لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

مُهاڳ

ڪتاب دوستي، انسان جي زندگيءَ جو اهم شغل آهي. هن ۾ فائدو ئي فائدو آهي. ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ شعور کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو. محترمه پروين موسى پنهنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو به پرايو ته شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنهنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا ته شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنهنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي.
موجوده ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنى آهي ته هن ۾ سنڌي ادب جي اُنهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري به آهي ته رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي ته ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي به داد ڏيڻو پوي ٿو. انهن تڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسى پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ڪونهي، شاھ جو رسالو اهڙي علمي پالوٽ ۽ بيحد عميق آهي جو ان جي لهرن جا لک لباس آهن. موجوده ڪتاب جي اهميت اها آهي جو اهو پڙهندڙن سان گڏ سهيڙيندڙ جي ذهن جا گوشا به روشن ڪندو. آءٌ هن ڪاوش لاءِ کيس مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته هوءَ سنڌي ادب جي مختلف پهلوئن جو اڃان به وڌيڪ اڀياس ڪندي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
بدين