لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

آديِسيَن اَدَبُ، آهي اَکڙِينِ ۾

پروين، محمد موسىٰ ميمڻ جي گھر ۲۰ نومبر ۱۹۵۸ع تي ڏيپلي ۾ پيدا ٿي، هن ۱۹۸۸ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم.اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ حاصل ڪيو. هوءَ ۱۹۹۱ع ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، هن وقت ايم.بي اينڊ جي.ايف گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائي رهي آهي.
پروين هڪ ذهين عورت آهي هوءَ تدريسي ڪم ڪرڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو ڪم به جاري رکندي اچي. اسان وٽ اڪثر عورتون شادي ڪرڻ، ٻارن کي پالڻ ۽ گھر جي ڪم ڪار ۾ ايتريون مصروف ٿي وينديون آهن، جو انهن کان لکڻ پڙهڻ وسري ويندو آهي. هن وقت به چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون بچيون آهن، جيڪي پنهنجي تدريسي ڪم سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق رکن ٿيون، اُنهن ۾ پروين به شامل آهي. آئون پروين کي چوندي آهيان ته، ”تون تڪڙي آهين“، پر هوءَ واقعي تڙ تڪڙ ۾ سٺا ڪم ڪري ٿي وڃي، هن کي شابس آهي، جو هن وقت تائين ڇھ ڪتاب لکيا اٿس ۽ ٻيا لکي رهي آهي. سندس تيار ٿيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ۲۰۰۴ع ۾ روشني پبليڪيشن، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“ ۲۰۰۸ع ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن شايع ڪيا آهن ۽ ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“ هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي. ”وکر سو وهاءِ“ (مضمون نويسي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن مان بي.اي جي نصاب لاءِ منظور ٿي چڪو آهي جو ۲۰۰۹ع ڌاري شايع ٿيندو.
”جي پارکو پارس جا“ لطيفيات جي موضوع تي ۽ ”سونهان سُڌيون ڏين“ (محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون“ ڪمپوزنگ تي آهن، جيڪي به جلد ئي پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ ويندا. انهيءَ کان علاوه هوءَ ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو“، جي موضوع تي، سنڌي شعبي ۾، پي.ايڇ.ڊي ڪري رهي آهي. سندس پهريون سيمينار ڪامياب ٿي چڪو آهي، هن تحقيق ۾ هوءَ سنڌي ادب جي نثري صنفن ناول، ڊراما، افسانا، سفرناما، مضمون، مقالا، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، خط، ڊائريون ۽ ڪالم وغيره ۾ عورتن جي لکڻين جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪندي، سنڌيءَ ۾ انهيءَ موضوع تي اڳ ۾ ڪنهن به ڪم مڪمل نه ڪيو آهي. انشاءَالله هيءَ انهيءَ موضوع تي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪندي.
پروين پنهنجين لکڻين جا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هن کي شاھ لطيف سان خاص عقيدت آهي، جنهنڪري هوءَ لطيف سائين جي رسالي مان ڪونه ڪو موضوع چونڊي کڻي ٿي.
پروين جي هن ڪتاب ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“ جو ٽائيٽل سندس ٻين ڪتابن وانگر شاھ جي بيت مان چونڊي رکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هن جو خاص ۽ اهم ڪم جيڪو جاکوڙ وارو ۽ محنت وارو آهي، سو اهو ته هن سنڌي ادب جي لکيل مختلف ڪتابن، جيڪي شاعري، ناول، افسانن، ڊراما، ڪهاڻيون، سفرنامن، سوانح عمرين، آتم ڪهاڻين، مضمونن، مقالن، ڪالمن، ڊائرين، تحقيقي، تنقيدي، تاثر، اخلاقيات، لطيفيات، انٽرويوز ۽ ٻين موضوعن تي لکيل آهن، انهن ڪتابن جي عنوان کي فوڪس ڪيو آهي. جن ۾ شاھ جي ڪلام جي ڪانه ڪا سٽ کڻي عنوان رکيا ويا آهن، کي پيش ڪندي انهيءَ ۾ هن ٽائيٽل سان گڏ شاھ جي رسالي مان اهو بيت، ان جو داستان ۽ بيت نمبر رسالو وغيره به ڏنا آهن، اهڙيءَ ريت ٽي سؤ کان مٿي ڪتابن جو وچور ڌنو اٿس. ان کان سواءِ ڪجھ حڪايتون به پيش ڪيون اٿس، اهو ڪم تمام ڏکيو آهي، جو پهرين انهيءَ صنف جا اهي ڪتاب جن جا ٽائيٽل شاھ جي بيتن مان چونڊيل آهن، اُهي ڳولهي هٿ ڪيا وڃن ۽ ٻيو ته شاھ جي ڪلام مان اهي بيت چونڊي پيش ڪجن، اهو وڏيءَ همت ۽ جاکوڙ جو ڪم آهي. ان کان سواءِ سندس وڏو ڪم جنهن ۾ هن شاھ جي ڪلام جي سٽن مان ڪجھ اهڙا عنوان چونڊي ڪڍيا آهن، جن سان لکندڙ فائدو وٺي پنهنجي لکيل ڪتابن جي موضوع مطابق اهي نالا رکي سگھن ٿا ۽ آخر ۾ ببليوگرافي به ڏني آهي، جيڪا به نئين تحقيق جي اصولن مطابق الفابيٽيڪل تيار ڪئي اٿس.
پروين جي ايترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هوءَ ادب سان ڪيترو چاھ رکندڙ، محنتي ۽ ذهين آهي. منهنجي دعا آهي ته خدا پاڪ کيس سندس انهيءَ مقصد ۾ ڪاميابي عطا ڪري، انشاءَالله سندس جاکوڙ هلندي رهندي ۽ هوءَ لکندي رهندي. (آمين)

پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه
شعبو سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
10-11-2008

خوشي ٿي اٿم ته پروين هن ڪتاب ۾ واڌارا ڪري ٽيون ڊجيٽل ڇاپو آندو آهي. هن 2012ع ۾ منهنجي نگرانيءَ ۾ PhD مڪمل ڪئي ۽ 2018ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪاليج ايجوڪيشن مان رٽائر ٿي آهي. پر هوءَ ورچي ويهڻ وارن مان نه آهي. مون کي پنهنجي هن شاگردياڻيءَ جي ڪم تي خوشي ۽ فخر آهي هيستائين سندس 14 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ته 8 ڪتاب اڻ ڇپيل ۽ مڪمل ٿيڻ جي مرحلن ۾ آهن. هوءَ سنڌي ادب جي مستقل ۽ مسلسل ڪم ڪندڙ استاد ۽ ليکڪا آهي. خدا پاڪ کيس صحت ۽ ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏي. آمين.

ڊاڪٽر نور افروز خواجه
4-11-2020