ٿورا
هن ڪتاب کي مون پنهنجي ذاتي شوق ۽ مرضيءَ مطابق ترتيب ڏئي، ڪمپوز ٿيل مسودو جنهن جنهن کي به ڏيکاريو، تن تمام گهڻو پسند ڪيو انهيءَ پسنديدگيءَ همت افزائي ۽ ڏنل اعتماد تي آئون سڀني سڄڻن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان. خاص طور محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، حميد سنڌي، وليرام ولڀ، ناز سنائي، علي نواز گهانگهرو ۽ ٻين سڀني جي وڏي مهرباني مڃيان ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار، مئڊم فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جا وڏا وڙ آهن جو ”ٻه اکر“ ۽ مهاڳ“ لکي ڏنا اٿن، فون تي ۽ روبرو به همٿايائون.
سنڌ جي سڄاڻ، علم دوست ۽ محبتي شخص محمد ابراهيم جويو وٽ جڏهن مسودو کڻي ويس تڏهن کين تمام گهڻو پسند آيو ۽ هڪدم چيائون ته:
Baba! You are a creative writer, I am proud of you; I am very pleased to meet you. One can not imagine such a different and inventive ideas that you have.
کين ٻين ڪتابن جا مسودا پڻ پسند آيا. هيڏي وڏي دانشور سان ملاقات ڪرڻ ئي وڏو اعزاز هئي ۽ وري ايتري appreciation منهنجي لاءِ وڏو قيمتي سرمايو آهي. آئون تمام ٿورائتي آهيان سائينءَ جويو صاحب جي جو پاڻ پنهنجي طبعيت جي ناسازيءَ جي هوندي به مون کي ڪافي وقت ڏنائون. هن ملاقات ۾ جويو سائينءَ مونکي منهنجي ڪتابن جي باري ۾ مفيد مشورا ڏنا ۽ گڏ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، خاص طور بيتن تي لڳل اعرابن ۽ ترتيب تي اطمينان جو اظهار ڪيائون.
ان کانسواءِ پنهنجي گهر ڀاتين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي، منهنجي وَرَ انور خان، پٽ ڊاڪٽر ياسر رضا ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر رفيق پڻ سٺو تعاون ڪيو.
پروين موسيٰ ميمڻ
30-12-2008