالن کان واسيل آهي ۽ واسبو رهندو اچي.
سنڌ ادب جي نظمي حصي جي پرک ڪبي ته معلوم ٿيندو ته حضرت شاھ عبداطيف ڀٽائيرح هن سرزمين جو اهو سپوت هو، جنهن نه فقط سنڌي شاعريءَ کي مثالي سونهن ڏني، بلڪه ان کي هڪ اهڙي مستقل حيثيت عطا ڪئي جو سندس نالو ڏيھ ۽ پرڏيھ وڏي فخر، مان ۽ شان سان ورتو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هو شعر جي ڏات جو شهنشاھ هئڻ سان گڏ سنڌ واسين جو ساھ ۽ ويساھ آهي، جنهن سان هن قوم کي تمام گھڻي عقيدت آهي، جنهن جو اظهار هو وقت به وقت ڪندا رهندا آهن.
سندس نينهن ڀرئي نياپي کي، ساھ سان سانڍيندي، نسل در نسل سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن ۽ سمجھندڙن کي شاھ جي ڪلام جو گھڻو ڀاڱو ياد آهي ۽ اهو پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ انهيءَ جو عام جام استعمال ڪندا آهن. اسان ڏسنداسين ته ڪيترائي شاھ جا بيت يا ڪجھ سٽون، ماڻهو موقعي محل تي محفلن ۾ جھونگاريندا ۽ بيان ڪندا آهن. شاھ صاحب جي ڪيترن ئي بيتن جون سٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن يا ضرب المثل طور هلندڙ آهن. جيئن مثال طور: ”ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور اوڏا سپرين“، ”وَکَرِ سو وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“، ”ايءَ نه مارون ريت جيئن سيڻ مٽائين سون سين“، ”ڏاتار تون ٻيا مڙيئي مڱڻا“، ”اگھيو ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي“، ”ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“، ”جي گھڙيا سي چڙهيا“، ”لکيو لوح قلم“ ۽ ٻيا مثال آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جي ڪلام جي سٽن مان ڪيترائي اصطلاح ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن.
”شاھ عبدالطيف جي ڪلام جو سنڌ وارن جي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ قرآن شريف کان پوءِ ٻئي نمبر تي، شاھ جو رسالو پڙهيو وڃي ٿو ۽ سنڌ واسين کي شاھ جو ڪلام قرآن شريف جي آيتن وانگر ياد آهي. مسجد جو پيش امام نماز پوري ڪرڻ کان پوءِ دعا ۾ شاھ جا بيت جھونگاريندو آهي ماڻهو شاديءَ جي دعوت نامن ۾ شاھ جا بيت لکندا آهن، قبرن جا ڪتبا شاھ جي بيتن سان سينگاريا ويندا آهن، اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪتابن جا نالا شاھ جي ڪلام مان چونڊيندا آهن.“ (۳) ”انهيءَ پيار ۽ عقيدت جو بنيادي سبب اهو آهي ته شاھ جي رسالي جي هر سر ۾ سنڌ جي ڄاڻ، اُٿي ويٺي، مجاز، همت ۽ مڙسيءَ جا سبق سمايل آهن. اهو گنج ڌڻي پنهنجي ڪلام مان هر پڙهئي لکئي، سالڪ ۽ صوفي توڙي عام ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي، پنهنجي مقدار ۽ فهم آهر پيو نوازي“. (۴)
اهڙي حاصل ٿيل روحاني ۽ ذهني وابستگيءَ ۽ حُب جو علمي ثبوت اديبن، شاعرن، عالمن ۽ دانشورن پنهنجين لکڻين ۾ ڏنو آهي. انهن سڄاڻن ۽ سمجھوئن شاھ صاحب جي ڪلام کي پرکيو پڙهيو ۽ هينئين سين هنڊايو ته آهي پر گڏوگڏ پنهنجي عقيدت جو اظهار طور ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجي تخليقي سرچشمن ۽ تحقيقي ڪاوشن ۾ سندس ڪلام جي اثرانگيزي کي قلم معرفت عام تائين آڻڻ لاءِ پنهنجين لکڻين جي عنوان ۾ آندو آهي ته، جيئن هُو انهيءَ عنوان وسيلي پنهنجو مدعا ۽ مقصد ماڻهن ڏي منتقل ڪن جنهن ۾ سندن شعوري ڪوشش مطابق انهيءَ عنوان جومعنوي طور تحرير سان لاڳاپو ظاهر ڪرڻ پڻ آهي. يعني هو سڌيءَ طرح جيڪي بيان ڪرڻ چاهين ٿا انهيءَ کي شاھ صاحب جي بيتن جي استعمال سان وڌيڪ پُر اثر ڪري پيش ڪن ٿا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن تحرير جي مقصديت شاھ صاحب جي پيغام سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ اظهار لاءِ هُنن پنهنجي مقالن، مضمونن، ناولن، افسانن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، ناٽڪن، سوانح عمرين، آتم ڪهاڻين، شاعريءَ جي مجموعن ۽ ٻين انيڪ ڪتابن جا عنوان شاھ جي بيتن مان چونڊيا آهن. جيڪڏهن سنڌي نثر و نظم جي هيل تائين جي ڇپيل ڪتابن جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿيئي ٿو لطيفيات جي عنوانن تي مشتمل ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج سئو جي قريب ٿي ويندو يا انهيءَ کان به مٿي. شاھ صاحب جي بيتن مان سرجيل عنوانن وارا اهي ادبي فن پارا نه فقط مقبول ٿيا. پر اهي ڪتاب لطيفيات جي عنوانن جي حوالي سان هڪ خاص حيثيت به رکن ٿا.
سنڌي ادب جي ڪتابن جي هِنَ مَدَ ۾ پرک ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي وقت (۱۶۸۹-۱۷۵۲) کي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته انهيءَ دور جا ڪتاب گھڻي ڀاڱي تاريخ، مضمون نويسي، تفسير، قرآن شريف، نظم، ديوان، مثنوي ۽ موضوعن تي ملن ٿا جن جا موضوع مضمون جي مناسبت سان رٿيل آهن. جيئن: ”فرائض الاسلام“، ”زادالفقير“، ”آئينِ اڪبري“، ”تاريخِ طاهري“، ”تحفته الڪرام“، ”تاريخِ معصومي“، ”روضته السلاطين“، ”فتح نامو“، ”تفسير شيخ رحمته الله“، ”شرح مشڪواته“، ”مثنوي نازو نياز“، ”انشاي ابو الفضل“، ”انشاي فيض“، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. جن جا عنوان به عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. هن دور ۾ سنڌي نظم ۾ ”نظم نما نثر“ جي ڪتابن جا عنوان به موضوعن مطابق رٿيل آهن.
سنڌي نثر جي باقائده طور شروعات قرآن پاڪ سنڌي تحت الفظ ترجمي سان شمار ٿئي ٿي. ”جيڪو ٽالپورن جي دور جي وڏي عالم استاد آخوند عزيزالله (بن قاضي محمد ذاڪر بن حافظ محمد صديق) ڪيو. هيءُ ترجمو نثر جي سٽاءُ ۽ معنیٰ جي لحاظ سان ڪافي سليس نظر اچي ٿو“ (۵). انهيءَ کان پوءِ ئي سنڌي نثر جا ڪتاب جھوني سنڌي صورتخطي ۾ ليٿو ۾ لکيل ملن ٿا. جن جا عنوان پڻ عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن ۾ گھڻا تڻا ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ مان سنڌي ترجمي تي مشتمل آهن ته ڪجھ طبعزاد پڻ آهن.
برطانوي حڪومت جي سنڌي آئيويٽا مقرر ڪرڻ کان پوءِ سرڪار طرفان هڪدم سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ طرف ڌيان ڌريو ويو. مختلف ٻولين جي ڪتابن جا ترجما ڪرايا ويا. جن ۾ خاص طور انگريزي، عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين مان ترجما ٿيا. مجموعي طور سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ مضمونن ۽ عنوانن جي لحاظ کان وڏي وسعت آئي. پر هن دور جي ڪتابن جا عنوان موضوع مطابق رهيا يا جيڪڏهن ترجما ٿيا ته ساڳئي ئي عنوان سان جيئن ”راسيلاس“، ”گليور جو سير ۽ سفر“ وغيره.
انگريز دور جي عالمن ۽ اديبن ۾ مسلمان توڻي هندو ليکڪن جي گھڻن ڪتابن جا عنوان عربي ۽ فارسي نموني تي رکيل آهن. معنیٰ ته جيڪو پراڻو رواج (TREND) هلندو پئي آيو، انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪيو ويو ۽ ڪجھ ڪتابن جا هندي نموني سان به عنوان آهن. هيٺ هن دور جي چند ڪتابن جا عنوان ڏجن ٿا.

عربي ۽ فارسي طرز جا عنوان
”مفيد الطالبين“، ”مفتاح القلب“، ”ڪاشف الغموض“، ”جواهر الغات“، ”طوطي نامو“، ”سوداءِ خيام“، ”رمل مفتاح الرمل“، ”منتخب المعلومات“، ”مجمع المذهب“، ”ڪشفِ اعجاز“، ”مطلع الانوار“، ”مثنوي مخزن الاسرار“، ”خزينه زرينه فارسي“، ”ضمنان الفردوس“، ”ردِ تثليث“، ”اشعار القرآن“، ”مقالات الانبياء“، ”مقالات الحڪمت“، ”حقائق الارواح“، ”تهذيب الاخلاق“، ”حشرات الارض“، ”اسرارِ حڪمت“، ”ابڪارالافڪار“، ”مخزن الاقوامي“، ”اڪسيرالاحمر في اسرالجفر“، ”تحفته السلام“، ”فرهنگ طب“، ”دووايو“، ”انشاي خادمي“، ”فوائد المبتدي“، ”شمس الغات“، ”حرزالبنياد“، ”شرح قانون“، ”جامِ جم“، ”رباعيات عمر خيام“، ”تذڪرته الايمان“، ”حيات النبي“، ”آفتاب ادب“، ”مقدمهءِ لطف“، ”حيدرِ ڪرار“، ”فتوح الغيب“، ”لطف الطيف“، ”گلشن بهار“، ”غريب الغات“، ”منهاج المومنين“، ”سيدتةِ النساء“، ”مهناج العاشقين“، ”شرح الطيفي“، ”گلزار چنبيلي“، ”اخلاق محسٰني“، ”منازلِ مسافر“، ”منتخب المضامين“، ”درسِ عمل“، ”جرمِ وفا“، ”صراط المستقيم“، ”ارشاد الامام“، ”آئينهءِ مخزن“، ”گل شڪر“، ”تفسير فاتح الڪتاب“ ۽ ٻيا شامل آهن.


هندي نموني جا عنوان
”آڪاس نروار“، ”سنساري نروار“، ”هري درشن“، ”ڦول مالا“، ”ڀڄن مالا“، ”ساوتري“، ”رتناولي“، ”آريه ناري“، ”گيتا جو سار“، ”آتمڪ امرت“، ”ستگر جي چرنن ۾“، ”اپنشو گيان“، ”پرلوڪ مان پيغام“، ”ٻال هٿيار“، ”پورب جوتي“، ”سناتن ڌرن“، ”درو ڀڳت“، ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“، ”جيئري تي جيئري يا دکايل ديوي“، ”چرتر سينگار“، ”ودوان ناريون“، ”سماجڪ بلوو“، ”سورجن راڌا“، ”ڪوڙو ڪلنڪ“، ”پاپ جو ڪيتو“، ”گيتانجلي“، ”پورب سنديش“، ”پريمي پتنگ“، ”دورنگي دنيا“، ”جيون چرتر“، ”هندو سنسار“ ۽ ٻيا هن نموني جا عنوان شامل آهن.
انهيءَ کان سواءِ سنڌ جا ڏيهي لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ساڳين ئي عنوانن سان ڇاپيا ويا. جيئن ”ڪاسمين ڪامروپ جو قصو“، ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“، ”عمر مارئي“، ”مهر منير“، ”قصو دلو راءِ“، ”قصو سسئي پنهون“ وغيره.
۱۹۴۸ کان اڳ پرڏيهي ادب مان ڪجھ نيون صنفون سنڌي ادب ۾ داخل ٿيون، جيئن ناول، افسانو، مضمون وغيره. آهستي آهستي جڏهن سنڌيءَ ۾ گھڻا ڪتاب نون موضوعن تي لکجڻ لڳا تڏهن ڏيهي ٻوليءَ جي عنوانن جڳھ حاصل ڪئي. جيئن ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“، ”سون ورنيون دليون“، ”سهاڳڻ“، ”غريبن جو ورثو“، ”جھان آرا“، ”زينت“، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“، ”هيرا جواهر“، ”ماڻڪ موتي“، ”سرد آهون“، ”پرھ ڦٽي“، ”مرڪندڙ اکيون“، ”پوڙهي جو پرڻو“، ”بد نصيب ٿري“، ”لوڀي لاکيڻا“، ”خوني“، ”پنهل کان پوءِ“، ”سفيد وحشي“، ”گمراھ دوست“، ”گلدستو“، ”گل ڦل“، ”گلن مٺ“، ”سدا گلاب“، ”ڏاڙهياري جبل جو سير“، ”مسافريءَ جو مزو“، ”شاهاڻو شاھ“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مٿئين تهميد مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ جي لکيل ڪتابن جا عنوان لطيفي بيتن مان ڪجھ قدر گھٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا بلڪ نه هئڻ جي برابر آهن، پر خاص طور ورهاڱي کان پوءِ اهو رجحان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويو آهي. جيڪو موجوده وقت ۾ پنهنجي ڪمال تي آهي.
شاھ صاحب جي بيتن مان عنوان چونڊڻ جو رواج افسانن، مضمونن، مقالن، ڪالمن، ايڊيٽوريلن، تاثر ۽ اوسار جي ليکن مان پيو. جيڪي گھڻي تعداد ۾ ملندا انهن مان چند جو وچور هن ريت آهي.

شاھ لطيف جي بيتن مان چونڊيل افسانن جا عنوان:
”ڀؤئرڀري آڪاس“ عبيد راشدي، ”هينئڙو ڪچيءَ تند جيئن“ مدد علي سنڌي، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ حفيظ شيخ، ”گل ڇنو گرنارجو“ آغا سليم، ”نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾“ مراد علي مرزا، ”تون جنين جي تانگھ“ مس مهتاب چنا، ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”راڻا جي رجپوت“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”آڻي ڏنائون هيرو لعل هٿن سين“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”پاڙي ناھ پروڙ“ حميد سنڌي، ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ شعبان بخت، ”ڪنهن سان سور سليان“ الاهي بخش دودا پوري، ”سکر سي ئي ڏينهن“، ”تنهنجي تند تنوار“ سراج ميمڻ، ”هوندا سي حيات“، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ غلام رباني آگرو، ”سڌ نه سورن جي“ بيدل مسرور بدوي، ”ڀينر آئون ڀلياس“ محمد جي ابڙو، ”منڌ ٻوڙيو مهراڻ“ منصور ويراڳي، ”پنهون ٿيس پاڻ“ الهبچايو لغاري، ”عاشق زهر پياڪ“ علي بابا، ”تون پارس آئون لوھ“ بيگم زينت عبدالله، ”توڙي حب نه هوءِ“، ”ڪتيم ڪين ڪي“، ”پلئه پايو سچ“، ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“، ”پتنگ چايين پاڻ کي“ ثميره زرين، ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“ ماهتاب محبوب، ”مُڪي رو مَ رڙڪي“، ”هڪ سسئي ٻيا سور“ رشيده حجاب، ”جڙ جنين جي جان ۾“ جيجي زرينه بلوچ، ”سڙي سارو ڏينهن“ نذير ناز، ”مٺ مٺ سورن جي“ فريده مغل ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا شامل آهن.

لطيفيات مان چونڊيل عنوانن تي مشتمل
مضمون، مقالا، ڪالم، اوسار، تاثر ۽ ايڊيٽوريلز
”ههڙا هاڃا ٿين“ لطف الله بدوي، ”تون هين تون“ نور احمد پرويز ڀٽي، ”ٿڌي مٽي ٿر جي“ لجپت راءِ آرجگرو، ”جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن“ پير سعيد حسن، ”سسئي جا سور“ حافظ محمد احسن، ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“، ”ڏک سکن جي سونهن“، ”جيئن سو هرڻ هُماءُ سرگردان سنسار ۾“، ”سسئي سڄي سڪ ته پڻ سڪ سسئي“ ڪشنچند عزيز، ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“ پير حسام الدين راشدي، ”سر سوري ڌڙ ڪنڱرين“ ضياءالدين بلبل، ”عاشق عزازيل ٻيا سڀ سڌڙيا“ علامه غلام مصطفیٰ قاسمي، ”ڪوڙين ڪن سلام“ ڪريم بخش خالد، ”ويا سي وينجھار“ منگهارام ملڪاڻي، ”جي تو بيت ڀانيان“ ڪلياڻ آڏواڻي، ”تون ڪا ڪاني پاءِ“ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ“ سائين جي.ايم سيد، ”جيڪس ويا جبروت“ محمد ابراهيم جويو، ”تو جي بيت ڀانيان“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”ماڻهو سڀئي نه سهڻا“ دادا رام پنجواڻي، ”ابر ۾ اهاءُ ٿيو“ شيخ اياز، ”سامور نه مرڪي ماڙئين“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”تون پارس آئون لوھ“، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حامي هادي هاشمي“، ”آهينم ڳالهڙيون ماءِ“، ”هيري هٿ وڌائين“، ”تهڙو ڪينجھر ۾ ڪو ڪين ٻيو جهڙي سونهن سندياس“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”تن جي تنوار“ ميان گلزار احمد، ”وهڻ مون نه وڙاء“، ”اڄ پڻ آڳڙيا آيا“ رسول بخش پليجو، ”ڇڄ مَ قطاران“، ”سکر سي ئي ڏينهن“ عبدالواحد آريسر، ”اکڙيون پرينءَ ريءَ“ عنايت بلوچ، نظارو نينهن جو“ ڪريم بخش خالد، ”منڌ ٻوڙيو مهراڻ“ لعل بخش ٽالپر، ”واڪو هڏ مَ لاھ“ احمد خان مسڪين، ”مفتي منجھ ويهار“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”متو آهين مچ“، ”جي ڀانيين جوڳي ٿيان“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”هو چونئي تون مَ چئو“ شيخ عبدالحليم جوش، ”ساڄن سڀنئان سهڻو“ فقير امداد علي سرائي، ”سڙي سارو ڏينهن“ شمس الدين سرڪي، ”آديسي اٿي ويا“ غلام رباني آگرو، ”هلو هلو ڪاڪ تڙين“ ابن الياس سومرو، ”من اندر جا لوچ“ ظفر حسن، ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“، ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان“، ”نيومن لائين پريان سندي پار ڏي“ نياز همايوني، ”اکڙين پرينءَ ڏي“ محمد علي حداد، ”آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين“ مولانا غلام محمد گرامي، ”جيڪي منجھ جهان“ طارق اشرف (سهڻي مخزن)، ”وساريان نه وسرن“ ممتاز مرزا، ”ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جيئن“، هري موٽواڻي، ”ڇپرڇاٽون مُڪيون“ انور ساگر ڪانڌڙو، ”نئون نياپو آيو“ غلام حسين مشتاق سچاروي، ”جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج“ پروفيسر درگاهي ميراڻي، ”وڃين ڇو وڻڪار“ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ طارق عالم، ”الا اچن اوءِ“ وسيم سومرو، ”وکر سو وهاءِ“ امداد حسيني، ”سونهان سڌيون ڏين“ مهدي شاھ، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“ شازيه سفير پتافي، ”سون ساريڪا هٿڙا“ رابيلا حميد، ”ماڻهو سڀ نه سهڻا“، ”هڪ سسئي ٻيا سور“، ”هوندا سي حيات“، ”ويا جي هنگلور“ ماهتاب محبوب، ”ستا اٿي جاڳ“ علي احمد بروهي، ”ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙھ سنڀايا“ پريتم پياسي، ”لاهوتي لنگهي ويا“ اياز لطيف دايو، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ“ اياز علي زنئور، ”ڪانڌي ڪنگ ٿياس“علي مير شاھ، ، ”کاڄ جنين جو ککيون“ شيخ نياز، ”سامي سج وڙا“ مراد علي مرزا، ”نئون نياپو آيو راڻي ملان رات“، ”سورن ساڻ مَ ڇن“، ”ڪنڌيءَ ڪؤنرترن“، ويٺي ويڄن وٽ“، ”ليلا ڇڏ ليهور“، ”کٿيءَ وٽيون کٿيون“ محمد حسين ڪاشف، ”وڃڻ تت پيوم جت هلڻ ناھ حُسن ريءَ“ غلام شبير، ”اچيو آتڻ ان جي“ نصرالله خان، ”ڳاڙهيندين ڳوڙها“ رحيم بخش قمر. ”حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو“، ”هو چونئي تون مَ چئو“، ”مفتي منجھ ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين“، ”اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ“، پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا“، ”پنهون ٿيس پاڻ تان سسئيءَ تان سورهئا“، ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن“، ”مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات“، ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ بوءِ اچي بهار جي“ پروين موسیٰ ميمڻ، ”هي ليک نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، سهڻي مخزن، روح رهاڻ، لطيف ڊائجسٽ، ڦليلي مخزن، ڪينجھر، ڪلاچي ۽ ٻين مخزنن کان علاوه ليکڪن جي ذاتي ڪتابن ۾ آيل آهن، ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا، تاثر، اوسار، ڊائرين جا ورق، افسانن جا عنوان، هن ڏس ۾ ڏَسي سگهجن ٿا، (هتي طوالت کان بچاءُ سبب چند جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي وئي آهي).

حوالا
۱) استاد بخاري، ”پير نه هٽن پوئتي“، صہ-۱۳۰، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۲ع.
۲) قادري، اياز ڊاڪٽر، ”مون مطالع سپرين“، صہ-۲۰، شاھ عبدالطيف ڪلچرل سوسائٽي، ۱۹۹۵ع۔
۳) مرزا ممتاز، (گنج جو مھاڳ) ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“، صہ-۲۷۳، روشني پبليڪيشن.
۴) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، صہ-۴۲۸، ۴۲۹، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، ۱۹۹۹ع.

ڪجھ ڪتاب جي باري ۾

هيءُ ڪتاب لطيفيات جي فن ۽ فڪر جي واڌاري لاءِ هڪ ادنيٰ ڪوشش آهي. جنهن جو خاص مقصد آهي ته نئين نسل کي شاھ صاحب جي بيتن سان واقفيت ٿئي ۽ ايندڙ ليکڪن لاءِ لطيفيات مان ڪتابن جي عنوان چونڊڻ جو رواج وڌيڪ عمل ۾ اچي. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ سنڌي ادب جا شوقين شاھ جي رسالي جو وڌيڪ مطالعو ڪري نوان نوان عنوان پيش ڪندا ۽ عنوانن جو ورجاءُ نه ٿيندو ۽ هن فن ۾ وسعت ايندي.
جيئن ته ڪيترن ئي نثر ۽ نظم جي ڪتابن جا عنوان پنهنجي موضوع جي مناسبت سان شاھ صاحب جي ڪلام جي سٽن تان سرجيل آهن. جن جو تعداد منهنجي ناقص راءِ موجب پنج سؤ کان مٿي ٿي سگهي ٿو. پر هيستائين مون تمام گهڻي محنت سان مختلف ادبي تاريخن، ببليوگرافين ۽ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن ۽ مختلف ادارن جي ڇپيل فهرستن مان اهڙن ٽن سؤ کن ڪتابن جو وچور ٺاهيو آهي ۽ مونکي خوشي انهيءَ ڳالھ جي آهي ته هن ڪم جي حوالي سان مون کي شاھ صاحب جي ڪلام کي ويجهي کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو مليو.
ڪتابن جي ترتيب موضوع وارو رکڻ جو خاص طور ڌيان ڌريو ويو آهي. ترتيب مطابق شاعريءَ جي مجموعن، ناولن، ناٽڪن، ڪهاڻين جي مجموعن، سفرنامن، سوانح عمرين ۽ آتم ڪهاڻين جي عنوانن تي مشتمل جيڪي بيت آهن انهن کي الڳ الڳ پيش ڪيو ويو آهي ۽ هڪ حصو متفرقه موضوعن تي مشتمل ڪتابن جو رکيو ويو آهي. جنهن ۾ تنقيد، تحقيق، مضمون نويسي مقالا نگاري، ساروڻيون، خط، انٽرويو ڪالم، ڊائريون، اخلاقيات ۽ لطيفيات جي موضوعن تي مبني ڪتابن جا عنوان ۽ بيت شامل آهن.
اهي عنوان جن ۾ گمان غالب آهي ته اهي شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن پر فاالوقت مون کي اهي بيت دستياب ٿي نه سگهيا آهن انهن جي فهرست موضوع وارا الڳ ڏنل آهي، انهن جي لاءِ آئون پڙهندڙن کي گذارش ٿي ڪيان ته جيڪڏهن وٽن ڪنهن عنوان سان لاڳاپيل بيت هجن ته مون کي منهنجي نمبر تي اطلاع ڏين آئون سندن ٿورائتي هونديس. منهنجي خواهش آهي ته هن ڪتاب جو ايندڙ ڇاپو پنج سؤ بيتن تي مشتمل هجي. ڪجھ اهڙا عنوان آهن جيڪي ”شاھ جو رسالو“ پڙهندي مونکي ذاتي طور پسند آيا. انهن کي آخر ۾ ”نوان عنوان“ جي موضوع سان پيش ڪيو اٿم ته جيئن پنهنجي ڪتاب جو عنوان رکڻ لاءِ ليکڪن کي سهنجائي ٿئي.
بيتن جي هن چونڊ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي بيت اهڙا به شامل آهن جيڪي ورجاءُ ۾ شمار ٿين ٿا. جنهن جا ڪجھ سبب آهن. هڪ ته ڪي عنوان اهڙا آهن جيڪي هڪ ئي بيت مان ٻه يا ٽي ڪتاب چونڊيل آهن، جنهن جي ڪري اهو بيت ٻه دفعا ڏيڻو پيو آهي. جيئن مثال طور:
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو
جي، جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي،
(يمن ڪلياڻ، 19-6)
هن ۾ ”عشق ناهي راند“ گوبند مالهيءَ جو ناول آهي ته ”سسي نيزي پاند“ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ناول آهي.
ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباش، جنهن محبتي ميڙيا.
(سر ڪارايل، 9-1)
”ڪنول پاڙون پاتار ۾“ فتاح ملڪ جو افسانوي مجموعو آهي ته ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ شيخ اياز جو شاعريءَ جو مجموعو آهي. اهڙي حوالي سبب اهو ساڳيو بيت ورجائڻو پيو آهي. ٻيو ته ڪجھ بيت اهڙا آهن جن مان چونڊيل عنوان مختلف موضوعن سان واسطو رکن ٿا ۽ ليکڪ به الڳ آهن انهيءَ حوالي سان بيت کي دهرايو ويو آهي. جيئن: ”وساريان نه وسرن“ (خاڪا ۽ سوانح - ممتاز مرزا) ۽ وساريان نه وسرن“ (ناول - عمرالدين بيدار) پر هن ڏس ۾ به ڪوشش اها رهي آهي ته بيت الڳ الڳ چونڊيا وڃن ته جيئن وڌيڪ ۽ مختلف بيت ساڳئي عنوان جي لاءِ هجن پر ڪٿي ڪٿي هڪ بيت هٿ ٿيو آهي جيئن ”اکيون ميگھ ملار“ بردو سنڌي (شاعري) ۽ ”اکيون ميگھ ملار“ اڪبر اديب جو (افسانوي مجموعو) ته هڪ ئي بيت مليو آهي. يا ”ماڻڪ موتي لعل“ لعل چند امر ڏنو مل (مضمون)، ”ماڻڪ موتي لعل“ ايوب انصاري (شاعري) ته پوءِانهيءَ ساڳئي بيت کي ورجايو ويو آهي. صرف انهيءَ سبب جي ڪري ته هيءُ عنوان ٻن الڳ ادبي صنفن ۾ استعمال ٿيو آهي. مواد ۽ موضوع بلڪل مختلف آهن ۽ ٻن الڳ ليکڪن لکيو آهي. پر اهڙن بيتن جو ڳاڻيٽو تقريبا ڏھ تائين آهي.
چند ڪتاب اهڙا به آهن جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان ئي کنيا ويا آهن. پر اهي بلڪل اهڙيءَ طرح نه آهن جهڙيءَ ريت رسالي ۾ آيل آهن، تمام معمولي فرق آهي. اهڙن بيتن جو ڳاڻيٽو به ڏهن تائين آهي جيئن؛

ڪتاب جو عنوان رسالي ۾ هن ريت آيل آهي
آيو ڄام تماچي ڄام تماچي آئيو
آءُ ڪانگاڪر ڳالھ آءُ ڪانگا لنئه لات
ڪوٽن ڪُٺي آهيان ڪوٺين ڪٺي آهيان
هڪ سسئي سؤ سور هڪ سسئي ٻيا سور
جيڪي ڏٺو هو مون جيڪي ڏٺو مان
منهنجي خيال ۾ مٿين ڪتابن ۽ بيتن جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي، پر بيت انهيءَ ريت ئي ڏنا ويا آهن جهڙيءَ ريت شاهواڻي صاحب جي رسالي ۾ آهن، ته جيئن بيت جي صحت ۽ سالميت قائم رهي سگهي.
هر بيت سان لاڳاپيل سر، داستان ۽ بيت جو ترتيب نمبر ڄاڻايو ويو آهي ته جيئن نه فقط شاگردن، محققن ۽ ليکڪن لاءِ سهوليت ٿئي پر عام پڙهندڙ به هِنَ طريقي مان فائدو وٺن.
منهنجو هن ڪتاب جي حوالي سان سنڌي ادب جي قلمڪارن کي عرض آهي ته جڏهن هو پنهنجي ڪتاب جو عنوان شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊين ٿا ته مٿن واجب ٿئي ٿو ته هو هڪ الڳ صفحي تي ڪتاب جي شروع ۾ اهو بيت مڪمل ڏين جنهن ۾ گڏ سُر جو نالو، داستان نمبر ۽ بيت نمبر لکيل هجي گڏوگڏ اهو به ڄاڻائين ته ڪهڙي ترتيب ڏنل رسالي مان اهو بيت ورتل آهي (ڪجھ ڪتابن ۾ اهڙيءَ ريت بيت آيل به آهن پر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي). منهنجي نظر ۾ مٿيون طريقو لطيف شناسيءَ لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
آخر ۾ هڪ باب شاھ صاحب سان منسوب حڪايتن وارن بيتن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ آيل بيت ۽ روايتون گهڻي ڀاڱي ”لطائف لطيفي“ مير عبدالحسين خان سانگي ۽ ”احوال شاھ عبداللطيف“، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ”شاھ عبداللطيف رحه“ (تحقيقي مضمون) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتابن مان ورتل آهن. هتي انهيءَ باب ڏيڻ جو مقصد آهي ته شاھ صاحب جي ڪلام ۾ انيڪ اهڙا بيت ملندا، جيڪي سنڌ جي سياسي، سماجي، تاريخي، ديني ۽ علمي ماحول جي حوالي سان مختلف واقعن جي نشاندهي ڪن. واقعه نگاريءَ جي لحاظ کان به سندن ذاتي طبع جي باري ۾ هن باب ۾ پيش ڪيل بيتن مان ڪافي ڄاڻ ملي ٿي. اهڙيءَ ريت واقعات نگاري۽ موقعي مهل مطابق چيل بيتن تي مشتمل هڪ الڳ ڪتاب ترتيب ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي، جنهن مان خبر پوي ته شاھ صاحب گوشه نشين صوفي بزرگ نه هو ۽ نه ئي سندس سڄي ڪلام کي مڪمل طور تصوف تي مبني قرار ڏئي سگهجي ٿو. هُو ته عام سان حياتي گهاريندڙ سنڌ سرزمين جي عوام جو عوامي شاعر هو. جنهن کي سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، هر وستيءَ ۽ وڳر واهڻ جي چپي چپي ۽ ذري ذري سان محبت هئي. انهيءَ ڪري ئي هن پنهنجي ڪلام جي معرفت سنڌ جي هڪ وڏي دؤر جي تاريخ کي پيش ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فلسفي جي نڪتن، تصوف ۽ رومانوي لاڙن سان گڏ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جي سياسي ڪشمڪش ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جون دل ڏاريندڙ داستانون آهن ته سنڌي سماج جا ڏک، سک، اٿيون، ويٺيون، خوشيون، غميون ۽ روزمره جي زندگيءَ جا عڪس آهن.
آئون اميد ٿي ڪريان ته منهنجي هيءَ ننڍڙي ڪوشش يقينا علم ۽ ادب جي قدر ڪرڻ وارن وٽ قبول پوندي. پنهنجي هن جاکوڙ ۾ آئون ڪيتري قدر سڦل ۽ ڪامياب ٿي آهيان. اهو فيصلو مون پڙهندڙن تي ڇڏيو آهي، پر مون کي اهو اطمينان آهي ته ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ دل ۽ جان سان ڪيل محنت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ
4-4-2008

ٿورا

پنهنجي ڪتاب ”وکر سو وِهاءِ“ (مضمون نوَيسي) ۾ لطيف شناسائيءَ تي لکندي، ڪيترائي دفعا شاھ جي رسالي جي ورق گرداني ڪيم. انهيءَ وچ ۾ ئي مون کي مَنَ ۾ مذڪوره ڪتاب کي جوڙڻ جو خيال آيو. همت ڪري ڪم جي شروعات ڪيم. شروع ۾ ته سمجهيم ته جلد ئي مڪمل ڪنديس پر جيئن جيئن لطيفي عنوانن جا ڪتاب ۽ لاڳاپيل بيت ڳولهيندي ويس، ته ڄاڻ پيم ته هي ته چڱو محنت طلب ڪم آهي، پر شڪر الحمد الله سچيءَ لگن سان اُڪري پارپيس.
هن ڪتاب کي مون پنهنجي ذاتي شوق ۽ مرضيءَ مطابق ترتيب ڏئي، ڪمپوز ٿيل مسودو جنهن جنهن کي به ڏيکاريو، تن تمام گهڻو پسند ڪيو انهيءَ پسنديدگيءَ همت افزائي ۽ ڏنل اعتماد تي آئون سڀني سڄڻن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان. خاص طور محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، حميد سنڌي، وليرام ولڀ، ناز سنائي، علي نواز گهانگهرو ۽ ٻين سڀني جي وڏي مهرباني مڃيان ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار، مئڊم فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جا وڏا وڙ آهن جو ”ٻه اکر“ ۽ مهاڳ“ لکي ڏنا اٿن، فون تي ۽ روبرو به همٿايائون.
سنڌ جي سڄاڻ، علم دوست ۽ محبتي شخص محمد ابراهيم جويو وٽ جڏهن مسودو کڻي ويس تڏهن کين تمام گهڻو پسند آيو ۽ هڪدم چيائون ته:
Baba! You are a creative writer, I am proud of you; I am very pleased to meet you. One can not imagine such a different and inventive ideas that you have.
کين ٻين ڪتابن جا مسودا پڻ پسند آيا. هيڏي وڏي دانشور سان ملاقات ڪرڻ ئي وڏو اعزاز هئي ۽ وري ايتري appreciation منهنجي لاءِ وڏو قيمتي سرمايو آهي. آئون تمام ٿورائتي آهيان سائينءَ جويو صاحب جي جو پاڻ پنهنجي طبعيت جي ناسازيءَ جي هوندي به مون کي ڪافي وقت ڏنائون. هن ملاقات ۾ جويو سائينءَ مونکي منهنجي ڪتابن جي باري ۾ مفيد مشورا ڏنا ۽ گڏ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، خاص طور بيتن تي لڳل اعرابن ۽ ترتيب تي اطمينان جو اظهار ڪيائون.
ان کانسواءِ پنهنجي گهر ڀاتين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي، منهنجي وَرَ انور خان، پٽ ڊاڪٽر ياسر رضا ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر رفيق پڻ سٺو تعاون ڪيو.

پروين موسيٰ ميمڻ
30-12-2008

ڊجيٽل ڇاپي لاءِ چند لفظ

منهنجي لکيل ٻاويهن ڪتابن ۾ هيءُ ڪتاب منهنجو دلپسند ڪتاب آهي جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ ترت ئي کپي ويو ۽ ڪيترن ئي مون کان هيءُ ڪتاب گھريو آئون ڏيئي نه سگھيس مون وٽ به فقط ٻه ڪاپيون بچيون. ادا گل محمد عمراڻيءَ جڏهن هن ڪتاب جي گھڻي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مون وٽ هڪ ڪاپي اڳ جي ورتل موجود آهي جنهن کي آئون شوق سان اڪثر مطالعو ڪندو آهيان تڏهن پڪو ارادو ڪيم ته آديسين جي ڪتاب ۾ ٻيا بيت پڻ شامل ڪري هن ڪتاب کي سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي رکايان ته ڪيترائي لطيفي فن جا قدردان انهيءَ مان فائدو وٺي سگهن. سو هاڻي 50 بيتن جي واڌاري سان ڪل ساڍا ٽي سئو بيتن سان هيءُ ڪتاب توهان جي مطالعي ۽ تحقيق جي لاءِ آن لائين حاضر آهي اميد ته پسند ايندو. مون کي پنهنجي راءِ سان ضرور آگاھ ڪجو. هن کان سواءِ منهنجا 6 ٻيا ڪتاب پڻ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي اڳ ۾ موجود آهن. مطالعو ضرور ڪجو مهرباني.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ، خاص ڪري ادا محمد سليمان وساڻ جي ٿورائتي آھيان جنھن منھنجي ڪتابن کي آنلائين ڪري سڀني تائين پھچايو آھي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
14-1-2021
Mob: 03332766564

شاعريءَ جي موضوعن تي ڪتاب

آڇيندي لڄ مران-نارائڻ شيام

اَگهِيو ڪائو ڪَچُ، مَاڻِڪَن موٽَ ٿِي،
پَلَئَه پايو سَچُ، آڇيِندي لَڄَ مَران
(سر سريراڳ، ۴-۱۴)

ڀؤنر ڀري آڪاس-شيخ اياز

ڪؤنرَ پاڙون پاتارَ ۾، ڀَؤنُر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
(سرڪارايل، ۱-۲۲)

ڪلهي پاتم ڪينرو- شيخ اياز

تُون سَپَڙ آئون سيڪڙو، تُون ڏاتار آئون ڏَڏِ،
سُڻي تنهنجو سَڏُ، ڪلهي پاتُم ڪِينَرو.
(سرپرڀاتي، ۱-۲۴)

وڄون وسڻ آيون-شيخ اياز

آڄ پُڻ اُتَر پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَر ڪَيس،
وڄُون وَسَڻَ آئِيوُن، ڪري لالَ لَبيسَ،
پِرين جي پرديِسَ سي مُونکي مينهنَ ميڙيا.
(سرسارنگ، ۱-۱۰)

وڏا وَڻَ وڻِڪارَجا-شيخ اياز

رڏا وَڻَ وڻِڪارَ جا، جت نانگ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عبداللطيف چي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،
جِتِ ڪُڙَم نه قبِيلا، اُت رَسج رَهبَر راھ ۾.
(سر سسئي آبري، ۲-۹)

تون ڇپر تون ڇانوَ-شيخ اياز

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مَڱان،
ري ٿَنڀين ريءَ ٿُوڻيين، تون ڇپر تون ڇانءُ،
ڪُڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سَڀڪَا.
(سر ڏهر، ۲-۲۳)

هِينئَڙو ڏاڙهونءَ گُل جئن-شيخ اياز

جي هُوند ڏٺائون، ووجيڏيون! حال منهنجو ھهڙو جهڙو،
چَڙهي نَه سگهان، چوٽيِين مارِڳ مٿانهون،
حال منهنجو ھهڙو جهڙو،
هينئڙو ڏندڻ پاڙجئن، ڇڪي ڇِنائون،
هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن، ريهي رتائون،
حالُ منهنجو هھڙو جهڙو.
(وائي، سرحسيني، داستان پهريون)

ڪي جو ٻيجَلَ ٻوليو-شيخ اياز

ڪِي جو ٻيجَلَ ٻوليو، ڀِنيءَ وِيهي ڀانِ،
راجا رتولن ۾، سِيباڻو سلطان،
آءُ مٿانهون مڱڻا! مقابل ميدان،
گهوريان لَکَ لطيفُ چي، تنهنجي قَدَمن تان قُربان،
مٿوهي مزمان! هلي آءُ ته هِتِ ڏينئين.
(سرسورٺ، ۳-۱)

ڪَپَرٿو ڪُن ڪري-شيخ اياز

بَندَر جان ڀَئِي، ته سکاڻيا! مَ سُمَهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جئن ماٽيءَ منجھ مَهي،
ايڏو سُوُر سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي ناکئا،
(سر سريراڳ، ۳۔۱۸)

لڙيو سج لڪن ۾-شيخ اياز

لڙيو سج لڪن، تان راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري.
(سر حسيني ، ۱-۴ رسالو، آءِ آءِ قاضي)

پتڻ ٿو پور ڪري-شيخ اياز

ساٿين ننڌا يار وو! تَن پانڌين ننڌا بار،
توکي آرس اکڙين ۾.
پاتا پاڙي واريئن، پَڳھ مَنجھ پاتار،
پَتَڻ ٿو پُور ڪري، آئي تنهنجڙي وار.
توکي آرس اکڙين ۾.
(وائي داستان ٽيون- سر سريراڳ)

جُهڙ نيڻان نه لَهي-شيخ اياز

جُهڙ نيڻؤن نه لَهي، ڪَڪَرهُون نه هُون،
ساريون سپرين کي، لُڙڪ ڳلن تي پُون،
سي مَرِرويو رُون، جَنِ مُسافر سُپرين.
(سر سارنگ، ۱-۲۲)

اُڀر چَنڊَ پَسُ پرين-شيخ اياز

اُڀُر چَنڊَ پَس پرين، تو اوڏا، مون ڏُور،
سڄڻ سُتا وِلھ ۾، چوٽا ڀري ڪَپور،
پيرين آءُ نه پُڄڻي، ٻَاٻَل ڏي نه ٻُور،
جنهن تي چڙهي اَسُورِ، سنجهي سَڄَڻَ سيٽيان.
(سر کنڀات، ۷-۲)

اُٿي اور الله سين - دعائيه نثري نظم - شيخ اياز

ڪُوڙ ڪماءِ مَ ڪَچُ، اُٿي اور اللهَ سين،
ڪڍ تون دغا دِل مان، صاحبَ وَڻي سَچُ،
مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارج مَچُ،
اِنَ پَر اُٿي اَچُ، ته سَودو ٿيئي سَڦَرو.
(سر سريراڳ، ۱۔۹)

اکيون ميگھ مَلهار - بردو سنڌي

اَکيون ميگھ ملهارُ، صُورت تنهنجي سَڀُ جَڳُ موهيو،
سَجِدو فيلَ في الحالُ ڪيو، پَسي، مطلب نُور نِراڙَ،
ڄَاپَڻ وقت ڄامَ جي ڪِريا ڪُنگرا ڪوٽ ڪفار،
صورت تنهنجي سڀ جَڳ موهيو.
(سرسارنگ، وائي، - داستان ٽيون)

بُوندوُن بَس نَه ڪَن - بردو سنڌي

اَڄ پُڻ اَکڙين، سَڄَڻَ پَنهنجا سارِيا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙهن جُون، بُوندُون بَس نَه ڪن،
سَندِي سِڪَ پِريَن، لوڪ ڏٺيئي نه لَهي.
(سر بروو سنڌي، ۱۔۱۰)

آڏي ڍال مَ ڍار - رشيد ڀٽي

سُورهيه مرين سوڀ کي دل جا وَهَم وِسَارِ،
هَڻُ ڀالا، وڙھ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍار،
مٿان تيغُ تَرارِ، مارِ ته متارو ٿيين.
(سر ڪيڏارو، ۵۔۵)

رَڳُون ٿيون رَبابُ - ڊاڪٽر تنوير عباسي

رَڳون ٿيون رَبابُ، وَڄن ويلَ سڀڪنهين،
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِئو، جانبُ ريءَ جَبَابُ،
سوئي سَنڌيندُم سُپرين، ڪِيَس جنهن ڪبابُ،
سوئي عين عذابُ، سوئي راحتَ رُوحَ جي.
(سر ڪلياڻ، ۳۔۶)

ساڄَن سُونهن سُرت - ڊاڪٽر تنوير عباسي

هِتان کڻي هُت، جَن رَکيوسي رَسيُون،
ساڄَن سُونهَن سُرتِ، وِکان ئي ويجهو گَهڻُو.
(سر سسئي آبري، ۲۔۲)

سڄڻ سفر هليا - شيخ عبدالرزاق ”راز“

توجَنين جي تانگھَ، سي سَڄَڻَ سَفر هَليا،
لَئج لات، لطيف چي، ڪڏهن اِيندَم، ڪانگ!
ڪنهن سِٽاڻي سانگَ، پِرين پرڏيهي ڪِيا.
(سر سامونڊي، ۱۔۲۵)

پيهي منجھ پاتار - شيخ عبدالرزاق ”راز“

اِيءَ گَت غَواصَن، جئَن سَمُنڊ سُوجهيائون،
پيهي مَنجھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ مِيڙيائون،
آڻي ڏِنائون، هيرو لعل هَٿن سين.
(سر سريراڳ، ۲۔۹)

ڪَڪَر مَنجِھ ڪَپارَ - بشير مورياڻي

ڪَڪَر مَنجِھ ڪَپارَ، جهُڙ نيڻَئوُن نَه لهي،
جهڙا منهنجا سُپرين، تِهڙا ميگھ ملهارَ،
کَڻ اکيون، کِل يارَ! وَڃَن سورَ سَنڌا ڪيو.
(سر سارنگ، ۱۔۲۱)

آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ - (صوفي دريا خان جو ڪلام) ترتيب: نياز همايوني

وَهِلو وَرَ، وَريا پِرين، آءُ ڪانگا لنئُه لات،
ويا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻ پرين.
(سر پُورب، ۱۔۶)

گهِڙيا سي چَڙهيا - استاد بخاري

گهِڙيا سي چَڙهيا، ايئن اَٿيئِي،
مَئي مَتي مِهراڻ ۾، پَئو ٽِپو ڏيِئي،
ته ميهار مِليئي، سنڀُوڙو سِيڻاھ سين.
(سر سُهڻي، ۵۔۴)

ماندي ٿي نه مارئي - استاد بخاري

ماندي ٿي نه مارئي، الله اوڏو آهي،
سؤ ورهين جا ڏُکڙا، هِڪڙي لحَظي ۾ لاهي.
(سر ڏهر)

وِلولو ۽ ووڪ - استاد بخاري

رِڃَن مِ رڙٿي، ڪَرَڪوَل جي ڪُوڪَ،
وِلوِلو ۽ وُوڪ، ايءَ تان آھ عِشق جي
(معذوري، ۷۔۱۷)

ڪاري ڪڪر هيٺ - استاد بخاري

ڪاري ڪَڪَر هيٺ، مُون جهيڙيندا ڇڏيا،
ڪارا ڪُنَدَ هٿن ۾، اَڙلَ وَڇيرا هيٺ،
ٿي تَنين سين ڏيٺ، موٽڻ جَنين مِيهڻُو.
(سر ڪيڏارو، ۳۔۲)

ڏکندو ڏور ٿئي - عبدالقيوم ”صائب“

دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مُون!
ٻُڪي ڏيندا ٻاجھ جي، نِهاري ناڙُون،
جَنِ جُون سيڻ لهِن سارُون، تَنِ تان ڏُکندو ڏُور ٿئي.
(سريمن ڪلياڻ، ۲۔۱۸)

سڄڻ نِتِ سوجهرو - (شاعري)ترجمو: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

چَنڊَ تِنهنجي ذات، پاڙيان تان نهَ پرين سين،
تون اَڇو مِ راتِ سَڄڻ نِتِ سوجهرو.
(سر کُنڀات، ۱۔۱۴)

جوتيون جواهرن جون- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سي پُوڄارا پُر ٿِيا، سمنڊُ سيويو جن،
آندائوُن عَميق مان، جُوتي جواهرن،
لَڌائون، لطيفُ چي، لالُون مان لَهرِن،
ڪانهي قيمتَ تنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو.
(سر سريراڳ ، ۲۔۴)

رُسِ مَ رسڻ گهوريو - ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ

رُسُ مَ رُسَڻُ گهريو، اُٺُ اوراهُون آڻِ،
ليڙي جو، لَطيِفُ چي، تَنگُ سَوارو تاڻِ،
شَرمَندِيون سَڀين پَرين، پُٺِيءَ لائِج پاڻِ،
اَچِي مُشڪَ ماڻِ، ته سوڍا! سُکياڻِي ٿِيان.
(سرمومل راڻو، ۵۔۷)

تند تنوار - نثار حسيني

”مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپارَ،
ته وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
ته پڻ تَندُ تَنوارَ، مُوهان مَٿانهُون، مَڱڻا!“
(سورٺ، ۳۔۱۴)

رُوحَ رِهاڻِ - حاجي اميد علي لغاري

هيڪلِيائي هاڻِ، پُوريِندِيَس، پُنهونءَ ڏي،
ڪَندِيَس ڪوهيارَلَ سين، رُچي رُوحَ رِهاڻِ،
رُلي ڇُلي ڇَپَرين، ڪَنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ،
آهِيان گَهڻو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پرِيان جا ساڻُ مُون.
(سسئي آبري،۹۔۱۲)

تَندُ، ڪَٽارو ڪَنڌُ - عنايت بلوچ

ٽيئي پَرِچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪٽارو ڪَنڌُ،
”تَنهن جِهوئي ناه ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ.
ايُ شُڪُر الَحمدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“
(سورٺ،۴۔۱۰)

ڏوريان ڏوريان مَ لهان - تاجل بيوس

صبحُ سِڳڙيُون کَڻِي وِيا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان، مَ لَهان، تَنِ بيراڳِيُن بَهيَر،
جَنِ جي آسڻَ مَنجِھ عَنبير، آئوُن نه جيِئَندي اُنِ ري.
(رامڪلي، ۱۔۱۶)

ڪنڌيءَ ڪؤنَر ترن - تاجل بيوَس

هيٺ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌيءَ ڪَؤنَر تَرَنِ،
وَرِئي واهُوندَنِ، ڪِينجُهرُ کَٿورِي ٿِئي.
(سرڪاموڏ، ۲۔۵)

ڪَنڌيءَ اَڪ ڦلارِيا - تاجل بيوَس

سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌيءَ اَڪَ ڦُلاريا،
جُنگنِ ڇَڏِيو زور، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا؟
(سر ڏهر، ۱۔۷)

ڏکن آئون ڏُڌي - نثار بزمي

ڏاگهَنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرِن، ڏُکَنِ آئُون ڏُڌي،
پُڇان پيُر پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌي،
لِکِئي آئوُن لَڌي، ناتَ پَتِنِ ڪيرَ پَنڌُ ڪَري؟
(سر ديسي، ۱۔۳) رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب)

ڏاهيُون ڏُک ڏِسن - ڊاڪٽر ارجن شاد

اَلا! ڏاهي مَ ٿِيان! ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِريَنِ، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(ليلا چنيسر، ۲۔۶)

اُٺا مينهن ملير تي - گورڌن ڀارتي

ويڙِهيچَنِ ڏي ويندي، عُمَرَ! آئون ماروُئَڙَنِ ڏي ويندي،
ڏيھَ ڏاڏاڻين پَکَڙين،
اُٺا ميِنهَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوندي،
ڏيهَ ڏاڏاڻين پَکَڙين.
(سر مارئي، ۹ - وائي)

وڻجارن وايون (ڪافي گو شاعرن جو ڪلام) - عبدالڪريم پلي

ويندي آئُون هو تنِ وَٽِ،
مُون وَه وَڻجارنِ سين،
پَڳھ کَڻُ مَ پاتِڻِي! جانِي! مُون لئي جَهٽِ،
مُون وَه وَڻجارنِ سين،
وايُون وَڻجارنِ جون، اَديُون! اَڄُ نه هَٽِ،
مُون وَهُ وَڻجارنِ سين.
(سر سامونڊي، ۲- وائي)

ڪائو ڪمايوم - معمور يوسفاڻي

ڪائو ڪَمايوم، موتي مُون نَه وَڻِجِيا!
سِيهي جو سَيدُ جي، وکَرُ وِهيايِومِ!
ھهڙو حالَ سندومِ، توه تنهنجي اُبَهان!
(سر سريراڳ، ۱۔۷)

پکن منجھ پساھ - معمور يوسفاڻي

سَنِهيءَ سُئيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ،
ويٺي سارِيان، سُومَرا! گولاڙا ۽ گاهُ
هِنيُون مُنهِنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مِٽي ۽ ماهُ،
پَکَنِ مَنجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
(سر مارئي، ۷۔۱۲)

ستا اٿي جاڳ - معمور يوسفاڻي

سُتا! اُٿي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتري،
سُلطاني سُهاڳُ، نِنڊُن ڪَندي نه ٿِئي.
(سر ڏهر، ۳۔۸)

آڏي ڍال م ڍار - معمور يوسفاڻي

سُورهَ! مَريِن سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَهَم وِسارِ،
هَڻُ ڀالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِيين!
(ڪيڏارو، ۵۔۵)

ماڻڪ موتي لالَ - ترتيب: ايوب انصاري

سيوا ڪر سَمُونڊَ جي، جت جَرُ وهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَن سيِرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ،
جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پُوڄارا! پُر ٿِيين.
(سريراڳ، ۲۔۳)

باهيون بيراڳن جون (ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ جو اڀياس - ترتيب: تاج جويو

ڀنيءَ ڀَڙڪَ ڪَنِ، باهيُون بيراڳن جون،
هَلو ته سيڪيِون هَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَن،
ملان سناسِيَنِ مون جَڙَ لڳي جانِ ۾.
(رامڪلي، ۹۔۲۵)


ڪَؤنرَ پاڙون پاتارَ ۾، فتاح ملڪ

ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنُر ڀِري آڪاسِ،
ٻِنيِن سَندي ڳالهڙي، رازِق آندي راسِ،
تَنهِن عِشق کي شاباسِ، جَنهِن مُحَبَتي ميڙِيا.
(ڪارايل، ۱۔۲۲)

جي تو بيت ڀانيان (لطيفيات)، نور الدين سرڪي

جي تو بيتَ ڀائنيا، سي آيتُون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
(سر سهڻي، ۶۔۲۵)

اچن ڀؤنر ڀنڀوليا، علي دوست عاجز

جنهن تَڙَ ڌوڙُون ڌُونِ، چوٽا چَندَنَ چِڪَ ڪِيو،
اَچَنِ ڀؤنرَ ڀَنڀولِيا، پاڻِيءَ تَنهين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُون، ڪو وَهُ لَڳو واسُئين.
(مومل راڻو، ۷-۳)

پرچن شال پَهُنوار- محمد شفيع انور هالائي

پَرچَن شالَ پَهنوَهارَ، ڍولا! مارُو مُون سان، لا!
مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،
ڍولا! مارُو مُون سان، لا!
(سر مارئي، ۸ وائي)



وَليُون وڻن ڦُلاريا- ڊاڪٽر ادل سومرو

پهنوارن پاٻوهيو، ڪِي واهوندن وَسَ،
عُمَرَ انهيءَ ڏيھ جا، ڏوٿين ڏنم ڏسَ،
وليون وڻ ڦلاريا، لُلرُ نڱيو لس،
آڻِيو وِجَهن آهُرين، سندا ٽُوهَن تَسَ،
ميوا، مَڃر ماکيون، سَڀَ ڪا چکن چَس،
ماڙيءَ وهي مَسَ، مَلير ويندي مارئي.
(سر مارئي، ۳-۷)

اندر رت ريلا- سيد اظهر گيلاني

جڙجا هيم جَتَ، تنهن ڳجهي ڳاريم جندڙو،
آڻي اندر کوڙيا، ڪوهياري ڪَرَوَت،
سُورن ساڙي آهيان، سِڪان کي صحت،
اندر رَتَ ريلا، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
(سر معذوري، ۶-۵)

ڪاڪِ نه جهليا ڪا پَڙي- منصور ويراڳي

ڪاڪِ نه جهَليا ڪاپَڙي، موهِيا ڪنهن نه مال،
سوڍيون سِجهائي ويا، ھِهڙا جَنِين حالَ،
جي ڇورين ڏِنا ڇالَ، ته پِه لاهُوتي لنگهي ويا۔
(مومل راڻو، ۱۷-۳)

پرچن شال پهنوار- عبدالقادر منور ابڙو

پَرچَنِ شالَ پَهنوارَ، ڍولا! مَارُو مُون سان، لا!
ڍولا! مَارُو مُون سان، لا!
مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِن سيڻَ سَتارَ،
ڍولا! مارُو مُون سان، لا!
(سر مارئي، ۸-وائي)

تند تنوار- نور احمد ڀٽي

”مَٿو مُور نه پاڙِيان، تُنهنجيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪي، موٽُ مَ، مَڱڻهار!
ڪِينِهين مَنجھ ڪَپارَ، لَڄِيندو ٿو لاهيان.“
(سورٺ، ۱۱-۳)

اديسي اسور وڄائي واٽ ٿيا- شرمانند لال پرڀو لال نندن

سامِيُنِ سَمَرُ سور، گُوندَرَ گَبَريُنِ ۾،
جَڙي ٻَڌائون جانِ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
آديسي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
(رامڪلي، ۱۲-۳)

آءُ ڪانگا لَنئه لاتِ - شرمانند لال پرڀو لال نندن

وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنئه لاتِ
ويا جي قلاتِ، سي اُڏامي آڻِ پِرِين.
(پورب، ۶-۱)

ڪوٽن ڪُٺي آهيان- ترتيب: ادبي محفل بدين

پانڌي! پِريءَ پَهُنوارَ کي، چَيُم تِنءَ چَئَيج:
”سَندا سَنگَتِ ڏيهِڙا، وَرَ! مَ وِساريج،
ڪوٺينِ ڪُٺي آهيان، سِگهي سارَ لَهيجِ،
مُٺِ مانڌاڻي مُجيجِ، ته نِيَرَنِ ۾ نَئون ڪَرِيان.“
(مارئي، ابيات متفرقه، ۲۵، رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي)


سي لاهوتي لڏي ويا - يار محمد ٿانوري

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳينِ جوڙَ،
ساري سَناسِيُن کي، کامِي ٿِيَس کوڙَ،
مَنَ جنِين سان موڙَ، سي لاهُوتي لَڏي وِيا.
(رامڪلي، ۹-۸)

پن ٻوڙين پاتال ۾ - جمال الدين هوت

صاحِب! تُنهنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏٺِي سُون،
پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،
جيڪَرَ اَچيِن مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان۔
(سر ڏهر، ۱۹-۲)

سورج شاخون ڪڍيون - علي محمد ڀٽي

کڻي نيڻَ خُمارَ مان جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
سورُجَ شاخُون جَھڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکيندي دِلبَرُ،
جهَڪو ٿيو جوَهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(کنڀات، ۱۸-۱)

درد جون دانهون - پنهل فقير مهر

آءٌ اوراهُون سُپرِين! وَڃُ مَ آڳاهُون،
ٿَڪي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪاريو ٻانهُون،
دَرِدَ جُون دانهُون، مُون ماريندِيُون، موٽُ تُون.
(سر سسئي آبري، ۱-۱۰، رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي)

سورن جو سمر - پنهل فقير مهر

اُلَهي سِڄَ اَويرَ ڪي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئيءَ کي، سَيدُ چي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ، ويچاريءَ وڻِڪارَ تي.
(سر حسيني، ۴-۱)

رُس مَ، رُسڻ گهوريو - نور شاهين

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ؛
ميٽِ مَدايُون، موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ،
لالَنَ جو، لَطِيفُ چي، ڪونهي سُونهَن سِياءُ،
اَوڳُڻَ ڍَڪي آءُ، ته، سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
(سر مومل راڻو، ۱۰-۵)

اَکين م ٿِي ويھ - ميمڻ روشن تبسم

اَکِيُنِ ۾ ٿي ويھ، ته آئُون واري ڍَڪِيان،
توکي ڏِسي نه ڏيھ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو.
(سر آسا، ۱۲-۳، رسالو، آءِ آءِ قاضي)

مُون ۾ آهين تون - اڪبر ساگر

پائي ڪانُ ڪَمانُ ۾، ميان! مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
(يمن ڪلياڻ، ۱۰-۶)

تندون جي طلب جون - رحيم بخش ”قمر“

تَنُ تَسبيحَ، مَنُ مَڻِيون، دِل دَنبُورو جَنِ،
تَندُون جي طلبَ جُون، وَحدَتَ سِر وَڄَنِ،
”وَحدَه لا شَريڪ لَہُ“، اهو راڳُ رَڳُنِ،
سي سُتا ئي سونهن، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جي.
(سر آسا، ۴-۴، رسالو آءِ آءِ قاضي)

ڳاڙهيندين ڳوڙها - رحيم بخش ”قمر“

وَحَدهُ لا شَريڪَ لَةُ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
ڪِي تو ڪَنين نه سُئا، جي گهَٽَ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاهد ٿِيندَءِ سامُهان.
(سر ڪلياڻ، ۱۴-۱)

چَنڊَ تُنهنجي ذات - رحيم بخش ”قمر“

چَنڊَ! تنهنجي ذاتِ، پاڙيان، نه پِرينِ سين،
تون اڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهرا
(کنڀات، ۱۳-۱)

آءُ نه گڏي پرينءَ کي - رحيم بخش ”قمر“

آئُون نه گَڏي پِرينءَ کي، تون ٿو لَهيِن سِڄَ،
آئُون جي ڏِيئين سَنِيها، نيئي پِريان کي ڏِجِ،
وڃي ڪيچِ چَئجِ، ته ”ويچاري واٽَ مُئي!“
(سر معذوري، ۳-۷)

کڻي نيڻ خمار مان - رحيم بخش ”قمر“

کڻي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِب ٿيا، ديکيندي دِلبَرُ،
جهَڪو ٿيو جوَهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
(سر کنڀات، ۱۸-۱)

روضي پاڪ رسول جي - رحيم بخش ”قمر“

اَڄُ پڻ اُتر پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
روضي پاڪَ رَسُولَ جي، پَلِٽِيو پَٽَ ڀَري،
وِڄُن ساڻُ وَري، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
(سر سارنگ، ۱۳-۱)

محبت جي ميدان ۾ - رحيم بخش ”قمر“

مُحَبَتَ جي ميدان ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪر،
لاهي سِرُ لطيف چي، دوسن اڳيان ڌَرِ،
عشق نانگ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پوي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۶-۶)

ماڻِڪَ موتِي - رحيم بخش ”قمر“

سيوا ڪر سمونڊَ جي، جِتِ جَرُ وهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪ، موتِي، لالَ،
جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پُوڄارا! پُر ٿيين.
(سر سريراڳ، ۳-۲)

سڀ ۾ پنهون پاڻ - سڪندر خان کوسو

ووڙِيَم سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻ جَتَ جي،
اللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيطُ، اي آرِياڻِي اُهڃاڻَ
سڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينھ ٻيو ٻَروچَ ري.
(سر سسئي آبري، ۱۴-۵، رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي)

پن ٻوڙين پاتال ۾ - جمال الدين مؤمن

صاحِب! تُنهنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏٺِي سُون،
پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،
جيڪَرَ اَچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان
(سر ڏهر، ۱۹-۲)

موکيءَ مٽ اُپٽيا - ذوالفقار گاڏهي

موکِيءَ مَٽَ اُپٽيا، سويرا صبُوح،
اُچي جي، عبداللطيف چي، باسَ نه پهتئي بوءِ،
ڪَڙو جي ڪَڪُوھ، نه به وَٽِ سِرَ گهُرن وٽيون.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۵-۴)

سدا سائر سير ۾ - مزمل ”سائر“ هاليپوٽو

پَسِي جهاجھ جَمالَ جي، جنِين پِيتي پِڪَ،
اَپُر اَڳانجهو ٿيو، سُورُ اُنيِن کي سِڪَ،
هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سَدا سائِرَ سيرَ ۾.
(سر سسئي آبري، ۴-۱)

آديسِيَنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيَنِ ۾ - (زيرِ موضوع ڪتاب)- پروين موسيٰ ميمڻ
آديسِيَنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،
نَسَبُ تَنِ جو ناھ ڪو، ڪونهي اُنِ حَسبُ،
سامِيَنِ سَڀِن پَرين، رُوحَ ۾ رَهِيو رَبُ،
رِيءَ لانڱوٽيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نَه پاڻَ سين.
(سر رامڪلي، ۷-۸)

ناول

سسي نيزي پاند - محمد عثمان ڏيپلائي

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ ته اَڌ ٿئي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۹-۶)

ڏکن پٺيان سک - ٽهلرام آسودو مل

ڏکن پٺيان سُک، سِگها ٿيندئي سَسئي،
پيرمَ ڇڏج پرينءَ جو، توڻي لُڪون لَکَ
ڏورِج پاسي ڏکَ، ته پَوي ٻاجھ ٻروچ کي.
(سر حسيني، ۱۲-۳)

عشق ناهي راند - گوبند مالهي

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنس ڳَڀرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ ته اَڌ ٿئي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۹-۶)
ديسي سيڻ ڪِجنَ - گوبند مالهي

ديسي سيڻَ ڪِجَن، پَرَديسي ڪَهڙا پِرين؟
لَڏيو لاڏُوڻا ڪَيو، پَنهنجي ديس وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
(سر ديسي، ۱۲-۱)

سوري آھ سينگار - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سُوري آھ سينگارُ، اَڳهِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ، موَٽُڻ ميهَڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ،
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
(سر ڪلياڻ، ۵-۲)

سوريءَ جَنين سيج - منصور ويراڳي

اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانيين؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تون پيارين پيڄَ!
سوريءَ جَنِين سيڄَ، مرڻ تَن مُشاهِدو
(سر ڪلياڻ، ۲-۲)

رُنم رَتُ ڦڙا - بادام ناتوان

لَڪِيُون! آن ڀَرِ لِکَ، ڪِي ڪوهيارا ورميا؟
جِنِين سَنديءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
(سر حسيني، ۴-۱۱)

پڙاڏو سو ئي سڏ - سراج الحق ميمڻ

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اَڳِهِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻه ٿيا.
(سر ڪلياڻ، ۲۲-۱)


مَرڻ مُون سين آءُ - سراج الحق ميمڻ

تو سَڱَ، ساهَ! گهڻن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
مَرَڻُ! مُون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌُ ڪَرِيان.
(سر معذوري، ۱۰-۴)

کاهوڙي کجن - ڄام ساقي

کاهوڙي کِجَنِ، پَسِيو پورِهيَتَ ويسَرا،
ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ويا، رُڃُنِ مَنجھ رَهَنِ،
ڪامُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جي ڳالهَڙي.
(سر کاهوڙي، ۱۰-۱)

هڪ سسئي سؤ سور - سندري اُتم چنداڻي

پاڙي ناهِ پَروُڙَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذِري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌي گُهورَ،
هِڪَ سَسُئي ٻِئا سُورَ، ويا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
(سر حسيني، ۱۰-۹، رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي)


حياتي هو تن ري - ڪلا پرڪاش

تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي،
سانڍَ پنهنجا ڊَڀَڙا، کَڏُ کڻي ۾ ڀُون،
ڪانَ گُهرجي مُون، حياتي هوتَنِ ري.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱-۲)

سُورَن سانڍِياس - فضل احمد بچاڻي

سُورَنِ سانڍِياس، پُورَن پالي آهِيان،
سُکَنِ جي، سَيدُ چي، پُکي نه پِياس،
جيڪُسِ آئون هُياس، گُري گُوندَرَ وَلِ جي.
(سر حسيني، ۱۶-۱۰)

پِريَن پَڳَھ ڇوڙِيا - شهيد الله نصر / غلام نبي ناشاد

مون اُڀي تَــڙَ پاسِ، پِريَنِ پَڳَــھ ڇوڙِيا،
هو اَلله هارَ اُهِريا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس،
آهَ نه لاهِيندياسِ، موٽي ايندا مان ڳَري
(سر سامونڊي، ۷-۳)

وساريان نه وسرن – عمرالدين بيدار

چيتارِيان چُڻُڪَڻِ، وساريان نه وِسَرن،
ويروتار ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جِيئن.
(سر رپ، ۲۷-۱)

موٽي ماڳ نه آئيا - لعل بخش جهرڪائي

اُونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي،
موٽي ماڳ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊي سي،
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ وري ويو!
(سر سامونڊي، ۱۲-۱)

ناٽڪ

عاشق زهرَ پياڪ - رشيد ڀٽي

عاشق زهر پياڪَ، وِهُ پسيو وِهسَنِ گهڻو،
ڪَڙي ۽ قاتِلَ جا، هميشھ هيراڪَ،
لَڳيَن لَنؤُ، لطيف چي، فَنا ڪيا فِراقُ،
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته پہ آهَ نه سَلن عامَ کي.
(سر ڪلياڻ، ۲۳-۲)

پڙاڏو سو ئي سڏ - مراد علي مرزا

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اَڳَهِين گَڏُ، ٻُڌُڻ ۾ ٻه ٿيا.
(سر ڪلياڻ، ۲۲-۱)

لهِرنِ لَکَ لِباس - مراد علي مرزا

لِهرِن لَکَ لِباس، پاڻي پَسَڻُ هيڪَڙو،
اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وِماس،
جِتِ ناهي نهايت نِينهَن جي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ،
تَڙَن جي تلاش، لاھ ته لالَنَ لڳ ٿيين.
(سر سهڻي، ۳-۹)


مڙيا مَڇَ هزار - نثار حسيني

گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪري، اِلاهي تُهارَ!
ڄَنگھ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسي کي سيسارَ،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ،
لَکين چُهٽيس لوهڻِيُون، ٿيلهيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،
مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿيندي سوهَڻِي!
(سر سهڻي، ۱۵-۱)

ڪاڪِ ڪَڙهي وڻ ٻريا - نثار حسيني

ڪاڪِ ڪَڙهي، وَڻَ ويا، ٻَرِيا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍي جي، سَرَتِيُون،! وڌِيَس وَهِ ويراڳَ،
سُورَنِ لائِيا سانگَ، سِگهو موٽِجِ، سُپِرِين!
(سر مومل راڻو، ۱۳-۵)

ڪي جو ٻِيجَلَ ٻوليو - نثار حسيني

ڪي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنيءَ ويهي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاهُون، مَڱڻا! مُقابِلِ ميدانَ،
گهورِيان لَکَ لَطِيفُ چي، تُنهنجي قَدَمَنِ تان قُربانَ،
مَٿو هِيُ، مِزمانَ! هلي آءُ ته هِتَ ڏِيَنءِ.
(سر سورٺ، ۱-۳)

سامونڊين سڙھ سنبا هِيا - نثار حسيني

پَرڏيھ، پُوريائُون، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا،
مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وجهي گُوندَرين!
(سر سامونڊي، ۱۶-۳)

ويئي رات وهامي - چنا شبير ناز

وٽ سورِيندي، وَلَها! ويو تيلُ ٻَري،
موٽُ، مُسافِرَ سُپرِين! چانگي تي چَڙهي،
راڻِي لاءِ رَڙي، ويئِي وِهامِي راتڙِي.
(سر مومل راڻو، ۴-۴)

پوچا ڏٺم پير - سراج الحق ميمڻ

پُوچا ڏِٺَم پيرَ، ڍَڪَڻ مٿي ڍولَ جا
مُون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجهي ڪَندو پرَيئڙي.
(ليلا چنيسر، ۱۵-۱)

گهاتُو گهر نه آيا - سراج الحق ميمڻ

اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جهَليو ڪُنَ ڪِنارَ،
گهاتُو گهَرِ نه آئِيا، وَڏي لَڳِيَنِ وارَ،
هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙهيا مَڪُڙا.
(سر گهاتو، ۸-۱)

جَرَ ۾ ڦوٽو جئن - سراج الحق ميمڻ

جَرَ ۾ ڦوٽو جئن، لهرين لڳي اَڌَ ٿيئي
تون به آهين، جهان ۾ ڪو ڏينهڙو
(----------)

دنگيءَ منجھ درياھ - علي بابا

دَنگي وچِ درياهَ، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپڙِي،
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهڻَ سڀ سَڙيا،
مُعلم ماڳِ نه اَڳئين، ڦلنگِي منجھ ڦِريا،
ملاحَ! تنهنجي مَڪُڙي، اَچي چورَ چڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنهنجي!
(سر سريراڳ، ۱۱-۳)

درياھ توتي دانهن - امر جليل

ڪَنڌيءَ جَهليو ڪانهَن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري،
تو ڪيئَن ٻوڙي سُهڻي؟ ٻيلي! منهنجي ٻانهَن،
دَرياهَ! توتي دانهَن ڏِيندُسِ ڏِينهَن قِيامَ جي.
(سر سهڻي، ۷-۷)

ڪي ڏور به اوڏا سپرين - ممتاز مرزا

ڪي اوڏائي ڏُور، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين،
ڪي سَنڀِرجَنِ نه ڪَڏهِين، ڪي نه وِسِرَنِ مورِ،
جِئن مينهِن ڪُنڍيءَ پُور، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
(سر بروو سنڌي، ۱۱-۹)

سي ئي جوڀن ڏينهن (ريڊيائي ناٽڪ) - ممتاز مرزا

سي ئي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!
(سر سامونڊي، ۸-۱)

بوءِ بهار جي (ريڊيائي ناٽڪ) - شوڪت حسين شورو

اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ،
هَڏِ نه َڏيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي.
(سر بلاول، ۳-۴)

تند، ڪٽارو، ڪنڌ - محمد قاسم بلوچ

ٽيئي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪٽارو، ڪَنڌُ؛
“تنهن جِهوئي ناهِ ڪي، جو تو، چارَڻَ، ڪِيو پَنڌُ،
ايُ شُڪرُ اَلحمدُ، جِئَن مٿو گُهرِيوءِ، مَڱڻا!”
(سر سورٺ، ۱۰-۴)
(ساڳئي ئي عنوان سان عبدالڪريم بلوچ جو طبعزاد ناٽڪ نئين زندگي مئي 1928ع ۾ شايع ٿيو.)

سوريءَ سڏ ٿيو - ڪيرت ٻاٻاڻي

سُوريءَ سڏُ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون!
وڃڻ تَنِ پيو، نالو نِينهُن ڳِنَهَنِ جي.
(سر ڪلياڻ، ۳-۲)


سکن واري سڌَ (ريڊيائي ناٽڪ) - تنوير جوڻيجو

سُکَنِ واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرُ جنِين اَڌَ، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
(سر سسئي آبري، ۵-۴)

جوڳي ڏاڍي ذات - عبدالغفار سومرو

جوڳِي ڏاڍي ذاتِ، جِيجان! سامِي ڏاڍي ذاتِ،
ماءُ، مُون قَبولُيا ڪاپَڙِي.
راتِيان ڏِينهان رُوحَ ۾، مُون کي سَندِيَنِ تاتِ،
ماءُ، مُون قَبولُيا ڪاپَڙِي.
(رامڪلي، ۹- وائي ۱)

روئي ڏنو رات - ماهتاب محبوب

پيئي جا پِرڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُها!
روئي ڇُڙي راتِ، ڏِسي ڏُکويَنِ کي.
(سر ڏهر، ۱۶-۳)

*

ڪهاڻين جا مجموعا

جي تند برابر توريان - شيخ اياز

”سَؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان،
اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکِڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪي.“
(سر سورٺ، ۱۲-۳)

مِٽيءَ لڌو مان - اياز قادري

سارِي رات سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو،
اُنِ جِي، عبداللطيفُ چي، مِٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙيين ڪَن سَلامُ، آڳھِ اَچيو اُنَ جي.
(سر سريراڳ، ۲-۲)

پن ٻوڙين پاتال ۾ - حفيظ شيخ

صاحِبَ! تُنهنجِي صاحِبِي، عَجبَ ڏِٺي سُون،
پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،
جيڪَرَ اَچينِ مُون، ته ميرِيائي مانُ لَهان.
(سر ڏهر، ۱۹-۲)

اَڄ پُڻ آڳڙيا آيا - رسول بخش پليجو

اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي،
پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تِکِيُون.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۷-۳)

راڻا جي رجپوت - حميد سنڌي

راڻا جي رَجِپُوتَ، مُومَلِ سَهِي پَسَندا،
پَڙِهيا، پَڻِتَ، پيرَ؛ توڻي مِيرَ، هَميرَ، مَرَندا،
مُومَلِ سَهِي پَسَندا.
مَڃِي رَضا رَبَ جِي، هِئان سَڀِ هَلَندا،
مُومَلِ سَهِي پَسَندا.
ڪَلِمي ساڻُ لَڏائِين، هادي! هِنَ هَنڌا
مُومَلِ سَهِي پَسَندا.
سَهُکِي سَڪرات ڪَرِين، ولي! وِير وِداعَ.
(سر مومل راڻو، ۲- وائي)

سو مون سڀ ڄمار - حميد سنڌي

حَبيبَن هيڪارَ، منجهان مِهرَ سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمارَ، اورڻ اهو ئي ٿيو.
(سر ڪلياڻ، ۱۴-۳)

جَن جُهونا ڳڙھ جلايو - ظهور انصاري

کَپُرَ! گاروڙِيُنِ سين، وَڏو وِڌءِ ويُر،
نانگَ نه ويندين نِڪرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
هِيُ تِنين جو ڍير، جن جُهونا ڳَڙُھ جَلائيو.
(سر ڪارايل، ۹-۲)

ماڻڪ مٽ سندوم -ناز سنائي

ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداهيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نه ويندومِ،
سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
(سر ديسي، ۱۵-۶)

رات مُنهنجي رُوحَ ۾ - غلام نبي مغل

ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻنِئُون نه لَهي،
رات منهنجي رُوحَ ۾، اُٺا پرين اَپارَ،
آءُ، ساجنَ! لھ سارَ، وِرھ وڪوڙي آهيان.
(سر سارنگ، ۱۶-۱، رسالو: آءِ آءِ قاضي)

ايڏو سُور سَهِي - نجم عباسي

بَندَرِ جان ڀَئِي، ته سُکاڻِيا! مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جئَن ماٽي مَنجِھ مَهي،
ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪجي، ناکُئا!
(سر سريراڳ، ۱۸-۳)

ڪنهن سان سور سليان - سهڙيندڙ: فيروز ميمڻ

ڀائي حالَ هَلي ويا، ڪنهن سان سُورَ سليان؟
کڻيو لَڄ لطيف چي، لَڪنَ منجھ لُڇان،
پانڌي ڪير پُڇان، وهان تان نه وَسِ پيو.
(سر معذوري، ۵-۳)

مَٿي سِنڌ سُڪار - نجم عباسي

سائينم! سدائين، ڪَرين، مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوست! مِٺا دِلدارَ! عَالَمُ سَڀُ آباد ڪَرين.
(سر سارنگ، ۱۲-۴)

ڀينر هن ڀنڀور ۾ - فتاح ملڪ

ڀينَرُ! هنَ ڀنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،
سي ڪِيئَن وِسارِيان؟ جي وَٽان مون واٽَ ٿِيا.
(سر حسيني، ۵-۳)

پاڙي ناھ پَروڙَ - بادل جمالي

پاڙي ناهِ پَروُڙَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذرِي،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گُهورَ،
هِڪَ سَسُئي ٻِيا سوُرَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
(سر حسيني، ۹-۱۰)

جِتي نِينهن اُڇَل - ڊاڪٽر غفور ميمڻ

هَلو، هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي نِينهَن اُڇَل،
نه ڪا جَهَلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
(سر مومل راڻو، ۸-۲)

موتي مهراڻ جا - ترتيب: فيروز احمد ميمڻ

کاري کيڙائُو، مٿي مِٺي موٽِيا،
سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو،
موتي جي مَهراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
(سر سامونڊي، ۹-۳)

تو جَنين تاتِ - سندري اتم چنداڻي

تو جَنين جي تات، تَنِ پُڻِ آهي تنهنجي،
فَاذڪُروني اَذڪُرڪُم، اِيءَ پَروڙج باتِ
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَن جي.
(سر ڪلياڻ، ۱۳-۳)

پچڻ کي پچاءِ - ريٽا شهاڻي

پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ!
پَچَڻ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۰-۳)

سُورج شاخون ڪَڍيون - محمد علي ڀٽي

اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَئِي وِيا،
هڪُ مَيو، ٻيو مينڌِرو، راتِ سَڄي سارِيامِ،
ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙيامِ، سُورج شاخُون ڪَڍيُون.
(سر مومل راڻو، ۲-۴)

ڪانڌي ڪَنگ ٿياس - علي گل عباسي / علي محمد عالماڻي

ڪانڌي ڪَنگَ ٿياس، وَهَڻُ جَنازو، سُهڻي،
ٻَگها جي ٻِيٽَنِ جا، ڪُلها تَنِ ڏناس،
اکِيين مَلَڪَ ڏِٺاس، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏَي.
(سر سهڻي، ۳-۷)

ڪُٺيس ڪُويڄَنَ - محمد شريف کوسو

ڪُٺِيس ڪُويڄَنِ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۷-۲)

سندِي سِڪَ سپرين - غالب لطيف

عاشقن الله جي، مُحبت رکي مَنِ،
سَندِي سِڪَ سپريَنِ، تَنَ ۾ آهي تَن جي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱-۷)

اکيون ميگھ ملهار - اڪبر اديب

اَکِيُون ميگھ مَلهارَ، صُورَتَ تُنهنجي سَڀُ جڳُ موهِيو،
سَجَدو فِيلَ في الحَالَ ڪَيو، پَسي مطلَبَ نورُ نِراڙُ،
ڄاپَڻَ وَقِتِ ڄامَ جي، ڪِريا ڪُنگِرا ڪوٽَ ڪُفارَ،
صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.
(سر سارنگ، ۳- وائي)

وَرَ وطن ڄائي - شعبان بخت
وَرَ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ!
گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇڻَ اَباڻَنِ،
ويڙِهيا گُهمَنِ وَليين، جهانگِي مَنجِھ جَهنگن،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائي سيڄَ ۾!
(سر مارئي، ۱۵-۳)
کِھ کٿوري - ع.ق. شيخ
لَڳو مَنجِھ لَڪَنِ، آيَلِ، تازو پيرُ پُنهونءَ جو،
نه ڪنهن واءَ وڃائِيو، جهوريو تان نه جهَڪُنِ،
آيل تازو پير پنهون جو.
کِھَ کَٿُورِيان اڳَري، هاڻِي جا هوتَنِ
آيل تازو پير پنهون جو.
(سر حسيني، ۳- وائي)

اکيون ميگَھ ملهار - خديجه شيخ

اَکيون ميگھ ملهارُ، صورَت تنهنجي سَڀُ جَڳ موهيو،
سجدو فيل في الحال ڪيو، پَسي مطلب نُور نراڙ،
ڄاپَڻ وقت ڄامَ جي ڪِريا ڪُنگرا ڪوٽ ڪفار،
صورت تنهنجي سڀ جَڳ موهيو.
(سر سارنگ، ۳- وائي)

توکي ساري ساھ - ابن حيات پنهور

مُحِبَ منهنجا سپرينِ! آڻيندءِ الله،
توکي ساري ساھ، اُڪنڊيو آهون ڪري.
(سر سارنگ، ۶-۳)

پيئي جن پروڙ - ابن حيات پنهور

پيئي جَنين پَرُوڙ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڇَڏي سَڀِ ضَرُورَ، لوچي لاهُوتي ٿِيا.
(سر کاهوڙي، ۶-۲)

رچي ريٽو ٿيا - ناز سنائي

رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ،
کُنڀُ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڻِي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالِي تَنهين نَه لَهي.
(سر مومل راڻو، ۶-۳)

کڙيا کٽڻهار - طارق اشرف

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
آئُون جا طامعَ آهيان تُنهِنجي.
هيڪَ وِڃايمَ ويسلِي، ڄاڻي سَڀِ ڄَمارَ،
آئُون جا طامعَ آهيان تُنهِنجي.
هِن مُنهِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ، سَتارَ!
آئُون جا طامعَ آهيان تُنهِنجي.
جيئُن سي گُل گُلابَ جا، کڙِيا کَٽَڻهَارَ!
آئُون جا طامعَ آهيان تُنهِنجي.
مون کي سِڪَ، سَيدُ چئي، آهي مَديني موچارَ
آئُون جا طامعَ آهيان تُنهِنجي.
(سر بلاول، ۱- وائي)

رڻ گَجيو راڙو ٿيو - ميمڻ روشن تبسم

جِهمَندِيُون اَچَنِ، جهوليُون جُهونجهارَنِ جُون،
پايو ٻُڪَ ٻُهارَ جا، اُنِ جُون وَهُون واڪا ڪَنِ،
پِٽيِنِ، پارَ ڪَڍَنِ؛ رڻُ گَجِيو، راڙو ٿيو.
(سر ڪيڏارو، ۹-۳)

سامائي ته سک ويا - نيلوفر جويو

سِرِجِي تان سُورَ، سامائي ته سُکَ ويا،
اهي ٻَيئِي پُور، مون نماڻيءَ نَصِيبُ ٿِيا.
(سر حسيني، ۱۷-۱۰)

سونَ وَرَنِيُون سوڍِيُون - ترتيب: پروين موسيٰ ميمڻ

سونَ وَرَنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اَڱرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنَ،
اوتِيائُون عَبيرَ جا، مَٿي طاقَ تَڙَنَ،
ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌيُون، پَسيو سونهن سَڙَنَ،
ٿِيا لاهُوتي، لَطِيفُ چي، پَسَڻَ لَئي پِرينِ،
اِجهي ٿا اَچَن، ڪاڪِ ڪَڪورِيا ڪاپَڙِي.
(سر مومل راڻو، ۳-۳)
*

سفرناما

پريان جي پار - حڪيم محمد احسن

سَچا ساهَڙَ! مون کي تُون، اي وَهَيان واهَرَ! مون کي تُون،
اي! نيئِي اَولِ پِريان جي پارَ ڏي.
ڪُنَ جي ڪارونڀارَ جا، وو! سي آئُون ڀانئِيان ڀُون،
اي نيئي اول پريان جي پار ڏي.
(سر سهڻي، ۲- وائي)

ماٽيءَ منجھ مهي - هري موٽواڻي

بَندَرِ جان ڀَئي، ته سُکاڻِيا! مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جئَن ماٽيءَ منجھ مَهي،
ايڏو سُورُ سَهي، ننڊ نه ڪجي، ناکُئا!
(سر سريراڳ، ۱۸-۳)

جيڪي ڏٺو هو مون - ڪيرت ٻاٻاڻي

جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين،
گهَرَ وَرَ نِين سان، هُوند گهَڻِنِ گهوري ڇڏيا.
(سر سهڻي، ۷-۱)

هينئڙي مَنجھ هُرنِ - ڪلا پرڪاش

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾؛ هُرَن مَنجھ هِنيين،
لُطفُ ٿِيو، لَطِيفُ چي، مَهرَ ڪي مِيين،
ڏُکيءَ کي ڏِئين، سَرَهايُون ساڙيھَ جُون!
(سر مارئي، ۵-۸، رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي)

پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا - وينا شرنگي

آئون ڪيئن ڇَڏِيان، سُومَرا! تَن پَهنوارَنِ پَچارَ،
جَڙَ جَنِين جِي جانِ ۾، لَڳِي رِيءَ لُهارَ،
ميخُون محَبت سَندِيُون، هِينئڙي مَنجھ هَزارَ،
پکا ۽ پَهنوارَ، ڏِٺي مُون ڏينهن ٿِيا.
(سر مارئي، ۱۸-۴)

ڏوري ڏوري ڏيھ - ڊاڪٽر تنوير عباسي

ڏوري ڏوري ڏيھ، ماءُ! کاهوڙي آئِيا،
مَيَنِ پيرين کيھ، ڪُھ ڄاڻان ڪنهن پارَ جِي؟
(سر کاهوڙي، ۷-۳)

سامي سفر هليا (درگاھن ۽ ماڳن بابت احوال) - مخدوم غوث بخش مهر

تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آهِن اوطاقُن ۾،
سامِي سَفَرِ هَلِيا، رائو چِتائي رُڃَ،
اِهَڙا جَنِ اُهُڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
(سر رامڪلي، ۵-۱)

ويھ مَ وساريج - ڊاڪٽر سليمان شيخ

ويھ مَ وساري، پُڇا ڪَر مَ پَنڌَ جي،
نِرِمَلُ نِهاري، هَلَندِنِ تان هَٿِ ڪيو.
(سر سسئي آبري، ۵-۱)

وايون وڻجارن جون - الطاف شيخ

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون! سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون، پِرِيَنِ جا.
(سر سامونڊي، ۹-۱)

سي ئِي جوڀَن ڏينهن - الطاف شيخ

سي ئِي جوڀَنَ ڏينهن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،
رُئان، رَهَنِ نه سُپرِين، آيَل! ڪَرِيان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيِئَن، وِيو وَڻِجارو اوهَرِي.
(سر سامونڊي، ۸-۱)

بندر ديسان ديس - الطاف شيخ

بَندَرَ ديسان ديس، اَمُلُھ نه مِلي وارِيين،
فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلھ ڏِينِ اَتورِيا.
(سر سامونڊي، ۱۶-۲)

سمنڊ جن ساڻيھ - الطاف شيخ

پَڳَھ پاسي ويھ، آيَلِ! سامُونڊِيَن جي،
تون ويسَري وِکَ کَڻين، هُو پُورِيندا پَرڏيھ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھ، ڪوھ نه وِيئَين تَنِ سين؟
(سر سامونڊي، ۱-۱)

بندر بازاريون - الطاف شيخ

نَنگَرَ ۽ نارِيُون، پَڳَھ کَڻِي پَنڌِ ٿِيا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
(سر سامونڊي، ۶-۱)

جاني ته جهاز ۾ - الطاف شيخ

سڙَھ سُڃاڻِيو چوءِ، ماءِ! سامُونڊي آئِيا،
مَانَ منهنجو هوءِ، جانِي هِنَ جهازَ ۾!
(سر سامونڊي، ۱۳-۲)

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا - الطاف شيخ

وسارجَ مَ ويڻَ جوڀُن ٻه ٽي ڏينهڙا،
لوٺِيُون سَهِنِ لوڪَ جا، وهاڻِيَ ٿيون ويڻَ،
جوڀَنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲- وائي)

جاني آيو جوءَ ۾ - الطاف شيخ

جانِي آيو جُوءَ ۾، ٿِيو قَلَبَ قَرارُ،
وَهِلو، وِچائِين ويو، ڪَري غَمُ گُذارُ،
نظارو نِروارُ، پِيّ پَسايو پانهنجو.
(سر سارنگ، ۴-۱)

سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين - الطاف شيخ

ڦَرَڦُل، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيَٺَ، پاتائون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائون،
لاڄُنِ مَنجِھ، لطيفُ چي، ٻِيڙا ٻَڌائون،
نَذَرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،
جي ڇُهي ڇوڙِيائون، سي ٻيڙيون رَکين ٻاجَھ سين!
(سر سريراڳ، ۱۱-۵)

سمونڊ جي سيوين - الطاف شيخ

سمونڊ جي سيوين، تَنين ماڻِڪَ ميڙيا،
چلر جي چوئين، تَن سانکوٽا ۾ ستيون.
(سر سريراڳ، ۷-۵، رسالو: ڪلياڻ آڏواڻي)

جت جر وهي ٿو جال - الطاف شيخ
سيوا ڪَر سَمُونڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي لالَ،
جي ماسو جُڙيَئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِيين.
(سر سريراڳ، ۳-۲)

دنگيءَ منجھ درياھ - الطاف شيخ

دَنگي وچِ درياھ، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپڙِي،
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهڻَ سڀ سَڙيا،
مُعلم ماڳِ نه اَڳیيِن، ڦلنگِي منجھ ڦِريا،
ملاحَ! تنهنجي مَڪڙي، اَچي چورَ چڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنهنجي!
(سر سريراڳ، ۱۱-۳)

موج نه سهي مڪڙي - الطاف شيخ

آڏو چِڪَڻُ، منهنجي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُن جو، بيحد چاڙهِيُم بارُ،
چَوَڻَ چارو نَاھ ڪو، بَديُون بي شُمارَ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، اُڪارِين اِحسانَ سين.
(سر سريراڳ، ۱۲-۲)

سمنڊ سيويو جَن - الطاف شيخ

سي پُوڄارا پُر ٿِيا، سَمُنڊَ سيويو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواهَرنِ،
لَڌائُون لطيفُ چي، لالُون مان لَهرنِ،
ڪانِهي قيمَتَ تَنِ، مُلُھ مَهانگو اُنِ جو.
(سر سريراڳ، ۴-۲)

ڪنواريون ۽ ڪَنول - عبدالحئي پليجو

آکُون، ڊاکُون، سِر کَنڊ شاخُون، جِتِ چوکا چَندنَ ڪَؤنَر،
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نَه ڀِرَنِ ڀَؤنَر،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاھ ته پَسُون ڪاڪِ جا.
(سر مومل راڻو، ۱۲-۲)

هو جي وڻ ولايت جا - عبدالحئي پليجو

اکيون آريءَ ڄام جون، انڌيءَ سين آهن،
هو جي وڻ ولات جا، سي مُون سُونهاين،
ڏسيو ڏيکارين، پيشاني پنهونءَ جي.
(---------)

ووڙيم سڀ وٿاڻ - عبدالحئي پليجو

وؤڙِيَم سَڀِ وَٿاڻَ، يار ڪارَڻِ جَتَ جي،
”وَاللهُ بِڪُلِ شَيءِ مُحِيط“ اِيءَ آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنُهون پاڻَ، ڪِينِهي ٻِيو ٻَروچ ري.
(سر سسئي آبري، ۶-۳)

پريان سندي پار ڏي - عبدالحئي پليجو

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نِيو مَنُ لائينِ، پِريان سَندي پارَ ڏي.
(سر سامونڊي، ۲۵-۶)

بندر مون ڏور ٿيا - عبدالحئي پليجو

پُران، مانَ پُڄان، بَندَرَ مون ڏورِ ٿِيا،
نه مون هَڙَ نه هَنجِ ڪِين، جو آئون چَئِي چَڙهان،
ايهين ڪجِ، پاتِڻِي! جنهن پَر پرين مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا!
(سر سامونڊي، ۱-۳)

ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون - عبدالحئي پليجو

جيڪَرَ اَڄي هاڻِ، ته ڪَريان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيَلِ! ڍوليي ساڻِ، هوند ڳرِ لَڳِي ڳالهيُون ڪَريان.
(سر سامونڊي، ۲۹-۱)

ڪَجلَ ڀِنَل نيڻَ - عبدالحئي پليجو

سَنهي لَڪِ، نَڪِ سَنئين، ڪَجَلَ ڀِنَلَ نيڻَ،
سامُونڊي! مون سيڻَ ڪِ تو ڪالَھ لَنگهائِيا؟
(سر سامونڊي، ۳۶-۱)

اَندر جَنِين اُڃ - ماهتاب محبوب

ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃيو اُنِ کِي.
(سر سسئي آبري، ۸-۱)

پِرين جي پَرديس - عنايت بلوچ

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَر ڪيسَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لال لَبيسَ،
ِپِرين جي پَرديسَ، مون کي مِينهَنِ ميڙيا.
(سر سارنگ، ۱۰-۱)

سهسين ٿيا سارنگ - عنايت بلوچ

آگَمَ اِيئَڻ نه اَنگَ، جِهَڙو پَسَڻُ پِرينءَ جو،
سيڻَنِ رِيءَ، سَيّد چي، رُوحَ نه رُچَن، رَنگ،
سَهَسِين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
(سر سارنگ، ۳-۱)

پَرديسي ڪهڙا پرين - عنايت بلوچ

ديسِي سيڻ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرين،
لَڏِيو، لاڏُوڻا ڪِيو، پنهنجي ديسِ وَڃَن،
پُڄاڻان پِريَنِ، ڪِجي بَس ڀَنڀورَ کان.
(سر ديسي، ۱۲-۱)

قدمَ ڪاپڙين جا - حسين بخش مرتضائي

وارو! ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وساريج
قَدَمَ ڪاپَڙِيَن جا، لِيلائي لَهيج،
پِيرَتَ پَسِيو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيج،
راتو ڏينهن رِڙهيجِ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۶-۱)
خيما کاهوڙين - اشتياق انصاري

ڏُونگرين ڏِسجَن، اَڄ پُڻ رُون اُنِ جُون،
ڏوٿيئڙا ڏٿ کي، اَڻ آڻيئي نَه اَچَن،
خِيما کاهوڙِيَن، اَڄُ نه انهين ڀيڻيين.
(سر کاهوڙي، ۱۷-۳)

ڏور به اوڏا سپرين - تاجل بيوَس

ڪي اوڏائِي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرِين،
ڪي سَنڀرجَنِ نه ڪَڏِهِين، ڪي نَه وسَرِن مورِ،
جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پُورِ، تيئن دوسَ وَراڪو دِلِ سين.
(سر بروو سنڌي، ۱۱-۱)

اکيون پسي آئيون - رفيق جعفري

ڪِي جو ڪنهن پار، اکيُون پَسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دِل مِ، اَپَر لَڳين آر،
تِنهان پوءِ قرارِ، ستيون ڪين سَيَدُ چي.
(سر آسا، ۲-۹)

سوانح عمريون، آتم ڪھاڻيون ۽ مضمون

هو ڏوٿي هو ڏينهن - سيد پير حسام الدين راشدي

هُو ڏوٿِي، هو ڏينهن، هُو ڏُونگَرَ، هُو لَڪِيُون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، ڀُڻا لُوسَنِ لُڪَ ۾.
(سر کاهوڙي، ۷-۱)

جنب گذاريم جن سين - جي. ايم. سيد

مَتي ثَرَ رَهِي، ويا گُذاري ڏينهڙا،
ڪَڏِهن ڪونَه آئِيو، تَنِ پَهنُوارَنِ پَهِي،
وِيئڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيَمِ جَنِ سين!
(سر مارئي، ۱۱-۹)

ويا سي وينجهار - غلام محمد گرامي

ويا سي وينجهار، هِيرو لَعل ونڌِينِ جي،
تَنِين سَندا پوئيان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
ڪُٽن ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻيين.
(سر سريراڳ، ۱۵-۴)

ڳالهيون پيٽ وَرن ۾ - ڊاڪٽر شمس عباسي

ڳالهِيُون پيٽَ ورَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون،
پَرَ سين مُون نه ڪِيُون، گوشي پِرِين نه گَڏيا.
(سر رپ، ۲-۲)

جَهڙا گُلَ گُلابَ جا - غلام رباني آگرو

جهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ها ها هو هَميشَ،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
لالڻ جي لَبِيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُجَهي.
(سر مومل راڻو، ۱-۳)

سامي سَفرَ هليا - مخدوم غوث محمد گوهر

تان ڪِي وَٽِنِ ويھ، جان آهِنِ اوطاقُن ۾،
سامِي سَفَر هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيھ
ڇَڏي سُکُ ساڻيھ، مَٿي گَنگا گَجِيا.
(سر رامڪلي، ۴-۸)

آديسي اٿي ويا (شاعرن جو تذڪرو) - ڊاڪٽر نواز علي شوق

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،
آديسِي اُٿي ويا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،
هُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاهُوتي لَڏي ويا.
(سر رامڪلي، ۸-۸)

ٻري جَن ٻاري - ڊاڪٽر خان محمد پنهور

نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَهانَ ۾،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۱-۱)

اڳي ايئِن هُياس - فضل احمد بچاڻي

اَڳي ايئن هُياس، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَم ڪَپڙا،
هاڻي ایئن ٿِياس، جيئن جتَ نه نِينِم پَاڻَ سين.
(سر حسيني، ۱۷-۱۲)

مارُو جي ملير جا - خادم حسين چانڊيو

جا عُمَرَ تو مُل عِيدَ، ساسان سُوءِ وَرَتِي سُومَرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسَري، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.
(سر مارئي، ۱۸-۳)

سُپريان سندي ڳالهڙي (سوانح محمد يوسف) - ممتاز مرزا

ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ،
اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائين آڻِينِ،
تِنهان پوءِ ڏَسِينِ، سپرِيان سَندي ڳالهَڙي.
(سر کاهوڙي، ۱۵-۱)

سدا سوئيتا ڪاپڙي (سوانح، علڻ فقير) - ممتاز مرزا

مَٿا مُوءَ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي،
ڪوٺي ڪنهن نه پُڇيا، اَندَرِ آندوهِيان،
جيڪا ڄماران، سا مَنجِھ گُوندَرَ گُذِرِي.
(سر رامڪلي، ۴-۶)

وساريان نه وسرن (خاڪا ۽ سوانح) - ممتاز مرزا

چيتارِيان چُڻُڪَڻِ، وِسارِيان نه وِسَري،
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي، هَڏُ جيئن.
(سر رپ، ۲۷-۱)

ماءُ کاهوڙي هليا (خاڪا) - ناز سنائي

ماءُ! کاهوڙِي هَلِيا، دُکائي دُونهان،
ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِيَنِ ڏُٿَ چيتارِيو.
(سر کاهوڙي، ۲۳-۱)

رچي جي ريٽو ٿيا - ناز سنائي

رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽجَنِ اوءِ،
کُنڀُ نَه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تِنهِين نَه لَهي.
(سر مومل راڻو، ۶-۳)

ڏونگر جَنِ ڏورِيا - ناز سنائي

وييُون پَٻِ پَئِي، کِيرون کاهوڙِيَنِ جُون،
آئُون تَن ڏوٿِيَنِ جو، پُڇان پيرُ، پَهِي،
رُڃُنِ راتِ رَهِي، ڏونگرَ جَنِ ڏوريا.
(سر کاهوڙي، ۴-۱)


ڏکيون جان نَه مڙن (انٽرويو ۽ سوانح) - سهڙيندڙ: ناز سنائي

ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀنَڻُ نه ٿئي،
ٻِيُون هونهِين هَٿَ هَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.
(سر حسيني، ۱۸-۶)

موهيا ڪنهن نه مال (سوانح سيد اڪبر) - ترتيب: حبيب الله ڏيرو

ڪَنَ - ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا لالَ،
لاهُوتِي، لَطِيفُ چِي، موهِيا ڪنهن نه مالَ،
ھھڙا وَٺِي حالَ، هَلو ته تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
(سر رامڪلي، ۷-۳)

حاصل جنين حال (جي. ايم. سيد) - سھڙيندڙ: آزاد قاضي

واڄَٽَ ويراڳِيَن جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مهند ٿيا، ڪونِهي وَٽِن قالُ،
حاصُلُ جَنِين حالُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۹-۱)

هوندا سي حيات - خان محمد پنهور

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينِ نه ماتِ،
هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳي جي جِيا.
(سر معذوري، ۷-۴)

ڪارون وس ڪيام (سوانح محمد جمن) - سوز هالائي

ڪارُون وَسَ ڪِيامِ، ڙي هَئي هئي! وو، لَڏي ڏُورِ وِيامِ!
منهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪارُون وَسَ ڪِيامِ،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچنِ جا، پِينگهي مَنجِھ پِيامِ،
وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!
(سر حسيني، وائي، داستان ٻارهون)

هوندا سي حيات - کٽياڻ موليٰ بخش

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينِ نه ماتِ،
هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻانَ اَڳي جي جِيا.
(سر معذوري، ۷-۴)

پرين جي پچار - محمد موسيٰ ڀٽو

جِيارِيَس سَنڀارَ، ڪُھ ڪَرِيندَمِ گَڏجِي؟
وير و تارَ، وُجُودَ ۾، پرِيَنِ جِي پَچارَ،
سي سَڄَڻُ هُونِ نه ڌارَ، جي هِنيين ۾ حَلُ ٿِيا.
(سر سهڻي، ۶-۴، رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي)
سَکر سيئي ڏِينهن - محمد اسماعيل عرساڻي

سَکَرَ سيئِي ڏينهن، جي مُون گهارِيا، بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي، ماڙِيَنِ مينهن،
واجهاڻِيَس وِصالَ کي، ٿِيَس تَهِوارُون تيئن،
نِيئَرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(سر مارئي، ۸-۱۱)

ڏِسي ڏوھ اَکين سان (آتم ڪٿا جلد 1) - جمال ابڙو

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ،
پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوھ اَکين سين.
(سر ڏهر، ۵-۳)

اونهي ڳالھ اسرار جي (جلد II) - جمال ابڙو

دوستَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَختِيُون سَهائي،
اَللهُ اَلصّمَدُ بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاهي،
اِنهِيءَ مَنجِھ آهي، ڪا اُونِهِي ڳالِھ اِسرارَ جِي.
(سر ڪيڏارو، ۱۰-۲)

ڍولي ڍڪي آهيان (جلد III) - جمال ابڙو

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙي،
ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو.
(سر مومل راڻو، ۹-۸)

سيئي ٿي ساريان - سيد اظهر گيلاني

ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،
سي ڪيئن وِيسارِيان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.
(سر حُسيني، ۵-۳)


ڏک سکن جي سونهن - تاجل بيوس

ڏک سُکَنِ جِي سُونهن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!
جَنِين جِي وِرُونهن، سڄَڻُ آيو مان ڳري.
(سر حسيني، ۲۴-۲)

تان ڪي ڏونگر ڏوريان - محمد صادق ميمڻ

آئُون جيهائِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻج سُپرِين!
تان ڪي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان نَه وهامِي راتِ،
تُون پاڻُ سُڃاڻجِ سُپرِين!
(سر کاهوڙي، ۲- وائي)

الا ڏاهي مَ ٿيان (آتم ڪٿا) - فتاح هاليپوٽو

اَلا! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(سر ليلان چنيسر، ۶-۲)

متفرقه موضوع

مضمون نويسي - مقاله نگاري، تنقيد ۽ تحقيق، ساروڻيون، خط، انٽرويو، ڪالم، ڊائريون، تاثر، اخلاقيات ۽ لطيفيات جي موضوعن تي مشتمل ڪتاب.

ماڻِڪَ موتِي لعلَ - (مضمون) لال چند امر ڏنو مل

سيوا ڪر سمنڊَ جِي، جِتِ جَرَ وهي ٿو جالَ،
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪ موتي، لعلَ،
جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پُوڄارا! پُر ٿيين.
(سر سريراڳ، ۳-۲)
روحَ رهاڻ - ڊاڪٽر ايڇ. ايم گربخشاڻي

پيهِي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻ،
ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيھ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ هُئا.
(سر سسئي آبري، ۲-۵)

(روح رهاڻ جي عنوان سان ٻه اهم مخزن بہ سنڌي ادب ۾ گهڻو وقت شايع ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ پهرين جو ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻئي جو حميد سنڌي ايڊيٽر رهيا آهن).
ساهڙ جا سينگار - علامه آءِ آءِ قاضي

ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا،
نَه ڪا ڪُن فَيَڪُونُ هُئي، نَه ڪا ٻِي پَچار،
مَلَڪَنِئان مَهدِ هُئي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مُحبَتَ ساڻُ ميهارَ، لايائين، لَطِيف چي.
(سر سهڻي، ۱-۶)

اَڄ پڻ چِڪِيَم چاڪَ - جي. ايم. سيد

اَڄ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ، وَنهِينِ ويڙيچَنِ جا،
سُورَن اَچِي، سُومَرا! اَندَرِ ڪِي اوطاقَ،
مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ منهنجا ڪَپِيا.
(سر مارئي، ابيات، متفرقه، ۵۲)

ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (تاريخ، سوانح، ادب ۽ تنقيد) - سيد حسام الدين راشدي

اڄ پڻ آنديون، اوٺين ڪتابتون ڪي،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، سڻ تون عمر سي
(سر مارئي، ----)

ايڏو شان شعور (ايڊيٽوريل، ڪالم) - علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

جانِبَ تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعورَ سين،
مون تي ڪَر منهنجا پِرِين، توھ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جيئن نَوازِيم نِگاهَ سين.
(سر بروو سنڌي، ۱-۲)

ڪتين ڪَرَ موڙيا (ويچار، جانچنائون چوڻيون) - شيخ اياز
ڪَتِيَن ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،
کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي! جا پرِيَنِءَ ريءَ پيئِي،
مُون کي ڏنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قراريو.
(سر مومل راڻو، ۵-۴)

سَرَ لوهيڙا ڳڀيا (نوٽس، ڊائريون) - شيخ اياز

سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسَرِيا،
تو ڪيئن وِسَرِيا، ڍولِيا، ڏينهَن اَچَڻَ جا؟
(سر سامونڊي، ۲۸-۱)

جي ڪاڪَ ڪَڪوريا ڪاپڙي (خط) - شيخ اياز

جي ڪاڪِ ڪَڪورِيا، ڪاپَڙِي، تَنِ لَهي نَه لالِي،
ڪَڙي ڪَيَف خُمارِيا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصُلُ هَلِيا، ڪَيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊوڻِيان لوڌِي ٿِيا.
(سر مومل راڻو، ۴-۳)

ڳِچين سندا ڳَچ - (مضمون) ڊاڪٽر حميده کهڙو

پتنگَنِ پَھ ڪِيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ
سندا ڳِچِيَن ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃَائيا.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۶-۳)

ڏيئي ڏنڀ ڏڏن - دادا سنڌي

تَن طبيب نه گڏِيا، ڪُٺيس ڪويڄن،
ڏيئي ڏَنڀَ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکويو.
(سر يمن ڪلياڻ، ۳-۲، رسالو: آءِ آءِ قاضي)


تَن سِپون سُوجهي ڪَڍِيون پاتاران پيهي - سنتنداس جهانگياڻي

ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سُوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
(سر سريراڳ، ۱۱-۲)

الا ڏاهي مَ ٿيان (مضمون) - پوپٽي هيراننداڻي

اَلا! ڏاهي مَ ٿِيان! ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِريَنِ، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪَيا.
(سر ليلا چنيسر، ۶-۲)

چُرن چُڻڪن چِت ۾ - پوپٽي هيراننداڻي

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجھ سَرِيَر،
لَڏي ڪنهن لوءِ وِيا، مارُو منجھ مَلِيرَ،
ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مانَ مِلَنيمِ ڪڏِهين.
(سر مارئي، ۶-۸)

جيڪي ڏٺو مون - دادا گرداس واڌواڻي

جيِڪين ڏٺو مون، سو جي ڏٺو جيڏِئين،
گَهَرَ وَرَ نِين سان، هُوند گهَڻِنِ گهوري ڇڏيا.
(سر سهڻي، ۷-۱)


ڪنول پاڙون پاتار ۾ - ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي

ڪَؤنر پاڙُون پاتارِ ۾، ڀؤنر ڀري ۾ سُڃَ،
ٻِنهي سَندِي ڳالهڙي، عِشقَ اِيّ اُهَڃَ،
توءِ نه لَهين اُڃَ، جي پِيئو پِيئَنِ پاڻَ ۾.
(سر ڪارايل، ۲۳-۱)

نِرتي تَندُ نِيازُ سين (بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس 1988ع جا مقالا)

نِر تِي تَندُ نِياز سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راڄا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِيائين راءَ سين، ڪنهن موچارِيءَ مَهَلَ،
”اَنا احمَدُ بِلاَ مِيم“، سَينَ هَنئِي سائِلَ،
ڪنهن ڪنهن پيئِي ڪَلَ، تَه هردوئِي هيڪُ ٿِيا.
(سر سورٺ، ۴-۲)

انڌا اونڌا ويڄ - رسول بخش پليجو

اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکيءَ ڏِيلَ ۾، تون پيارِيين پيڄَ!
سُوريءَ جَنين سيڄَ، مرڻ تَنِ مُشاهدو.
(سر ڪلياڻ، ۲-۲)

وهڻ مون نه وِڙاءُ (مضمون، خط ۽ ڪهاڻيون) - رسول بخش پليجو

چَؤڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَڻِ، جو، پِيُمِ ڪَنِ پَڙاءُ،
وهَڻُ مون نه وَڙاءَ، سُڻِيو جهانءِ جِهڄي هِنيُون.
(سر سهڻي، ۲-۴)

رتيءَ جي رهاڻ - ترتيب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

اَدِيُون! آئُون اَڄاڻ، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،
هُوندَ نه سَٺِيَمِ هيتَرِي، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جِيءَ رِهاڻِ، جِي اَڙايُمِ جَتَ سين.
(سر سسئي آبري، ۱۹-۵)
منهنجي وس واڪا - ڪريم ڏنو راڄپر

آڏتِرڇا، آهُڙا، ڏُونگَر کي ڏاڪا،
ڪِيَم آھ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي هَٿِيڪي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَن ڪا،
منهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻَ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
(سر ديسي، ۱-۶)

جانب جو جَمال (مقالا: لطيفي ڪانفرنس) - اطلاعات کاتو سنڌ

جِتِ آھ نه ناھ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خيال،
جانِبَ جو جَمالُ، پَسڻا ئِي پَري ٿِيو.
(سر آسا، ۴-۳)

سَڏنَ مَٿي سَڏڙا - علي احمد بروهي

واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مٿي سَڏَڙا،
مانَ تنهنجِي ڪاءِ، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.
(سر حسيني، ۳-۱۰)

ڳُجھ ڳُجهاندَرَ ڳالهيون - علي احمد بروهي

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏاهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱيندين مَڱڻا!
ڳُجھ ڳُجهاندَرَ ڳالِهِيُون، رازُ نه رَکِيائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱِيندين مَڱڻا!
(سر پرڀاتي، وائي، داستان پهريون)

ڏِيئا تيلَ ڦليلَ جا - علي احمد بروهي

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻاريَمِ تائِين، ٻانگَ،
ڍولو ڍَٽ رَهائِيو، ڪنهن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙهِي آءُ تُون، لالَ! وَرائي لانگَ،
ڪوڙيين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ، اَچيج تُون.
(سر مومل راڻو، ۳-۴)

اَمُلھ اڻ توريا - فقير امداد علي سرائي

بَندَرَ ديسان ديس، اَمُلُھ نه مِلي وارِيين،
فَقِيراڻي ويس، اَمُلھ ڏِينِ اَتورِيا.
(سر سامونڊي، ۱۶-۲)

وڏي وٿ هيام - سوڀو گيانچنداڻي

وَڏِي وَسَ هُيامِ، ٻاروچا ڀَنڀَور ۾،
وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگينِ پُٺِيءَ سُپرِين.
(سر حسيني، ۲-۵)

ڏونگر سي ڏورينديون - ڊاڪٽر درِشهوار سيد

ڀينَرُ! آئُون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻي نَه ڪيو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ ويا، جهڄَڻُ ۽ جهورِي،
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگرُ سي ڏورِينديُون.
(سر سسئي آبري، ۱۸-۵)

قَدمَ ڪاپڙِين جا - فقير امداد علي سرائي

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاهُوتَ،
جِنِين سين ياقُوتَ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۷-۱)

پَلَئه پايو سچ - علي نواز وفائي

اَگهِيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
(سر سريراڳ، ۱۴-۴)

رتيءَ جي رهاڻ - علي نواز وفائي

اَدِيُون! آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،
هُوندَ نه سَٺِيَمِ هيتَرِي، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جِيءَ رِهاڻِ، جِي اَڙايُمِ جَتَ سين.
(سر سسئي آبري، ۱۹-۵)

نظارو نينهن جو - ڪريم بخش خالد

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿَلِيا آسمانَ،
ڪَرَھ هُئِي ڪانَ، هو نظارو نِينهن جو.
(سر ڪيڏارو، ۷-۲)

وکر سو وهاءِ (ترجمو) - محبوب علي جوکيو

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُو نه ٿِيي،
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِيي نه ضاءِ،
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھ جنھن جي اُبَهينِ.
(سر سريراڳ، ۲-۳)

آڏو ٽَڪر ٽَرُ - عبدالواحد آريسر

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَڙُ وَڏو ڪيو،
نِهارِيندِيَس نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھ رَتيُون ٿِيين!
(سر ديسي، ۲۰-۳)

نائي نيڻ نِهار - عبدالواحد آريسر

وَڃين ڇو وڻِڪارِ، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ، لَطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پارِ،
نايو نيڻَ نِهار، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
(سر سسئي آبري، ۱۱-۳)

ڳچيءَ ڳانا لوھ - عبدالواحد آريسر

ڳِچِيءَ ڳانا لوھ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ،
پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندِرِ ڪِيرَ،
چارِي چَوگانَن ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،
ڇَنِ نه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙِيءَ سَٽَ سَرِيرَ،
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇج ڪِي پَهنوارِ کي.
(سر مارئي، ۱۳-۶)

سِرَ جي صدا سُرَ ۾ - عبدالواحد آريسر

مَحَلين آيو مَڱَڻو، سازُ کَڻي سُرندو،
سِرَ جي صدا سُرَ ۾، گُهور هَڻي گُهرندو،
مَٿي ريءَ مَلوڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرندو،
جُهونا ڳَڙھ جُهرندو، پُوندي جهانِءِ جهروڪَ ۾.
(سر سورٺ، ۳-۳)

هَٿين هٿ ڪڙولَ - طارق اشرف

هَٿين هَٿ ڪَڙولَ، هِينئَڙي پِيَم هُنِ جا،
سانگِي سارِيَم، سُومَرا! ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽ ويهَڻَ جا.
(سر مارئي، ۱۶-۶)

ڪنڌيءَ ڪؤنر تَرنِ - ڪاشف محمد حسين

هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤنَر تَرَن،
وَرِئي واهُوندَنِ، ڪِينجُهرُ کَٿورِي ٿِئي.
(سر ڪاموڏ، ۵-۲)

اندر تون اُجار (اخلاقيات) - امام غزاليءَ جي ڪتاب جو ترجمو

اَکَرُ پَڙھ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۹-۵)

آديسي اُٿي ويا - ڪامريڊ مير محمد ٽالپر

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِين،
آدِيسِي، اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،
هُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاهُوتي لَڏي وِيا.
(سر رامڪلي، ۸-۸)

حقيقت هن حال جي (لطيفيات) - سليم ڀٽو

حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَريان زَبانَ،
لڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رَسي سُورُ شَبانَ،
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَيا.
(سر ڪوهياري، ۶-۵)

ھهڙا سيڻ سُڌير - سليم ڀٽو

ڏُونگَرَ ڀُونيينِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگرين،
هھڙا سيڻَ سُڌِيَر، ڪينَ لَهَندييئنءَ ڪي ٻِيا.
(سر ڪوهياري، ۱۶-۲، رسالو: آءِ آءِ قاضي)

جيڪِي منجَھ جَهان - يوسف سنڌي

جيڪِي مَنجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهنجِي،
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چي، تو وَٽِ، ڪَمِي ڪانَ،
عَدُلَ ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪج فَضُلَ جو.
(سر سريراڳ، ۱-۲)

توکي ساري ساھ - ابن حيات پنهور

مُحِبّ منهنجا سُپرِين! آڻِيندُءِ اَللهُ
توکي ساري ساھ، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
(سر سارنگ، ۶-۳)

جهڙا گل گلاب جا - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ها ها هو هَميش،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.
(سر مومل راڻو، ۱-۳)

اوجاڳي اُجاريا (لطيفيات) - ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر

مَرَڻُ مُسلّمُ جِنِ، واحِدُ تِنِ نه وِسري،
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙي، نانگا نِنڊَ نه ڪَنِ،
نيڻَ سَدائِين تَنِ، اوجاڳَي اُجاريا.
(سر رامڪلي، ۱۴-۱۰، رسالو: علامه آءِ آءِ قاضي)

پائي پٽ ڪڻا - (مقالا) ڊاڪٽر نور افروز خواجه

”پائي پَٽَ ڪڻا، مُون تان مُورَ نَه مڱِيا،
تازِي طَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهر گهڻا،
هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي، آن ڪا تَندُ هَڻا،
جا مَٿي تو مَڻيا، تنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو.“
(سر سورٺ، ۹-۲)

اگهيا سُٽ سَندا - (مضمون ۽ مقالا) ڊاڪٽر نور افروز

ڪو جو وَھ ڪاپاتيين، ڪَنَبنِ ۽ ڪِتَن،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارُيون، آتَڻَ مَنجِھ اَچنِ،
اُنِ جي سُونهَن سَيدُ چي، صَرافَ ئي سِڪَنِ،
اَگهيا سُٽَ سَندِنِ، پائي تارازِيءَ نَه تورِيا.
(سر ڪاپائتي، ۱۸-۱)

سون برابر سڳڙا (مقالا) - ترتيب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

سونَ بَرابَرِ سَڳڙَا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُ،
رُپو جنهن رَدِ ڪِيو، ڪُوڙِ تِهِين کي ڪَکُ،
مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.
(سر مارئي، ۴-۲)

لا مون تنهن وڻ سنديون - (ترتيب) آزاد قاضي

گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکِيو تان نَه ٽَري،
ٻَڙِي جيڏِيُون! منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀورَ ۾.
جو سينگَارُ سَرَتيِين، سو مُون ناھ ڳري،
منهنجي وو شَهَرَ ڀَنڀورَ ۾.
لامُون تنهن وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان، لايان ڳَري،
منهنجي، وو شَهَرَ ڀَنڀورَ ۾.
(سر ڪوهياري، وائي، داستان پهريون)

آيو ڄام تماچي - (ترتيب) آزاد قاضي

پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچي آئِيو،
گُوندَرَ لاهِيو، گَندِرِيُون! آتَڻَ اُجارِيو،
ڪِينجهُرُ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشي.
(سرڪاموڏ، ۱۰-۲، رسالو: علامه آءِ۔آءِ قاضي صاحب)

حاصل جَنين حالُ - ترتيب: آزاد قاضي

واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مهند ٿِيا، ڪونِهي وَٽِنِ قالُ،
حاصُلُ جَنِين حالُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۹-۱)

ديسي سيڻ ڪجن - ترتيب: تاج جويو

ديسي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسي ڪَهڙا پِرين؟
لَڏيو لاڏُوڻا ڪَيو، پَنهنجي ديس وَڃَنَ،
پُڄاڻا پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
(سر ديسي، ۱۲-۱)

حُسينيءَ جي هاڪ (لطيفيات) - ترتيب: تاج جويو

حُسينيءَ جِي هاڪَ مادَرِ! مارِي آهِيان،
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِم پرينءَ سين.
(سر حسيني، ۱۰-۵)

واڄٽ ويراڳين جا (خطن جي ترتيب) - تاج جويو

واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وٿ،
سون سڀوئي سڳيون، پسي ڪينَ مَ ڪٿِ،
ويساهي ويلَ ڪنهين، پورب ويندو پَٽَ،
هُل کنيائون هَٿُ، آئون نه جيئندي ان ري.
(سر رامڪلي، ۸-۱)

ڏاهيُون ڏکَ ڏِسَنِ (فلسفو) - ترجمو: ڊاڪٽر گل

اَلا! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(سر ليلا چنيسر، ۶-۲)

مڙيا مٿي مچ (حُر تحريڪ جو احوال) - سهڙيندڙ: فقير محمد نظاماڻي

پتنگَنِ پَھ ڪِيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ،
سندا ڳِچِيَن ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃَائيا.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۶-۳)
ڏيهاڻِي ڏَنڀَ ڏين - ڪريم بخش خالد

ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَر سَندِي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙهيو سُپرِين، ڏَنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِين،
ويٺا وِرھ وَٽِنِ، آءُ واڍوڙِئا وِهاءِ تون.
(سر ڪلياڻ، ۲۱-۳)

جر ٿَرِ تِکَ تَنوارَ (لطيفي مضمون)
سهڙيندڙ: شمشير الحيدري ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا ميمبر

جَرِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙِي،
سَڀيئِي شَيءِ ٿِيا، سُورِيءَ سَزاوارَ،
هَمَھَ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَهِڙا چاڙهِيو چاڙهِئين؟
(سر سهڻي، ۱-۹)

هو جي پهڻ پٻ جا ( تنقيد) - مشتاق باگاڻي

ڏُونگَرَ! ڏُکوينِ کي، ڳَلَ سُڪا ڳوڙها،
هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،
گوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِيو.
(سر ڪوهياري، ۱۱-۲)

کِڙيا کٽڻهار (ٻاراڻو ادبَ) - غلام مرتضيٰ ڀٽي

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، آئون جا طامع آهِيان تنهنجي،
جيئن سي گُل گُلاب جا، کِڙيا کَٽَڻَهارَ،
آئون جا طامع آهِيان تنهنجي.
(سر بلاول، وائي، داستان پهريون)

واٽون ويھ ٿيون (مضمون) - اضعف هالائي

ڪيچان اوري ڪيترِيون، مَعذُورِيُون مُيُون،
واٽُون وِيھ ٿِيُون، ڪُھ ڄاڻان ڪيهِيءَ ويا؟
(سر ديسي، ۴-۳)

پرچن شال پنهوارَ - سهيڙيندڙ: عرفان مهدي

پَرَچَنِ شالَ پَهُنوارَ، ڍولا! مارو مُون سان، لا!
مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،
ڍولا! مارُو مُون سان، لا!
(سر مارئي، وائي، داستان اٺون)

فائق هليا فردوس ۾ - حڪيم عبدالعزيز سرهندي

جَنّتَ سَندِيَنِ جُوءِ فائِقَ هَلِيا فِردُوسَ ڏي،
فانِي ٿِيا ”في اللهَ“ ۾، هُوءِ ۾ پِيا هُوءِ،
رَبَ! ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِين جِي اِحسانَ سين!
(سر ڪيڏارو، ۱۲-۶)

اندر تون اُجار - صاحبزاده علامه نعمت الله ڪرمي نقشبندي

اَکَر پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۹-۵)

سي آيتون آهن (مقالا) - تقوي نعيم

جي تو بيتَ ڀانئيا، سي آيتُون آهِينِ،
نِيو مَنُ لائِينِ، پِريان سَندي پارَ ڏي.
(سر سهڻي، ۲۵-۶)

جي منهنجو جَن سين - حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو

لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،
مَڙِهيو مَنجهاران، جِيُ منهنجو جَنِ سين.
(سر سامونڊي، ۴-۲)

سبحان تنهنجي صاحبي (طب ۽ سائنس) - عبدالهادي ٿيٻو

سبحان! تُنهنِجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏٺِي سُون،
پَنَ ٻوڙين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،
جيڪَرَ اَچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.
(سر ڏهر، ۱۹-۲)

نيئر منهنجو نينهن (جيل ڊائري) - اعجاز علي خواجه

سَکَر سيئِي ڏينهن، جي مُون گهارِيا، بَندَ ۾،
وَسايَم وَڏڦُڙا، مَٿي، ماڙِين مينهن،
واجهاڻِيَس وصالَ کي، ٿِيَس تَهِوارُون تيئن،
نِيئَرُ مَنهنجَي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(سر مارئي، ۸-۱۱)

جوڳيئڙا جهانَ ۾ - جڳديش لڇاڻي

جوڳِيَئڙا جَهانَ ۾، هئا مَنجِھ حَمامَ،
آرا مان اَرَڳُ، ٿِيا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪيائُون قِيامَ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۲-۱)

تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا - جامي چانڊيو

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿو ٿونا هڻين،
جاتو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
(سر ڏهر، ۱۴-۱)

وکر سو وِهاءِ (مضمونن جو مجموعو) - پروين موسيٰ ميمڻ

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُو نه ٿِيي،
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِيي نه ضاءِ،
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھ جنهن جي اُڀييِن،
(سر سريراڳ، ۲-۳)

مُلھ مَهانگا سپرين (ادبي تاريخ - اڻ ڇپيل) - پروين موسيٰ ميمڻ

جي مَٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهِين سَڌَ ٿِيئي،
سِرَ ڏني سٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِيئن اَچنِ،
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھ مَهَانگا سُپرِين.
(سر ڪلياڻ، ۳۱-۲)

سُونهان سُڌيون ڏين (سوانح - اڻ ڇپيل) - پروين موسيٰ ميمڻ

سُونهان سُڌيون ڏين، هِن ديواني درياه جيون،
ڪُوڙ اوڏا ئي ڪِينَ ڪي، رُڳو سچ سودين،
عجزَ جو اڌ راتِ کي، وَکَرُ وِهائين،
ساٿُ نباهِيو نِينِ، ثابت اِنَهَين سيرَ مان.
(سر سريراڳ، ۱۷-۴، رسالو: آءِ آءِ قاضي صاحب، ص ۳۰۴)

جي پارکو پارس جا (لطيفيات) - پروين موسيٰ ميمڻ

جي نَه سُڃاڻنِ سَچَ کي، ويھ مَ تِنِي وَٽِ،
اَمُلھ کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،
وَڃي مهرَ تني وَٽِ مَٽِ، جي پارَکُو پارِسَ جا.
(سر سريراڳ، ۱۲-۴)

پلئه پايو سچ - پروين موسيٰ ميمڻ

اگھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪن موٽ ٿي،
پَلئِه پايو سَچُ، آڇيندي لڄ مران۔
(سر سريراڳ، ۱۴-۴)

متفرقه موضوعن تي مشتمل نوان ڪتاب ۽ لطيفي بيت

(5-1-2021)

عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

سائينم! سدائين، ڪَرِين مَٿِي سنڌ سُڪار،
دوس! مٺا دِلدار، عَالَم سَڀ آباد ڪَرِين.
(سر سارنگ، ۱۲-۴)

اٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ٿڪيائي ٿَرَ ٿيل، چَڙِھ چُڪيائي چوٽيين،
هلندي هُوت پنهونءَ ڏي، ڀؤ مِڙِئي ڀيل،
اُٿي رائو رِيل، ويٺن تان واري وري۔
(سر سسئي آبري، ۱۳-۸)

درد جو دارون (لطيف شناسي) - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

تون حبيب، تُون طبيب، تُون دردَ جو دارون،
دوا آهين دِل کي، تنهنجيُون تنوارُون،
ڪريان ٿي ڪارُون، جيئن ٻُڪي ٻنئون نه ٿئي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲-۱)

ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (مضمون ۽ مقالا) - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏِسَن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا،
(سر ليلان چنيسر، ۶-۲)

سدا وسين تون (مهاڳ، تبصرا ۽ تاثر) - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،
مينهن ته مُندائتا وسڻا، سدا وسين تون،
جي گھر اچين مُون، ته ميرِيائي مانُ لهان.
(سر پرڀاتي، ۲۶-۱)

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون (لطيف شناسي) - منظور قناصرو

ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون لِکَن لَکَ هزار،
جِيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، دَرسَنِ ڌارو ڌارُ،
پريم تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئي ڪيئن چُوئان.
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۴-۱)

آڇيندي لڄ مران - لڇمڻ ڪومل

اَگهِيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَن، موٽ ٿي،
پلئه پايو سَچُ، آڇيندي لَڄَ مَران.
(سر سريراڳ، ۱۴-۴)

لهرن لک لباس – (مضمون مقالا) - نذير ناز

لَهرنِ لَکَ لباسَ، پاڻي پَسڻُ هيڪڙو،
اُونهي تھ عميق جي واري ڇڏوماسَ،
جت ناھ نهايت نينهن جي، کوءِ اُت پنهنجي ڪاس
تڙن جي تلاس، لاھ ته لالن لڳ ٿينئين.
(سر سهڻي، ۳-۹)

اديون! عبداللطيف چي (لطيف شناسي) - نذير ناز

ڪَرها مَ ڪاهِيو، مِيان ڪيچي،
آئون آرياڻيءَ عرضُ چُوندي،
اديون! عبداللطيف چي، سَڄَڻَ کي ساراهيو،
آئون آرياڻي عرضُ چُوندي۔
(سر سسئي آبري، وائي۳)

پئي پراڻو نه ٿئي - (ترتيب: احسان لغاري)

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿِئي،
ويچيندي وِلاتَ ۾، ذرو ٿيي نه ضاءِ،
سا ڪاهَڙَ هلاءِ، اَڳھ جنهن جي اُبَهين
(سر سريراڳ، ۲-۳)

ڪوڙيين ڪن سلام - رکيل مورائي

ساري رات سُبحانُ، جاڳي جَنِ ياد ڪيو،
اُن جي عبداللطيف چي، مِٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙيين ڪَنِ سلامُ، آڳھ آچيو اُنَ جي.
(سر سريراڳ، ۲-۲)

واجهائي وَطنَ کي - ناصر مورائي

واجهائي وَطنَ کي، ساري ڏيان ساھ
هيءُ سِرُ ساڻيھ سامهون منھنجو نِج، مِيان!
مقامياڻي مارئين، وَڃي ٿَرِ ٿيان،
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙھ مَليرَ ڏي.
(سر مارئي، ۱۱-۶)

جي گهاريا بند ۾ - استاد نظاماڻي

سَکَر سي ئِي ڏِينهن، جي مُون گهاريا بَندَ ۾،
وَسايَم وَڏ ڦُڙا، مَٿي ماڙيَن مينهن،
واجهاٹيس وِصال کي، ٿيس تَهوارُون تِيئَن،
نيئر مُنهنجي نِنيهن، اُجاري اڇو ڪيو۔
(سر مارئي، ۹-۱۱)

محبت پائي مَنَ ۾ - مخدوم جميل الزمان

مُحَبتَ پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جَن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اَگهائيو۔
(سر ڪاپائتي، ۱۷-۱)

اُتر لڳا آءُ پرين - مخدوم جميل الزمان

سَرَ نِسِريا پاندَ، اُتر لڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ ڪانڌَ! سَهسين سُکائون ڪيُون۔
(سر سامونڊي، ۲۷-۱)

رُوحَ رَچنديُون - مخدوم جميل الزمان

جيڪَرَ اچي هاڻ ،ته ڪَريان رُوح رُچَنديُون
آيل! ڍوليي ساڻِ، هُوند ڳرِ لڳي ڳالهيُون ڪرِيان۔
(سر سامونڊي، ۲۹-۱)

پيهي منجھ پاتار (لطيف شناسي) - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

اِيءَ گت غواصَنِ، جيئن سَمُنڊ سُوجهيائُون،
پيهي منجھ پاتار جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،
آڻي ڏِنائُون، هيرو لعل هٿن سين۔
(سر سريراڳ، ۹-۲)

ڪيچان آيو قافلو - وينا شرنگي

ڪيچان آيو قافِلو، ڀليرو ڀانيان،
پَڻي جا پيرَن جِي، لِڱن کي لايان،
چنبيلي چايان، جي مُون نِهو پاڻ سَين۔
(سر ديسي، ۷-۳)

ماندي ٿي نه مارئي - استاد بخاري

ماندي ٿي نه مارئي، الله اوڏو آهي،
سؤ ورهين جا ڏکڙا، هڪ لحظي ۾ لاهي۔
(------------)

تو جَنِين جي تاتِ - محمد طالب پنهور

تو جَنِين جي تاتِ، تَنِ پُڻ آهي تنهنجي،
فاذکُروني اَذُکَرکُم، اِيءَ پَروڙِج باتِ
هٿ ڪاتِي، ڳُڙ واتِ، پُڇڻ پَرِ پريَن جي.
(سر ڪلياڻ، ۱۳-۳)

سَمُنڊ سُوجهيائون - آزاد قاضي

اِيءَ گَت غواصَنِ، جيئن سَمُنڊ سُوجهيائُون،
پيهي منجھ پاتار جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،
آڻي ڏِنائون، هيرو لعل هٿن سين۔
(سر سريراڳ، ۹-۲)

سندي سِڪَ سپرين (ناول) - غلام رسول پرهياڙ

اڄ پُڻ اَکڙِيَن، سَڄَڻ پنهنجا ساريا،
ڳَلَن تان ڳوڙهن جُون، بُوندون بَس نه ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پرين، لوڪ ڏِٺئي نَه لهي.
(سر بروو سنڌي، ۱۰-۱)

ڏونگر جن ڏوريا - عبدالواحد آريسر

وييون پٻ پيئي، کِيرون کاهوڙين جُون،
آئون تَنِ ڏوٿين جو، پُڇان پير پَهي،
رُڃُنِ راتِ رهي، ڏونگر جَن ڏوريا۔
(سر کاهوڙي، ۴-۱)

اک الٽي ڌار - ايوب گاد

اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُبتو عامَ سين،
جي لهوارو لوڪُ وَهي، تُون اوچو وَھ اوڀارِ،
منجهان نوچَ نِهار، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
(سر آسا، ۲۱-۲)

ٿيندو تن طبيب - نذيرناز

ٿيندو تَنَ طبيب، دارون منهنجي دردَ جو،
ٻُڪي ڏيندم ٻاجھ جي، اچي شالَ عجيبُ،
دارُون منهنجي درد جو.....
(سر ڪلياڻ، داستان ٽيون، وائي)

تون ڇپر تون ڇانءَ - وينا شرنگي

جيڏو تنهنجو نانءَ، ٻاجَھ به تيڏيائي مڱان،
ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻيين، تُون ڇَپَر تُون ڇانءُ،
ڪُڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪا.
(سر ڏهر، ۲۳-۲)

پاڻ سڃاڻج سپرين - وينا شرنگي

جي مُون موڙهي مَتِ، ته تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين،
اصَل اَوايَن جا عيبَ، ڍَڪين تُون اُت،
ايءَ پر تُنهنجي پَت، جِئن وَلهيون ڍَڪِين وِلها.
(سر ليلان چنيسر، ۷-۳)

وايون وڻجارن جون - وينا شرنگي

تپڙين تنوارين، ماءِ سامونڊي آئيا،
مون کي جيارين، وايُون وڻجارَن جُون۔
(سر سامونڊي، ۶-۲)

سارنگ سار لهيج - وينا شرنگي

سارنگَ! سارَ لهيج، الله لَڳَ اُڃِيَن جي،
پاڻي پُوڄَ پٽن ۾، ارِزان اَنُ ڪَريج،
وَطنُ وسائيج، ته سنگهارَنِ سُکُ ٿئي.
(سر سارنگ، ۲۹-۱)

جيڪي ڏٺو مون - آغا سليم

جيڪي ڏٺو مون، سو جي ڏٺو جيڏيئن،
گَهرَ وَرَنين سان، هُوند گهڻِن گهوري ڇڏيا۔
(سر سهڻي، ۷-۱)

دوست ڪهائي دادلا - اظهر گيلاني

دوست ڪُهائي دادلا، مُحب مارائي،
خاصَن خَلِيلن کي، سَختيون سَهائي،
الله الصَمُد بي نياز، ساڪري جا چاهي،
انهيءَ منجھ آهي، ڪا اونهي ڳالھ اسرارَ جي.
(سر ڪيڏارو، ۱۰-۲)


اندر جنين اڌ - علي گوهر کهاوڙ
سُکن واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرُ جَنين اَڌَ، ڏونگرَ سي ڏورينديُون.
(سر سسئي آبري، ۵-۴)

ڪَپَرُ ٿو ڪُن ڪري - علي گوهر

بندر جانِ ڀئي، ته سُکاڻيا! مَ سُمهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، جِيئن ماٽِي مَنجھ مَهي،
ايڏو سُور سَهي، نِنڊ نه ڪجي ناکُئا.
(سر سريراڳ، ۱۸-۳)

گل ڇنو گرنار جو - تاجل بيوس

گُلُ ڇنو گِرنارَ جو، پَٽَڻ ٿيو پٽين،
سَهسَين سورَٺِ جهڙيُون، اُڀيُون اوسارِين،
چوٽا چارڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سينگارِيو ڏين،
ناريون ناڏَ ڪَرِين، راڄا راتَ رَمَڱيو.
(سر سورٺ، ۱۲-۴)

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا ـ نواز زنئور

وسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻَه ٽي ڏِينهڙا،
لُوٺيون سَهن لوڪَ جا، وِهاڻي ٿيون ويڻ،
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
راتِيُون جاڳَن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
(سر يمن ڪلياڻ، وائي، ۲، داستان پنجون)

سنها ڀانءِ مَ سَپَ - حافظ ابن سبيل

سَنهَان ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءُ واسينگن جا،
جَنين جي جهَڙَپَ، هاٿي هَنڌان ئي نه چُري.
(سر ڪارايل، ۳-۲)

چوٽا تيل چنبيليا - مارو جمالي

جهڙا گُل گلابَ جا، تِهڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
پسيو سُونهن سَيدُ چي، نينهن اَچنِ نيش،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اََکَرُ نه اُڄهي۔
(سر مومل راڻو، ۱-۳)

تن سپون سوجهي ڪڍيون (مضمون) - عبدالحئي پليجو

ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئِي،
تَن سپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهِي،
پسندا سيئي آمُل اَکڙِين سِين۔
(سر سريراڳ، ۱۱-۲)

تنهن عشق کي شاباس - ڪوثر ٻرڙو

ڪؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀونرُ ڀري آڪاس،
ٻِنهي سَندِي ڳالهڙِي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن مُحبتي ميڙيا۔
(سر ڪارايل، ۲۲-۱)

سَهائي سُپرين جي - ايوب گاد

پَتَنگُ چايين پاڻ کي، پَسي مَچ مَ موٽُ،
سهائي سُپرين جي، گِهڙُ ٿيين گهوٽُ،
اڃان تون اروٽُ، کُوري خَبَر نَه لهِين.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۲-۳)

مارو منهنجي مَنَ ۾ - فقير غلام علي

تيل نه لائيان تُنهنجو، مون مارؤ جو منِ،
ڪريان ٻي نه ڪَنِ، آهَرَ انهينءَ آهيان۔
(سر مارئي، ۵-۳)

جن جهوناڳڙھ جلائيو ـ رسول بخش پليجو

کَپُرَ گاروڙيَنِ سين، وڏو وڌوءِ ويرُ،
نانگ نه ويندين نِڪري، تو ڏَرِ مٿي پير،
هيءُ تَنين جو ڍيرُ، جَن جُهونا ڳڙھ جلائيو۔
(سر ڪارايل، ۹-۲)

ڪهڙي مَنجھ حساب؟ - ج ع منگهاڻي

ڪهڙي منجھ حِسابَ؟ هُئڻ منهنجو هوتَ ري،
گولي! ڀَڄُ گناھ کان، ڪونهي سُولُ ثوابَ
هُئڻ منهنجو هوت ري لا!
نه ڪي سَوَت ۾، نه ڪي منجھ رَبابَ،
هُئَڻُ منهنجو هوت ري لا!
(سر سهڻي، وائي، داستان پهريون)

ڪُٺيس ڪُويڄن (تنقيد) - مبارڪ علي لاشاري

ڪُٺيس ڪُويڄن، تَنَ طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀَ ڏڏنِ، پاڻا ڏيل ڏُکوئيو۔
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۷-۲)

آهين تون ئي تون (لطيف شناسي) - ترتيب: ناصر بلوچ

ڪيو مُطالعُ مون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري
(سر يمن ڪلياڻ، ۲۴-۵)

بهادر گڏيا بهادرين - جي.ايم سيد

بهادُر گڏيا بهادُرين، کڙڪ کِلوِل ڪَن،
وِجَهن ڌَڙَ ڌڙنِ تي، هاڪارين هَڻَنِ،
ڪِرَن، ڪنڌ نَچَنِ، رِڻُ گجيو، راڙو ٿيو.
(سر ڪيڏارو، ۵-۳)

آئون جي اهائي ذات (آتم ڪهاڻي) - فاطمہ الزھرہ

آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سپرين،
اويون آديسين، جون، ڀريان ساري رات،
تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
(وائي، داستان ٻيو، سر کاهوڙي)

پردا سڀ پاسي ٿيا (آتم ڪهاڻي) - پروفيسر نورالصباح قاضي

پاڻ پڙدِو پاڻ کي، طالب! سڻيج تون،
نڪا ها نه هُون، پڙدا سڀ پاسي ٿيا.
(سر آسا، ۳۲-۴)

قلم جنین جي هٿ ۾ (خاڪا) - علي محمد ”درد“ سولنگي

الله سائين! سائين! پُئان پرينئون مَ پاهين،
مون تان آسرو آهي اوڏاهين.
جتي ديرو دوست جو، سا ڪيئن جوءِ آڳاهين،
مون تان آسرو آهي اوڏاهين.
قلم جنين جي هَٿَ ۾، سي سيڻ سٻاجھا سائين،
مون تان آسرو آهي اوڏاهين.
(داستان ٽيون، وائي ۳، سر آسا)

آگم ڪيو اچن (مضمون ۽ مقالا) - ڊاڪٽر نور افروز خواجہ

آگَمَ ڪِيو اَچَن، سَڄَڻَ سانوَڻَ ميِنهن جيئن،
پاسي تَن وَسَن، جي سَڀُ ڄَمانَدرُ سڪيا،
(سر سارنگ، ۸-۳)
مُشِڪَ کٿوريءَ مَڻُ (مضمون ۽ مقالا) - ڊاڪٽر نور افروز خواجہ
ڪانگل قريبَن جا، اَچي وائِيءَ وَڻُ،
تو ۾ بوءِ بهار جي، مُشڪَ کٿوريءَ مَڻُ،
اَچي عَجيبَن جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پسي تَڻُ، سورنئيان صافُ ٿئي.
(سر پورب، ۱۹-۱)

اجھاميو ٻران (ناول) – ظفر جوڻيجو

نيڻ ته ننڊون ڪَنِ، ڀڳو آرَسُ اکيين،
اُجھاميو ٻران، توکي ساريو سپرين.
(سررپ، ۷-۲)

منھنجان ولڙين واس - محمد علي دائودپوٽو

واجهائي وَطنَ کي، آئون جي هِتِ مُياسِ،
گور منهنجي سُومَرا! ڪِج پنهوارن پاسي،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيھَ جي، مَنجھان وَلڙين واسِ،
ميائي جياسِ، جي وڃي مڙھ ملير ڏي.
(سر مارئي، ۱۲-۶)

بري هن ڀنڀور ۾ - ڊاڪٽر نسيمان

مُون سڏيندي سَڏڙا، ساٿي سَڏ نه ڏِين،
وَلهِي جي وَٿاڻَ تي، توڏ نه تَنوارين،
هيڏا هاڃا ٿين، بُري هِنَ ڀنڀور ۾.
(سر حسيني، ۱۰-۴)

مون سي ڏٺا ماءُ - کيمچند شرما

مون سي ڏٺا ماءُ، جَنين ڏٺو پرينءَ کي،
رَهي اچجي راتڙي، تَن جُنگن سنديءَ جاءِ،
تَنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿيئي تارَ ۾.
(سر کاهوڙي، ۳-۱)

جيڪي منجھ جهان - عبدالحئي پليجو

جيڪِي مَنجھ جَهانَ، سو تاريءَ تِڳي تُنهنجي،
لُطف جي لَطيف چي، تو وَٽِ ڪَمي ڪانَ،
عَدَل ڇُٽان آن نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضلَ جو.
(سر سريراڳ، ۲-۱)

اندر جنين اڌ (مائي جندو بابت) - شمس جعفراڻي

سُکَن واري سَڌَ، متان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرُ جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديُون.
(سر سسئي آبري، ۵-۴)

سامِيَن سَمَرُ سُورَ (ڊراما) - محمد علي پٺاڻ

سامِين سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبرِيَنِ ۾،
جڙي ٻڌائون جان ۾، پيغامَن جاپُورَ،
آديسي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿيا.
(سر رامڪلي، ۱۲-۳)

حڪايتن سان منسوب شاھ صاحب جا بيت

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سڄو ڪلام بامقصد، بامعنيٰ ۽ بي انتها اثر انگيز آهي. هن املھ خزاني ۾ جابجا علم، عقل، سمجھ، سياڻپ، معنيٰ ۽ معرفت جا اڻملھ موتي وکريل نظر اچن ٿا. سندس ڪلام کي تصوف، شاعراڻي اسلوب ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان پرکجي يا سندن دؤر جي سياسي، سماجي، تاريخي، معاشي، مذهبي، علمي ۽ اخلاقي حالتن جي تناظر ۾ تحقيقي تور ڪجي، پروڙ اها پوندي ته ڄڻ هڪ هڪ لفظ منڊيءَ تي ٽڪ، ِهِڪ هِڪ سٽ ڄڻ ڳڻيل ڳتيل، موقائتي ۽ مهلائتي آهي.
شاھ صاحب جو ڪلام سندن عملي زندگيءَ جي تفسير آهي، جنهن ۾ سندن ذاتي احساسن، سوچن ۽ سمجھ جي عڪس سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ترجماني آهي. هو نه صرف عظيم شاعر ۽ موسيقار هو، پر هڪ وڏو سڄاڻ شخص هو. جنهن جي رسالي ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل داستانن کان سواءِ به هن ڌرتيءَ جي ڪيترن اهم تاريخي واقعن جي نشاندهي ٿيئي ٿي. واقعات نگاري ۽ موقعي مهل سان چيل بيتن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته هڪ وڏو ڪتاب ترتيب ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪيترائي اهڙا بيت آهن جيڪي سندن طبع جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿا. اهي بيت سندن ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات جي لاءِ اهميت رکن ٿا. هن مقالي ۾ شاھ صاحب جا اهڙا حڪايتن وارا اهي بيت پيش ڪيا ويا آهن.
هي بيت شاھ صاحب جي حياتيءَ جي دور سان واسطو رکن ٿا. سندن سوانح جو احوال مڪمل طور اڃا تحقيق طلب آهي پر هن وقت تائين جيڪا معلومات سامهون آئي آهي، انهيءَ مطابق شاھ صاحب جي باري ۾ پهريون احوال سندن ئي دؤر جي مشهور عالم ۽ مؤرخ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٽن ڪتابن، “تحفة الڪرام”، “مقالات الشعراء” ۽ “معيارِ سالڪان طريقت” مان ملي ٿو. 1851ع ۾ سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر سرڪاري مترجم ڊبليو سائودي (W-Southy) کان شاھ جي مختصر سوانح حيات لکرائي جيڪا نومبر 1851ع ۾ شايع ٿي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو جو (نئين زندگي ڊسمبر 1958ع ۾ ڇپيو ۽ سندن ڪتاب “مضمون ۽ مقالا” ۾ پڻ ڏنل آهي) ڊاڪٽر نبي بخش ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته هن احوال ۾ گهڻي ڀاڱي شاھ سائينءَ سان منسوب غير معتبر روايتون شامل آهن. رچرڊ ايف برٽن جي، سنڌ جي باري ۾ لکيل ڪتاب ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ ڪجھ مختصر ڄاڻ ملي ٿي جو 1851ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو محمد حنيف صديقي “سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون” جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي.
1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، ”شاھ جو رسالو“، ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاھ جي سوانح جو مختصر احوال ڏنل آهي. 1882ع ۾ ڏيارام گدو مل جي ڪتاب ”سگما“ ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ 40 صفحا ڏنل آهن. 1887ع ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، انگريزيءَ ۾ “Life of Shah Abdul Latif Bhittai” لکيو، جيڪو پوءِ سنڌيءَ ۾ ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائون، جنهن ۾ شاھ صاحب جي سوانح سان گڏ سندن ڪلام جي تصوف جي حوالي سان پرک ڏنل آهي. مرزا صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب شاھ صاحب جي 228 ورسيءَ جي موقعي تي 1980ع ۾ شايع ٿيو.
1888ع ۾ هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي ”لطائف لطيفي“ فارسيءَ ۾ لکيو. هن صاحب پاڻ بذاتِ خود ڀٽ شاھ تي وڃي جيڪي حالات معلوم ٿيا سي ان ۾ قلمبند ڪيا. مير سانگي شاھ صاحب جو وڏو معتقد ۽ هر جمعي تي ڀٽ شاھ تي ويندڙ هو. کين فقيرن، درويشن ۽ بزرگن کان جيڪي به شاھ صاحب جي قولن ۽ ڪرامتن جون حڪايتون معلوم ٿيون، سي هن لطائف لطيفي ۾ ڏنيون. هيءُ ڪتاب عقيدت ۽ احترام سان جوڙيل آهي. شمس العلما مرزا قليچ صاحب کان اڳ لکيل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بنيادي ماخذ قرار ڏنو آهي. (“لطائف لطيفي” جو سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي.) انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاھ جي شارحن هِن ڏس ۾ قلم کنيو، جنهن ۾ ليلا رام وطڻ مل لالواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، دين محمد وفائي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، غلام محمد خانزئي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، لطف الله بدوي، پروفيسر اڪرم انصاري، مولانا غلام محمد گرامي، الياس عشقي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر محبوب علي چنا، سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد شاهواڻي، جي الانا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر دُرِ شهوارِ سيد، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر اياز قادري، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، پروفيسر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پروفيسر سليم ميمڻ، محمد حسين ڪاشف، محمد سليم ڀٽو، معمور يوسفاڻي، سيد اظهر گيلاني، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، تاج جويو، ج-ع منگهاڻي، ڊاڪٽر اُمّ ڪلثوم، انب گوپانگ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر احسان دانش، استاد لغاري، راهب لاڙڪ، ڊاڪٽر پروين موسیٰ (راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترن جا نالا هِن ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا.
شاھ صاحب سان لاڳاپيل روايتن ۽ حڪايتن جو جيستائين تعلق آهي، انهيءَ ۾ ڏيهي عالمن خاص طور مير عبدالحسين خان سانگي، شمس العلما مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا ڪتاب اهميت رکن ٿا. مير سانگي ۽ قليچ صاحب انگريزن جي دؤر جا قادر الڪلام شاعر ۽ اهلِ علم شخص هئا. جن معتبر روايتن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ممڪن آهي ڪٿي ڪو واڌاءُ به هجي، جيڪو گهڻي عقيدت ۽ احترام سبب يا ڪٿي روايت جي تصديق نه هئڻ سبب هجي. ڊاڪٽر نبي بخش اهم روايتن کي پنهنجي ڪتاب “شاھ عبداللطيف رحه” ۾ آندو آهي. هيٺ انهن حڪايتن مان چند جو بيتن سميت مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لاءِ مشهور آهي ته پاڻ پٽ پاراتي کي نه پسند ڪندا هئا ۽ نه ئي ڪنهن کي بددُعا ڏنائون. انسانيت جي دشمنن لاءِ بيشڪ چون ٿا ته، “ڏڪاريا ڏيھ مان شل موذي سڀ مرن” پر خاص طور شخصي بد دُعا ڪنهن کي نه ڏنائون، باقي مغلن لاءِ سندن هيءَ هڪ حڪايت مشهور آهي ته:
ڪوٽڙيءَ ۾ آباد، مغلن جي اڳواڻ بيگ مرزا جو گهر شاھ صاحب جي والد حبيب شاھ جي گهر جي ويجهو هو ۽ هو سيد صاحب سان عقيدت رکندڙ هئا. هڪ دفعي سندن نياڻي سيده بيگم جي بيمار ٿيڻ تي هو سيد حبيب شاھ کي دُعا لاءِ وٺڻ آيا پر هن پنهنجي بيماريءَ جي سبب ڪري پنهنجي فرزند شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي موڪليو ۽ شاھ صاحب کي جڏهن بيبي صاحبه جو هٿ ڏيکاريو ويو ته پاڻ سندن چيچ جهلي چيو ته، “جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو”، انهي ڪري مغل کانئس سخت ناراض ٿي پيا ۽ ساڻن ابتا پير هلڻ لڳا. ڪجھ وقت کان پوءِ ڦورن مغلن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن وڏو نقصان ٿيو ۽ هو پنهنجا ماڻهو وٺي پويان مقابلي خاطر ويا. شاھ صاحب کي جڏهن خبر پئي ته کين انساني همدردي ۽ پاڙي جي ننگ جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي فقيرن جي مدد جي آڇ ڪئي پر هنن سندن ٽي دفعا چوڻ جي باوجود به مدد قبول نه ڪئي، جنهن تي شاھ صاحب جن جلال ۾ اچي فرمايو ته:
بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،
اٿم آس الله ۾، دَل مارينئي مانَ.
(ص 40، لطائفِ لطيفي)
(هن حڪايت جو تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ پڻ ذڪر آهي.) روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جي والد جي وفات کان اڳ جڏهن سندن طبيعت ناساز ٿي ۽ وصال جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون، تڏهن سيد حبيب شاھ پنهنجي فرزند ڏي هيءُ بيت چوائي موڪليو.
ڪِنھن جِنھن نينھن ننڌاھ، جئن مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪين مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
(سر حسيني، ۲۳-۱۰)
شاھ صاحب جن جواب ۾ هي بيت ڏيرائي موڪليو:
متان ٿيين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪَرَ ڏور، حَدَ ٻنهي جي هيڪڙي.
(سر حسيني، ۲۴-۱۰)
روايت آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ جي فيض سبب پوريءَ سنڌ ۾ سندن مشهوري سندن حياتيءَ ۾ ئي ٿي ويئي هئي. جنهن تي کانئن ڪيترائي حاسد ساڙ کائڻ لڳا. ميان نور محمد ڪلهوڙي سندن دعوت ڪئي ۽ دعوت کان پوءِ آزمائش طور حسين و جميل عورتون سندن خدمت ۾ موڪليون پر پاڻ مراقبي ۾ مگن هئا. جڏهن ميان ڪلهوڙي اچي روبرو ڏٺو ته حيرت ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ پرک وٺڻ تي شرمندو پڻ ٿيو. شاھ صاحب ميان نور محمد جي سوال تي ورنديءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگهي ويا.
روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب استغراق جي حالت ۾ ويٺل هئا ته مٿانئن واري وري ويئي، سندن والد سيد حبيب شاھ کين ڳولهيندو جڏهن اُتي پهتو ته ، هيءَ مصرع چيائون:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي،
شاھ صاحب انهيءَ آواز تي ورندي ڏني ته:
پئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
حڪايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جن مخدوم ٺاري جي ملاقات لاءِ ننگر ٺٽي جي واٽ تي روانا ٿيا ته رستي ۾ سندن ڪن تي سوزو گداز وارو آواز پيو، هڪ شخص سندن بيت جي هيءَ سٽ جهونگاري رهيو هو:
هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي
کانئس پڇڻ تي کين معلوم ٿيو ته هن شخص هالا ڪنڊيءَ جي ويجهو هيءَ سٽ ٻڌي آهي پر کيس هاڻي آرام نٿو اچي ۽ فراق جي درد ۾ مبتلا آهي، پاڻ کيس قرب ڪري فرمايائون ته هن بيت جي ٻي سٽ چوان؟
اهو فقير ته اهو ئي ٻڌڻ لاءِ آتو هو، تنهن هڪدم هائوڪار ڪئي، پاڻ فرمايائون:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوري سڄن سيل،
ته ڪر ٻيليائي ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
مڪمل بيت ٻڌڻ شرط ان شخص جو روح پرواز ڪري ويو ۽ لطيف سائينءَ جن کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ پنهنجي فقيرن کي انهيءَ جو مثال ڏيندا هئا. پاڻ ۽ سندن فقيرن جو جڏهن به اتان گذر ٿيندو هو، تڏهن ان شخص جي قبر تي ختمو پڙهندا هئا.
چون ٿا ته شاھ ڀٽائيءَ ”لاهوت“ جي سير جو ارادو ڪيو ته سندن والد کين چيو ته هيءُ سفر خطري وارو آهي ۽ جبلن ۾ نانگ بلائون ۽ ٻيون گهڻيون خطرناڪ شيون آهن، پر پاڻ ورنديءَ ۾ چيائون ته:
نڪو جِن جهان ۾، نڪو سُڄي نانگ،
سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙيوئي ڇاڙڪي.
هڪ دفعي ٿر ۾ شاھ صاحب جون اکيون اُٿي پيون، جنهن ڪري اکين تي ڪپڙو ڏيئي ڇڏيائون. ساڻن، ڪامل بزرگ مخدوم صابر ولهاري ملاقات لاءِ آيو، جنهن سان گڏ ملا حسين نالي شخص ساڻ هو. جنهن کين چيو ته توهان جو والد ته شريعت ۽ تقويٰ جو صاحب هو ۽ ظاهر ۽ باطن سان سينگاريل هو، پر توهان ڇو دنيا جي لذتن کان پاڻ کي پري ڪيو آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون:
پَهنوارڪي ٻرهي، جي هُوند چکيائِين،
ته ميهارڪي مَهِي، ساجهر ڇڏيائين.
حڪايت آهي ته راهوجن جي ڳوٺ ۾ شاھ سائينءَ جي فقيرن کي رات پيئي پر ڳوٺ جي ماڻهن ساڻن راهي ڪانه، بلڪه انهن فقيرن، زالن جون جٺيون، جهليون، شاھ صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته هيءُ بيت چيائون:
راهو جن ۾ راتِ، شالَ قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رَنون رَبَ رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
پَليجن کان پاٽ، ڀَرجي آئي ڀَتَ جي.
راهوجن جي ڳوٺ جون زالون ڏڌ کڻي “گجن” شهر ۾ وڪڻڻ ويون هيون، شاھ صاحب جن پنهنجي فقيرن جي باراني پوک ڏسڻ ويا، تڏهن اُتي ڏڌ گهريائون جيڪو ڪين ملي سگهيو، تڏهن پاڻ چرچي طور هيءُ بيت چيائون:

هڏا ڪٽ ڪليون، ڪوپاريون ڪَهِي،
ڇڏيئون ڪانه پٺٽي، سندي ڏُڌَ ڏهي،
گجن ساڻ گهي، اونڌا ڪري آئيون.
حڪايت آهي ته شاھ ڀٽائيءَ وٽ ڪنهن مهاڻي پلو تحفي ۾ آندو. مليل پلي کي فقيرن پچايو، ته بچو، محمد عالم ۽ ورؤَ وچ مان ڪجھ حصو پهرين کاڌو. فقيري دستور موجب جا به شيءِ ايندي هئي فقيرن ۾ برابر ورهائبي هئي. شاھ صاحب پڻ پنهنجي فقيرن جيترو حصو کڻندا هئا. جڏهن رحمون فقير پلو تيار ڪري سندن خدمت ۾ آندو ۽ کين سڄي معاملي جي خبر پيئي تڏهن فقيرن جي تنبيھ لاءِ چرچي ۾ هيءُ بيت چيائون:
ڦوٽو هو فڪرو، وروءَ ور پيو،
ڪاڙهو ڪلين تي، بچي ڀڙڪيو،
آيو جو ٽيو، تنهن پڇڙي ني پاڻ سين.
روايت آهي ته جاني ڏيري زميندار جو پٽ عنايت، لطيف سائينءَ جو معتقد ٿي ڀٽ تي اچي ويٺو، پڻس ٻه ٽي دفعا ڌڪ چنبا هڻي واپس وٺي ويو پر ڇوڪر هر هر وري اچي ڀٽ تي شاھ سائينءَ وٽ ويهي، جڏهن جاني اٺين ڀيري پٽ کي وٺڻ آيو ۽ شاھ صاحب کي عرض ڪيائين ته، “دولت ناموس ۽ اقتدار وارو آهيان ۽ پٽ جو درويش ٿيڻ ڪهڙيءَ ريت پسند ڪريان” تڏهن شاھ صاحب هيءُ بيت چيو:
جاني جڙي ٻنڌ، عنايتا اوتاهين،
چکين ته چريو ٿئين، ميخاني جو منڌ،
آهي گهڻو اوکو، فقيريءَ جو فند،
ڪين ڪڍندو ڪنڌ، مَنجهان سِک سيد چئي.
شاھ صاحب جي صحبت ڪري عنايت فقير پاڻ وڏو شاعر ۽ بزرگ طور مشهور ٿيو.
روايت آهي ته شاھ صاحب حج بيت الله جي زيارت جو ارادو ڪيو پر هڪڙيءَ منزل تي ڌڻ ٻڪرين جي کي پري کان سهڪندو پاڻيءَ جي دٻي تي ايندو ڏٺائون ۽ پاڻي پيئڻ کان پوءِ سندن اهو ذوق ۽ شوق نه رهيو، مرڳو منهن ڦيرائي بيهي رهيون ۽ ڦولڙيون لاهي پيشاب ڪرڻ لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي پاڻ هي بيت فرمايائون ته:
ڳوليان مَ لهان شال مَ ملان هوت،
مَنَ اندر جا لوچ، مَڇَڻِ ملڻ سين ماٺي ٿيئي.
هڪ انڌي شخص شاھ صاحب کي اکين جي روشني لاءِ دُعا ڪرڻ جو سوال ڪيو. ان وقت پاڻ عروج جي حالت ۾ هئا. ٿوريءَ دير ۾ انڌي کي اکين جي روشني ملي ته هو خوشيون ڪرڻ لڳو. شاھ صاحب تان جڏهن اها حالت گذري ۽ کانئس خوشيءَ جو سبب پڇيائون ته هن اکين جي صحيح ٿيڻ جي خبر ٻڌائي، پاڻ فرمايائون:
سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنما،
وتُعِزُّ من تشاءُ، و تذل من تشاءُ.
(ص 71، احوال شاھ عبداللطيف)
شاھ صاحب جي باري ۾ هيءُ واقعو مشهور آهي ته ڪنهن موقعي تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٻين عالمن سان گڏجي شاھ صاحب وٽ سندس سازن کي بند ڪرائڻ لاءِ پهتو. پاڻ هن صاحبِ شريعت جي اچڻ جو ٻڌي، سڀ ساز اڳواٽ ئي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي رکيا هئائون، مگر جينئن ئي مخدوم صاحب، شاھ صاحب سان سوالن جوابن ۾ مشغول ٿيو ته ساز از خود ڪوٺيءَ ۾ وڄڻ لڳا. مخدوم متاثر ٿي، شاھ صاحب کان محبت سان موڪلايو ۽ ان موقعي تي کين چيائين ته اسان کي ڪو نصيحت جو بيت ٻڌايو، پاڻ هيءُ بيت پڙهيائون ته:
گندي ۽ گراه، جن سَناسين سانڍِيو،
تَنِين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
(مخدوم صاحب ٻڌي چيو ته، تحقيق اهو صحيح آهي. (ص 30، شاھ عبداللطيف رحه، تحقيقي مضمون)
ڀٽائي صاحب، ڪو ٽيسر (ڪڇ) ۾ ويو، اتي هڪ هندو فقير ڏٺائين جو تپسيا ۾ وچن مطابق ٻانهون ٻڌي جهلي بيٺو هو. شاھ صاحب جي ساڻس گفتگو ٿي، پوءِ کيس چيائين ته:
هِنيون نہ سڪائين هوت لئي، ٿو سڪائين ٻانهُون،
ڏيکارِين ٿو ڏيھ کي، دتا ڪيو دانهُون،
پاڻهين مٺيءَ پاڻ کي، ته ڪو آديسي آئُون،
اِي پنڌ آڳاهون، ڪي ڪاهي رسيا ڪاپِڙي.
هيءَ حڪايت دادي ليلا تلسي داس کان زبان ملي، جيڪا کين سندن استاد ٻڌائي هئي (ممڪن آهي ڪتابن ۾ آئي هجي، منهنجي نظر مان نه گذري هجي).
روايت آهي ته، هڪ لڱا ڪي ماڻهو، ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چيائون ته مسلمان ۽ هندوءَ جي فرق تي روشني وجهو! شاھ صاحب جن ماٺ ۾ رهيا. جڏهن ٻيهر پڇيو ويو تڏهن فرمايائون ته منهنجي مريد مَدَن کان پڇي اچو، جيڪا ورندي ڏي سا مون کي ٻڌائجو. اهي گڏجي مدن وٽ ويا، جيڪو ان وقت کوھ تان پاڻي ڀري رهيو هو. مدن کين وراڻيو ته “مسلمان ڌوڙ ته هندو ڇائي”. انهن ماڻهن حيران ٿي، مدن جي ورندي اچي شاھ صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪئي. انهيءَ تي شاھ سائينءَ چيو ته ابا! سچ ٿو چئي، ٻنهي جي حقيقت اها ئي آهي.
معنيٰ ته، مسلمان مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ ملڻو آهي، ته هندو ڇائي يعني (رک) ٿيڻو آهي، داديءَ موجب ته استاد هي بيت پڻ پڙهندو هيو.
اِن پر نه ايمانُ، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.

ڪوڙو تون ڪُفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
تِلڪِ تَنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪَ سين.
(سُر آسا، 15-15)
اهڙيءَ ريت ٻيون حڪايتون ۽ بيت ملندا جن پٺيان ننڍا وڏا واقعا موجود آهن، هتي ڪي ٿورا مثال طور ڏنا ويا آهن.
*

اُهي عنوان جن جا بيت ملي نہ سگهيا آهن

هيٺ انهن ڪتابن جا عنوان ڏجن ٿا، جن ۾ گمان آهي ته شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊيل آهن پر في الوقت اُهي بيت هٿ ٿي نہ سگهيا آهن.

شاعريءَ جا ڪتاب

ڇپر ۾ ڇڙيون - مخدوم طالب الموليٰ سوريءَ مٿي سڏ - شعبان علي منگي
ڪي پڙاڏو ڪي سڏ - جي. الانا ”عاجز“ گهايا گهڻا گهوٽ - رحيم بخش ”قمر“
ڪاري رات ڪهنگ - شيخ اياز لوچين سي لهن - ميمڻ روشن تبسم
سج تريءَ هيٺان - تنوير عباسي سڄڻ آيو سهنج ٿيا -رحيم بخش “قمر” لاکو
ڪوڪڻ يا ڪلياڻ - استاد بخاري سورن سندي سيڄ - قاضي فيض محمد
ميلا ملهالا - استاد بخاري لڳي جيءَ جهوري - عبدالجبار قاسم
پير نه هٽن پوئتي - استاد بخاري
اندر اوتون جوتون - استاد بخاري جهڙا چنيءَ چٽ - رسول بخش رضا ڏاهري
ساڻيھ جا سور - عبدالڪريم گدائي وگھ جا وريام - ابراهيم منشي
سڪ جو سمونڊ - علي محمد مجروح
جڏهن اُلا اُڀ ۾ - آتم ناٿن شاهي بوندون بهار جون - احمد خان گلزار
حق جو هوڪو - سيد اظهر گيلاني رڻ سڄو رت ڦڙا - ذوالفقار سيال
اندر جا آلاپ - منصور ويراڳي سوريءَ مٿي سيڄ - بشير احمد ميمڻ
جوڳيءَ جاڳايوس - سبحان شاھ پرينءَ جي پُڪار - پنهل فقير “مهر”

ناول

سوريءَ ڀانئين سيڄ - گوبند مالهي پکيئڙا ولر کان وڇڙيا - گوبند مالهي
اندر جي اُڇل - ڊاڪٽر بدر اُڄڻ جي ماريا نه موت - ڊاڪٽر تنوير عباسي
جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات - پوپٽي هيراننداڻي ڏونگر منجھ ڏيئو - پورس پوليوائي / پرويز

ناٽڪ

وڍيا جي ويڄن - رشيد ڀٽي اڃان ڪي آهن - ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور
سنگهارن جي سار - غالب لطيف
ڪهاڻين جا مجموعا
پنهل کان پوءِ - شيخ اياز سڄڻ سڪ ۽ سور - رشيد آخوند
سورن سندو ساٿ - پريم پياسي جيڪي منجھ من ۾ - نجم عباسي
پيرين سنديون پاٽيون - عبدالقيوم صائب
ڪڙا ڪوٽ ڀڳاس - دودو سومرو اديون ڏيوم صلاح - شوق سنڌي
سوريءَ چڙهيو سچ - جي. ايڇ. حيدري
دل اندر درياءُ - مدد علي سنڌي منهنجي وس ناهي جيڏيون - تنوير جوڻيجو

سفرناما

سردار سار لهيج - شهيد عبدالله شاھ جڙيل جن سان جند - هري موٽواڻي
سي سڀ سانڍيم ساھ سين - موتي پرڪاش جتي منهنجا اوٺيئڙا - ريٽا شاهاڻي
سانڀاهو سمونڊ جو - الطاف شيخ خبرون کيڙائن جون - الطاف شيخ
اوهريا جي عميق ڏي - الطاف شيخ ديسين وٽ پرديس - قاضي عمر
ڏوريم ڏيساور - عبدالحئي پليجو راڻل تو بن رات - عبدالحئي پليجو
ڏاڍا ڏونگر ڏيھ جا - محمد علي نظاماڻي اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو - تاجل بيوَس

سوانح عمريون / آتم ڪٿائون

جئن ڏٺو آھ مون - جي. ايم. سيد گهڙيون گهاريم جن سين - ميمڻ عبدالمجيد
سڄڻ پيٽان وڍيا - محمد صالح شيخ منهن تنين مشعل -ڊاڪٽر تنوير عباسي
جي جوت جلائي ويا -منصور سارنگ سانگي ڪي ساريام - شيخ عبدالرزاق راز
سڄڻن لڌي سار - گلاب هڪڙو ڏونگر نيٺ ڏرن - امان شيخ
پنڌ اڻانگا پٻ جا - پرويز
متفرقه موضوعن تي ڪتاب
جيڪس ويا جبروت - ابراهيم جويو ائٽ جي اوٽ - ڀاوناڻي جهٽمل خوبچند
نينهن جا نعرا - ڊاڪٽر عطا محمد حامي سوريءَ چڙهيو سچ - گلزار سومرو
قلم وهي ويو ڪانهن - سومار شيخ سڄڻن جا سنيها - محبوب علي جوکيو
آري اچن شال - حميد سنڌي نسورو ئي نور - مولوي دين محمد ٻگهيو
وڇڙيا ڪين ورن - رياض انور ڪينئن وساريان ويڙهيچن - وينا شرنگي
ڇپر جي ڇولي - انب گوپانگ
ورچي نه ويٺي - آزاد قاضي ڳالهيون من اندر جون - محمد شفيع
هي سي واڪا واءُ ۾ - اعجاز قريشي جَرَ ۾ ٿو جرڪان - تاج جويو
پرھ منهنجي پاند ۾ - پرھ سنڌي پليجو سندي ذات هنجن - عبدالواحد آريسر
وريا واهرو - عبدالواحد آريسر سوريءَ چڙهيو سچ - گلزار سومرو
دل اندر ديرا - غلام رسول ابڙو ويٺي ويڄن وٽ - ڪاشف محمد حسن
جي مون ماڻڪ ميڙيا - سرور سيف ڏونگر ڏک ڏنام - يوسف سنڌي
ڏيهي ڏور ٿيا - معمور يوسفاڻي ڏونگر نيٺ ڏرن - رنڌير سنگھ
تو پڄاڻان سپرين - ناز سنائي سنيها سرير ۾ - محمد ملوڪ انڙ
ڪونجون ڪُرڪن روه تي - شيخ اياز اندر ملھ امُلھ - حيدر لغاري

شاھ جي بيتن مان منتخب نوان عنوان

شاھ صاحب جي بيتن مان چند نوان عنوان هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ايندڙ ليکڪن کي پنهنجي ڪتابن جا عنوان چونڊڻ ۾ يقيناً ڪجھ مدد ملي سگهندي.
(هيءُ عنوان شاهواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل، ”شاھ جو رسالو“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڇاپو 2005، مان ورتل آهن.)

رسالي جو صفحونمبر عنوان
473 واڪو هڏ مَ لاھ
71 سوري سڏ ڪري 473 پاڙي ناھ پروڙ
81 نيزي هيٺان نينهن جي 490 سورن ساڻ مَ ڇن
81 عاشق اجل سامهان 504 ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾
88 سڄڻ جي سارين 504 سامهان ٿيم سور
88 سگهن سڌ نه سورن جي 507 سهسين ڪن سينگار
91 دوس پيهي در آيو 523 آءُ اورانهون سپرين
96 سڙيا مٿي مچ 528 ھهڙا جنين حال
97 پڌر هڏ مَ پاءِ 529 نسورو ئي نينهن
150 موٽڻ جنين مهڻو 551 نرتئون منجهان نينهن
157 سِڪَ تنهنجي سپرين 551 ويٺي نِتِ نهاريان
161 اَمَل اَکڙين سين 566 اِيءَ نه مارن ريت
163 مون ۾ عيب اپار 577 ملير جنين ماڳ
177 جتي ماڻڪَ ماڳ 592 ستر ڪج ستار
193 سَڄَڻ سفر هليا 594 مينهن وَسندا موٽ ۾
200 وسارج مَ وَرَ کي 607 ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو
201 اَوَتَڙ ڪنهن نه اوليا 610 گهنگهر گهاريان ڏينهڙا
219 رات جَنين جو رنگ 612 فنا ڪيس فراق
237 پسڻ ڪارڻ پرين جي 633 اونهي ويا اوهري
240 آئون نه گڏي پرينءَ کي 662 رند پروڙين راز
249 هو جي پهڻ پٻ جا 669 گهنگهريا گهڻ ڄاڻ
249 ڳل نه سُڪا ڳوڙها 695 توکي ساري ساھ
270 ڏٺي ڏينهن ٿيام 720 جتي ديرو دوست جو
283 هلڻ منهنجو هوت ڏي 726 سپريان جي ڳالهڙي
288 ويرو تار وجود ۾ 753 پيئي جنين پروڙ
300 نالو ڳيڙيئه نينهن جو 765 اندر روح رهيام
314 پند اهائي پارئين 788 ورق جو وصال جو
317 نعرو آهي نينهن جو 790 پرين مينهِن مڙيا
339 پسڻ ڌاران پرين جي 790 چِتَ جنين جا چور
352 گوندر گذريام 813 ويا جي هنگلور
366 من مون ملير 814 ڪرم ملنديئه ڪاپڙي
370 سپريان جي سور 820 ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
413 نيڻن ننڊ اکوڙ 829 راتيان ڏينهان روح ۾
417 واڪو ڪنديس وو 831 سون ساريڪا هٿڙا
429 پيرين آئون نه پڄڻي 831 ڳچيءَ پائي پاند
443 ڇپر ڇاٽون مُڪيون 832 محبت پائي مَنَ ۾
445 برو هو ڀنڀور 858 مٿي ڪُلهن ڪينرا
448 ڏکيون ڏک وهارين 860 ڏات نه آهي ذات تي
448 هيڏا هاڃا ٿين 884 نيڻن ننڊ مَ ڏيج
450 ڏونگر اٿي ڏور 886 جهڄان پسي جهوڪ
455 آيا آس ٿيا م 899 مٽي تنهن ماڳا
461 تن جي ڪا تنوار
470 توکي ساريو سپرين

ببليو گرافي

1) الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1977ع.
2) الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
3) آءِ آءِ قاضي علامه، “شاھ عبداللطيف جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.
4) آڏواڻي، ڪلياڻ پروفيسر، “شاھ جو رسالو” مڪتبهءِ بُرهان، ڪراچي، 1976ع.
5) بيگ، مرزا قليچ، “احوال شاھ عبداللطيف”، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1976ع.
6) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”شاھ عبداللطيف رحہ“ (تحقيقي مضمون)، مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در، ٽيون ڇاپو، 2000ع.
7) پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع.
8) پنهور، محمد يوسف، ڊاڪٽر، “سنڌي ناٽڪ جي تاريخ” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
9) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر “لطيفيات” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1977ع.
10) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، “شيخ اياز- هڪ مطالعو” شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي 1999ع.
11) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع.
12) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر، (ترتيب) “مقالا”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع.
13) سيد، دُر شهوار ڊاڪٽر، “شاھ لطيف تي ببليو گرافي”، شاھ لطيف چيئر ڪراچي، 1996ع.
14) شاهواڻي، غلام محمد، مؤلف: “شاھ جو رسالو” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع.
15) ”شوق“ نواز علي ڊاڪٽر، “هٻڪار” ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، 1975ع.
16) سانگي، مير عبدالحسين، “لطائف لطيفي” (مترجم) عبدالرسول قادري بلوچ، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1982ع.
17) عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، “آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع.
18) قادري، اياز ڊاڪٽر، “مون مطالع سپرين”، شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي 1982ع.
19) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ڪمشنر پريس ڪراچي، 1923ع.
20) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ڪمشنر پريس ڪراچي، 1924ع.
21) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ٽيون جلد، ڪمشنر پريس ڪراچي 1931ع.
22) لغاري، اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع.
23) ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، “سنڌ جي ادبي تاريخ” (ٻئي ڀاڱا) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع.
24) ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن، 1993ع.
25) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” روشني پبليڪيشن، 2002ع.
26) ميمڻ، پروين موسيٰ، “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع.
27) ميمڻ، پروين موسيٰ “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس”، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع.
28) سوينيئر، “سنڌي ناٽڪ صدي”، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1980ع.

انهيءَ کان سواءِ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن سميت مختلف علمي ۽ ادبي مخزنن جيئن، “ٽه ماهي مهراڻ”، “نئين زندگي”،، “سنڌي ادب”، “اديون”، “سرتيون”، “سهڻي”، “روح رهاڻ”، “ڪينجهر”، “ڪلاچي” ۽ ڇپائيءَ جي ادارن جي ڪتابن جي فهرست مان مدد ورتي ويئي آهي. 

تبصرو: مور ساگر

ڪتاب تي تبصرو
”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“

ڪتاب جو نالو : ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“
موضوع : لطيفيات
تحقيق ۽ ترتيب : پروين موسى ميمڻ
ڇپائيءَ جو سال : ٻيو ڇاپو، 2009ع.
شاھ عبد الطيف ڀٽائيرح سنڌ جي سرزمين جو اهو سپوت آهي، جنهن نه فقط سنڌي شاعريءَ کي مثالي سونهن ڏني بلڪه ان کي مستقل حيثيت عطا ڪئي. سندس نينهن ڀرئي نياپي کي ساھ سان سانڍيندي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن شارحن سندس ڪلام جي مختلف نمونن سان تشريح ڪئي آهي ته ڪيترائي ڪتاب لطيفي فن تي لکيا ويا آهن. شروع دؤر ۾ شاھ جي ڪلام کي گھڻي ڀاڱي تصوف جي ترازوءَ ۾ توريو ويو پر موجوده وقت لطيفي فن کي مختلف ۽ منفرد نموني سان پرکڻ جو رواج هلندڙ آهي. شاھ جي شاعريءَ جا ڪيترائي شيدائي سندس ڪلام تي پنهنجو نور نچوئي نئين نئين اندازِ فڪر سان پيش ڪري رهيا آهن. اهڙن شاھ جي شيدائين ۾ هڪ اهم نالو پروفيسر پروين موسى ميمڻ جو پڻ آهي.
پروين موسى ميمڻ جو لطيفيات ۾ ڪتاب ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ هڪ بنھ منفرد ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي. جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪتاب جي ذريعي ليکڪا شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پروين موسى سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي عنوانن کي فوڪس ڪيو آهي، جن ۾ شاھ جي ڪلام جي ڪانه ڪا سٽ کڻي ڪتاب جو عنوان رکيو ويو آهي. جيئن ”پڙاڏو سوئي سڏ“ (ناول، سراج ميمڻ)، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري، شيخ اياز) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
اهڙيءَ ريت هن تقريباً ٽي سئو کن نثر ۽ نظم جي ڪتابن جا عنوان، ليکڪن جا نالا، ڪتاب جو موضوع، عنوان سان لاڳاپيل بيت ۽ انهيءَ بيت جو سر، داستان ۽ انگ وغيره غلام محمد شاهواڻي، آءِ.آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالن جي حوالي سان ڄاڻايا آهن.
انهيءَ طرح پروين موسى سنڌي ادب ۾ شاھ صاحب جي شاعريءَ جي اهميت ۽ اسان جي ادبي تخليقڪارن جي تخليقي ڪاوشن پويان لطيفي فن جو اُتساھ ڄاڻايو آهي ۽ اهو بانور به ڪرايو آهي ته لطيفيات مان چونڊيل عنوانن جي ڪري نه فقط لطيف شناساسيءَ جو شعور وڌي ٿو پر انهن ادبي ڪتابن جي پڻ اهميت، افاديت ۽ معنويت ۾ اضافو ٿيئي ٿو.
پروين ميمڻ هيءُ ڪتاب پنهنجي ذاتي ذوق جي تسڪين لاءِ وڏيءَ محنت سان ٽن سالن ۾ تيار ڪيو ۽ عالمن، محققن ۽ شاھ جي شيدائين وٽ بي حساب مقبول پڻ ٿيو. هن ڪتاب جا هيستائين ٻه ڇاپا ڇپجي ختم ٿي چڪا آهن. ٽيون ڇاپو وڌيڪ بيتن سان تياريءَ هيٺ آهي.

ماهوار، پيغامِ احمد
2009ع

آدیِسیَن اَدَبُ آھي اَکڙِیَن ۾

تصنیف : پروفیسر پروین موسیٰ میمن
مبصر : پروفیسر آفاق صدیقی
یہ کتاب ایک ایسی لائق و فائق مصنفہ کی تحقیقی کاوشوں کا آئینہ ہے، جس نے نہ صرف ماہرِ تعلیم کی حیثیت سے نمایاں خدمات سرانجام دی ہیں، بلکہ ایک ادیبہ کے طور پر پچھلے چند برسوں میں جو تحقیقی تصانیف پیش کیں ان کو سندھی زبان و ادب کے اداروں اور حلقوں میں بڑی پذیرائی حاصل ہوئی۔
زیرِ تبصرہ تصنیف کا تعلق حضرت شاہ عبداللطیف بھٹائیرح کے بیتوں سے منتخب عنوانات پر مشتمل کتابوں کی موضوع دار تفصیل سے ہے۔ اسی لحاظ سے اس کتاب کا نام بھی ہے، جس کا مفہوم یہ ہے کہ بزرگوں، صاحبِ دل صوفیوں اور انسانیت نواز بڑی شخصیتوں کے لیے ہماری آنکھوں میں ادب و احترام ہونا چاہیے۔ درحقیقت یہ شاہ لطیفرح کا فیضانِ روحانی ہے، جس کی بدولت پروفیسر پروین موسیٰ میمن نے یہ کارنامہ انجام دیا ہے کہ شاہ عبداللطیفرح کے کلام سے جن کتابوں کے عنوانات ماخوذ ہیں، ان پر تحقیقی نظر ڈالی ہے اور بڑے قرینے سے سندھی زبان و ادب کی ایسی کتابوں کا اشاریہ اور مختصر احوال رقم کیا ہے، مثلاً شاعری کے موضوعات پر اسیّ (۸۰) کتابوں اور ان کے مصنفین کے نام ہیں۔ ان ناموں میں شیخ ایاز، شیخ راز، ڈاکٹر تنویر عباسی اور دیگر ممتاز شاعروں کے نام آتے ہیں۔ اسی طرح ناول، ناٹک، کہانیوں کے مجموعوں، سفرناموں، سوانح عمریوں اور متفرق موضوعات پر شائع ہونے والی ان تمام کتابوں کا اشاریہ موجود ہے، جن کے ناموں کا اصل ماخذ شاہ عبداللطیفرح کا مجموعئہ کلام یعنی "شاھ جو رسالو" ہے۔
مصنفہ کا یہ کام بڑی اہمیت کا حامل اور لائقِ تحسین ہے۔ موصوفہ سندھ یونی ورسٹی میں پی۔ایچ۔ڈی اسکالر کے طور پر تحقیق میں مصروف ہیں۔ ان کی تحقیقی تصانیف کو ڈاکٹر این۔اے۔بلوچ، ڈاکٹر غلام علی الانا، ماہتاب اکبر راشدی، حمہد سندھی اور کئی دوسرے ممتاز اسکالروں نے قابلِ قدر قرار دیا ہے۔
سائز: ۱۶/۳۶٭۲۳ ضمانت: ۱۵۲ صفحات
قیمت: ۱۵۰ رپے
ناشر: محمد موسیٰ ادبی اکیڈمی، حیدرآباد (سندھ)۔
ھمدردِ صحت، مئگزین
۲۰۰۹ع

ليکڪا جي ڪتابن تي رايا

• سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي. معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان هڪ ”ڪامياب“ ڪشالو“ آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دعاگو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري. آمين.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

• سنڌ جو ٿر وارو خطو تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان هميشه شاد ۽ آباد رهيو آهي. انهيءَ خطي جي شهر ڏيپلو سان تعلق رکندڙ پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ تحقيق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي، جنهن جو ثبوت سندس پهرين ڪتاب ”سنڌي ادب جو جائزو“ کان پوءِ هيءَ ٻيو قابلِ فخر ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ آهي. بلاشبه هن بهترين ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تنقيدي ادب جي تاريخ“ سڏي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر غلام نبي علي الانا

• مون کي خوشي آهي ته اسان جا استاد پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم کي پڻ اولين ترجيح ڏيئي رهيا آهن، اها حقيقت آهي ته جيستائين پاڻ پڙهبو ۽ ڪڙهبو نه تيستائين ٻين کي ڪجھ به ڏيئي نٿو سگهجي. هر پڙهيل لکيل لاءِ ۽ خاص طور استاد لاءِ ته لازمي آهي ته هو مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي قابليت وڌائي هن وقت پروين موسيٰ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مان کيس دلي مبارڪباد ٿو ڏيان.

مظهر الحق صديقي
(اڳوڻو وائيس چانسيلر)

• ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ شعور کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو. محترمه پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو به پرايو آهي ته شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنهنجن ڪتابن جي نالن کي با معنيٰ بنايو آهي. ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ان لحاظ کان پُر معنيٰ ڪتاب آهي ته هن ۾ سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن تُڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسيٰ پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

• ”وکرِ سو وِهاءِ“ هڪ اهڙو تخليق عمل آهي، جنهن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ جو بنياد تحقيقي آهي، جنهن ۾ پروين موسيٰ ڪيترن پڙهيل ڪتابن جو نچوڙ تخليقي عمل سان پيش ڪيو آهي. هيءُ وکر ادبي، علمي ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. پروين موسيٰ جي اندر مان نڪتل اونهي جذبي هيٺ لکيل سندس هيءُ طبعزاد لکڻيون علم ادب ۽ سکيا جي ميدان ۾ مستقل قدرن جون امين آهن.

حميد سنڌي

• پروين موسيٰ پنهنجي تحرير ۽ گفتگو ۾ نهايت پُرجوش ۽ سنجيده نظر اچي ٿي ۽ اڳتي به گهڻو ڪجھ لکڻ چاهي ٿي. مضمون نويسيءَ جي سلسلي ۾ ”وِکر سو وهاءِ“ جي سندس هيءَ ڪوشش پيار جي پورهيي ۽ تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي. خاص طور مضمون نويسيءَ جو تعارف ۽ ادب ۾ اهميت جي باري ۾ لکيل سندس تحرير عالمي ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ ڀرپور تخليقي ڪاوش آهي.

مهتاب اڪبر راشدي

منهنجي پياري ننڍڙي ڀيڻ پروين جي اڻ ٿڪ ڪوششن جي ثمر “سنڌي ادب جو جائزو” کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. سندس هن محنت ۽ سعيءَ جو مقصد چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ سنڌي بطور مضمون کڻڻ وارن، توڙي ايم اي سنڌيءَ جو امتحان ڏيڻ وارن لاءِ هڪ نسبتاً جامع ڪتاب مهيا ڪرڻ آهي، مضمونن جي ترتيب، ترڪيب ۽ اُپٽار جي لحاظ کان نه فقط هيءَ هڪ چڱي جاکوڙ آهي بلڪه مقابلي جي امتحان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ ڪتاب آهي.

آفتاب احمد ميمڻ
سيڪريٽري
ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمنٽ
گورنمينٽ آف سنڌ

“سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” جديد تحقيق جي اصولن، قائدن ۽ ضابطن جي پورائيءَ مطابق لکيو ويو آهي. موضوع جي حوالي سان هيءَ هڪ مربوط ۽ منظم تحقيقي پيشڪش آهي، جنهن سان ڪيترن معلوماتي مقصدن جو پورائو ٿئي ٿو.

پروفيسر آفاق صديقي

محترمہ پروين ميمڻ جو هي ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” هڪ بنھ منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي، جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪارائتي ڪتاب ۾ ٽن سؤ ڪتابن جي ببليو گرافي، انهن جي موضوع ۽ مواد جي ڏسڻي آهي. گڏوگڏ شاھ جي بيتن کي سمجهڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي جي استعمال ڪرڻ جو ڏس به ڏنل آهي. سندس هن محنت سان شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رُخ واضح ٿيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين

“سنڌي ادب جو جائزو”، تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪا هڪ وسيع ترين موضوع کي مختصر ليڪن جامع نموني ۽ سهڻائيءَ سان احاطو ڪيو آهي.

سيد مظهر جميل


چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ڏيڻ کان اڳ هن امتحان لاءِ سنڌي ادب ۾ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جي کوٽ کي مون شدت سان محسوس ڪيو هو، منهنجي نظر ۾ موجوده وقت “سنڌي ادب جو جائزو” هن ڏِسَ ۾ هڪ بهتر قدم آهي.

سهيل اڪبر شاھ
اسپيشل سيڪريٽري
ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمنٽ، سنڌ


پروين پنهنجين لکڻين جا ڏکيا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي، ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن کي شاھ لطيف سان خاص عقيدت آهي. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” جو هن جو ڪم همت ۽ محنت وارو آهي، سندس هيترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ ادب سان جهجهو چاھ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي، خدا کيس سندس انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.

ڊاڪٽر نور افروز خواجه

موجوده دؤر ۾ نئين ٽهيءَ جو لاڙو تحقيق ۽ تنقيد ڏانهن تمام گهٽ آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن محترمه پروين ميمڻ جو ادبي ڪم ڏسجي ٿو ته گهڻي سرهائي ٿئي ٿي. هوءَ گذريل ڪيترن سالن کان علمي ادبي ڪتاب لکڻ ۽ ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آهي. ڪتاب “وِکر سو وهاءِ” سندس پوين ڪتابن وانگر سنڌي ادب سان بي انتها محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. سنڌي مضمون نويسيءَ جي مَدَ ۾ هيءَ ڪاوش تمام ساراھ لائق آهي.

ڊاڪٽر ادل سومرو

  CV

نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جنم تاريخ: 20 نومبر 1958ع، ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر (رٽائر)، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ حڪومت.
مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ٽائون، نزد راجپوتانا اسپتال، حيدرآباد.
اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com
فون نمبر: 0333-2766564,
علمي لياقتون: ايم.اي (انگريزي)، ايم.اي (سنڌي)-(گولڊ ميڊلسٽ)، پي.ايڇ.ڊي (سنڌي) يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
تحقيقي مقالي
جو موضوع: ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس (1985ع تائين)“
تدريسي تجربو: پنجٽيهه سال (پرائمري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن).

ڇپيل ڪتاب:
(1) ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع.
(2) ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، 2015ع.
(3) ”اٿي رائو ريل“، (تحقيق ۽ تنقيد)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع.
(4) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2008ع پهريون ڇاپو ۽ ٻيو 2009ع.
(5) ”سون ورنيون سوڍيون“، (ڪهاڻيون-ترتيب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2009ع.
(6) ”اخلاقي قدر“، (ٻاراڻو ادب)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2010ع، ٻيو ڇاپو، سنڌراڻي، 2015ع، ٽيون ڇاپو، 2020ع.
(7) ”وکر سو وهاءِ“، (مضمون ۽ مقالا)، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع.
(8) ”پلئه پايو سچ“، (مضمون، مقالا، تاثر)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.
(9) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، (لطيف شناسي)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.
(10) ”سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، ائڊوانس پبلشرز لاهور، پهريون ڇاپو 2015ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2018ع، چوٿون حيدرآباد، 2010ع.
(11) ”گلدستو“ (پي.سي.ايس لاءِ مضمون)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2019ع.
(12) ”سنڌي ادب“ (پڇا ڳاڇا-Mcqs) (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2018ع، ٽيون، 2020ع.
(13) ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“، تحقيقي اڀياس، (پي ايڇ ڊي جو مقالو) (1985ع تائين)، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2020ع.

اڻ ڇپيل ڪتاب:
(1) ”ارباب جي هوشياري“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)،
(2) ”سانول جو باغ“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)
(3) ”ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا“ (تحقيق ۽ تنقيد)
(4) ”محبت پائي من ۾“، (فن ۽ فڪر).
(5) ”سدا وسين تون“ (مضمون).
(6) ”جي پارکو پارس جا“ (طيفيات)
(7) ”م.ع ڏيپلائيءَ جون ادبي خدمتون“.
(8) ”ٽي تحفا“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)
(9) ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت سماج سڌارڪ (تحقيق).
(10) ”مري ٿين نه مات“ (معلومات-ٻاراڻو ادب).
(11) ”تو ۾ ديرو دوست جو“ (لطيف شناسي-مضمون)
(12) ”ماڻڪ موتي لعل“، (مضمون ۽ مقالا).
(13) ”هلڻ منهنجو هوت ڏي“، (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفرنامو).
(14) ”مفتي منجهه ويهار“، (آتم ڪهاڻي).
(15) ”ملهه مهانگا سپرين“، (سوانح).
(16) ”جنرل هسٽري“ (پي.سي.ايس سنڌيءَ مطابق).
(17) ”سنڌي نثر جي تاريخ“
(18) ”سنڌي شعر جي تاريخ“

اعزاز ۽ ايوارڊ:
(1) سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2004ع.
(2) بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2006ع.
(3) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان، ”مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم“، طور ڪتابن سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، 2005ع ۽ ”وکر سو وهاءِ“، 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.
(4) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، انٽر نيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.
(5) ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.
(6) نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “معاشي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.
(7) پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد”، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.
(8) ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.
(9) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، پاران ٿيل لٽرري ڪانفرنس، آنرري شيلڊ، ڊسمبر، 2009ع.
(10) سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل” ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساء جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.
(11) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان “راهِه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.
(12) بيسٽ ايونٽ آرگنائيزر (لطيف ڊي) تي نذرٿ ڪاليج جي پرنسپل ۽ ڪمشنر حيدرآباد پاران شيلڊ آف آنر، 2015ع.
(13) دي ليجنڊري پرسنلٽيز آف پاڪستان، چيف ايڊيٽر عزمِ پاڪستان، ڪراچي طرفان ايوارڊ، 2018ع.
(14) اپيڪس انگلش اڪيڊمي، حيدرآباد، طرفان شيلڊ آف آنر، 2017ع.
(15) ڊيڪليميشن ڪانٽيسٽ، يونيورسٽي آف سنڌ طرفان جيوري ميمبر طور خدمتن تي ايوارڊ، 2019ع.

ميمبر شپ
(1) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت. 4 سنڌي ادبي سنگت

هيڪ جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلز ۾ ڇپيل مقالا
(1) ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل ايڊيٽر، سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد 12، شمارو ٻيو، ڊسمبر 2009ع.
(2) ”سندري اتم چنداڻي هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ ساهتڪار“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد پهريون، شمارو ايڪويهون، جون 2018ع، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
(3) ”نورالهدى شاھ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد ٻيو، شمارو ايڪويهون، ڊسمبر 2018ع، شاھ عبدالطيف چيئر، ڪلاچي يونيورسٽي.
(4) ”پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو“، ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، شمارو ڏهون، جلد نائون، ڊسمبر 2019ع، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي.
(5) ”عورتن جي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل ڏهون، جون 2017ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
(6) ”ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت جي ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، جلد ٻارهون، شمارو پهريون، جون 2019ع.
(7) ”الطاف شيخ جي سفرنامن جي علمي ۽ ادبي اهميت“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد ٽيويهون-شمارو پهريون، جون 2020ع.

ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا
(1) ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 3-4 آڪٽوبر 2009ع.
(2) ”سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ صحافت جو حصو“، جي عنوان تحت م.ع ڏيپلائي جي صحافتي خدمتن بابت مقالو، قومي ادبي ڪانفرنس، 12 ڊسمبر، 2009ع، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي.
(3) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“ جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.
(4) ”خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون“، سيمينار سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 31 مارچ 2010ع.
(5) سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي، ٻه روزه ڪانفرنس، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، ”ڇا پخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو“، 8 ۽ 9 مارچ 2011ع.
(6) ”سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۾ ماءُ جو ڪردار“، سيمينار ۾ پڙهيل مقالو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2018ع.

ڇپيل مضمون ۽ مقالا
(جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، هلال پاڪستان، سوڀ ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد).
(1) ”چري“، ڪهاڻي چانڊوڪي، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1980ع.
(2) ”ماءُ جو دلاسو“ خليل جبران جي (ڪهاڻي، ترجمو) پارس، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1982ع.
(3) ”شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر“، ابن رشد گرلز ڪاليج، مخزن، 1998ع.
(4) ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن، روزاني عبرت پبليڪيشن، حيدرآباد 2005ع.
(5) ”مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون“، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، 27 فيبروري 2006ع.
(6) ”ڀٽائيءَ جي طفيل“، سوجهرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، ڪراچي، جنوري 2009ع.
(7) ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، ادبي تحقيق، ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي، 2009ع.
(8) ”سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو“، روزاني عبرت، مئي 2005ع.
(9) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، (مضمون)، ترتيب ڪامران يوسف زئي، سورج پرنٽرز، حيدرآباد، 2009ع.
(10) ساڳيو مضمون، ”سنگت ادبي مخزن“ ايڊيٽر، يوسف سنڌي، حيدرآباد، 2011ع.
(11) ”جي هينئڙي منجهه هُرن“، (يادگيريون) نواءِ سروش، مخزن ابن رشد گرلز ڪاليج، ميرپورخاص-2009ع.
(12) ”ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، ڪارونجهر، (تحقيقي جرنل)، ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.
(13) ”مفتي منجهه ويهار“، ماهوار ”جاکوڙ“، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر فيڊريشن، ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.
(14) ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو پيغام فن ۽ رسالو هڪ نظر“، هفتيوار عبرت مئگزين، 2011ع.
(15) ”شاھ لطيف تي ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪم جو جائزو“، هفتيوار-عبرت مئگزين، 2011ع
(16) ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، روزاني عبرت، 20 اپريل2011ع.
(17) ”شهيد راڻيءَ جو جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد“، روزاني عبرت، 27 ڊسمبر 2011ع.
(18) ”شهيد راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر“، ماهوار ”اڳواڻ“، ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، جنوري، 2012ع.
(19) ”معياري مطالعو انسان کي مڪمل بنائي ٿو“، ماهوار ”جاکوڙ“، ايڊيٽر محمد هنڱورجو، مٺي، مئي 2011ع.
(20) ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، ماهوار ”پيغام احمد“، حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، آگسٽ 2011ع.
(21) ”جو وڙ جڙي جن سين“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڻ ٿڪ انسان، (مرتب) محمد عثمان منگي، ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
(22) ”هڪ تاريخ ساز شخصيت“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڻ ٿڪ انسان، (سهڙيندڙ) م.عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
(23) ”ترجما نگاريءَ جي ادبي اهميت“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2/2013ع.
(24) ”محمد عثمان ڏيپلائي“، ”سنڌي ٻولي“، ”تحقيقي جرنل“، جلد ڇهون، اپريل، جون، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد، 2013ع.
(25) ”حيف تنين هوءِ“، سوڀ سنڊي مئگزين، اپريل 2014ع.
(26) ”محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ ملاقات جو احوال“، ”مهراڻ، ابراهيم جويو خاص نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، 3 اپريل 2014ع.
(27) ”پورهئي ۾ عظمت آهي“، روزاني ڪاوش، آڪٽوبر 2014ع.
(28) ”مهراڻ ڏيپلائي نمبر هڪ نظر“، ڪاوش مئگزين، جولاءِ 2014ع.
(29) ”مفتي منجھ ويهار“ (آتم ڪٿا جو باب)، ”سروپا“ ماهوار مخزن، ايڊيٽر، ميمڻ روشن تبسم انفارميشن آفيسر، ڪراچي.
(30) ”لطيف شناسي“، ماهوار، ”پيغام احمد“، مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، سيپٽمبر 2014ع.
(31) ”مشڪ کٿوري مڻ“، سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جون-آگسٽ 2014ع.
(32) ”سنڌي نثر جي واڌري لاءِ م-ع ڏيپلائيءَ جون خدمتون“، ٽه ماهي مهراڻ، ڏيپلائي خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 01/2014ع.
(33) ”پورهئي هٿ سڪار“ ماهوار ”پيغام احمد“ ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين، ڪڙي نمبر 4 نومبر 2014ع.
(34) ”سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو“، ماهوار مخزن سروپا، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڪراچي، شمارو نمبر 01، جنوري 2015ع.
(35) ”استاد قوم جا معمار آهن“، ماهوار پيغام احمد، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح، ڪڙي نمبر 48، مارچ 2015ع.
(36) ”هو چونيئي تون مَ چئو واتان ورائي“، روزاني عبرت، 18 فيبروري 2014ع.
(37) ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“، روزاني عبرت، 01 مارچ 2015ع.
(38) ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙسي ئي ڪن“، روزاني عبرت، 13 ۽ 14 مارچ 2015ع.
(39) ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو“، روزاني عبرت، 8 مارچ 2015ع.
(40) ”اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ“، سوڀ سنڊي مئگزين، 15 مارچ 2015ع.
(41) ”ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس آهي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 29 مارچ 2015ع.
(42) ”مطالعي سان قومن جي ڪمال ۽ زوال جي خبر پوي ٿي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 22 مارچ 2015ع.
(43) ”سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، روزاني عبرت، 30 مارچ 2015ع.
(44) ”جيون گهارڻ جو فلسفو“، روزاني عبرت، حيدرآباد، 6 اپريل 2015ع.
(45) ”قومي ٻڌي ۽ سنڌي قوم“، روزاني عبرت، 8 اپريل 2015ع.
(46) ”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا“، سوڀ سنڊي مئگزين، 12 اپريل 2015ع.
(47) ”ڪتاب ۽ ڪتب خانا اڻ ملهه خزانا آهن“، سوڀ سنڊي مئگزين، 19 اپريل 2015.
(48) ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جي شموليت جو جائزو“، ٽه ماهي ”ڪچ ڪوڏيون“، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، اپريل- جون 2015ع.
(49) ”ڪمپيوٽر سائنس جي افاديت“، ”سنڌ راڻي“ ماهوار، مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، اپريل 2015ع.
(50) ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽون“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2015ع.
(51) ”رسول پاڪ بحيثيت معلم“، روزاني عبرت، 12 اپريل 2015.
(52) ”تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2015ع.
(53) ”جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت“، سوڀ سنڊي مئگزين، 26 اپريل 2015ع.
(54) ”اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار“، روزاني عبرت، 28 اپريل 2015ع.
(55) ”هنري تعليم“، روزاني عبرت، 7 مئي 2015ع.
(56) ”انسان ۽ انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون“، روزاني عبرت، 10 مئي 2015ع.
(57) ”سي چِلوِلا چئجن جي در در لائين دوستي“، روزاني عبرت، 15 مئي 2015ع.
(58) ”سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري“، روزاني سوڀ، 7 مئي 2015ع.
(59) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، روزاني عبرت، (ٻه حصا) 21 ۽ 22 مئي 2015ع.
(60) ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو“، روزاني عبرت، 01 جون 2015ع.
(61) ”جديد دنيا ۾ سائنسي علمن جي ترقي“، 4/6 (ٻه حصا)، روزاني عبرت، جون 2015ع.
(62) ”علم لازوال دولت آهي“، روزاني عبرت، 11 جون 2015ع.
(63) ”نمي کمي نهار تون ڏمر ڏولائو“، روزاني عبرت، 11 جون 2015ع.
(64) ”ناڻي جو زيان ۽ پاڪستاني قوم“، روزاني عبرت، 16 جون 2015ع.
(65) ”آفتاب ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت“، روزاني عبرت، 19 جون 2015ع.
(66) ”شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل عظيم قرباني“، سوڀ سنڊي مئگزين، 21 جون 2015ع.
(67) ”حضرت سچل سرمسترح“، روزاني عبرت، 3 جولاءِ 2015ع.
(68) ”مهربان محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، روزاني عبرت، 11 جولاءِ 2015ع.
(69) ”جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود“، روزاني عبرت، 13 جولاءِ 2015ع.
(70) ”سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل“، روزاني عبرت، 14 جولاءِ 2015ع.
(71) ”پرت نه ڇنن پاڻ ۾“، روزاني عبرت، 21 جولاءِ 2015ع.
(72) ”محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي نثر جو اهم ليکڪ“ ماهوار، ”پيغام احمد“، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين جولاءِ 2015ع.
(73) ”سنڌي شعر جي ابتدا“، روزاني عبرت، 3 ۽ 4 آگسٽ 2015ع.
(74) ”ادب فن لطيف آهي“، روزاني عبرت، 6 آگسٽ 2015ع.
(75) ”سنڌي نثر جي ابتداءِ ۽ ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون“، روزاني عبرت، 17 آگسٽ 2015ع.
(76) ”ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب، ليکراج ڪشنچند عزيز“ روزاني عبرت، 19 آگسٽ 2015ع.
(77) ”تاريخ ساز شخصيت قاضي عبدالمجيد عابد“، روزاني عبرت، 27 آگسٽ 2015ع.
(78) ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“، روزاني عبرت، 3 سيپٽمبر، 2015ع.
(79) ”نثر ۾ اثر انگيزيءَ جو ذريعو اسلوب بيان“، روزاني عبرت، 8 سيپٽمبر 2015ع.
(80) ”سنڌي بيت جي اوسر“، روزاني عبرت، 25 سيپٽمبر 2015ع.
(81) ”استاد ۽ قوم“، روزاني عبرت، 1 آڪٽوبر 2015ع.
(82) ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“، روزاني، 4 آڪٽوبر 2015ع.
(83) ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، روزاني، 7 آڪٽوبر 2015ع.
(84) ”سنڌي ٻوليءَ جي قدامت“، روزاني عبرت 8 نومبر 2015ع
(85) ”پسي لهس نه لچئا“، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع
(86) ”سنڌ جون رومانوي داستانون“، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
(87) ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي“، روزاني عبرت، 10 سيپٽمبر 2015ع
(88) ”علامه محمد اقبال“، روزاني عبرت، 9 نومبر 2015ع
(89) ”شاگردن جي زندگيءَ جو مقصد“، روزاني عبرت 2015ع
(90) ”شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام“، ”گلشن لاڙ“ ماهوار مخزن، ڊسمبر 2017ع.
(91) ”اخلاقيات ۽ قدر“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 ڊسمبر 2015ع
(92) ”سون ورني سوڍي“، ماهوار ”سروپا“ مئگزين، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڊسمبر 2015ع
(93) ”والدين ۽ اولاد جو رشتو“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 9 جنوري 2016ع
(94) ”استاد ۽ شاگرد“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 17 جنوري 2016ع
(95) ”سائين جي.ايم سيد عظيم مفڪر“، روزاني عبرت 17 جنوري 2016ع.
(96) ”دوستي“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 جنوري 2016ع.
(97) ”ڊاڪٽر فهميده حسين جون علمي ۽ ادبي خدمتون“، ”گلشن لاڙ“، ماهوار مئگزين، ڊسمبر 2016ع.
(98) ”گيت جي سئو سالا تاريخ“ ماهوار ”ريکائون“، ايڊيٽر رحمت پيرزادو، جنوري 2016ع.
(99) ”شيخ اياز جي منظوم ڊرامن جو جائزو“ ڪچ ڪوڏيون ٽه ماهي مئگزين جنوري-مارچ چيف ايڊيٽر نصرالله ڪٻر 2016ع.
(100) ”حسن اخلاق“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 8 فيبروري 2016ع.
(101) ”ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ لطيف جو فڪري پارکو“، روزاني عبرت 10 فيبروري 2016ع.
(102) لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر مولوي حاجي احمد ملاح، روزاني عوامي آواز، 14 فيبروري 2016ع.
(103) ”معاشي قدر“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 20 فيبروري 2016ع.
(104) ”تصوف ۽ وحدانيت جو شاعر“، قاضي قادن، سوڀ سنڊي مئگزين، 28 فيبروري 2016ع.
(105) ڌرتيءَ جو رهنما شاعر شيخ اياز، روزاني عبرت، 2 مارچ 2016ع.
(106) ”مولوي حاجي احمد ملاح“، ”گلشن لاڙ“، ماهوارمئگزين، مارچ 2016ع.
(107) ”سادگي ۽ ڪفايت شعاري“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 15 مارچ 2016.
(108) ”حب الوطني“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 19 مارچ 2016ع.
(109) ”سنڌي سفرناما“، سوڀ سنڊي مئگزين، 13 مارچ 2016ع.
(110) ”سنڌ جي سياست جو تڪراري ڪردار“، پير علي محمد راشدي، عوامي آواز هفتيوار مئگزين، 13 مارچ 2016ع.
(111) ڪتاب ۽ ڪتب خانا املھ خزانا آهن، ماهوار ”سنڌ راڻي“ مئگزين، اپريل 2016ع.
(112) ”عدل ۽ انصاف“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 12 اپري 2016ع.
(113) ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، جو جائزو وفا مولا بخش، روزاني سوڀ 13 اپريل 2016ع.
(114) ”سچ“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 اپريل 2016ع.
(115) ”رهجي ويل منظر جو خالق“، طارق عالم ابڙو“، روزاني عبرت، 10 اپريل 2016ع.
(116) ”مير عبدالحسين سانگيءَ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، روزاني جيجل، 12 اپريل 2016ع.
(117) ”عورتن جي تعليم“، روزاني عبرت، 14 اپريل 2016ع.
(118) ”لالچ ۽ حرص“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 23 اپريل 2016ع.
(119) ”سکو قدر ڪتاب جو“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2016ع.
(120) ”سنڌ جو سائين جيئي سدائين“، روزاني عبرت، 25 اپريل 2016ع.
(121) ڪاوش ۾ انٽرويو پروفائيل، 26 اپريل 2016ع.
(122) ”علم ڇا آهي“، روزاني عبرت 28 اپريل 2016ع.
(123) ”شاھ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت“، ماهوار ”همسري“، ايڊيٽر زاهده ابڙو، مئي 2016ع.
(124) سنڌي ادب جائزو، ڪاوش مئگزين، 27 مارچ 2016ع.
(125) ”ادبي تنقيد ارتقا ۽ اوسر“ (2 حصا)، روزاني عبرت، 9 ۽ 10 مئي 2016ع.
(126) ”تعليم جي اهميت“، روزاني عبرت، 12 مئي 2016ع.
(127) ”اخلاقي قدر“، جائزو عبرت، 24 مئي ۽ ڪاوش 14 جون 2016ع.
(128) ”آغا سليم ۽ سندس ناول، همه اوست“، روزاني عبرت، 27 مئي 2016ع.
(129) ”سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم“، روزاني عبرت، 2 جون 2016ع.
(130) ”ڪري پاڻ ڪريم“، (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 7 جون، 2016ع.
(131) ”نايو نيڻ نهار“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 10 جون، 2016ع.
(132) ”جنهن هادي ميڙيم ههڙو“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 15 جون، 2016ع.
(133) ”سورهيه مرين سوڀ کي“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 17 جون، 2016ع.
(134) ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 21 جون، 2016ع.
(135) ”الا جنگ جيين“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 6 جولاءِ، 2016ع.
(136) ”نثري نظم جي شيخ اياز جي ڪتاب جو جائزو“، روزاني عبرت، 2 حصا، 26 ۽ 27 جولاءِ، 2016ع.
(137) ”سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار علي بابا“، روزاني عبرت، 10 آگسٽ، 2016ع.
(138) ”شاھ جو رسالو مقصديت ۽ پيغام“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 17 آگسٽ، 2016ع.
(139) ”شاھ لطيف جي ڪلام جون فني خوبيون“، روزاني عبرت، 26 آگسٽ، 2016ع.
(140) ”سنڌي غزل جي ارتقا ۽ اوسر“، روزاني عبرت، 30 آگسٽ، 2016ع.
(141) ”نير منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو“، روزاني عبرت، (ٻه حصا) 21 ۽ 22 سيپٽمبر، 2016ع.
(142) ”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي“، روزاني عبرت، 28 سيپٽمبر، 2016ع.
(143) ”جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو“، روزاني عبرت، سيپٽمبر، 2016ع.
(144) ”رونديون ڏٺيون مون ان در تي دادليون“، روزاني عبرت، 9 آڪٽوبر، 2016ع.
(145) ”علم ادب ۽ صحافت جو وڏو نانءُ، پير حسام الدين راشدي“، روزاني عبرت، 21 آڪٽوبر، 2016ع.
(146) ”شاھ لطيف جو پيغام محبت آهي“، روزاني عبرت، 30 آڪٽوبر، 2016ع.
(147) ”ادب زندگي جو آئينو ۽ عڪس“، سوڀ سنڊي مئگزين، 11 سيپٽمبر، 2016ع.
(148) ”خود شناسي ۽ شاھ عبدالطيف“، سوڀ سنڊي مئگزين، 11 سيپٽمبر، 2016ع.
(149) ڊاڪٽر پروين موسى سان ڳالھ ٻولھ، ٽه ماهي ”ڪچ ڪوڏيون“، جلد ٻيو-پرچو جولاءِ-سيپٽمبر، 2016ع.
(150) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ“، روزاني عبرت، 13 نومبر، 2016ع.
(151) ”شاھ جو ميلو“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 22 نومبر، 2016ع.
(152) ”مٽيءَ لڌو مان“ (لطيف شناسي)، تخيل ٽه ماهي جرنل، جولاءِ-سيپٽمبر، 2016ع، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد.
(153) ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر“، روزاني عبرت، 11 ڊسمبر، 2016ع.
(154) ”سڙيا مٿي سچ“، جيئي لطيف مئگزين، ڪڙي نمبر 10 سال، نومبر، 2016ع.
(155) ”قاضي ويٺو آهي قلب ۾“، روزاني عبرت، 30 مارچ، 2017ع.
(156) ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تهذيبي ۽ تاريخي داستانن جو ذڪر“، سوڀ مئگزين، 26 ڊسمبر، 2016ع.
(157) ”مخدو امين فهيم: پيغام هڪ جائزو“، ٽه ماهي مهراڻ، ڊسمبر، 2016ع.
(158) ”مضمون نويسي/مقالانگاريءَ جو تحقيقي جائزو“، روزاني عبرت، (6،5،3) (3 حصا) فيبروري، 2016ع.
(159) ”جي ڀايين جوڳي ٿيان“، سوڀ سنڊي مئگزين، 1 جنوري، 2017ع.
(160) ”شاھ عبدالطيف جي دعائيه شاعري“، سوڀ سنڊي مئگزين، 19 فيبروري، 2017ع.
(161) ”ادب ۽ تاريخ کي زندگي ارپيندڙ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي“، روزاني عبرت، 11 فيبروري، 2017ع.
(162) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، ڪتاب تي تبصرو زاهده تاج ابڙو، سوڀ سنڊي مئگزين، 5 فيبروري، 2017ع.
(163) ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، روزاني عبرت، فيبروري، 2017ع.
(164) ”عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو“، 13-7-6 مارچ، (3 قسطون) عبرت، 2017ع.
(165) ”جھموريت ۽ عوام“، روزاني عبرت، 21 مارچ، 2017ع.
(166) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، ڊاڪٽر پروين جي ڪتاب تي تبصرو علي نواز آريسر، ٽماهي تخيل، ڊسمبر 2016ع).
(167) ”صوف صحت جو ضامن ميوو“، ماهوار ”پيغام صحت“، چيف ايڊيٽر نظام عباسي، مارچ-اپريل، 2017ع.
(168) ”جديد دور ڪي سنڌي عورت“، ماهوار ”اطراف“، چيف ايڊيٽر محمود شام، مارچ، 2017ع.
(169) ”مفتي منجھ ويهار“، (اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ باب)، سرتيون يادگيريون نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، (جنوري، 2017ع).
(170) ڪتابن سان شوق قائم رکڻ جي ضرورت آهي، روزاني عبرت، آچر 23 اپريل، 2017ع.
(171) ”فلاسافي جيون جيئڻ جي تحقيقي نظر“، روزاني عبرت، 8 مئي، 2017ع.
(172) ”باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي“، روزاني عبرت، 20 مئي، 2017ع.
(173) ”نظم، نثراڻو نظم ۽ آزاد نظم“، روزاني عبرت، 23 مئي، 2017ع.
(174) ”ميون جو بادشاھ ميوو انب“، ماهوار پيغام صحت، جون، 2017ع.
(175) ”ذهني صحت ۽ وٽامن ڊي جو استعمال“، ماهوار پيغام صحت، جون، 2017ع.
(176) ”مرزا قليچ ۽ لطيف شناسي“، روزاني عبرت، 7 جولاءِ 2017ع.
(177) ثميره زرين جي افسانن جو جائزو، ٽه ماهي تخيل، ايڊيٽر، سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي، اپريل-مئي، 2017ع.
(178) ”سنڌ جي تعليم جو معيار، ڪاپي ڪلچر ۽ تباهي“، روزاني جيجل، مئي، 2017ع.
(179) ”جنهن زبان ۾ ماءُ ڏني لولي“، روزاني مهراڻ، 17 آڪٽوبر، 2017ع.
(180) ”سنڌي نثر ۾ عورتن جي ڪم جو جائزو“، ماهوار ”سنڌ راڻي“، آڪٽوبر، 2017ع.
(181) ”ٿر جو ڪوئلو: ڪارو سون“، روزاني جيجل، 7 سيپٽمبر، 2017ع.
(182) ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“، ٽه ماهي تخيل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 21 ڊسمبر، 2017ع.
(183) ”افسانوي ادب ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي“، روزاني جيجل، 23 ڊسمبر، 2017ع.
(184) ”شيخ اياز“، ٽه ماهي مهراڻ، 4/2017ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(185) ”زبان قوم جو آئيندو آهي“، روزاني هلال پاڪستان، 17 آڪٽوبر، 2017ع.
(186) ”سنڌ جا قديم هنر ۽ ان جو بچاءُ“، روزاني جيجل، آچر 19 نومبر، 2017ع.
(187) ثمينه ميمڻ جي ڪتاب ترورو تي تبصرو، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، ڪاوش دنيا، 24 ڊسمبر، 2017ع.
(188) ڪتاب سنڌي ادب ايم.سي.ڪيوز تي همسري اداري طرفان تبصرو، آڪٽوبر، 2017ع.
(189) ”سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بقا لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي“، روزاني جيجل، ڊسمبر، 2017ع.
(190) ”شاھ جي رسالي ۾ غم جو فلسفو“،جيئي لطيف مئگزين، سرپرستِ اعلى سيد وقار حسين شاھ، ڪڙي نمبر 12، سال 2017ع.
(191) ”ادب ۽ ان جو ڪارج ڇا آهي“، روزاني جيجل، 24 ڊسمبر، 2017ع.
(192) ”دادي ليلى وتي تلسي داس هرچنداڻي“، روزاني جيجل، ڊسمبر، 2017ع.
(193) جديد شاعريءَ جون صنفون، غزل، سنڌ راڻي مئگزين، ڊسمبر، 2017ع.
(194) ”شيخ اياز“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 4/2017ع.
(195) پروين موسى جي باري ۾ علي محمد درد سولنگيءَ جو آرٽيڪل، ”سنڌ ڄايون“ ڪاوش دنيا، 14 فيبروري، 2018ع.
(196) ”سي.ايس.ايس جي ڪيريئر تي نوجوان ڌيان ڏين“، ڪاوش يوٿ، ڇنڇر 3 مارچ، 2018ع.
(197) ”ماءُ جو دلاسو“ (ڪهاڻي) ”همسري“ مئگزين، جنوري، 2018ع.
(198) ”پڇن سي پسن“، ثمينه ميمڻ جو ”همسري“، مئگزين، جون، 2018ع.
(199) ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، نذرٿ ڪاليج، مئگزين (2017ع - 2018ع).
(200) ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ شاھ لطيف جي شاعري“، ”سنڌ راڻي“ مئگزين، ڊسمبر/جنوري (17-2016ع).
(201) ”ماءُ جو دِلاسو“ (ڪهاڻي)، خليل جبران، ترجمو، ماهوار ”سورمي“ فيبروري 2018ع.
(202) ”چري“ (ڪهاڻي)، ”همسري“ ماهوار، اپريل 2018ع.
(203) ”ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ جي فن جو جائزو“، ”شاھ جا شيدائي ڪتاب“ (ٻيو ڀاڱو)، راهب علي لاڙڪ، سمبارا پبليڪيشن، 2018ع.
(204) پروين موسى ميمڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (تعارف) (جلد-پ)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.
(205) مخدوم محمد زمان طالب المولى، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 2018ع.
(206) ”هائيڊ پارڪ ڪاوش ۾ خط، ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو رسالو، مقدمو ۽ مهاڳ ٻئي جدا آهن“، 30 ڊسمبر،2018ع.
(207) ”سنڌي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ نٿي ٿيئي“ (انٽرويو عتيق ملاح)، عوامي آواز، آچر 2 سيپٽمبر، 2018ع.
(208) ”عبدالحئي پليجو، علم ۽ ادب جو روشن ستارو“، روزاني ڪوشش، 31 جنوري، 2019ع.
(209) ”سنڌي ثقافت جو تحفظ ۽ ان جي بچاءُ جا حل“، سنڌراڻي مئگزين، آگسٽ، 2018ع.
(210) ”عبدالڪريم گدائي“، روزاني ڪوشش، 28 جنوري، 2019ع.
(211) ”سونهن ۽ سنڌ جو ديوانو استاد بخاري“، روزاني ڪوشش، 2019ع.
(212) ”عبدالڪريم سنديلو“، هلال پاڪستان، 2 فيبروري، 2019ع.
(213) ”ڌرتيءَ جو رهنما شاعر ۽ قومي شاعر اياز“، عوامي آواز، سنڊي مئگزين، آچر 3 مارچ، 2019ع.
(214) ”جديد سنڌي شاعريءَ جو نالو اياز گل“، روزاني جيجل، 5/6 مارچ، 2019ع.
(215) ”محفل ۾ رڳو آئون ئي تنها آهيان“، روزاني ڪوشش، 10 مارچ، 2019ع.
(216) ”ميران محمد شاھ“، روزاني سنڌ ڌرتي، آچر 16 مارچ، 2020ع.
(217) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، روزاني سنڌ ڌرتي، آچر 26 مارچ، 2019ع.
(218) عابده گھانگھرو، روزاني هلال پاڪستان، مارچ، 2019ع.
(219) ”صحافتي دنيا ۾ رهندڙ شاعره ماهين هيسباڻي“، روزاني جيجل، پهرين اپريل، 2019ع.
(220) قمر شهباز وڏو اديب ۽ وڏو ڪامورو، روزاني ڪوشش، اپريل، 2019ع.
(221) ”همه اوست آغا سليم جو شاهڪار ناول“، روزاني، 13 اپريل، 2019ع.
(222) ”ڊاڪٽر پروين موسى جون ادبي خدمتون“، چيتن ميگھواڙ، روزاني ڪوشش، حيدرآباد، 2019ع.
(223) ”گلي سدا رنگاڻي“، روزاني ڪاوش گئلري، 22 مئي، 2019ع.
(224) سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس تي تبصرو، هلال پاڪستان، ڪراچي، مئي، 2019ع.
(225) مسڪينن جو مسڪين جهان خان، روزاني هلال پاڪستان، 15 جون، 2019ع.
(226) ”دادا هولارام هنس جي ڪتاب تي هڪ نظر“، روزاني ڪوشش، حيدرآباد، 2019ع.
(227) ”انور ڪاڪا“، روزاني هلال پاڪستان، 20 جون، 2019ع.
(228) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، روزاني هلال پاڪستان، 21 جون، 2019ع.
(229) ”تو ۾ ديرو درست جو“، روزاني هلال پاڪستان، 4 جون، 2019ع.
(230) ”آغا سليم ترقي پسند اديب“، ”سنڌ راڻي“ ماهوار مئگزين، اپريل/مئي، 2019ع.
(231) ”هونداسي حيات“، روزاني هلال پاڪستان، 27 جولاءِ، 2019ع.
(232) ”شاھ جو سُر ليلان چنيسر“، روزاني هلال پاڪستان، 20 جولاءِ، 2019ع.
(233) ”نورالهدى شاھ“، روزاني هلال پاڪستان، 26 جولاءِ، 2019ع.
(234) ”مولوي حاجي احمد ملاح“، روزاني هلال پاڪستان، 18 جولاءِ، 2019ع.
(235) ”ف-م لاشاري“، روزاني هلال پاڪستان، جولاءِ، 2019ع.
(236) ”ڀيرو مل مهرچند“، 28 جولاءِ، هند واسي پندرهن روزه، ايڊيٽر شوڀا لالچنداڻي، هندوستان، 2019ع.
(237) “Daewoo” (ڪهاڻي نمبر)، سنڌ راڻي مئگزين، سيپٽمبر، 2019ع.
(238) ”سئو سوال انٽرويو نمبر“، (ڊاڪٽر پروين موسى)، سرتيون، انٽريو نمبر، 2019ع.
(239) ”آفتاب ميمڻ گھڻ رخي شخصيت“، نئين آس، جولاءِ، 2019ع.
(240) ”تاريخ جي عقب مان“، ڊاڪٽر پروين بابت، گلشن لاڙ، جولاءِ، 2019ع.
(241) ”مخدوم امين فهيم“، روزاني هلال پاڪستان، 8 آگسٽ، 2019ع.
(242) ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“، روزاني ڪاوش، 8 آگسٽ، 2019ع.
(243) ”ڊاڪٽر ادل سومرو“، روزاني هلال پاڪستان، 17 آگسٽ، 2019ع.
(244) ”شمشيرالحيدري“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 20 آگسٽ، 2019ع.
(245) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 22 آگسٽ، 2019ع.
(246) ”عورتن جي تعليم جي اهميت“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 25 آگسٽ، 2019ع.
(247) ”سنڌي ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 1 سيپٽمبر، 2019ع.
(248) ”سُر ڪيڏارو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 7 سيپٽمبر، 2019ع.
(249) تاجل بيوس، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 22 سيپٽمبر، 2019ع.
(250) ڪارو سون، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 25 سيپٽمبر، 2019ع.
(251) ادب ۽ سنڌي سماج، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 27 سيپٽمبر، 2019ع.
(252) ”سخاوت جو جذبو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 26 سيپٽمبر، 2019ع.
(253) ”سنڌ جي تهذيب“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2 آڪٽوبر، 2019ع.
(254) ”روح رهاڻ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 18 آڪٽوبر، 2019ع.
(255) شاھ جي شاعري ۾ اخلاقي قدر، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 19 آڪٽوبر، 2019ع.
(256) سنڌي ادب MCQs تي تبصرو، ڊاڪٽر ثمر، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2 آڪٽوبر، 2019ع.
(257) ”عالم سڀ آباد ڪرين“ (لطيف شناسي)، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، آڪٽوبر، 2019ع.
(258) ”سنڌي زبان جو مکيه سرمايو ڊاڪٽر پروين جا ڪتاب“، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، روزاني هلال پاڪستان، 21 آڪٽوبر، 2019ع.
(259) ”پڙاڏو سوئي سڏ جي تاريخي اهميت“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 31 آڪٽوبر، 2019ع.
(260) ”سلطاني سهاڳ“، (لطيف شناسي)، روزاني هلال پاڪستان، 31 آڪٽوبر، 2019ع.
(261) ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“، هلال پاڪستان، ڪراچي، 01 نومبر، 2019ع.
(262) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، روزاني هلال پاڪستان، 15 نومبر، 2019ع.
(263) ”سٻاجھي ۽ سڄاڻ ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسى“، معشوق محسن ابڙو، روزاني هلال پاڪستان، 20 نومبر، 2019ع.
(264) جمال ابڙو/پشو پاشا، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 13 ڊسمبر، 2019ع.
(265) ”بيت جي اوسر“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 18 ڊسمبر 2019ع.
(266) ”اسلام ۾ عورتن جا حق“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2020ع.
(267) ”ٽيڙو/ هائيڪو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2020ع.
(268) ”امر جليل“، هند واسي، ايڊيٽر شوڀا لالچنداڻي، 5 اگسٽ 2020ع.
(269) ملڪه ۽ ايوب (ٻاراڻو ادب) هلال پاڪستان 16 آگسٽ 2020ع.
(270) ”منگهارام ملڪاڻي“، روزاني هلال پاڪستان، 29 جولاءِ، 2020ع.
(271) ”نيڪيءَ جو بدلو نيڪي“ (ٻاراڻو ادب)،”گل ڦل“ ماهوار رسالو، ايڊيٽر نجمه پهنور، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيپٽمبر، 2020ع.
(272) ”نجم عباسي“، هند واسي، پندرهن روزه مئگزين، ايڊيٽر شوڀالالچنداڻي، 20 آگسٽ 2020ع.
(273) ”سندري اتم چنداڻي“ 27 آگسٽ هندواسي (5 قسطون)، سيپٽمبر 2020ع.
(274) ”هڪ متحرڪ ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ“، صدام جوکيو ”همسري“، آن لائين مئگزين، سيپٽمبر، 2020ع.
(275) ”پاڻي نعمت آهي“ (ڪهاڻي)، ”گل ڦل“ (ٻارن جي لاءِ ماهوار رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، آڪٽوبر، 2020ع.
(276) ”اچو ته وڻ بچايون“ (ڪهاڻي)، ”گل ڦل“ (ٻارن جي لاءِ رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نومبر-ڊسمبر 2020ع.
(277) ”فرحان جي عقلمندي“، ”گل ڦل“، (ٻارن جي لاءِ ماهوار رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، جنوري 2021ع.
(278) ”الطاف شيخ جي سفرنامن جو تفصيلي جائزو“، روزاني هلال پاڪستان (8 قسطون)، 11 ڊسمبر 2020ع کان 18 ڊسمبر تائين.
(279) ”پوپٽي هيراننداڻي ۽ سنڌي ادب“، روزاني هلال پاڪستان، 24 ۽ 25 جنوري 2021ع.

حڪايتن سان منسوب شاھ صاحب جا بيت

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سڄو ڪلام بامقصد، بامعنيٰ ۽ بي انتها اثر انگيز آهي. هن املھ خزاني ۾ جابجا علم، عقل، سمجھ، سياڻپ، معنيٰ ۽ معرفت جا اڻملھ موتي وکريل نظر اچن ٿا. سندس ڪلام کي تصوف، شاعراڻي اسلوب ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان پرکجي يا سندن دؤر جي سياسي، سماجي، تاريخي، معاشي، مذهبي، علمي ۽ اخلاقي حالتن جي تناظر ۾ تحقيقي تور ڪجي، پروڙ اها پوندي ته ڄڻ هڪ هڪ لفظ منڊيءَ تي ٽڪ، ِهِڪ هِڪ سٽ ڄڻ ڳڻيل ڳتيل، موقائتي ۽ مهلائتي آهي.
شاھ صاحب جو ڪلام سندن عملي زندگيءَ جي تفسير آهي، جنهن ۾ سندن ذاتي احساسن، سوچن ۽ سمجھ جي عڪس سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ترجماني آهي. هو نه صرف عظيم شاعر ۽ موسيقار هو، پر هڪ وڏو سڄاڻ شخص هو. جنهن جي رسالي ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل داستانن کان سواءِ به هن ڌرتيءَ جي ڪيترن اهم تاريخي واقعن جي نشاندهي ٿيئي ٿي. واقعات نگاري ۽ موقعي مهل سان چيل بيتن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته هڪ وڏو ڪتاب ترتيب ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪيترائي اهڙا بيت آهن جيڪي سندن طبع جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿا. اهي بيت سندن ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات جي لاءِ اهميت رکن ٿا. هن مقالي ۾ شاھ صاحب جا اهڙا حڪايتن وارا اهي بيت پيش ڪيا ويا آهن.
هي بيت شاھ صاحب جي حياتيءَ جي دور سان واسطو رکن ٿا. سندن سوانح جو احوال مڪمل طور اڃا تحقيق طلب آهي پر هن وقت تائين جيڪا معلومات سامهون آئي آهي، انهيءَ مطابق شاھ صاحب جي باري ۾ پهريون احوال سندن ئي دؤر جي مشهور عالم ۽ مؤرخ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٽن ڪتابن، “تحفة الڪرام”، “مقالات الشعراء” ۽ “معيارِ سالڪان طريقت” مان ملي ٿو. 1851ع ۾ سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر سرڪاري مترجم ڊبليو سائودي (W-Southy) کان شاھ جي مختصر سوانح حيات لکرائي جيڪا نومبر 1851ع ۾ شايع ٿي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو جو (نئين زندگي ڊسمبر 1958ع ۾ ڇپيو ۽ سندن ڪتاب “مضمون ۽ مقالا” ۾ پڻ ڏنل آهي) ڊاڪٽر نبي بخش ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته هن احوال ۾ گهڻي ڀاڱي شاھ سائينءَ سان منسوب غير معتبر روايتون شامل آهن. رچرڊ ايف برٽن جي، سنڌ جي باري ۾ لکيل ڪتاب ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ ڪجھ مختصر ڄاڻ ملي ٿي جو 1851ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو محمد حنيف صديقي “سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون” جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي.
1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، ”شاھ جو رسالو“، ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاھ جي سوانح جو مختصر احوال ڏنل آهي. 1882ع ۾ ڏيارام گدو مل جي ڪتاب ”سگما“ ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ 40 صفحا ڏنل آهن. 1887ع ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، انگريزيءَ ۾ “Life of Shah Abdul Latif Bhittai” لکيو، جيڪو پوءِ سنڌيءَ ۾ ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائون، جنهن ۾ شاھ صاحب جي سوانح سان گڏ سندن ڪلام جي تصوف جي حوالي سان پرک ڏنل آهي. مرزا صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب شاھ صاحب جي 228 ورسيءَ جي موقعي تي 1980ع ۾ شايع ٿيو.
1888ع ۾ هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي ”لطائف لطيفي“ فارسيءَ ۾ لکيو. هن صاحب پاڻ بذاتِ خود ڀٽ شاھ تي وڃي جيڪي حالات معلوم ٿيا سي ان ۾ قلمبند ڪيا. مير سانگي شاھ صاحب جو وڏو معتقد ۽ هر جمعي تي ڀٽ شاھ تي ويندڙ هو. کين فقيرن، درويشن ۽ بزرگن کان جيڪي به شاھ صاحب جي قولن ۽ ڪرامتن جون حڪايتون معلوم ٿيون، سي هن لطائف لطيفي ۾ ڏنيون. هيءُ ڪتاب عقيدت ۽ احترام سان جوڙيل آهي. شمس العلما مرزا قليچ صاحب کان اڳ لکيل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بنيادي ماخذ قرار ڏنو آهي. (“لطائف لطيفي” جو سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي.) انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاھ جي شارحن هِن ڏس ۾ قلم کنيو، جنهن ۾ ليلا رام وطڻ مل لالواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، دين محمد وفائي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، غلام محمد خانزئي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، لطف الله بدوي، پروفيسر اڪرم انصاري، مولانا غلام محمد گرامي، الياس عشقي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر محبوب علي چنا، سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد شاهواڻي، جي الانا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر دُرِ شهوارِ سيد، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر اياز قادري، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، پروفيسر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پروفيسر سليم ميمڻ، محمد حسين ڪاشف، محمد سليم ڀٽو، معمور يوسفاڻي، سيد اظهر گيلاني، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، تاج جويو، ج-ع منگهاڻي، ڊاڪٽر اُمّ ڪلثوم، انب گوپانگ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر احسان دانش، استاد لغاري، راهب لاڙڪ، ڊاڪٽر پروين موسیٰ (راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترن جا نالا هِن ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا.
شاھ صاحب سان لاڳاپيل روايتن ۽ حڪايتن جو جيستائين تعلق آهي، انهيءَ ۾ ڏيهي عالمن خاص طور مير عبدالحسين خان سانگي، شمس العلما مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا ڪتاب اهميت رکن ٿا. مير سانگي ۽ قليچ صاحب انگريزن جي دؤر جا قادر الڪلام شاعر ۽ اهلِ علم شخص هئا. جن معتبر روايتن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ممڪن آهي ڪٿي ڪو واڌاءُ به هجي، جيڪو گهڻي عقيدت ۽ احترام سبب يا ڪٿي روايت جي تصديق نه هئڻ سبب هجي. ڊاڪٽر نبي بخش اهم روايتن کي پنهنجي ڪتاب “شاھ عبداللطيف رحه” ۾ آندو آهي. هيٺ انهن حڪايتن مان چند جو بيتن سميت مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لاءِ مشهور آهي ته پاڻ پٽ پاراتي کي نه پسند ڪندا هئا ۽ نه ئي ڪنهن کي بددُعا ڏنائون. انسانيت جي دشمنن لاءِ بيشڪ چون ٿا ته، “ڏڪاريا ڏيھ مان شل موذي سڀ مرن” پر خاص طور شخصي بد دُعا ڪنهن کي نه ڏنائون، باقي مغلن لاءِ سندن هيءَ هڪ حڪايت مشهور آهي ته:
ڪوٽڙيءَ ۾ آباد، مغلن جي اڳواڻ بيگ مرزا جو گهر شاھ صاحب جي والد حبيب شاھ جي گهر جي ويجهو هو ۽ هو سيد صاحب سان عقيدت رکندڙ هئا. هڪ دفعي سندن نياڻي سيده بيگم جي بيمار ٿيڻ تي هو سيد حبيب شاھ کي دُعا لاءِ وٺڻ آيا پر هن پنهنجي بيماريءَ جي سبب ڪري پنهنجي فرزند شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي موڪليو ۽ شاھ صاحب کي جڏهن بيبي صاحبه جو هٿ ڏيکاريو ويو ته پاڻ سندن چيچ جهلي چيو ته، “جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو”، انهي ڪري مغل کانئس سخت ناراض ٿي پيا ۽ ساڻن ابتا پير هلڻ لڳا. ڪجھ وقت کان پوءِ ڦورن مغلن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن وڏو نقصان ٿيو ۽ هو پنهنجا ماڻهو وٺي پويان مقابلي خاطر ويا. شاھ صاحب کي جڏهن خبر پئي ته کين انساني همدردي ۽ پاڙي جي ننگ جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي فقيرن جي مدد جي آڇ ڪئي پر هنن سندن ٽي دفعا چوڻ جي باوجود به مدد قبول نه ڪئي، جنهن تي شاھ صاحب جن جلال ۾ اچي فرمايو ته:
بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،
اٿم آس الله ۾، دَل مارينئي مانَ.
(ص 40، لطائفِ لطيفي)
(هن حڪايت جو تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ پڻ ذڪر آهي.) روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جي والد جي وفات کان اڳ جڏهن سندن طبيعت ناساز ٿي ۽ وصال جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون، تڏهن سيد حبيب شاھ پنهنجي فرزند ڏي هيءُ بيت چوائي موڪليو.
ڪِنھن جِنھن نينھن ننڌاھ، جئن مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪين مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
(سر حسيني، ۲۳-۱۰)
شاھ صاحب جن جواب ۾ هي بيت ڏيرائي موڪليو:
متان ٿيين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪَرَ ڏور، حَدَ ٻنهي جي هيڪڙي.
(سر حسيني، ۲۴-۱۰)
روايت آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ جي فيض سبب پوريءَ سنڌ ۾ سندن مشهوري سندن حياتيءَ ۾ ئي ٿي ويئي هئي. جنهن تي کانئن ڪيترائي حاسد ساڙ کائڻ لڳا. ميان نور محمد ڪلهوڙي سندن دعوت ڪئي ۽ دعوت کان پوءِ آزمائش طور حسين و جميل عورتون سندن خدمت ۾ موڪليون پر پاڻ مراقبي ۾ مگن هئا. جڏهن ميان ڪلهوڙي اچي روبرو ڏٺو ته حيرت ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ پرک وٺڻ تي شرمندو پڻ ٿيو. شاھ صاحب ميان نور محمد جي سوال تي ورنديءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگهي ويا.
روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب استغراق جي حالت ۾ ويٺل هئا ته مٿانئن واري وري ويئي، سندن والد سيد حبيب شاھ کين ڳولهيندو جڏهن اُتي پهتو ته ، هيءَ مصرع چيائون:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي،
شاھ صاحب انهيءَ آواز تي ورندي ڏني ته:
پئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
حڪايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جن مخدوم ٺاري جي ملاقات لاءِ ننگر ٺٽي جي واٽ تي روانا ٿيا ته رستي ۾ سندن ڪن تي سوزو گداز وارو آواز پيو، هڪ شخص سندن بيت جي هيءَ سٽ جهونگاري رهيو هو:
هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي
کانئس پڇڻ تي کين معلوم ٿيو ته هن شخص هالا ڪنڊيءَ جي ويجهو هيءَ سٽ ٻڌي آهي پر کيس هاڻي آرام نٿو اچي ۽ فراق جي درد ۾ مبتلا آهي، پاڻ کيس قرب ڪري فرمايائون ته هن بيت جي ٻي سٽ چوان؟
اهو فقير ته اهو ئي ٻڌڻ لاءِ آتو هو، تنهن هڪدم هائوڪار ڪئي، پاڻ فرمايائون:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوري سڄن سيل،
ته ڪر ٻيليائي ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
مڪمل بيت ٻڌڻ شرط ان شخص جو روح پرواز ڪري ويو ۽ لطيف سائينءَ جن کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ پنهنجي فقيرن کي انهيءَ جو مثال ڏيندا هئا. پاڻ ۽ سندن فقيرن جو جڏهن به اتان گذر ٿيندو هو، تڏهن ان شخص جي قبر تي ختمو پڙهندا هئا.
چون ٿا ته شاھ ڀٽائيءَ ”لاهوت“ جي سير جو ارادو ڪيو ته سندن والد کين چيو ته هيءُ سفر خطري وارو آهي ۽ جبلن ۾ نانگ بلائون ۽ ٻيون گهڻيون خطرناڪ شيون آهن، پر پاڻ ورنديءَ ۾ چيائون ته:
نڪو جِن جهان ۾، نڪو سُڄي نانگ،
سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙيوئي ڇاڙڪي.
هڪ دفعي ٿر ۾ شاھ صاحب جون اکيون اُٿي پيون، جنهن ڪري اکين تي ڪپڙو ڏيئي ڇڏيائون. ساڻن، ڪامل بزرگ مخدوم صابر ولهاري ملاقات لاءِ آيو، جنهن سان گڏ ملا حسين نالي شخص ساڻ هو. جنهن کين چيو ته توهان جو والد ته شريعت ۽ تقويٰ جو صاحب هو ۽ ظاهر ۽ باطن سان سينگاريل هو، پر توهان ڇو دنيا جي لذتن کان پاڻ کي پري ڪيو آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون:
پَهنوارڪي ٻرهي، جي هُوند چکيائِين،
ته ميهارڪي مَهِي، ساجهر ڇڏيائين.
حڪايت آهي ته راهوجن جي ڳوٺ ۾ شاھ سائينءَ جي فقيرن کي رات پيئي پر ڳوٺ جي ماڻهن ساڻن راهي ڪانه، بلڪه انهن فقيرن، زالن جون جٺيون، جهليون، شاھ صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته هيءُ بيت چيائون:
راهو جن ۾ راتِ، شالَ قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رَنون رَبَ رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
پَليجن کان پاٽ، ڀَرجي آئي ڀَتَ جي.
راهوجن جي ڳوٺ جون زالون ڏڌ کڻي “گجن” شهر ۾ وڪڻڻ ويون هيون، شاھ صاحب جن پنهنجي فقيرن جي باراني پوک ڏسڻ ويا، تڏهن اُتي ڏڌ گهريائون جيڪو ڪين ملي سگهيو، تڏهن پاڻ چرچي طور هيءُ بيت چيائون:

هڏا ڪٽ ڪليون، ڪوپاريون ڪَهِي،
ڇڏيئون ڪانه پٺٽي، سندي ڏُڌَ ڏهي،
گجن ساڻ گهي، اونڌا ڪري آئيون.
حڪايت آهي ته شاھ ڀٽائيءَ وٽ ڪنهن مهاڻي پلو تحفي ۾ آندو. مليل پلي کي فقيرن پچايو، ته بچو، محمد عالم ۽ ورؤَ وچ مان ڪجھ حصو پهرين کاڌو. فقيري دستور موجب جا به شيءِ ايندي هئي فقيرن ۾ برابر ورهائبي هئي. شاھ صاحب پڻ پنهنجي فقيرن جيترو حصو کڻندا هئا. جڏهن رحمون فقير پلو تيار ڪري سندن خدمت ۾ آندو ۽ کين سڄي معاملي جي خبر پيئي تڏهن فقيرن جي تنبيھ لاءِ چرچي ۾ هيءُ بيت چيائون:
ڦوٽو هو فڪرو، وروءَ ور پيو،
ڪاڙهو ڪلين تي، بچي ڀڙڪيو،
آيو جو ٽيو، تنهن پڇڙي ني پاڻ سين.
روايت آهي ته جاني ڏيري زميندار جو پٽ عنايت، لطيف سائينءَ جو معتقد ٿي ڀٽ تي اچي ويٺو، پڻس ٻه ٽي دفعا ڌڪ چنبا هڻي واپس وٺي ويو پر ڇوڪر هر هر وري اچي ڀٽ تي شاھ سائينءَ وٽ ويهي، جڏهن جاني اٺين ڀيري پٽ کي وٺڻ آيو ۽ شاھ صاحب کي عرض ڪيائين ته، “دولت ناموس ۽ اقتدار وارو آهيان ۽ پٽ جو درويش ٿيڻ ڪهڙيءَ ريت پسند ڪريان” تڏهن شاھ صاحب هيءُ بيت چيو:
جاني جڙي ٻنڌ، عنايتا اوتاهين،
چکين ته چريو ٿئين، ميخاني جو منڌ،
آهي گهڻو اوکو، فقيريءَ جو فند،
ڪين ڪڍندو ڪنڌ، مَنجهان سِک سيد چئي.
شاھ صاحب جي صحبت ڪري عنايت فقير پاڻ وڏو شاعر ۽ بزرگ طور مشهور ٿيو.
روايت آهي ته شاھ صاحب حج بيت الله جي زيارت جو ارادو ڪيو پر هڪڙيءَ منزل تي ڌڻ ٻڪرين جي کي پري کان سهڪندو پاڻيءَ جي دٻي تي ايندو ڏٺائون ۽ پاڻي پيئڻ کان پوءِ سندن اهو ذوق ۽ شوق نه رهيو، مرڳو منهن ڦيرائي بيهي رهيون ۽ ڦولڙيون لاهي پيشاب ڪرڻ لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي پاڻ هي بيت فرمايائون ته:
ڳوليان مَ لهان شال مَ ملان هوت،
مَنَ اندر جا لوچ، مَڇَڻِ ملڻ سين ماٺي ٿيئي.
هڪ انڌي شخص شاھ صاحب کي اکين جي روشني لاءِ دُعا ڪرڻ جو سوال ڪيو. ان وقت پاڻ عروج جي حالت ۾ هئا. ٿوريءَ دير ۾ انڌي کي اکين جي روشني ملي ته هو خوشيون ڪرڻ لڳو. شاھ صاحب تان جڏهن اها حالت گذري ۽ کانئس خوشيءَ جو سبب پڇيائون ته هن اکين جي صحيح ٿيڻ جي خبر ٻڌائي، پاڻ فرمايائون:
سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنما،
وتُعِزُّ من تشاءُ، و تذل من تشاءُ.
(ص 71، احوال شاھ عبداللطيف)
شاھ صاحب جي باري ۾ هيءُ واقعو مشهور آهي ته ڪنهن موقعي تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٻين عالمن سان گڏجي شاھ صاحب وٽ سندس سازن کي بند ڪرائڻ لاءِ پهتو. پاڻ هن صاحبِ شريعت جي اچڻ جو ٻڌي، سڀ ساز اڳواٽ ئي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي رکيا هئائون، مگر جينئن ئي مخدوم صاحب، شاھ صاحب سان سوالن جوابن ۾ مشغول ٿيو ته ساز از خود ڪوٺيءَ ۾ وڄڻ لڳا. مخدوم متاثر ٿي، شاھ صاحب کان محبت سان موڪلايو ۽ ان موقعي تي کين چيائين ته اسان کي ڪو نصيحت جو بيت ٻڌايو، پاڻ هيءُ بيت پڙهيائون ته:
گندي ۽ گراه، جن سَناسين سانڍِيو،
تَنِين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
(مخدوم صاحب ٻڌي چيو ته، تحقيق اهو صحيح آهي. (ص 30، شاھ عبداللطيف رحه، تحقيقي مضمون)
ڀٽائي صاحب، ڪو ٽيسر (ڪڇ) ۾ ويو، اتي هڪ هندو فقير ڏٺائين جو تپسيا ۾ وچن مطابق ٻانهون ٻڌي جهلي بيٺو هو. شاھ صاحب جي ساڻس گفتگو ٿي، پوءِ کيس چيائين ته:
هِنيون نہ سڪائين هوت لئي، ٿو سڪائين ٻانهُون،
ڏيکارِين ٿو ڏيھ کي، دتا ڪيو دانهُون،
پاڻهين مٺيءَ پاڻ کي، ته ڪو آديسي آئُون،
اِي پنڌ آڳاهون، ڪي ڪاهي رسيا ڪاپِڙي.
هيءَ حڪايت دادي ليلا تلسي داس کان زبان ملي، جيڪا کين سندن استاد ٻڌائي هئي (ممڪن آهي ڪتابن ۾ آئي هجي، منهنجي نظر مان نه گذري هجي).
روايت آهي ته، هڪ لڱا ڪي ماڻهو، ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چيائون ته مسلمان ۽ هندوءَ جي فرق تي روشني وجهو! شاھ صاحب جن ماٺ ۾ رهيا. جڏهن ٻيهر پڇيو ويو تڏهن فرمايائون ته منهنجي مريد مَدَن کان پڇي اچو، جيڪا ورندي ڏي سا مون کي ٻڌائجو. اهي گڏجي مدن وٽ ويا، جيڪو ان وقت کوھ تان پاڻي ڀري رهيو هو. مدن کين وراڻيو ته “مسلمان ڌوڙ ته هندو ڇائي”. انهن ماڻهن حيران ٿي، مدن جي ورندي اچي شاھ صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪئي. انهيءَ تي شاھ سائينءَ چيو ته ابا! سچ ٿو چئي، ٻنهي جي حقيقت اها ئي آهي.
معنيٰ ته، مسلمان مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ ملڻو آهي، ته هندو ڇائي يعني (رک) ٿيڻو آهي، داديءَ موجب ته استاد هي بيت پڻ پڙهندو هيو.
اِن پر نه ايمانُ، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.

ڪوڙو تون ڪُفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
تِلڪِ تَنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪَ سين.
(سُر آسا، 15-15)
اهڙيءَ ريت ٻيون حڪايتون ۽ بيت ملندا جن پٺيان ننڍا وڏا واقعا موجود آهن، هتي ڪي ٿورا مثال طور ڏنا ويا آهن.
*

اُهي عنوان جن جا بيت ملي نہ سگهيا آهن

هيٺ انهن ڪتابن جا عنوان ڏجن ٿا، جن ۾ گمان آهي ته شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊيل آهن پر في الوقت اُهي بيت هٿ ٿي نہ سگهيا آهن.

شاعريءَ جا ڪتاب

ڇپر ۾ ڇڙيون - مخدوم طالب الموليٰ سوريءَ مٿي سڏ - شعبان علي منگي
ڪي پڙاڏو ڪي سڏ - جي. الانا ”عاجز“ گهايا گهڻا گهوٽ - رحيم بخش ”قمر“
ڪاري رات ڪهنگ - شيخ اياز لوچين سي لهن - ميمڻ روشن تبسم
سج تريءَ هيٺان - تنوير عباسي سڄڻ آيو سهنج ٿيا -رحيم بخش “قمر” لاکو
ڪوڪڻ يا ڪلياڻ - استاد بخاري سورن سندي سيڄ - قاضي فيض محمد
ميلا ملهالا - استاد بخاري لڳي جيءَ جهوري - عبدالجبار قاسم
پير نه هٽن پوئتي - استاد بخاري
اندر اوتون جوتون - استاد بخاري جهڙا چنيءَ چٽ - رسول بخش رضا ڏاهري
ساڻيھ جا سور - عبدالڪريم گدائي وگھ جا وريام - ابراهيم منشي
سڪ جو سمونڊ - علي محمد مجروح
جڏهن اُلا اُڀ ۾ - آتم ناٿن شاهي بوندون بهار جون - احمد خان گلزار
حق جو هوڪو - سيد اظهر گيلاني رڻ سڄو رت ڦڙا - ذوالفقار سيال
اندر جا آلاپ - منصور ويراڳي سوريءَ مٿي سيڄ - بشير احمد ميمڻ
جوڳيءَ جاڳايوس - سبحان شاھ پرينءَ جي پُڪار - پنهل فقير “مهر”

ناول

سوريءَ ڀانئين سيڄ - گوبند مالهي پکيئڙا ولر کان وڇڙيا - گوبند مالهي
اندر جي اُڇل - ڊاڪٽر بدر اُڄڻ جي ماريا نه موت - ڊاڪٽر تنوير عباسي
جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات - پوپٽي هيراننداڻي ڏونگر منجھ ڏيئو - پورس پوليوائي / پرويز

ناٽڪ

وڍيا جي ويڄن - رشيد ڀٽي اڃان ڪي آهن - ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور
سنگهارن جي سار - غالب لطيف
ڪهاڻين جا مجموعا
پنهل کان پوءِ - شيخ اياز سڄڻ سڪ ۽ سور - رشيد آخوند
سورن سندو ساٿ - پريم پياسي جيڪي منجھ من ۾ - نجم عباسي
پيرين سنديون پاٽيون - عبدالقيوم صائب
ڪڙا ڪوٽ ڀڳاس - دودو سومرو اديون ڏيوم صلاح - شوق سنڌي
سوريءَ چڙهيو سچ - جي. ايڇ. حيدري
دل اندر درياءُ - مدد علي سنڌي منهنجي وس ناهي جيڏيون - تنوير جوڻيجو

سفرناما

سردار سار لهيج - شهيد عبدالله شاھ جڙيل جن سان جند - هري موٽواڻي
سي سڀ سانڍيم ساھ سين - موتي پرڪاش جتي منهنجا اوٺيئڙا - ريٽا شاهاڻي
سانڀاهو سمونڊ جو - الطاف شيخ خبرون کيڙائن جون - الطاف شيخ
اوهريا جي عميق ڏي - الطاف شيخ ديسين وٽ پرديس - قاضي عمر
ڏوريم ڏيساور - عبدالحئي پليجو راڻل تو بن رات - عبدالحئي پليجو
ڏاڍا ڏونگر ڏيھ جا - محمد علي نظاماڻي اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو - تاجل بيوَس

سوانح عمريون / آتم ڪٿائون

جئن ڏٺو آھ مون - جي. ايم. سيد گهڙيون گهاريم جن سين - ميمڻ عبدالمجيد
سڄڻ پيٽان وڍيا - محمد صالح شيخ منهن تنين مشعل -ڊاڪٽر تنوير عباسي
جي جوت جلائي ويا -منصور سارنگ سانگي ڪي ساريام - شيخ عبدالرزاق راز
سڄڻن لڌي سار - گلاب هڪڙو ڏونگر نيٺ ڏرن - امان شيخ
پنڌ اڻانگا پٻ جا - پرويز
متفرقه موضوعن تي ڪتاب
جيڪس ويا جبروت - ابراهيم جويو ائٽ جي اوٽ - ڀاوناڻي جهٽمل خوبچند
نينهن جا نعرا - ڊاڪٽر عطا محمد حامي سوريءَ چڙهيو سچ - گلزار سومرو
قلم وهي ويو ڪانهن - سومار شيخ سڄڻن جا سنيها - محبوب علي جوکيو
آري اچن شال - حميد سنڌي نسورو ئي نور - مولوي دين محمد ٻگهيو
وڇڙيا ڪين ورن - رياض انور ڪينئن وساريان ويڙهيچن - وينا شرنگي
ڇپر جي ڇولي - انب گوپانگ
ورچي نه ويٺي - آزاد قاضي ڳالهيون من اندر جون - محمد شفيع
هي سي واڪا واءُ ۾ - اعجاز قريشي جَرَ ۾ ٿو جرڪان - تاج جويو
پرھ منهنجي پاند ۾ - پرھ سنڌي پليجو سندي ذات هنجن - عبدالواحد آريسر
وريا واهرو - عبدالواحد آريسر سوريءَ چڙهيو سچ - گلزار سومرو
دل اندر ديرا - غلام رسول ابڙو ويٺي ويڄن وٽ - ڪاشف محمد حسن
جي مون ماڻڪ ميڙيا - سرور سيف ڏونگر ڏک ڏنام - يوسف سنڌي
ڏيهي ڏور ٿيا - معمور يوسفاڻي ڏونگر نيٺ ڏرن - رنڌير سنگھ
تو پڄاڻان سپرين - ناز سنائي سنيها سرير ۾ - محمد ملوڪ انڙ
ڪونجون ڪُرڪن روه تي - شيخ اياز اندر ملھ امُلھ - حيدر لغاري

شاھ جي بيتن مان منتخب نوان عنوان

شاھ صاحب جي بيتن مان چند نوان عنوان هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ايندڙ ليکڪن کي پنهنجي ڪتابن جا عنوان چونڊڻ ۾ يقيناً ڪجھ مدد ملي سگهندي.
(هيءُ عنوان شاهواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل، ”شاھ جو رسالو“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڇاپو 2005، مان ورتل آهن.)

رسالي جو صفحونمبر عنوان
473 واڪو هڏ مَ لاھ
71 سوري سڏ ڪري 473 پاڙي ناھ پروڙ
81 نيزي هيٺان نينهن جي 490 سورن ساڻ مَ ڇن
81 عاشق اجل سامهان 504 ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾
88 سڄڻ جي سارين 504 سامهان ٿيم سور
88 سگهن سڌ نه سورن جي 507 سهسين ڪن سينگار
91 دوس پيهي در آيو 523 آءُ اورانهون سپرين
96 سڙيا مٿي مچ 528 ھهڙا جنين حال
97 پڌر هڏ مَ پاءِ 529 نسورو ئي نينهن
150 موٽڻ جنين مهڻو 551 نرتئون منجهان نينهن
157 سِڪَ تنهنجي سپرين 551 ويٺي نِتِ نهاريان
161 اَمَل اَکڙين سين 566 اِيءَ نه مارن ريت
163 مون ۾ عيب اپار 577 ملير جنين ماڳ
177 جتي ماڻڪَ ماڳ 592 ستر ڪج ستار
193 سَڄَڻ سفر هليا 594 مينهن وَسندا موٽ ۾
200 وسارج مَ وَرَ کي 607 ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو
201 اَوَتَڙ ڪنهن نه اوليا 610 گهنگهر گهاريان ڏينهڙا
219 رات جَنين جو رنگ 612 فنا ڪيس فراق
237 پسڻ ڪارڻ پرين جي 633 اونهي ويا اوهري
240 آئون نه گڏي پرينءَ کي 662 رند پروڙين راز
249 هو جي پهڻ پٻ جا 669 گهنگهريا گهڻ ڄاڻ
249 ڳل نه سُڪا ڳوڙها 695 توکي ساري ساھ
270 ڏٺي ڏينهن ٿيام 720 جتي ديرو دوست جو
283 هلڻ منهنجو هوت ڏي 726 سپريان جي ڳالهڙي
288 ويرو تار وجود ۾ 753 پيئي جنين پروڙ
300 نالو ڳيڙيئه نينهن جو 765 اندر روح رهيام
314 پند اهائي پارئين 788 ورق جو وصال جو
317 نعرو آهي نينهن جو 790 پرين مينهِن مڙيا
339 پسڻ ڌاران پرين جي 790 چِتَ جنين جا چور
352 گوندر گذريام 813 ويا جي هنگلور
366 من مون ملير 814 ڪرم ملنديئه ڪاپڙي
370 سپريان جي سور 820 ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
413 نيڻن ننڊ اکوڙ 829 راتيان ڏينهان روح ۾
417 واڪو ڪنديس وو 831 سون ساريڪا هٿڙا
429 پيرين آئون نه پڄڻي 831 ڳچيءَ پائي پاند
443 ڇپر ڇاٽون مُڪيون 832 محبت پائي مَنَ ۾
445 برو هو ڀنڀور 858 مٿي ڪُلهن ڪينرا
448 ڏکيون ڏک وهارين 860 ڏات نه آهي ذات تي
448 هيڏا هاڃا ٿين 884 نيڻن ننڊ مَ ڏيج
450 ڏونگر اٿي ڏور 886 جهڄان پسي جهوڪ
455 آيا آس ٿيا م 899 مٽي تنهن ماڳا
461 تن جي ڪا تنوار
470 توکي ساريو سپرين

ببليو گرافي

1) الانا، غلام علي ڊاڪٽر ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1977ع.
2) الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
3) آءِ آءِ قاضي علامه، “شاھ عبداللطيف جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.
4) آڏواڻي، ڪلياڻ پروفيسر، “شاھ جو رسالو” مڪتبهءِ بُرهان، ڪراچي، 1976ع.
5) بيگ، مرزا قليچ، “احوال شاھ عبداللطيف”، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1976ع.
6) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”شاھ عبداللطيف رحہ“ (تحقيقي مضمون)، مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در، ٽيون ڇاپو، 2000ع.
7) پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع.
8) پنهور، محمد يوسف، ڊاڪٽر، “سنڌي ناٽڪ جي تاريخ” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1996ع.
9) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر “لطيفيات” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1977ع.
10) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، “شيخ اياز- هڪ مطالعو” شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي 1999ع.
11) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع.
12) جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر، (ترتيب) “مقالا”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع.
13) سيد، دُر شهوار ڊاڪٽر، “شاھ لطيف تي ببليو گرافي”، شاھ لطيف چيئر ڪراچي، 1996ع.
14) شاهواڻي، غلام محمد، مؤلف: “شاھ جو رسالو” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2005ع.
15) ”شوق“ نواز علي ڊاڪٽر، “هٻڪار” ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، 1975ع.
16) سانگي، مير عبدالحسين، “لطائف لطيفي” (مترجم) عبدالرسول قادري بلوچ، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1982ع.
17) عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، “آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع.
18) قادري، اياز ڊاڪٽر، “مون مطالع سپرين”، شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي 1982ع.
19) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ڪمشنر پريس ڪراچي، 1923ع.
20) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ڪمشنر پريس ڪراچي، 1924ع.
21) گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، “رسالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو”، ٽيون جلد، ڪمشنر پريس ڪراچي 1931ع.
22) لغاري، اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع.
23) ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، “سنڌ جي ادبي تاريخ” (ٻئي ڀاڱا) مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع.
24) ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن، 1993ع.
25) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” روشني پبليڪيشن، 2002ع.
26) ميمڻ، پروين موسيٰ، “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع.
27) ميمڻ، پروين موسيٰ “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس”، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع.
28) سوينيئر، “سنڌي ناٽڪ صدي”، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1980ع.

انهيءَ کان سواءِ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن سميت مختلف علمي ۽ ادبي مخزنن جيئن، “ٽه ماهي مهراڻ”، “نئين زندگي”،، “سنڌي ادب”، “اديون”، “سرتيون”، “سهڻي”، “روح رهاڻ”، “ڪينجهر”، “ڪلاچي” ۽ ڇپائيءَ جي ادارن جي ڪتابن جي فهرست مان مدد ورتي ويئي آهي. 

تبصرو: مور ساگر

ڪتاب تي تبصرو
”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“

ڪتاب جو نالو : ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“
موضوع : لطيفيات
تحقيق ۽ ترتيب : پروين موسى ميمڻ
ڇپائيءَ جو سال : ٻيو ڇاپو، 2009ع.
شاھ عبد الطيف ڀٽائيرح سنڌ جي سرزمين جو اهو سپوت آهي، جنهن نه فقط سنڌي شاعريءَ کي مثالي سونهن ڏني بلڪه ان کي مستقل حيثيت عطا ڪئي. سندس نينهن ڀرئي نياپي کي ساھ سان سانڍيندي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن شارحن سندس ڪلام جي مختلف نمونن سان تشريح ڪئي آهي ته ڪيترائي ڪتاب لطيفي فن تي لکيا ويا آهن. شروع دؤر ۾ شاھ جي ڪلام کي گھڻي ڀاڱي تصوف جي ترازوءَ ۾ توريو ويو پر موجوده وقت لطيفي فن کي مختلف ۽ منفرد نموني سان پرکڻ جو رواج هلندڙ آهي. شاھ جي شاعريءَ جا ڪيترائي شيدائي سندس ڪلام تي پنهنجو نور نچوئي نئين نئين اندازِ فڪر سان پيش ڪري رهيا آهن. اهڙن شاھ جي شيدائين ۾ هڪ اهم نالو پروفيسر پروين موسى ميمڻ جو پڻ آهي.
پروين موسى ميمڻ جو لطيفيات ۾ ڪتاب ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ هڪ بنھ منفرد ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي. جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪتاب جي ذريعي ليکڪا شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پروين موسى سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي عنوانن کي فوڪس ڪيو آهي، جن ۾ شاھ جي ڪلام جي ڪانه ڪا سٽ کڻي ڪتاب جو عنوان رکيو ويو آهي. جيئن ”پڙاڏو سوئي سڏ“ (ناول، سراج ميمڻ)، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري، شيخ اياز) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
اهڙيءَ ريت هن تقريباً ٽي سئو کن نثر ۽ نظم جي ڪتابن جا عنوان، ليکڪن جا نالا، ڪتاب جو موضوع، عنوان سان لاڳاپيل بيت ۽ انهيءَ بيت جو سر، داستان ۽ انگ وغيره غلام محمد شاهواڻي، آءِ.آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالن جي حوالي سان ڄاڻايا آهن.
انهيءَ طرح پروين موسى سنڌي ادب ۾ شاھ صاحب جي شاعريءَ جي اهميت ۽ اسان جي ادبي تخليقڪارن جي تخليقي ڪاوشن پويان لطيفي فن جو اُتساھ ڄاڻايو آهي ۽ اهو بانور به ڪرايو آهي ته لطيفيات مان چونڊيل عنوانن جي ڪري نه فقط لطيف شناساسيءَ جو شعور وڌي ٿو پر انهن ادبي ڪتابن جي پڻ اهميت، افاديت ۽ معنويت ۾ اضافو ٿيئي ٿو.
پروين ميمڻ هيءُ ڪتاب پنهنجي ذاتي ذوق جي تسڪين لاءِ وڏيءَ محنت سان ٽن سالن ۾ تيار ڪيو ۽ عالمن، محققن ۽ شاھ جي شيدائين وٽ بي حساب مقبول پڻ ٿيو. هن ڪتاب جا هيستائين ٻه ڇاپا ڇپجي ختم ٿي چڪا آهن. ٽيون ڇاپو وڌيڪ بيتن سان تياريءَ هيٺ آهي.

ماهوار، پيغامِ احمد
2009ع

آدیِسیَن اَدَبُ آھي اَکڙِیَن ۾

تصنیف : پروفیسر پروین موسیٰ میمن
مبصر : پروفیسر آفاق صدیقی
یہ کتاب ایک ایسی لائق و فائق مصنفہ کی تحقیقی کاوشوں کا آئینہ ہے، جس نے نہ صرف ماہرِ تعلیم کی حیثیت سے نمایاں خدمات سرانجام دی ہیں، بلکہ ایک ادیبہ کے طور پر پچھلے چند برسوں میں جو تحقیقی تصانیف پیش کیں ان کو سندھی زبان و ادب کے اداروں اور حلقوں میں بڑی پذیرائی حاصل ہوئی۔
زیرِ تبصرہ تصنیف کا تعلق حضرت شاہ عبداللطیف بھٹائیرح کے بیتوں سے منتخب عنوانات پر مشتمل کتابوں کی موضوع دار تفصیل سے ہے۔ اسی لحاظ سے اس کتاب کا نام بھی ہے، جس کا مفہوم یہ ہے کہ بزرگوں، صاحبِ دل صوفیوں اور انسانیت نواز بڑی شخصیتوں کے لیے ہماری آنکھوں میں ادب و احترام ہونا چاہیے۔ درحقیقت یہ شاہ لطیفرح کا فیضانِ روحانی ہے، جس کی بدولت پروفیسر پروین موسیٰ میمن نے یہ کارنامہ انجام دیا ہے کہ شاہ عبداللطیفرح کے کلام سے جن کتابوں کے عنوانات ماخوذ ہیں، ان پر تحقیقی نظر ڈالی ہے اور بڑے قرینے سے سندھی زبان و ادب کی ایسی کتابوں کا اشاریہ اور مختصر احوال رقم کیا ہے، مثلاً شاعری کے موضوعات پر اسیّ (۸۰) کتابوں اور ان کے مصنفین کے نام ہیں۔ ان ناموں میں شیخ ایاز، شیخ راز، ڈاکٹر تنویر عباسی اور دیگر ممتاز شاعروں کے نام آتے ہیں۔ اسی طرح ناول، ناٹک، کہانیوں کے مجموعوں، سفرناموں، سوانح عمریوں اور متفرق موضوعات پر شائع ہونے والی ان تمام کتابوں کا اشاریہ موجود ہے، جن کے ناموں کا اصل ماخذ شاہ عبداللطیفرح کا مجموعئہ کلام یعنی "شاھ جو رسالو" ہے۔
مصنفہ کا یہ کام بڑی اہمیت کا حامل اور لائقِ تحسین ہے۔ موصوفہ سندھ یونی ورسٹی میں پی۔ایچ۔ڈی اسکالر کے طور پر تحقیق میں مصروف ہیں۔ ان کی تحقیقی تصانیف کو ڈاکٹر این۔اے۔بلوچ، ڈاکٹر غلام علی الانا، ماہتاب اکبر راشدی، حمہد سندھی اور کئی دوسرے ممتاز اسکالروں نے قابلِ قدر قرار دیا ہے۔
سائز: ۱۶/۳۶٭۲۳ ضمانت: ۱۵۲ صفحات
قیمت: ۱۵۰ رپے
ناشر: محمد موسیٰ ادبی اکیڈمی، حیدرآباد (سندھ)۔
ھمدردِ صحت، مئگزین
۲۰۰۹ع

ليکڪا جي ڪتابن تي رايا

• سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي. معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان هڪ ”ڪامياب“ ڪشالو“ آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دعاگو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري. آمين.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

• سنڌ جو ٿر وارو خطو تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان هميشه شاد ۽ آباد رهيو آهي. انهيءَ خطي جي شهر ڏيپلو سان تعلق رکندڙ پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ تحقيق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي، جنهن جو ثبوت سندس پهرين ڪتاب ”سنڌي ادب جو جائزو“ کان پوءِ هيءَ ٻيو قابلِ فخر ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ آهي. بلاشبه هن بهترين ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تنقيدي ادب جي تاريخ“ سڏي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر غلام نبي علي الانا

• مون کي خوشي آهي ته اسان جا استاد پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم کي پڻ اولين ترجيح ڏيئي رهيا آهن، اها حقيقت آهي ته جيستائين پاڻ پڙهبو ۽ ڪڙهبو نه تيستائين ٻين کي ڪجھ به ڏيئي نٿو سگهجي. هر پڙهيل لکيل لاءِ ۽ خاص طور استاد لاءِ ته لازمي آهي ته هو مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي قابليت وڌائي هن وقت پروين موسيٰ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مان کيس دلي مبارڪباد ٿو ڏيان.

مظهر الحق صديقي
(اڳوڻو وائيس چانسيلر)

• ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ شعور کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو. محترمه پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو به پرايو آهي ته شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنهنجن ڪتابن جي نالن کي با معنيٰ بنايو آهي. ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ان لحاظ کان پُر معنيٰ ڪتاب آهي ته هن ۾ سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن تُڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسيٰ پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

• ”وکرِ سو وِهاءِ“ هڪ اهڙو تخليق عمل آهي، جنهن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ جو بنياد تحقيقي آهي، جنهن ۾ پروين موسيٰ ڪيترن پڙهيل ڪتابن جو نچوڙ تخليقي عمل سان پيش ڪيو آهي. هيءُ وکر ادبي، علمي ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. پروين موسيٰ جي اندر مان نڪتل اونهي جذبي هيٺ لکيل سندس هيءُ طبعزاد لکڻيون علم ادب ۽ سکيا جي ميدان ۾ مستقل قدرن جون امين آهن.

حميد سنڌي

• پروين موسيٰ پنهنجي تحرير ۽ گفتگو ۾ نهايت پُرجوش ۽ سنجيده نظر اچي ٿي ۽ اڳتي به گهڻو ڪجھ لکڻ چاهي ٿي. مضمون نويسيءَ جي سلسلي ۾ ”وِکر سو وهاءِ“ جي سندس هيءَ ڪوشش پيار جي پورهيي ۽ تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي. خاص طور مضمون نويسيءَ جو تعارف ۽ ادب ۾ اهميت جي باري ۾ لکيل سندس تحرير عالمي ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ ڀرپور تخليقي ڪاوش آهي.

مهتاب اڪبر راشدي

منهنجي پياري ننڍڙي ڀيڻ پروين جي اڻ ٿڪ ڪوششن جي ثمر “سنڌي ادب جو جائزو” کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. سندس هن محنت ۽ سعيءَ جو مقصد چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ سنڌي بطور مضمون کڻڻ وارن، توڙي ايم اي سنڌيءَ جو امتحان ڏيڻ وارن لاءِ هڪ نسبتاً جامع ڪتاب مهيا ڪرڻ آهي، مضمونن جي ترتيب، ترڪيب ۽ اُپٽار جي لحاظ کان نه فقط هيءَ هڪ چڱي جاکوڙ آهي بلڪه مقابلي جي امتحان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ ڪتاب آهي.

آفتاب احمد ميمڻ
سيڪريٽري
ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمنٽ
گورنمينٽ آف سنڌ

“سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” جديد تحقيق جي اصولن، قائدن ۽ ضابطن جي پورائيءَ مطابق لکيو ويو آهي. موضوع جي حوالي سان هيءَ هڪ مربوط ۽ منظم تحقيقي پيشڪش آهي، جنهن سان ڪيترن معلوماتي مقصدن جو پورائو ٿئي ٿو.

پروفيسر آفاق صديقي

محترمہ پروين ميمڻ جو هي ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” هڪ بنھ منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي، جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪارائتي ڪتاب ۾ ٽن سؤ ڪتابن جي ببليو گرافي، انهن جي موضوع ۽ مواد جي ڏسڻي آهي. گڏوگڏ شاھ جي بيتن کي سمجهڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي جي استعمال ڪرڻ جو ڏس به ڏنل آهي. سندس هن محنت سان شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رُخ واضح ٿيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين

“سنڌي ادب جو جائزو”، تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪا هڪ وسيع ترين موضوع کي مختصر ليڪن جامع نموني ۽ سهڻائيءَ سان احاطو ڪيو آهي.

سيد مظهر جميل


چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ڏيڻ کان اڳ هن امتحان لاءِ سنڌي ادب ۾ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جي کوٽ کي مون شدت سان محسوس ڪيو هو، منهنجي نظر ۾ موجوده وقت “سنڌي ادب جو جائزو” هن ڏِسَ ۾ هڪ بهتر قدم آهي.

سهيل اڪبر شاھ
اسپيشل سيڪريٽري
ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمنٽ، سنڌ


پروين پنهنجين لکڻين جا ڏکيا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي، ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن کي شاھ لطيف سان خاص عقيدت آهي. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” جو هن جو ڪم همت ۽ محنت وارو آهي، سندس هيترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ ادب سان جهجهو چاھ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي، خدا کيس سندس انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.

ڊاڪٽر نور افروز خواجه

موجوده دؤر ۾ نئين ٽهيءَ جو لاڙو تحقيق ۽ تنقيد ڏانهن تمام گهٽ آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن محترمه پروين ميمڻ جو ادبي ڪم ڏسجي ٿو ته گهڻي سرهائي ٿئي ٿي. هوءَ گذريل ڪيترن سالن کان علمي ادبي ڪتاب لکڻ ۽ ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آهي. ڪتاب “وِکر سو وهاءِ” سندس پوين ڪتابن وانگر سنڌي ادب سان بي انتها محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. سنڌي مضمون نويسيءَ جي مَدَ ۾ هيءَ ڪاوش تمام ساراھ لائق آهي.

ڊاڪٽر ادل سومرو

  CV

نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جنم تاريخ: 20 نومبر 1958ع، ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر (رٽائر)، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ حڪومت.
مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ٽائون، نزد راجپوتانا اسپتال، حيدرآباد.
اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com
فون نمبر: 0333-2766564,
علمي لياقتون: ايم.اي (انگريزي)، ايم.اي (سنڌي)-(گولڊ ميڊلسٽ)، پي.ايڇ.ڊي (سنڌي) يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
تحقيقي مقالي
جو موضوع: ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس (1985ع تائين)“
تدريسي تجربو: پنجٽيهه سال (پرائمري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن).

ڇپيل ڪتاب:
(1) ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع.
(2) ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، 2015ع.
(3) ”اٿي رائو ريل“، (تحقيق ۽ تنقيد)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع.
(4) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2008ع پهريون ڇاپو ۽ ٻيو 2009ع.
(5) ”سون ورنيون سوڍيون“، (ڪهاڻيون-ترتيب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2009ع.
(6) ”اخلاقي قدر“، (ٻاراڻو ادب)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2010ع، ٻيو ڇاپو، سنڌراڻي، 2015ع، ٽيون ڇاپو، 2020ع.
(7) ”وکر سو وهاءِ“، (مضمون ۽ مقالا)، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع.
(8) ”پلئه پايو سچ“، (مضمون، مقالا، تاثر)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.
(9) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، (لطيف شناسي)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.
(10) ”سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، ائڊوانس پبلشرز لاهور، پهريون ڇاپو 2015ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2018ع، چوٿون حيدرآباد، 2010ع.
(11) ”گلدستو“ (پي.سي.ايس لاءِ مضمون)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2019ع.
(12) ”سنڌي ادب“ (پڇا ڳاڇا-Mcqs) (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2018ع، ٽيون، 2020ع.
(13) ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“، تحقيقي اڀياس، (پي ايڇ ڊي جو مقالو) (1985ع تائين)، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2020ع.

اڻ ڇپيل ڪتاب:
(1) ”ارباب جي هوشياري“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)،
(2) ”سانول جو باغ“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)
(3) ”ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا“ (تحقيق ۽ تنقيد)
(4) ”محبت پائي من ۾“، (فن ۽ فڪر).
(5) ”سدا وسين تون“ (مضمون).
(6) ”جي پارکو پارس جا“ (طيفيات)
(7) ”م.ع ڏيپلائيءَ جون ادبي خدمتون“.
(8) ”ٽي تحفا“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)
(9) ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت سماج سڌارڪ (تحقيق).
(10) ”مري ٿين نه مات“ (معلومات-ٻاراڻو ادب).
(11) ”تو ۾ ديرو دوست جو“ (لطيف شناسي-مضمون)
(12) ”ماڻڪ موتي لعل“، (مضمون ۽ مقالا).
(13) ”هلڻ منهنجو هوت ڏي“، (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفرنامو).
(14) ”مفتي منجهه ويهار“، (آتم ڪهاڻي).
(15) ”ملهه مهانگا سپرين“، (سوانح).
(16) ”جنرل هسٽري“ (پي.سي.ايس سنڌيءَ مطابق).
(17) ”سنڌي نثر جي تاريخ“
(18) ”سنڌي شعر جي تاريخ“

اعزاز ۽ ايوارڊ:
(1) سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2004ع.
(2) بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2006ع.
(3) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان، ”مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم“، طور ڪتابن سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، 2005ع ۽ ”وکر سو وهاءِ“، 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.
(4) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، انٽر نيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.
(5) ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.
(6) نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “معاشي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.
(7) پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد”، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.
(8) ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.
(9) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، پاران ٿيل لٽرري ڪانفرنس، آنرري شيلڊ، ڊسمبر، 2009ع.
(10) سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل” ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساء جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.
(11) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان “راهِه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.
(12) بيسٽ ايونٽ آرگنائيزر (لطيف ڊي) تي نذرٿ ڪاليج جي پرنسپل ۽ ڪمشنر حيدرآباد پاران شيلڊ آف آنر، 2015ع.
(13) دي ليجنڊري پرسنلٽيز آف پاڪستان، چيف ايڊيٽر عزمِ پاڪستان، ڪراچي طرفان ايوارڊ، 2018ع.
(14) اپيڪس انگلش اڪيڊمي، حيدرآباد، طرفان شيلڊ آف آنر، 2017ع.
(15) ڊيڪليميشن ڪانٽيسٽ، يونيورسٽي آف سنڌ طرفان جيوري ميمبر طور خدمتن تي ايوارڊ، 2019ع.

ميمبر شپ
(1) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت. 4 سنڌي ادبي سنگت

هيڪ جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلز ۾ ڇپيل مقالا
(1) ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل ايڊيٽر، سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد 12، شمارو ٻيو، ڊسمبر 2009ع.
(2) ”سندري اتم چنداڻي هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ ساهتڪار“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد پهريون، شمارو ايڪويهون، جون 2018ع، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
(3) ”نورالهدى شاھ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد ٻيو، شمارو ايڪويهون، ڊسمبر 2018ع، شاھ عبدالطيف چيئر، ڪلاچي يونيورسٽي.
(4) ”پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو“، ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، شمارو ڏهون، جلد نائون، ڊسمبر 2019ع، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي.
(5) ”عورتن جي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل ڏهون، جون 2017ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
(6) ”ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت جي ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، جلد ٻارهون، شمارو پهريون، جون 2019ع.
(7) ”الطاف شيخ جي سفرنامن جي علمي ۽ ادبي اهميت“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد ٽيويهون-شمارو پهريون، جون 2020ع.

ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا
(1) ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 3-4 آڪٽوبر 2009ع.
(2) ”سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ صحافت جو حصو“، جي عنوان تحت م.ع ڏيپلائي جي صحافتي خدمتن بابت مقالو، قومي ادبي ڪانفرنس، 12 ڊسمبر، 2009ع، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي.
(3) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“ جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.
(4) ”خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون“، سيمينار سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 31 مارچ 2010ع.
(5) سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي، ٻه روزه ڪانفرنس، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، ”ڇا پخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو“، 8 ۽ 9 مارچ 2011ع.
(6) ”سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۾ ماءُ جو ڪردار“، سيمينار ۾ پڙهيل مقالو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2018ع.

ڇپيل مضمون ۽ مقالا
(جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، هلال پاڪستان، سوڀ ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد).
(1) ”چري“، ڪهاڻي چانڊوڪي، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1980ع.
(2) ”ماءُ جو دلاسو“ خليل جبران جي (ڪهاڻي، ترجمو) پارس، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1982ع.
(3) ”شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر“، ابن رشد گرلز ڪاليج، مخزن، 1998ع.
(4) ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن، روزاني عبرت پبليڪيشن، حيدرآباد 2005ع.
(5) ”مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون“، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، 27 فيبروري 2006ع.
(6) ”ڀٽائيءَ جي طفيل“، سوجهرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، ڪراچي، جنوري 2009ع.
(7) ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، ادبي تحقيق، ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي، 2009ع.
(8) ”سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو“، روزاني عبرت، مئي 2005ع.
(9) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، (مضمون)، ترتيب ڪامران يوسف زئي، سورج پرنٽرز، حيدرآباد، 2009ع.
(10) ساڳيو مضمون، ”سنگت ادبي مخزن“ ايڊيٽر، يوسف سنڌي، حيدرآباد، 2011ع.
(11) ”جي هينئڙي منجهه هُرن“، (يادگيريون) نواءِ سروش، مخزن ابن رشد گرلز ڪاليج، ميرپورخاص-2009ع.
(12) ”ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، ڪارونجهر، (تحقيقي جرنل)، ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.
(13) ”مفتي منجهه ويهار“، ماهوار ”جاکوڙ“، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر فيڊريشن، ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.
(14) ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو پيغام فن ۽ رسالو هڪ نظر“، هفتيوار عبرت مئگزين، 2011ع.
(15) ”شاھ لطيف تي ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪم جو جائزو“، هفتيوار-عبرت مئگزين، 2011ع
(16) ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، روزاني عبرت