لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

سوانح عمريون، آتم ڪھاڻيون ۽ مضمون

هو ڏوٿي هو ڏينهن - سيد پير حسام الدين راشدي

هُو ڏوٿِي، هو ڏينهن، هُو ڏُونگَرَ، هُو لَڪِيُون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، ڀُڻا لُوسَنِ لُڪَ ۾.
(سر کاهوڙي، ۷-۱)

جنب گذاريم جن سين - جي. ايم. سيد

مَتي ثَرَ رَهِي، ويا گُذاري ڏينهڙا،
ڪَڏِهن ڪونَه آئِيو، تَنِ پَهنُوارَنِ پَهِي،
وِيئڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيَمِ جَنِ سين!
(سر مارئي، ۱۱-۹)

ويا سي وينجهار - غلام محمد گرامي

ويا سي وينجهار، هِيرو لَعل ونڌِينِ جي،
تَنِين سَندا پوئيان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
ڪُٽن ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻيين.
(سر سريراڳ، ۱۵-۴)

ڳالهيون پيٽ وَرن ۾ - ڊاڪٽر شمس عباسي

ڳالهِيُون پيٽَ ورَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون،
پَرَ سين مُون نه ڪِيُون، گوشي پِرِين نه گَڏيا.
(سر رپ، ۲-۲)

جَهڙا گُلَ گُلابَ جا - غلام رباني آگرو

جهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ها ها هو هَميشَ،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
لالڻ جي لَبِيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُجَهي.
(سر مومل راڻو، ۱-۳)

سامي سَفرَ هليا - مخدوم غوث محمد گوهر

تان ڪِي وَٽِنِ ويھ، جان آهِنِ اوطاقُن ۾،
سامِي سَفَر هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيھ
ڇَڏي سُکُ ساڻيھ، مَٿي گَنگا گَجِيا.
(سر رامڪلي، ۴-۸)

آديسي اٿي ويا (شاعرن جو تذڪرو) - ڊاڪٽر نواز علي شوق

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،
آديسِي اُٿي ويا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،
هُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاهُوتي لَڏي ويا.
(سر رامڪلي، ۸-۸)

ٻري جَن ٻاري - ڊاڪٽر خان محمد پنهور

نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَهانَ ۾،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۱-۱)

اڳي ايئِن هُياس - فضل احمد بچاڻي

اَڳي ايئن هُياس، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَم ڪَپڙا،
هاڻي ایئن ٿِياس، جيئن جتَ نه نِينِم پَاڻَ سين.
(سر حسيني، ۱۷-۱۲)

مارُو جي ملير جا - خادم حسين چانڊيو

جا عُمَرَ تو مُل عِيدَ، ساسان سُوءِ وَرَتِي سُومَرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسَري، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.
(سر مارئي، ۱۸-۳)

سُپريان سندي ڳالهڙي (سوانح محمد يوسف) - ممتاز مرزا

ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ،
اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائين آڻِينِ،
تِنهان پوءِ ڏَسِينِ، سپرِيان سَندي ڳالهَڙي.
(سر کاهوڙي، ۱۵-۱)

سدا سوئيتا ڪاپڙي (سوانح، علڻ فقير) - ممتاز مرزا

مَٿا مُوءَ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي،
ڪوٺي ڪنهن نه پُڇيا، اَندَرِ آندوهِيان،
جيڪا ڄماران، سا مَنجِھ گُوندَرَ گُذِرِي.
(سر رامڪلي، ۴-۶)

وساريان نه وسرن (خاڪا ۽ سوانح) - ممتاز مرزا

چيتارِيان چُڻُڪَڻِ، وِسارِيان نه وِسَري،
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي، هَڏُ جيئن.
(سر رپ، ۲۷-۱)

ماءُ کاهوڙي هليا (خاڪا) - ناز سنائي

ماءُ! کاهوڙِي هَلِيا، دُکائي دُونهان،
ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِيَنِ ڏُٿَ چيتارِيو.
(سر کاهوڙي، ۲۳-۱)

رچي جي ريٽو ٿيا - ناز سنائي

رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽجَنِ اوءِ،
کُنڀُ نَه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تِنهِين نَه لَهي.
(سر مومل راڻو، ۶-۳)

ڏونگر جَنِ ڏورِيا - ناز سنائي

وييُون پَٻِ پَئِي، کِيرون کاهوڙِيَنِ جُون،
آئُون تَن ڏوٿِيَنِ جو، پُڇان پيرُ، پَهِي،
رُڃُنِ راتِ رَهِي، ڏونگرَ جَنِ ڏوريا.
(سر کاهوڙي، ۴-۱)


ڏکيون جان نَه مڙن (انٽرويو ۽ سوانح) - سهڙيندڙ: ناز سنائي

ڏُکِيُون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀنَڻُ نه ٿئي،
ٻِيُون هونهِين هَٿَ هَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.
(سر حسيني، ۱۸-۶)

موهيا ڪنهن نه مال (سوانح سيد اڪبر) - ترتيب: حبيب الله ڏيرو

ڪَنَ - ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، لانگوٽِيا لالَ،
لاهُوتِي، لَطِيفُ چِي، موهِيا ڪنهن نه مالَ،
ھھڙا وَٺِي حالَ، هَلو ته تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
(سر رامڪلي، ۷-۳)

حاصل جنين حال (جي. ايم. سيد) - سھڙيندڙ: آزاد قاضي

واڄَٽَ ويراڳِيَن جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مهند ٿيا، ڪونِهي وَٽِن قالُ،
حاصُلُ جَنِين حالُ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.
(سر رامڪلي، ۹-۱)

هوندا سي حيات - خان محمد پنهور

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينِ نه ماتِ،
هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳي جي جِيا.
(سر معذوري، ۷-۴)

ڪارون وس ڪيام (سوانح محمد جمن) - سوز هالائي

ڪارُون وَسَ ڪِيامِ، ڙي هَئي هئي! وو، لَڏي ڏُورِ وِيامِ!
منهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪارُون وَسَ ڪِيامِ،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچنِ جا، پِينگهي مَنجِھ پِيامِ،
وو! منهنجو هوتُ نَه موٽِيو!
(سر حسيني، وائي، داستان ٻارهون)

هوندا سي حيات - کٽياڻ موليٰ بخش

مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينِ نه ماتِ،
هوندا سي حَياتِ، جِيئَڻانَ اَڳي جي جِيا.
(سر معذوري، ۷-۴)

پرين جي پچار - محمد موسيٰ ڀٽو

جِيارِيَس سَنڀارَ، ڪُھ ڪَرِيندَمِ گَڏجِي؟
وير و تارَ، وُجُودَ ۾، پرِيَنِ جِي پَچارَ،
سي سَڄَڻُ هُونِ نه ڌارَ، جي هِنيين ۾ حَلُ ٿِيا.
(سر سهڻي، ۶-۴، رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي)
سَکر سيئي ڏِينهن - محمد اسماعيل عرساڻي

سَکَرَ سيئِي ڏينهن، جي مُون گهارِيا، بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي، ماڙِيَنِ مينهن،
واجهاڻِيَس وِصالَ کي، ٿِيَس تَهِوارُون تيئن،
نِيئَرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
(سر مارئي، ۸-۱۱)

ڏِسي ڏوھ اَکين سان (آتم ڪٿا جلد 1) - جمال ابڙو

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ،
پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوھ اَکين سين.
(سر ڏهر، ۵-۳)

اونهي ڳالھ اسرار جي (جلد II) - جمال ابڙو

دوستَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَختِيُون سَهائي،
اَللهُ اَلصّمَدُ بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاهي،
اِنهِيءَ مَنجِھ آهي، ڪا اُونِهِي ڳالِھ اِسرارَ جِي.
(سر ڪيڏارو، ۱۰-۲)

ڍولي ڍڪي آهيان (جلد III) - جمال ابڙو

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙي،
ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو.
(سر مومل راڻو، ۹-۸)

سيئي ٿي ساريان - سيد اظهر گيلاني

ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،
سي ڪيئن وِيسارِيان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.
(سر حُسيني، ۵-۳)


ڏک سکن جي سونهن - تاجل بيوس

ڏک سُکَنِ جِي سُونهن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!
جَنِين جِي وِرُونهن، سڄَڻُ آيو مان ڳري.
(سر حسيني، ۲۴-۲)

تان ڪي ڏونگر ڏوريان - محمد صادق ميمڻ

آئُون جيهائِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻج سُپرِين!
تان ڪي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان نَه وهامِي راتِ،
تُون پاڻُ سُڃاڻجِ سُپرِين!
(سر کاهوڙي، ۲- وائي)

الا ڏاهي مَ ٿيان (آتم ڪٿا) - فتاح هاليپوٽو

اَلا! ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(سر ليلان چنيسر، ۶-۲)