لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ليکڪا جي ڪتابن تي رايا

• سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي. معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان هڪ ”ڪامياب“ ڪشالو“ آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دعاگو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري. آمين.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

• سنڌ جو ٿر وارو خطو تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان هميشه شاد ۽ آباد رهيو آهي. انهيءَ خطي جي شهر ڏيپلو سان تعلق رکندڙ پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ تحقيق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي، جنهن جو ثبوت سندس پهرين ڪتاب ”سنڌي ادب جو جائزو“ کان پوءِ هيءَ ٻيو قابلِ فخر ڪتاب ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ آهي. بلاشبه هن بهترين ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تنقيدي ادب جي تاريخ“ سڏي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر غلام نبي علي الانا

• مون کي خوشي آهي ته اسان جا استاد پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم کي پڻ اولين ترجيح ڏيئي رهيا آهن، اها حقيقت آهي ته جيستائين پاڻ پڙهبو ۽ ڪڙهبو نه تيستائين ٻين کي ڪجھ به ڏيئي نٿو سگهجي. هر پڙهيل لکيل لاءِ ۽ خاص طور استاد لاءِ ته لازمي آهي ته هو مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي قابليت وڌائي هن وقت پروين موسيٰ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مان کيس دلي مبارڪباد ٿو ڏيان.

مظهر الحق صديقي
(اڳوڻو وائيس چانسيلر)

• ڪتابن جو مطالعو انسان ۾ شعور کي وڌيڪ پختو ڪري ٿو. محترمه پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي مطالعي مان هڪ هي نڪتو به پرايو آهي ته شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنهنجن ڪتابن جي نالن کي با معنيٰ بنايو آهي. ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ان لحاظ کان پُر معنيٰ ڪتاب آهي ته هن ۾ سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن تُڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسيٰ پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

• ”وکرِ سو وِهاءِ“ هڪ اهڙو تخليق عمل آهي، جنهن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ جو بنياد تحقيقي آهي، جنهن ۾ پروين موسيٰ ڪيترن پڙهيل ڪتابن جو نچوڙ تخليقي عمل سان پيش ڪيو آهي. هيءُ وکر ادبي، علمي ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. پروين موسيٰ جي اندر مان نڪتل اونهي جذبي هيٺ لکيل سندس هيءُ طبعزاد لکڻيون علم ادب ۽ سکيا جي ميدان ۾ مستقل قدرن جون امين آهن.

حميد سنڌي

• پروين موسيٰ پنهنجي تحرير ۽ گفتگو ۾ نهايت پُرجوش ۽ سنجيده نظر اچي ٿي ۽ اڳتي به گهڻو ڪجھ لکڻ چاهي ٿي. مضمون نويسيءَ جي سلسلي ۾ ”وِکر سو وهاءِ“ جي سندس هيءَ ڪوشش پيار جي پورهيي ۽ تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي. خاص طور مضمون نويسيءَ جو تعارف ۽ ادب ۾ اهميت جي باري ۾ لکيل سندس تحرير عالمي ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ ڀرپور تخليقي ڪاوش آهي.

مهتاب اڪبر راشدي

منهنجي پياري ننڍڙي ڀيڻ پروين جي اڻ ٿڪ ڪوششن جي ثمر “سنڌي ادب جو جائزو” کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. سندس هن محنت ۽ سعيءَ جو مقصد چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ سنڌي بطور مضمون کڻڻ وارن، توڙي ايم اي سنڌيءَ جو امتحان ڏيڻ وارن لاءِ هڪ نسبتاً جامع ڪتاب مهيا ڪرڻ آهي، مضمونن جي ترتيب، ترڪيب ۽ اُپٽار جي لحاظ کان نه فقط هيءَ هڪ چڱي جاکوڙ آهي بلڪه مقابلي جي امتحان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ ڪتاب آهي.

آفتاب احمد ميمڻ
سيڪريٽري
ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊپارٽمنٽ
گورنمينٽ آف سنڌ

“سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” جديد تحقيق جي اصولن، قائدن ۽ ضابطن جي پورائيءَ مطابق لکيو ويو آهي. موضوع جي حوالي سان هيءَ هڪ مربوط ۽ منظم تحقيقي پيشڪش آهي، جنهن سان ڪيترن معلوماتي مقصدن جو پورائو ٿئي ٿو.

پروفيسر آفاق صديقي

محترمہ پروين ميمڻ جو هي ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” هڪ بنھ منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي، جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪارائتي ڪتاب ۾ ٽن سؤ ڪتابن جي ببليو گرافي، انهن جي موضوع ۽ مواد جي ڏسڻي آهي. گڏوگڏ شاھ جي بيتن کي سمجهڻ ۽ ڪنهن مناسب موقعي جي استعمال ڪرڻ جو ڏس به ڏنل آهي. سندس هن محنت سان شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رُخ واضح ٿيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين

“سنڌي ادب جو جائزو”، تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪا هڪ وسيع ترين موضوع کي مختصر ليڪن جامع نموني ۽ سهڻائيءَ سان احاطو ڪيو آهي.

سيد مظهر جميل


چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ڏيڻ کان اڳ هن امتحان لاءِ سنڌي ادب ۾ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جي کوٽ کي مون شدت سان محسوس ڪيو هو، منهنجي نظر ۾ موجوده وقت “سنڌي ادب جو جائزو” هن ڏِسَ ۾ هڪ بهتر قدم آهي.

سهيل اڪبر شاھ
اسپيشل سيڪريٽري
ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمنٽ، سنڌ


پروين پنهنجين لکڻين جا ڏکيا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي، ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن کي شاھ لطيف سان خاص عقيدت آهي. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” جو هن جو ڪم همت ۽ محنت وارو آهي، سندس هيترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ ادب سان جهجهو چاھ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي، خدا کيس سندس انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.

ڊاڪٽر نور افروز خواجه

موجوده دؤر ۾ نئين ٽهيءَ جو لاڙو تحقيق ۽ تنقيد ڏانهن تمام گهٽ آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن محترمه پروين ميمڻ جو ادبي ڪم ڏسجي ٿو ته گهڻي سرهائي ٿئي ٿي. هوءَ گذريل ڪيترن سالن کان علمي ادبي ڪتاب لکڻ ۽ ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آهي. ڪتاب “وِکر سو وهاءِ” سندس پوين ڪتابن وانگر سنڌي ادب سان بي انتها محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. سنڌي مضمون نويسيءَ جي مَدَ ۾ هيءَ ڪاوش تمام ساراھ لائق آهي.

ڊاڪٽر ادل سومرو