لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ڪجھ ڪتاب جي باري ۾

هيءُ ڪتاب لطيفيات جي فن ۽ فڪر جي واڌاري لاءِ هڪ ادنيٰ ڪوشش آهي. جنهن جو خاص مقصد آهي ته نئين نسل کي شاھ صاحب جي بيتن سان واقفيت ٿئي ۽ ايندڙ ليکڪن لاءِ لطيفيات مان ڪتابن جي عنوان چونڊڻ جو رواج وڌيڪ عمل ۾ اچي. مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ سنڌي ادب جا شوقين شاھ جي رسالي جو وڌيڪ مطالعو ڪري نوان نوان عنوان پيش ڪندا ۽ عنوانن جو ورجاءُ نه ٿيندو ۽ هن فن ۾ وسعت ايندي.
جيئن ته ڪيترن ئي نثر ۽ نظم جي ڪتابن جا عنوان پنهنجي موضوع جي مناسبت سان شاھ صاحب جي ڪلام جي سٽن تان سرجيل آهن. جن جو تعداد منهنجي ناقص راءِ موجب پنج سؤ کان مٿي ٿي سگهي ٿو. پر هيستائين مون تمام گهڻي محنت سان مختلف ادبي تاريخن، ببليوگرافين ۽ موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن ۽ مختلف ادارن جي ڇپيل فهرستن مان اهڙن ٽن سؤ کن ڪتابن جو وچور ٺاهيو آهي ۽ مونکي خوشي انهيءَ ڳالھ جي آهي ته هن ڪم جي حوالي سان مون کي شاھ صاحب جي ڪلام کي ويجهي کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو مليو.
ڪتابن جي ترتيب موضوع وارو رکڻ جو خاص طور ڌيان ڌريو ويو آهي. ترتيب مطابق شاعريءَ جي مجموعن، ناولن، ناٽڪن، ڪهاڻين جي مجموعن، سفرنامن، سوانح عمرين ۽ آتم ڪهاڻين جي عنوانن تي مشتمل جيڪي بيت آهن انهن کي الڳ الڳ پيش ڪيو ويو آهي ۽ هڪ حصو متفرقه موضوعن تي مشتمل ڪتابن جو رکيو ويو آهي. جنهن ۾ تنقيد، تحقيق، مضمون نويسي مقالا نگاري، ساروڻيون، خط، انٽرويو ڪالم، ڊائريون، اخلاقيات ۽ لطيفيات جي موضوعن تي مبني ڪتابن جا عنوان ۽ بيت شامل آهن.
اهي عنوان جن ۾ گمان غالب آهي ته اهي شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن پر فاالوقت مون کي اهي بيت دستياب ٿي نه سگهيا آهن انهن جي فهرست موضوع وارا الڳ ڏنل آهي، انهن جي لاءِ آئون پڙهندڙن کي گذارش ٿي ڪيان ته جيڪڏهن وٽن ڪنهن عنوان سان لاڳاپيل بيت هجن ته مون کي منهنجي نمبر تي اطلاع ڏين آئون سندن ٿورائتي هونديس. منهنجي خواهش آهي ته هن ڪتاب جو ايندڙ ڇاپو پنج سؤ بيتن تي مشتمل هجي. ڪجھ اهڙا عنوان آهن جيڪي ”شاھ جو رسالو“ پڙهندي مونکي ذاتي طور پسند آيا. انهن کي آخر ۾ ”نوان عنوان“ جي موضوع سان پيش ڪيو اٿم ته جيئن پنهنجي ڪتاب جو عنوان رکڻ لاءِ ليکڪن کي سهنجائي ٿئي.
بيتن جي هن چونڊ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي بيت اهڙا به شامل آهن جيڪي ورجاءُ ۾ شمار ٿين ٿا. جنهن جا ڪجھ سبب آهن. هڪ ته ڪي عنوان اهڙا آهن جيڪي هڪ ئي بيت مان ٻه يا ٽي ڪتاب چونڊيل آهن، جنهن جي ڪري اهو بيت ٻه دفعا ڏيڻو پيو آهي. جيئن مثال طور:
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو
جي، جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي،
(يمن ڪلياڻ، 19-6)
هن ۾ ”عشق ناهي راند“ گوبند مالهيءَ جو ناول آهي ته ”سسي نيزي پاند“ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ناول آهي.
ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباش، جنهن محبتي ميڙيا.
(سر ڪارايل، 9-1)
”ڪنول پاڙون پاتار ۾“ فتاح ملڪ جو افسانوي مجموعو آهي ته ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ شيخ اياز جو شاعريءَ جو مجموعو آهي. اهڙي حوالي سبب اهو ساڳيو بيت ورجائڻو پيو آهي. ٻيو ته ڪجھ بيت اهڙا آهن جن مان چونڊيل عنوان مختلف موضوعن سان واسطو رکن ٿا ۽ ليکڪ به الڳ آهن انهيءَ حوالي سان بيت کي دهرايو ويو آهي. جيئن: ”وساريان نه وسرن“ (خاڪا ۽ سوانح - ممتاز مرزا) ۽ وساريان نه وسرن“ (ناول - عمرالدين بيدار) پر هن ڏس ۾ به ڪوشش اها رهي آهي ته بيت الڳ الڳ چونڊيا وڃن ته جيئن وڌيڪ ۽ مختلف بيت ساڳئي عنوان جي لاءِ هجن پر ڪٿي ڪٿي هڪ بيت هٿ ٿيو آهي جيئن ”اکيون ميگھ ملار“ بردو سنڌي (شاعري) ۽ ”اکيون ميگھ ملار“ اڪبر اديب جو (افسانوي مجموعو) ته هڪ ئي بيت مليو آهي. يا ”ماڻڪ موتي لعل“ لعل چند امر ڏنو مل (مضمون)، ”ماڻڪ موتي لعل“ ايوب انصاري (شاعري) ته پوءِانهيءَ ساڳئي بيت کي ورجايو ويو آهي. صرف انهيءَ سبب جي ڪري ته هيءُ عنوان ٻن الڳ ادبي صنفن ۾ استعمال ٿيو آهي. مواد ۽ موضوع بلڪل مختلف آهن ۽ ٻن الڳ ليکڪن لکيو آهي. پر اهڙن بيتن جو ڳاڻيٽو تقريبا ڏھ تائين آهي.
چند ڪتاب اهڙا به آهن جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان ئي کنيا ويا آهن. پر اهي بلڪل اهڙيءَ طرح نه آهن جهڙيءَ ريت رسالي ۾ آيل آهن، تمام معمولي فرق آهي. اهڙن بيتن جو ڳاڻيٽو به ڏهن تائين آهي جيئن؛

ڪتاب جو عنوان رسالي ۾ هن ريت آيل آهي
آيو ڄام تماچي ڄام تماچي آئيو
آءُ ڪانگاڪر ڳالھ آءُ ڪانگا لنئه لات
ڪوٽن ڪُٺي آهيان ڪوٺين ڪٺي آهيان
هڪ سسئي سؤ سور هڪ سسئي ٻيا سور
جيڪي ڏٺو هو مون جيڪي ڏٺو مان
منهنجي خيال ۾ مٿين ڪتابن ۽ بيتن جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي، پر بيت انهيءَ ريت ئي ڏنا ويا آهن جهڙيءَ ريت شاهواڻي صاحب جي رسالي ۾ آهن، ته جيئن بيت جي صحت ۽ سالميت قائم رهي سگهي.
هر بيت سان لاڳاپيل سر، داستان ۽ بيت جو ترتيب نمبر ڄاڻايو ويو آهي ته جيئن نه فقط شاگردن، محققن ۽ ليکڪن لاءِ سهوليت ٿئي پر عام پڙهندڙ به هِنَ طريقي مان فائدو وٺن.
منهنجو هن ڪتاب جي حوالي سان سنڌي ادب جي قلمڪارن کي عرض آهي ته جڏهن هو پنهنجي ڪتاب جو عنوان شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊين ٿا ته مٿن واجب ٿئي ٿو ته هو هڪ الڳ صفحي تي ڪتاب جي شروع ۾ اهو بيت مڪمل ڏين جنهن ۾ گڏ سُر جو نالو، داستان نمبر ۽ بيت نمبر لکيل هجي گڏوگڏ اهو به ڄاڻائين ته ڪهڙي ترتيب ڏنل رسالي مان اهو بيت ورتل آهي (ڪجھ ڪتابن ۾ اهڙيءَ ريت بيت آيل به آهن پر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي). منهنجي نظر ۾ مٿيون طريقو لطيف شناسيءَ لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
آخر ۾ هڪ باب شاھ صاحب سان منسوب حڪايتن وارن بيتن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ آيل بيت ۽ روايتون گهڻي ڀاڱي ”لطائف لطيفي“ مير عبدالحسين خان سانگي ۽ ”احوال شاھ عبداللطيف“، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ”شاھ عبداللطيف رحه“ (تحقيقي مضمون) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتابن مان ورتل آهن. هتي انهيءَ باب ڏيڻ جو مقصد آهي ته شاھ صاحب جي ڪلام ۾ انيڪ اهڙا بيت ملندا، جيڪي سنڌ جي سياسي، سماجي، تاريخي، ديني ۽ علمي ماحول جي حوالي سان مختلف واقعن جي نشاندهي ڪن. واقعه نگاريءَ جي لحاظ کان به سندن ذاتي طبع جي باري ۾ هن باب ۾ پيش ڪيل بيتن مان ڪافي ڄاڻ ملي ٿي. اهڙيءَ ريت واقعات نگاري۽ موقعي مهل مطابق چيل بيتن تي مشتمل هڪ الڳ ڪتاب ترتيب ڏيڻ جي پڻ ضرورت آهي، جنهن مان خبر پوي ته شاھ صاحب گوشه نشين صوفي بزرگ نه هو ۽ نه ئي سندس سڄي ڪلام کي مڪمل طور تصوف تي مبني قرار ڏئي سگهجي ٿو. هُو ته عام سان حياتي گهاريندڙ سنڌ سرزمين جي عوام جو عوامي شاعر هو. جنهن کي سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، هر وستيءَ ۽ وڳر واهڻ جي چپي چپي ۽ ذري ذري سان محبت هئي. انهيءَ ڪري ئي هن پنهنجي ڪلام جي معرفت سنڌ جي هڪ وڏي دؤر جي تاريخ کي پيش ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فلسفي جي نڪتن، تصوف ۽ رومانوي لاڙن سان گڏ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جي سياسي ڪشمڪش ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جون دل ڏاريندڙ داستانون آهن ته سنڌي سماج جا ڏک، سک، اٿيون، ويٺيون، خوشيون، غميون ۽ روزمره جي زندگيءَ جا عڪس آهن.
آئون اميد ٿي ڪريان ته منهنجي هيءَ ننڍڙي ڪوشش يقينا علم ۽ ادب جي قدر ڪرڻ وارن وٽ قبول پوندي. پنهنجي هن جاکوڙ ۾ آئون ڪيتري قدر سڦل ۽ ڪامياب ٿي آهيان. اهو فيصلو مون پڙهندڙن تي ڇڏيو آهي، پر مون کي اهو اطمينان آهي ته ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ دل ۽ جان سان ڪيل محنت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ
4-4-2008