لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ارپنا

ارپيان ٿي، انھن آديسين جي عقيدتمنديءَ ادب ۽ احترام کي جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق و شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن.

نئين ڇاپي جو انتساب، ”سنڌ سلامت، آن لائين ڪتاب گهر“، جي نانءُ ٿي ڪريان. ادا محمد سليمان وساڻ کي جَسُ هجي جو ڪيترائي سنڌي ادب جا ڪتاب هن ڪتاب گهر وسيلي پوريءَ دنيا جي مطالعي لاءِ ممڪن بنايا اٿس، جن ۾ اڄ منهنجو هيءَ لطيف شناسيءَ جي تحقيق ۽ ترتيب جو ٽيون ڇاپو ڊجيٽل ڪتاب طور شامل ٿي رهيو آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ