لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ٻه اکر

محترمه پروين موسىٰ ميمڻ جو هي ڪتاب ”آديِسيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِيَنِ ۾“، هڪ بنھ منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي، جنهن ڏانهن اڳ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. مون پاڻ به جڏهن پهرين اهو ڏٺو ته سوچيم ته اها ڪهڙي ريسرچ آهي ۽ ان جو پڙهندڙن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو! پر پوءِ جيئن جيئن ڪتاب پڙهندي ويس ته محسوس ڪيم ته ان ڪم کي ليکڪا ڪيترن ئي پهلوئن کان هٿ ۾ کنيو آهي. هن سنڌي تخليقڪارن جي تخليقي ڪاوش پٺيان ڪنهن نه ڪنهن ريت شاھ جو اثر محسوس ڪرايو آهي، پوءِ اهو عنوان جي صورت ۾ هجي، موضوع جي صورت ۾ يا بيتن جي سٽن جو جمالياتي استعمال هجي. شاھ صاحب هونءَ ئي سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن، ۾ مقبول آهي، سندن دلين ۾ رهي ٿو، جذبن، احساسن جي ترجماني ڪري ٿو ۽ سندن روزمره جي محاوري ۾ هن جا خلقيل ٻول چوڻين ۽ اصطلاحن جي صورت ۾ استعمال ٿيندا رهن ٿا، جيڪا ڳالھ ثابت ڪري ٿي ته شاھ سنڌين جي سائيڪيءَ جو حصو بنجي چڪو آهي. اها ڳالھ ته ٿي عام ماڻهن جي پر، جيڪي اديب آهن، عالم، دانشور ۽ فنڪار آهن، انهن وٽ شاھ جي اهميت اڃا ئي ٻي آهي. عام ماڻهو جيڪڏهن شاھ جي عوامي محاوري ۾ پيش ڪيل زندگيءَ جا معاملا ۽ مسئلا پڙهن، ٻڌن ٿا، سندن عشقيه داستانن تي ٻڌل شاعريءَ مان حظ حاصل ڪن ٿا يا نصيحت، ڪو درس حاصل ڪن ٿا ته عقل ۽ ڏاهپ وارا تخليقڪار ساڳئي ڪلام ۾ موجود علامتن، استعارن، تمثيلن ۽ علم ۽ عقل وارن نڪتن مان ڪيئي معنى جا املھ ماڻڪ حاصل ڪن ٿا. مون کي ته ايئن لڳندو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر قسم جي تخليقي ڪاوش جو سرچشمو شاھ آهي. سندس ڪلام انهن ڏاهن ڏات ڌڻين جي لاءِ وڏو اتساھ (Inspiration) آهي، جنهن جي ڇاپ هر قسم جي شاعريءَ تي آهي. هر ناول هر ڪهاڻيءَ ۾ سندس ڪانه ڪا ڳالھ ضرور شامل آهي. شاھ جو رسالو محض هڪ ڪتاب ڪونهي، محض بيت، شاعري يا محض خوبصورت ٻول ڪونهي، بلڪه اهو سنڌين جي رت ۾ تحليل ٿيل هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو نه صرف پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي ٻيهر جيارڻ جو سبب بڻيو بلڪه کانئس پوءِ وارن نسلن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪڻ جو باعث بڻيو... شاھ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جو نشانبر آهي.
جيڪڏهن ڪنهن مضمون، شعر يا ڪتاب ۾ سندس بيت ڪنهن ڳالھ جي وضاحت لا استعمال ٿيل آهي، ته اهو به ثابت ڪري ٿو ته لکندڙ جي ذهن ۾ جيڪو خيال آهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان ڀٽائيءَ جي حوالي جو محتاج آهي ۽ جيڪڏهن مضمون يا ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪو حوالو ڪونهي، ڪو بيت ڪونهي ۽ صرف عنوان شاھ جي رسالي مان کنيل آهي ته به چئبو ته ليکڪَ جي ذهن ۾ جيڪو Concept سندس تخليق جو سبب بڻيو سو سمورو شاھ کان متاثر ٿيل آهي، ڇاڪاڻ جو عنوان دراصل لکڻيءَ جي جسم مٿان ان جو چهرو هوندو آهي، جنهن جي آئيني ۾ ان جو اندر پيو بکندو آهي... سو مختلف ليکڪن جي عنوانن ۾ سندن لکڻيءَ جو عڪس ڏسي سگھبو آهي.
انهيءَ لحاظ کان هي ڪتاب ڪارائتو آهي ته هن ۾ ٽِن سؤ ڪتابن جي عنوانن جي ببليوگرافي به آهي. انهن جي اندر موجود موضوعن ۽ مواد جي به ڏسڻي آهي ته گڏوگڏ شاھ جي بيتن کي سمجھڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي تي استعمال ڪرڻ جو ڏس به ڏنل آهي. هيءَ هڪ سٺي ڪاوش آهي، جنهن سان شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر فهميده حسين
۲۰۰۷ـ۱۱ـ۲۸