تبصرو: مور ساگر
”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“
ڪتاب جو نالو : ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“
موضوع : لطيفيات
تحقيق ۽ ترتيب : پروين موسى ميمڻ
ڇپائيءَ جو سال : ٻيو ڇاپو، 2009ع.
شاھ عبد الطيف ڀٽائيرح سنڌ جي سرزمين جو اهو سپوت آهي، جنهن نه فقط سنڌي شاعريءَ کي مثالي سونهن ڏني بلڪه ان کي مستقل حيثيت عطا ڪئي. سندس نينهن ڀرئي نياپي کي ساھ سان سانڍيندي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن شارحن سندس ڪلام جي مختلف نمونن سان تشريح ڪئي آهي ته ڪيترائي ڪتاب لطيفي فن تي لکيا ويا آهن. شروع دؤر ۾ شاھ جي ڪلام کي گھڻي ڀاڱي تصوف جي ترازوءَ ۾ توريو ويو پر موجوده وقت لطيفي فن کي مختلف ۽ منفرد نموني سان پرکڻ جو رواج هلندڙ آهي. شاھ جي شاعريءَ جا ڪيترائي شيدائي سندس ڪلام تي پنهنجو نور نچوئي نئين نئين اندازِ فڪر سان پيش ڪري رهيا آهن. اهڙن شاھ جي شيدائين ۾ هڪ اهم نالو پروفيسر پروين موسى ميمڻ جو پڻ آهي.
پروين موسى ميمڻ جو لطيفيات ۾ ڪتاب ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ هڪ بنھ منفرد ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي. جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي. هن ڪتاب جي ذريعي ليکڪا شاھ جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پروين موسى سنڌي ادب جي انهن ڪتابن جي عنوانن کي فوڪس ڪيو آهي، جن ۾ شاھ جي ڪلام جي ڪانه ڪا سٽ کڻي ڪتاب جو عنوان رکيو ويو آهي. جيئن ”پڙاڏو سوئي سڏ“ (ناول، سراج ميمڻ)، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري، شيخ اياز) ۽ ٻيا ڪتاب آهن.
اهڙيءَ ريت هن تقريباً ٽي سئو کن نثر ۽ نظم جي ڪتابن جا عنوان، ليکڪن جا نالا، ڪتاب جو موضوع، عنوان سان لاڳاپيل بيت ۽ انهيءَ بيت جو سر، داستان ۽ انگ وغيره غلام محمد شاهواڻي، آءِ.آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالن جي حوالي سان ڄاڻايا آهن.
انهيءَ طرح پروين موسى سنڌي ادب ۾ شاھ صاحب جي شاعريءَ جي اهميت ۽ اسان جي ادبي تخليقڪارن جي تخليقي ڪاوشن پويان لطيفي فن جو اُتساھ ڄاڻايو آهي ۽ اهو بانور به ڪرايو آهي ته لطيفيات مان چونڊيل عنوانن جي ڪري نه فقط لطيف شناساسيءَ جو شعور وڌي ٿو پر انهن ادبي ڪتابن جي پڻ اهميت، افاديت ۽ معنويت ۾ اضافو ٿيئي ٿو.
پروين ميمڻ هيءُ ڪتاب پنهنجي ذاتي ذوق جي تسڪين لاءِ وڏيءَ محنت سان ٽن سالن ۾ تيار ڪيو ۽ عالمن، محققن ۽ شاھ جي شيدائين وٽ بي حساب مقبول پڻ ٿيو. هن ڪتاب جا هيستائين ٻه ڇاپا ڇپجي ختم ٿي چڪا آهن. ٽيون ڇاپو وڌيڪ بيتن سان تياريءَ هيٺ آهي.
ماهوار، پيغامِ احمد
2009ع