ڊجيٽل ڇاپي لاءِ چند لفظ
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سموري سٿ، خاص ڪري ادا محمد سليمان وساڻ جي ٿورائتي آھيان جنھن منھنجي ڪتابن کي آنلائين ڪري سڀني تائين پھچايو آھي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
14-1-2021
Mob: 03332766564
شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو