مقدمو
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو. (1)
سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي عام ۽ خاص تائين پهچائڻ ۾ جيڪو ساٿ هن ڌرتيءَ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ڏنو آهي، انهيءَ جو قرض هن ڌرتيءَ جا واسي ڪڏهن به لاهي نه سگهندا. جنهن ۾ ڪجھ شخصيتون اهڙيون غير معمولي رهيون آهن. جن جي ڄاڻ، فهم، فن ۽ فڪر جي ادراڪ جي خوشبوءَ سان هيءُ خطو سالن کان واسيل آهي ۽ واسبو رهندو اچي.
سنڌ ادب جي نظمي حصي جي پرک ڪبي ته معلوم ٿيندو ته حضرت شاھ عبداطيف ڀٽائيرح هن سرزمين جو اهو سپوت هو، جنهن نه فقط سنڌي شاعريءَ کي مثالي سونهن ڏني، بلڪه ان کي هڪ اهڙي مستقل حيثيت عطا ڪئي جو سندس نالو ڏيھ ۽ پرڏيھ وڏي فخر، مان ۽ شان سان ورتو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هو شعر جي ڏات جو شهنشاھ هئڻ سان گڏ سنڌ واسين جو ساھ ۽ ويساھ آهي، جنهن سان هن قوم کي تمام گھڻي عقيدت آهي، جنهن جو اظهار هو وقت به وقت ڪندا رهندا آهن.
سندس نينهن ڀرئي نياپي کي، ساھ سان سانڍيندي، نسل در نسل سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن ۽ سمجھندڙن کي شاھ جي ڪلام جو گھڻو ڀاڱو ياد آهي ۽ اهو پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ انهيءَ جو عام جام استعمال ڪندا آهن. اسان ڏسنداسين ته ڪيترائي شاھ جا بيت يا ڪجھ سٽون، ماڻهو موقعي محل تي محفلن ۾ جھونگاريندا ۽ بيان ڪندا آهن. شاھ صاحب جي ڪيترن ئي بيتن جون سٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن يا ضرب المثل طور هلندڙ آهن. جيئن مثال طور: ”ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور اوڏا سپرين“، ”وَکَرِ سو وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“، ”ايءَ نه مارون ريت جيئن سيڻ مٽائين سون سين“، ”ڏاتار تون ٻيا مڙيئي مڱڻا“، ”اگھيو ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي“، ”ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“، ”جي گھڙيا سي چڙهيا“، ”لکيو لوح قلم“ ۽ ٻيا مثال آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جي ڪلام جي سٽن مان ڪيترائي اصطلاح ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن.
”شاھ عبدالطيف جي ڪلام جو سنڌ وارن جي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ قرآن شريف کان پوءِ ٻئي نمبر تي، شاھ جو رسالو پڙهيو وڃي ٿو ۽ سنڌ واسين کي شاھ جو ڪلام قرآن شريف جي آيتن وانگر ياد آهي. مسجد جو پيش امام نماز پوري ڪرڻ کان پوءِ دعا ۾ شاھ جا بيت جھونگاريندو آهي ماڻهو شاديءَ جي دعوت نامن ۾ شاھ جا بيت لکندا آهن، قبرن جا ڪتبا شاھ جي بيتن سان سينگاريا ويندا آهن، اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪتابن جا نالا شاھ جي ڪلام مان چونڊيندا آهن.“ (۳) ”انهيءَ پيار ۽ عقيدت جو بنيادي سبب اهو آهي ته شاھ جي رسالي جي هر سر ۾ سنڌ جي ڄاڻ، اُٿي ويٺي، مجاز، همت ۽ مڙسيءَ جا سبق سمايل آهن. اهو گنج ڌڻي پنهنجي ڪلام مان هر پڙهئي لکئي، سالڪ ۽ صوفي توڙي عام ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ کي، پنهنجي مقدار ۽ فهم آهر پيو نوازي“. (۴)
اهڙي حاصل ٿيل روحاني ۽ ذهني وابستگيءَ ۽ حُب جو علمي ثبوت اديبن، شاعرن، عالمن ۽ دانشورن پنهنجين لکڻين ۾ ڏنو آهي. انهن سڄاڻن ۽ سمجھوئن شاھ صاحب جي ڪلام کي پرکيو پڙهيو ۽ هينئين سين هنڊايو ته آهي پر گڏوگڏ پنهنجي عقيدت جو اظهار طور ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجي تخليقي سرچشمن ۽ تحقيقي ڪاوشن ۾ سندس ڪلام جي اثرانگيزي کي قلم معرفت عام تائين آڻڻ لاءِ پنهنجين لکڻين جي عنوان ۾ آندو آهي ته، جيئن هُو انهيءَ عنوان وسيلي پنهنجو مدعا ۽ مقصد ماڻهن ڏي منتقل ڪن جنهن ۾ سندن شعوري ڪوشش مطابق انهيءَ عنوان جومعنوي طور تحرير سان لاڳاپو ظاهر ڪرڻ پڻ آهي. يعني هو سڌيءَ طرح جيڪي بيان ڪرڻ چاهين ٿا انهيءَ کي شاھ صاحب جي بيتن جي استعمال سان وڌيڪ پُر اثر ڪري پيش ڪن ٿا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن تحرير جي مقصديت شاھ صاحب جي پيغام سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ اظهار لاءِ هُنن پنهنجي مقالن، مضمونن، ناولن، افسانن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، ناٽڪن، سوانح عمرين، آتم ڪهاڻين، شاعريءَ جي مجموعن ۽ ٻين انيڪ ڪتابن جا عنوان شاھ جي بيتن مان چونڊيا آهن. جيڪڏهن سنڌي نثر و نظم جي هيل تائين جي ڇپيل ڪتابن جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿيئي ٿو لطيفيات جي عنوانن تي مشتمل ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج سئو جي قريب ٿي ويندو يا انهيءَ کان به مٿي. شاھ صاحب جي بيتن مان سرجيل عنوانن وارا اهي ادبي فن پارا نه فقط مقبول ٿيا. پر اهي ڪتاب لطيفيات جي عنوانن جي حوالي سان هڪ خاص حيثيت به رکن ٿا.
سنڌي ادب جي ڪتابن جي هِنَ مَدَ ۾ پرک ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي وقت (۱۶۸۹-۱۷۵۲) کي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته انهيءَ دور جا ڪتاب گھڻي ڀاڱي تاريخ، مضمون نويسي، تفسير، قرآن شريف، نظم، ديوان، مثنوي ۽ موضوعن تي ملن ٿا جن جا موضوع مضمون جي مناسبت سان رٿيل آهن. جيئن: ”فرائض الاسلام“، ”زادالفقير“، ”آئينِ اڪبري“، ”تاريخِ طاهري“، ”تحفته الڪرام“، ”تاريخِ معصومي“، ”روضته السلاطين“، ”فتح نامو“، ”تفسير شيخ رحمته الله“، ”شرح مشڪواته“، ”مثنوي نازو نياز“، ”انشاي ابو الفضل“، ”انشاي فيض“، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. جن جا عنوان به عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. هن دور ۾ سنڌي نظم ۾ ”نظم نما نثر“ جي ڪتابن جا عنوان به موضوعن مطابق رٿيل آهن.
سنڌي نثر جي باقائده طور شروعات قرآن پاڪ سنڌي تحت الفظ ترجمي سان شمار ٿئي ٿي. ”جيڪو ٽالپورن جي دور جي وڏي عالم استاد آخوند عزيزالله (بن قاضي محمد ذاڪر بن حافظ محمد صديق) ڪيو. هيءُ ترجمو نثر جي سٽاءُ ۽ معنیٰ جي لحاظ سان ڪافي سليس نظر اچي ٿو“ (۵). انهيءَ کان پوءِ ئي سنڌي نثر جا ڪتاب جھوني سنڌي صورتخطي ۾ ليٿو ۾ لکيل ملن ٿا. جن جا عنوان پڻ عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن ۾ گھڻا تڻا ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ مان سنڌي ترجمي تي مشتمل آهن ته ڪجھ طبعزاد پڻ آهن.
برطانوي حڪومت جي سنڌي آئيويٽا مقرر ڪرڻ کان پوءِ سرڪار طرفان هڪدم سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ طرف ڌيان ڌريو ويو. مختلف ٻولين جي ڪتابن جا ترجما ڪرايا ويا. جن ۾ خاص طور انگريزي، عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين مان ترجما ٿيا. مجموعي طور سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ مضمونن ۽ عنوانن جي لحاظ کان وڏي وسعت آئي. پر هن دور جي ڪتابن جا عنوان موضوع مطابق رهيا يا جيڪڏهن ترجما ٿيا ته ساڳئي ئي عنوان سان جيئن ”راسيلاس“، ”گليور جو سير ۽ سفر“ وغيره.
انگريز دور جي عالمن ۽ اديبن ۾ مسلمان توڻي هندو ليکڪن جي گھڻن ڪتابن جا عنوان عربي ۽ فارسي نموني تي رکيل آهن. معنیٰ ته جيڪو پراڻو رواج (TREND) هلندو پئي آيو، انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪيو ويو ۽ ڪجھ ڪتابن جا هندي نموني سان به عنوان آهن. هيٺ هن دور جي چند ڪتابن جا عنوان ڏجن ٿا.
عربي ۽ فارسي طرز جا عنوان
”مفيد الطالبين“، ”مفتاح القلب“، ”ڪاشف الغموض“، ”جواهر الغات“، ”طوطي نامو“، ”سوداءِ خيام“، ”رمل مفتاح الرمل“، ”منتخب المعلومات“، ”مجمع المذهب“، ”ڪشفِ اعجاز“، ”مطلع الانوار“، ”مثنوي مخزن الاسرار“، ”خزينه زرينه فارسي“، ”ضمنان الفردوس“، ”ردِ تثليث“، ”اشعار القرآن“، ”مقالات الانبياء“، ”مقالات الحڪمت“، ”حقائق الارواح“، ”تهذيب الاخلاق“، ”حشرات الارض“، ”اسرارِ حڪمت“، ”ابڪارالافڪار“، ”مخزن الاقوامي“، ”اڪسيرالاحمر في اسرالجفر“، ”تحفته السلام“، ”فرهنگ طب“، ”دووايو“، ”انشاي خادمي“، ”فوائد المبتدي“، ”شمس الغات“، ”حرزالبنياد“، ”شرح قانون“، ”جامِ جم“، ”رباعيات عمر خيام“، ”تذڪرته الايمان“، ”حيات النبي“، ”آفتاب ادب“، ”مقدمهءِ لطف“، ”حيدرِ ڪرار“، ”فتوح الغيب“، ”لطف الطيف“، ”گلشن بهار“، ”غريب الغات“، ”منهاج المومنين“، ”سيدتةِ النساء“، ”مهناج العاشقين“، ”شرح الطيفي“، ”گلزار چنبيلي“، ”اخلاق محسٰني“، ”منازلِ مسافر“، ”منتخب المضامين“، ”درسِ عمل“، ”جرمِ وفا“، ”صراط المستقيم“، ”ارشاد الامام“، ”آئينهءِ مخزن“، ”گل شڪر“، ”تفسير فاتح الڪتاب“ ۽ ٻيا شامل آهن.
هندي نموني جا عنوان
”آڪاس نروار“، ”سنساري نروار“، ”هري درشن“، ”ڦول مالا“، ”ڀڄن مالا“، ”ساوتري“، ”رتناولي“، ”آريه ناري“، ”گيتا جو سار“، ”آتمڪ امرت“، ”ستگر جي چرنن ۾“، ”اپنشو گيان“، ”پرلوڪ مان پيغام“، ”ٻال هٿيار“، ”پورب جوتي“، ”سناتن ڌرن“، ”درو ڀڳت“، ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“، ”جيئري تي جيئري يا دکايل ديوي“، ”چرتر سينگار“، ”ودوان ناريون“، ”سماجڪ بلوو“، ”سورجن راڌا“، ”ڪوڙو ڪلنڪ“، ”پاپ جو ڪيتو“، ”گيتانجلي“، ”پورب سنديش“، ”پريمي پتنگ“، ”دورنگي دنيا“، ”جيون چرتر“، ”هندو سنسار“ ۽ ٻيا هن نموني جا عنوان شامل آهن.
انهيءَ کان سواءِ سنڌ جا ڏيهي لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ساڳين ئي عنوانن سان ڇاپيا ويا. جيئن ”ڪاسمين ڪامروپ جو قصو“، ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“، ”عمر مارئي“، ”مهر منير“، ”قصو دلو راءِ“، ”قصو سسئي پنهون“ وغيره.
۱۹۴۸ کان اڳ پرڏيهي ادب مان ڪجھ نيون صنفون سنڌي ادب ۾ داخل ٿيون، جيئن ناول، افسانو، مضمون وغيره. آهستي آهستي جڏهن سنڌيءَ ۾ گھڻا ڪتاب نون موضوعن تي لکجڻ لڳا تڏهن ڏيهي ٻوليءَ جي عنوانن جڳھ حاصل ڪئي. جيئن ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“، ”سون ورنيون دليون“، ”سهاڳڻ“، ”غريبن جو ورثو“، ”جھان آرا“، ”زينت“، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“، ”هيرا جواهر“، ”ماڻڪ موتي“، ”سرد آهون“، ”پرھ ڦٽي“، ”مرڪندڙ اکيون“، ”پوڙهي جو پرڻو“، ”بد نصيب ٿري“، ”لوڀي لاکيڻا“، ”خوني“، ”پنهل کان پوءِ“، ”سفيد وحشي“، ”گمراھ دوست“، ”گلدستو“، ”گل ڦل“، ”گلن مٺ“، ”سدا گلاب“، ”ڏاڙهياري جبل جو سير“، ”مسافريءَ جو مزو“، ”شاهاڻو شاھ“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مٿئين تهميد مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ جي لکيل ڪتابن جا عنوان لطيفي بيتن مان ڪجھ قدر گھٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا بلڪ نه هئڻ جي برابر آهن، پر خاص طور ورهاڱي کان پوءِ اهو رجحان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويو آهي. جيڪو موجوده وقت ۾ پنهنجي ڪمال تي آهي.
شاھ صاحب جي بيتن مان عنوان چونڊڻ جو رواج افسانن، مضمونن، مقالن، ڪالمن، ايڊيٽوريلن، تاثر ۽ اوسار جي ليکن مان پيو. جيڪي گھڻي تعداد ۾ ملندا انهن مان چند جو وچور هن ريت آهي.
شاھ لطيف جي بيتن مان چونڊيل افسانن جا عنوان:
”ڀؤئرڀري آڪاس“ عبيد راشدي، ”هينئڙو ڪچيءَ تند جيئن“ مدد علي سنڌي، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ حفيظ شيخ، ”گل ڇنو گرنارجو“ آغا سليم، ”نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾“ مراد علي مرزا، ”تون جنين جي تانگھ“ مس مهتاب چنا، ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”راڻا جي رجپوت“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”آڻي ڏنائون هيرو لعل هٿن سين“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”پاڙي ناھ پروڙ“ حميد سنڌي، ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ شعبان بخت، ”ڪنهن سان سور سليان“ الاهي بخش دودا پوري، ”سکر سي ئي ڏينهن“، ”تنهنجي تند تنوار“ سراج ميمڻ، ”هوندا سي حيات“، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ غلام رباني آگرو، ”سڌ نه سورن جي“ بيدل مسرور بدوي، ”ڀينر آئون ڀلياس“ محمد جي ابڙو، ”منڌ ٻوڙيو مهراڻ“ منصور ويراڳي، ”پنهون ٿيس پاڻ“ الهبچايو لغاري، ”عاشق زهر پياڪ“ علي بابا، ”تون پارس آئون لوھ“ بيگم زينت عبدالله، ”توڙي حب نه هوءِ“، ”ڪتيم ڪين ڪي“، ”پلئه پايو سچ“، ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“، ”پتنگ چايين پاڻ کي“ ثميره زرين، ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“ ماهتاب محبوب، ”مُڪي رو مَ رڙڪي“، ”هڪ سسئي ٻيا سور“ رشيده حجاب، ”جڙ جنين جي جان ۾“ جيجي زرينه بلوچ، ”سڙي سارو ڏينهن“ نذير ناز، ”مٺ مٺ سورن جي“ فريده مغل ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا شامل آهن.
لطيفيات مان چونڊيل عنوانن تي مشتمل
مضمون، مقالا، ڪالم، اوسار، تاثر ۽ ايڊيٽوريلز
”ههڙا هاڃا ٿين“ لطف الله بدوي، ”تون هين تون“ نور احمد پرويز ڀٽي، ”ٿڌي مٽي ٿر جي“ لجپت راءِ آرجگرو، ”جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن“ پير سعيد حسن، ”سسئي جا سور“ حافظ محمد احسن، ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“، ”ڏک سکن جي سونهن“، ”جيئن سو هرڻ هُماءُ سرگردان سنسار ۾“، ”سسئي سڄي سڪ ته پڻ سڪ سسئي“ ڪشنچند عزيز، ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“ پير حسام الدين راشدي، ”سر سوري ڌڙ ڪنڱرين“ ضياءالدين بلبل، ”عاشق عزازيل ٻيا سڀ سڌڙيا“ علامه غلام مصطفیٰ قاسمي، ”ڪوڙين ڪن سلام“ ڪريم بخش خالد، ”ويا سي وينجھار“ منگهارام ملڪاڻي، ”جي تو بيت ڀانيان“ ڪلياڻ آڏواڻي، ”تون ڪا ڪاني پاءِ“ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ“ سائين جي.ايم سيد، ”جيڪس ويا جبروت“ محمد ابراهيم جويو، ”تو جي بيت ڀانيان“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”ماڻهو سڀئي نه سهڻا“ دادا رام پنجواڻي، ”ابر ۾ اهاءُ ٿيو“ شيخ اياز، ”سامور نه مرڪي ماڙئين“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”تون پارس آئون لوھ“، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حامي هادي هاشمي“، ”آهينم ڳالهڙيون ماءِ“، ”هيري هٿ وڌائين“، ”تهڙو ڪينجھر ۾ ڪو ڪين ٻيو جهڙي سونهن سندياس“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”تن جي تنوار“ ميان گلزار احمد، ”وهڻ مون نه وڙاء“، ”اڄ پڻ آڳڙيا آيا“ رسول بخش پليجو، ”ڇڄ مَ قطاران“، ”سکر سي ئي ڏينهن“ عبدالواحد آريسر، ”اکڙيون پرينءَ ريءَ“ عنايت بلوچ، نظارو نينهن جو“ ڪريم بخش خالد، ”منڌ ٻوڙيو مهراڻ“ لعل بخش ٽالپر، ”واڪو هڏ مَ لاھ“ احمد خان مسڪين، ”مفتي منجھ ويهار“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”متو آهين مچ“، ”جي ڀانيين جوڳي ٿيان“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”هو چونئي تون مَ چئو“ شيخ عبدالحليم جوش، ”ساڄن سڀنئان سهڻو“ فقير امداد علي سرائي، ”سڙي سارو ڏينهن“ شمس الدين سرڪي، ”آديسي اٿي ويا“ غلام رباني آگرو، ”هلو هلو ڪاڪ تڙين“ ابن الياس سومرو، ”من اندر جا لوچ“ ظفر حسن، ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“، ”جي ڀانئين جوڳي ٿيان“، ”نيومن لائين پريان سندي پار ڏي“ نياز همايوني، ”اکڙين پرينءَ ڏي“ محمد علي حداد، ”آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين“ مولانا غلام محمد گرامي، ”جيڪي منجھ جهان“ طارق اشرف (سهڻي مخزن)، ”وساريان نه وسرن“ ممتاز مرزا، ”ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تند جيئن“، هري موٽواڻي، ”ڇپرڇاٽون مُڪيون“ انور ساگر ڪانڌڙو، ”نئون نياپو آيو“ غلام حسين مشتاق سچاروي، ”جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج“ پروفيسر درگاهي ميراڻي، ”وڃين ڇو وڻڪار“ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ طارق عالم، ”الا اچن اوءِ“ وسيم سومرو، ”وکر سو وهاءِ“ امداد حسيني، ”سونهان سڌيون ڏين“ مهدي شاھ، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“ شازيه سفير پتافي، ”سون ساريڪا هٿڙا“ رابيلا حميد، ”ماڻهو سڀ نه سهڻا“، ”هڪ سسئي ٻيا سور“، ”هوندا سي حيات“، ”ويا جي هنگلور“ ماهتاب محبوب، ”ستا اٿي جاڳ“ علي احمد بروهي، ”ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙھ سنڀايا“ پريتم پياسي، ”لاهوتي لنگهي ويا“ اياز لطيف دايو، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ“ اياز علي زنئور، ”ڪانڌي ڪنگ ٿياس“علي مير شاھ، ، ”کاڄ جنين جو ککيون“ شيخ نياز، ”سامي سج وڙا“ مراد علي مرزا، ”نئون نياپو آيو راڻي ملان رات“، ”سورن ساڻ مَ ڇن“، ”ڪنڌيءَ ڪؤنرترن“، ويٺي ويڄن وٽ“، ”ليلا ڇڏ ليهور“، ”کٿيءَ وٽيون کٿيون“ محمد حسين ڪاشف، ”وڃڻ تت پيوم جت هلڻ ناھ حُسن ريءَ“ غلام شبير، ”اچيو آتڻ ان جي“ نصرالله خان، ”ڳاڙهيندين ڳوڙها“ رحيم بخش قمر. ”حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو“، ”هو چونئي تون مَ چئو“، ”مفتي منجھ ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين“، ”اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ“، پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا“، ”پنهون ٿيس پاڻ تان سسئيءَ تان سورهئا“، ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن“، ”مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات“، ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ بوءِ اچي بهار جي“ پروين موسیٰ ميمڻ، ”هي ليک نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، سهڻي مخزن، روح رهاڻ، لطيف ڊائجسٽ، ڦليلي مخزن، ڪينجھر، ڪلاچي ۽ ٻين مخزنن کان علاوه ليکڪن جي ذاتي ڪتابن ۾ آيل آهن، ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا، تاثر، اوسار، ڊائرين جا ورق، افسانن جا عنوان، هن ڏس ۾ ڏَسي سگهجن ٿا، (هتي طوالت کان بچاءُ سبب چند جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي وئي آهي).
حوالا
۱) استاد بخاري، ”پير نه هٽن پوئتي“، صہ-۱۳۰، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۲ع.
۲) قادري، اياز ڊاڪٽر، ”مون مطالع سپرين“، صہ-۲۰، شاھ عبدالطيف ڪلچرل سوسائٽي، ۱۹۹۵ع۔
۳) مرزا ممتاز، (گنج جو مھاڳ) ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“، صہ-۲۷۳، روشني پبليڪيشن.
۴) بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، صہ-۴۲۸، ۴۲۹، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، ۱۹۹۹ع.