لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

حڪايتن سان منسوب شاھ صاحب جا بيت

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سڄو ڪلام بامقصد، بامعنيٰ ۽ بي انتها اثر انگيز آهي. هن املھ خزاني ۾ جابجا علم، عقل، سمجھ، سياڻپ، معنيٰ ۽ معرفت جا اڻملھ موتي وکريل نظر اچن ٿا. سندس ڪلام کي تصوف، شاعراڻي اسلوب ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان پرکجي يا سندن دؤر جي سياسي، سماجي، تاريخي، معاشي، مذهبي، علمي ۽ اخلاقي حالتن جي تناظر ۾ تحقيقي تور ڪجي، پروڙ اها پوندي ته ڄڻ هڪ هڪ لفظ منڊيءَ تي ٽڪ، ِهِڪ هِڪ سٽ ڄڻ ڳڻيل ڳتيل، موقائتي ۽ مهلائتي آهي.
شاھ صاحب جو ڪلام سندن عملي زندگيءَ جي تفسير آهي، جنهن ۾ سندن ذاتي احساسن، سوچن ۽ سمجھ جي عڪس سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ترجماني آهي. هو نه صرف عظيم شاعر ۽ موسيقار هو، پر هڪ وڏو سڄاڻ شخص هو. جنهن جي رسالي ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل داستانن کان سواءِ به هن ڌرتيءَ جي ڪيترن اهم تاريخي واقعن جي نشاندهي ٿيئي ٿي. واقعات نگاري ۽ موقعي مهل سان چيل بيتن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته هڪ وڏو ڪتاب ترتيب ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪيترائي اهڙا بيت آهن جيڪي سندن طبع جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿا. اهي بيت سندن ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات جي لاءِ اهميت رکن ٿا. هن مقالي ۾ شاھ صاحب جا اهڙا حڪايتن وارا اهي بيت پيش ڪيا ويا آهن.
هي بيت شاھ صاحب جي حياتيءَ جي دور سان واسطو رکن ٿا. سندن سوانح جو احوال مڪمل طور اڃا تحقيق طلب آهي پر هن وقت تائين جيڪا معلومات سامهون آئي آهي، انهيءَ مطابق شاھ صاحب جي باري ۾ پهريون احوال سندن ئي دؤر جي مشهور عالم ۽ مؤرخ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٽن ڪتابن، “تحفة الڪرام”، “مقالات الشعراء” ۽ “معيارِ سالڪان طريقت” مان ملي ٿو. 1851ع ۾ سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر سرڪاري مترجم ڊبليو سائودي (W-Southy) کان شاھ جي مختصر سوانح حيات لکرائي جيڪا نومبر 1851ع ۾ شايع ٿي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو جو (نئين زندگي ڊسمبر 1958ع ۾ ڇپيو ۽ سندن ڪتاب “مضمون ۽ مقالا” ۾ پڻ ڏنل آهي) ڊاڪٽر نبي بخش ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته هن احوال ۾ گهڻي ڀاڱي شاھ سائينءَ سان منسوب غير معتبر روايتون شامل آهن. رچرڊ ايف برٽن جي، سنڌ جي باري ۾ لکيل ڪتاب ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ ڪجھ مختصر ڄاڻ ملي ٿي جو 1851ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو محمد حنيف صديقي “سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون” جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي.
1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، ”شاھ جو رسالو“، ترتيب ڏنو، جنهن ۾ شاھ جي سوانح جو مختصر احوال ڏنل آهي. 1882ع ۾ ڏيارام گدو مل جي ڪتاب ”سگما“ ۾ شاھ صاحب جي باري ۾ 40 صفحا ڏنل آهن. 1887ع ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، انگريزيءَ ۾ “Life of Shah Abdul Latif Bhittai” لکيو، جيڪو پوءِ سنڌيءَ ۾ ”احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائون، جنهن ۾ شاھ صاحب جي سوانح سان گڏ سندن ڪلام جي تصوف جي حوالي سان پرک ڏنل آهي. مرزا صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب شاھ صاحب جي 228 ورسيءَ جي موقعي تي 1980ع ۾ شايع ٿيو.
1888ع ۾ هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي ”لطائف لطيفي“ فارسيءَ ۾ لکيو. هن صاحب پاڻ بذاتِ خود ڀٽ شاھ تي وڃي جيڪي حالات معلوم ٿيا سي ان ۾ قلمبند ڪيا. مير سانگي شاھ صاحب جو وڏو معتقد ۽ هر جمعي تي ڀٽ شاھ تي ويندڙ هو. کين فقيرن، درويشن ۽ بزرگن کان جيڪي به شاھ صاحب جي قولن ۽ ڪرامتن جون حڪايتون معلوم ٿيون، سي هن لطائف لطيفي ۾ ڏنيون. هيءُ ڪتاب عقيدت ۽ احترام سان جوڙيل آهي. شمس العلما مرزا قليچ صاحب کان اڳ لکيل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بنيادي ماخذ قرار ڏنو آهي. (“لطائف لطيفي” جو سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي.) انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاھ جي شارحن هِن ڏس ۾ قلم کنيو، جنهن ۾ ليلا رام وطڻ مل لالواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، دين محمد وفائي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، غلام محمد خانزئي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، لطف الله بدوي، پروفيسر اڪرم انصاري، مولانا غلام محمد گرامي، الياس عشقي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر محبوب علي چنا، سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد شاهواڻي، جي الانا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سراج الحق ميمڻ، حميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر دُرِ شهوارِ سيد، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر اياز قادري، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، پروفيسر موتي لال جوتواڻي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پروفيسر سليم ميمڻ، محمد حسين ڪاشف، محمد سليم ڀٽو، معمور يوسفاڻي، سيد اظهر گيلاني، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، تاج جويو، ج-ع منگهاڻي، ڊاڪٽر اُمّ ڪلثوم، انب گوپانگ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر احسان دانش، استاد لغاري، راهب لاڙڪ، ڊاڪٽر پروين موسیٰ (راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترن جا نالا هِن ڏس ۾ کڻي سگهجن ٿا.
شاھ صاحب سان لاڳاپيل روايتن ۽ حڪايتن جو جيستائين تعلق آهي، انهيءَ ۾ ڏيهي عالمن خاص طور مير عبدالحسين خان سانگي، شمس العلما مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا ڪتاب اهميت رکن ٿا. مير سانگي ۽ قليچ صاحب انگريزن جي دؤر جا قادر الڪلام شاعر ۽ اهلِ علم شخص هئا. جن معتبر روايتن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ممڪن آهي ڪٿي ڪو واڌاءُ به هجي، جيڪو گهڻي عقيدت ۽ احترام سبب يا ڪٿي روايت جي تصديق نه هئڻ سبب هجي. ڊاڪٽر نبي بخش اهم روايتن کي پنهنجي ڪتاب “شاھ عبداللطيف رحه” ۾ آندو آهي. هيٺ انهن حڪايتن مان چند جو بيتن سميت مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لاءِ مشهور آهي ته پاڻ پٽ پاراتي کي نه پسند ڪندا هئا ۽ نه ئي ڪنهن کي بددُعا ڏنائون. انسانيت جي دشمنن لاءِ بيشڪ چون ٿا ته، “ڏڪاريا ڏيھ مان شل موذي سڀ مرن” پر خاص طور شخصي بد دُعا ڪنهن کي نه ڏنائون، باقي مغلن لاءِ سندن هيءَ هڪ حڪايت مشهور آهي ته:
ڪوٽڙيءَ ۾ آباد، مغلن جي اڳواڻ بيگ مرزا جو گهر شاھ صاحب جي والد حبيب شاھ جي گهر جي ويجهو هو ۽ هو سيد صاحب سان عقيدت رکندڙ هئا. هڪ دفعي سندن نياڻي سيده بيگم جي بيمار ٿيڻ تي هو سيد حبيب شاھ کي دُعا لاءِ وٺڻ آيا پر هن پنهنجي بيماريءَ جي سبب ڪري پنهنجي فرزند شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي موڪليو ۽ شاھ صاحب کي جڏهن بيبي صاحبه جو هٿ ڏيکاريو ويو ته پاڻ سندن چيچ جهلي چيو ته، “جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو”، انهي ڪري مغل کانئس سخت ناراض ٿي پيا ۽ ساڻن ابتا پير هلڻ لڳا. ڪجھ وقت کان پوءِ ڦورن مغلن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن وڏو نقصان ٿيو ۽ هو پنهنجا ماڻهو وٺي پويان مقابلي خاطر ويا. شاھ صاحب کي جڏهن خبر پئي ته کين انساني همدردي ۽ پاڙي جي ننگ جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي فقيرن جي مدد جي آڇ ڪئي پر هنن سندن ٽي دفعا چوڻ جي باوجود به مدد قبول نه ڪئي، جنهن تي شاھ صاحب جن جلال ۾ اچي فرمايو ته:
بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،
اٿم آس الله ۾، دَل مارينئي مانَ.
(ص 40، لطائفِ لطيفي)
(هن حڪايت جو تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ پڻ ذڪر آهي.) روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جي والد جي وفات کان اڳ جڏهن سندن طبيعت ناساز ٿي ۽ وصال جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون، تڏهن سيد حبيب شاھ پنهنجي فرزند ڏي هيءُ بيت چوائي موڪليو.
ڪِنھن جِنھن نينھن ننڌاھ، جئن مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪين مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
(سر حسيني، ۲۳-۱۰)
شاھ صاحب جن جواب ۾ هي بيت ڏيرائي موڪليو:
متان ٿيين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪَرَ ڏور، حَدَ ٻنهي جي هيڪڙي.
(سر حسيني، ۲۴-۱۰)
روايت آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ جي فيض سبب پوريءَ سنڌ ۾ سندن مشهوري سندن حياتيءَ ۾ ئي ٿي ويئي هئي. جنهن تي کانئن ڪيترائي حاسد ساڙ کائڻ لڳا. ميان نور محمد ڪلهوڙي سندن دعوت ڪئي ۽ دعوت کان پوءِ آزمائش طور حسين و جميل عورتون سندن خدمت ۾ موڪليون پر پاڻ مراقبي ۾ مگن هئا. جڏهن ميان ڪلهوڙي اچي روبرو ڏٺو ته حيرت ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ پرک وٺڻ تي شرمندو پڻ ٿيو. شاھ صاحب ميان نور محمد جي سوال تي ورنديءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگهي ويا.
روايت آهي ته حضرت شاھ صاحب استغراق جي حالت ۾ ويٺل هئا ته مٿانئن واري وري ويئي، سندن والد سيد حبيب شاھ کين ڳولهيندو جڏهن اُتي پهتو ته ، هيءَ مصرع چيائون:
لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي،
شاھ صاحب انهيءَ آواز تي ورندي ڏني ته:
پئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
حڪايت آهي ته حضرت شاھ صاحب جن مخدوم ٺاري جي ملاقات لاءِ ننگر ٺٽي جي واٽ تي روانا ٿيا ته رستي ۾ سندن ڪن تي سوزو گداز وارو آواز پيو، هڪ شخص سندن بيت جي هيءَ سٽ جهونگاري رهيو هو:
هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي
کانئس پڇڻ تي کين معلوم ٿيو ته هن شخص هالا ڪنڊيءَ جي ويجهو هيءَ سٽ ٻڌي آهي پر کيس هاڻي آرام نٿو اچي ۽ فراق جي درد ۾ مبتلا آهي، پاڻ کيس قرب ڪري فرمايائون ته هن بيت جي ٻي سٽ چوان؟
اهو فقير ته اهو ئي ٻڌڻ لاءِ آتو هو، تنهن هڪدم هائوڪار ڪئي، پاڻ فرمايائون:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوري سڄن سيل،
ته ڪر ٻيليائي ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
مڪمل بيت ٻڌڻ شرط ان شخص جو روح پرواز ڪري ويو ۽ لطيف سائينءَ جن کانئس ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ پنهنجي فقيرن کي انهيءَ جو مثال ڏيندا هئا. پاڻ ۽ سندن فقيرن جو جڏهن به اتان گذر ٿيندو هو، تڏهن ان شخص جي قبر تي ختمو پڙهندا هئا.
چون ٿا ته شاھ ڀٽائيءَ ”لاهوت“ جي سير جو ارادو ڪيو ته سندن والد کين چيو ته هيءُ سفر خطري وارو آهي ۽ جبلن ۾ نانگ بلائون ۽ ٻيون گهڻيون خطرناڪ شيون آهن، پر پاڻ ورنديءَ ۾ چيائون ته:
نڪو جِن جهان ۾، نڪو سُڄي نانگ،
سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙيوئي ڇاڙڪي.
هڪ دفعي ٿر ۾ شاھ صاحب جون اکيون اُٿي پيون، جنهن ڪري اکين تي ڪپڙو ڏيئي ڇڏيائون. ساڻن، ڪامل بزرگ مخدوم صابر ولهاري ملاقات لاءِ آيو، جنهن سان گڏ ملا حسين نالي شخص ساڻ هو. جنهن کين چيو ته توهان جو والد ته شريعت ۽ تقويٰ جو صاحب هو ۽ ظاهر ۽ باطن سان سينگاريل هو، پر توهان ڇو دنيا جي لذتن کان پاڻ کي پري ڪيو آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون:
پَهنوارڪي ٻرهي، جي هُوند چکيائِين،
ته ميهارڪي مَهِي، ساجهر ڇڏيائين.
حڪايت آهي ته راهوجن جي ڳوٺ ۾ شاھ سائينءَ جي فقيرن کي رات پيئي پر ڳوٺ جي ماڻهن ساڻن راهي ڪانه، بلڪه انهن فقيرن، زالن جون جٺيون، جهليون، شاھ صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته هيءُ بيت چيائون:
راهو جن ۾ راتِ، شالَ قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رَنون رَبَ رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
پَليجن کان پاٽ، ڀَرجي آئي ڀَتَ جي.
راهوجن جي ڳوٺ جون زالون ڏڌ کڻي “گجن” شهر ۾ وڪڻڻ ويون هيون، شاھ صاحب جن پنهنجي فقيرن جي باراني پوک ڏسڻ ويا، تڏهن اُتي ڏڌ گهريائون جيڪو ڪين ملي سگهيو، تڏهن پاڻ چرچي طور هيءُ بيت چيائون:

هڏا ڪٽ ڪليون، ڪوپاريون ڪَهِي،
ڇڏيئون ڪانه پٺٽي، سندي ڏُڌَ ڏهي،
گجن ساڻ گهي، اونڌا ڪري آئيون.
حڪايت آهي ته شاھ ڀٽائيءَ وٽ ڪنهن مهاڻي پلو تحفي ۾ آندو. مليل پلي کي فقيرن پچايو، ته بچو، محمد عالم ۽ ورؤَ وچ مان ڪجھ حصو پهرين کاڌو. فقيري دستور موجب جا به شيءِ ايندي هئي فقيرن ۾ برابر ورهائبي هئي. شاھ صاحب پڻ پنهنجي فقيرن جيترو حصو کڻندا هئا. جڏهن رحمون فقير پلو تيار ڪري سندن خدمت ۾ آندو ۽ کين سڄي معاملي جي خبر پيئي تڏهن فقيرن جي تنبيھ لاءِ چرچي ۾ هيءُ بيت چيائون:
ڦوٽو هو فڪرو، وروءَ ور پيو،
ڪاڙهو ڪلين تي، بچي ڀڙڪيو،
آيو جو ٽيو، تنهن پڇڙي ني پاڻ سين.
روايت آهي ته جاني ڏيري زميندار جو پٽ عنايت، لطيف سائينءَ جو معتقد ٿي ڀٽ تي اچي ويٺو، پڻس ٻه ٽي دفعا ڌڪ چنبا هڻي واپس وٺي ويو پر ڇوڪر هر هر وري اچي ڀٽ تي شاھ سائينءَ وٽ ويهي، جڏهن جاني اٺين ڀيري پٽ کي وٺڻ آيو ۽ شاھ صاحب کي عرض ڪيائين ته، “دولت ناموس ۽ اقتدار وارو آهيان ۽ پٽ جو درويش ٿيڻ ڪهڙيءَ ريت پسند ڪريان” تڏهن شاھ صاحب هيءُ بيت چيو:
جاني جڙي ٻنڌ، عنايتا اوتاهين،
چکين ته چريو ٿئين، ميخاني جو منڌ،
آهي گهڻو اوکو، فقيريءَ جو فند،
ڪين ڪڍندو ڪنڌ، مَنجهان سِک سيد چئي.
شاھ صاحب جي صحبت ڪري عنايت فقير پاڻ وڏو شاعر ۽ بزرگ طور مشهور ٿيو.
روايت آهي ته شاھ صاحب حج بيت الله جي زيارت جو ارادو ڪيو پر هڪڙيءَ منزل تي ڌڻ ٻڪرين جي کي پري کان سهڪندو پاڻيءَ جي دٻي تي ايندو ڏٺائون ۽ پاڻي پيئڻ کان پوءِ سندن اهو ذوق ۽ شوق نه رهيو، مرڳو منهن ڦيرائي بيهي رهيون ۽ ڦولڙيون لاهي پيشاب ڪرڻ لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي پاڻ هي بيت فرمايائون ته:
ڳوليان مَ لهان شال مَ ملان هوت،
مَنَ اندر جا لوچ، مَڇَڻِ ملڻ سين ماٺي ٿيئي.
هڪ انڌي شخص شاھ صاحب کي اکين جي روشني لاءِ دُعا ڪرڻ جو سوال ڪيو. ان وقت پاڻ عروج جي حالت ۾ هئا. ٿوريءَ دير ۾ انڌي کي اکين جي روشني ملي ته هو خوشيون ڪرڻ لڳو. شاھ صاحب تان جڏهن اها حالت گذري ۽ کانئس خوشيءَ جو سبب پڇيائون ته هن اکين جي صحيح ٿيڻ جي خبر ٻڌائي، پاڻ فرمايائون:
سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنما،
وتُعِزُّ من تشاءُ، و تذل من تشاءُ.
(ص 71، احوال شاھ عبداللطيف)
شاھ صاحب جي باري ۾ هيءُ واقعو مشهور آهي ته ڪنهن موقعي تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٻين عالمن سان گڏجي شاھ صاحب وٽ سندس سازن کي بند ڪرائڻ لاءِ پهتو. پاڻ هن صاحبِ شريعت جي اچڻ جو ٻڌي، سڀ ساز اڳواٽ ئي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي رکيا هئائون، مگر جينئن ئي مخدوم صاحب، شاھ صاحب سان سوالن جوابن ۾ مشغول ٿيو ته ساز از خود ڪوٺيءَ ۾ وڄڻ لڳا. مخدوم متاثر ٿي، شاھ صاحب کان محبت سان موڪلايو ۽ ان موقعي تي کين چيائين ته اسان کي ڪو نصيحت جو بيت ٻڌايو، پاڻ هيءُ بيت پڙهيائون ته:
گندي ۽ گراه، جن سَناسين سانڍِيو،
تَنِين کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
(مخدوم صاحب ٻڌي چيو ته، تحقيق اهو صحيح آهي. (ص 30، شاھ عبداللطيف رحه، تحقيقي مضمون)
ڀٽائي صاحب، ڪو ٽيسر (ڪڇ) ۾ ويو، اتي هڪ هندو فقير ڏٺائين جو تپسيا ۾ وچن مطابق ٻانهون ٻڌي جهلي بيٺو هو. شاھ صاحب جي ساڻس گفتگو ٿي، پوءِ کيس چيائين ته:
هِنيون نہ سڪائين هوت لئي، ٿو سڪائين ٻانهُون،
ڏيکارِين ٿو ڏيھ کي، دتا ڪيو دانهُون،
پاڻهين مٺيءَ پاڻ کي، ته ڪو آديسي آئُون،
اِي پنڌ آڳاهون، ڪي ڪاهي رسيا ڪاپِڙي.
هيءَ حڪايت دادي ليلا تلسي داس کان زبان ملي، جيڪا کين سندن استاد ٻڌائي هئي (ممڪن آهي ڪتابن ۾ آئي هجي، منهنجي نظر مان نه گذري هجي).
روايت آهي ته، هڪ لڱا ڪي ماڻهو، ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چيائون ته مسلمان ۽ هندوءَ جي فرق تي روشني وجهو! شاھ صاحب جن ماٺ ۾ رهيا. جڏهن ٻيهر پڇيو ويو تڏهن فرمايائون ته منهنجي مريد مَدَن کان پڇي اچو، جيڪا ورندي ڏي سا مون کي ٻڌائجو. اهي گڏجي مدن وٽ ويا، جيڪو ان وقت کوھ تان پاڻي ڀري رهيو هو. مدن کين وراڻيو ته “مسلمان ڌوڙ ته هندو ڇائي”. انهن ماڻهن حيران ٿي، مدن جي ورندي اچي شاھ صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪئي. انهيءَ تي شاھ سائينءَ چيو ته ابا! سچ ٿو چئي، ٻنهي جي حقيقت اها ئي آهي.
معنيٰ ته، مسلمان مٽيءَ (ڌوڙ) ۾ ملڻو آهي، ته هندو ڇائي يعني (رک) ٿيڻو آهي، داديءَ موجب ته استاد هي بيت پڻ پڙهندو هيو.
اِن پر نه ايمانُ، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.

ڪوڙو تون ڪُفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
تِلڪِ تَنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪَ سين.
(سُر آسا، 15-15)
اهڙيءَ ريت ٻيون حڪايتون ۽ بيت ملندا جن پٺيان ننڍا وڏا واقعا موجود آهن، هتي ڪي ٿورا مثال طور ڏنا ويا آهن.
*