لطيفيات

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

شاھ جي رسالي جي بيتن مان ليکڪن پنھنجن نالن کي وڌيڪ بامعنى بنايو آهي، اِهو اسين ڄاڻون ٿا تہ شاھ جي رسالي جي هڪ هڪ تُڪَ بامعنى، موزون ۽ مترنم آهي. هن ڳالھ جو ليکڪن ڀرپور فائدو ورتو آهي ۽ ايئن هنن پنھنجن ڪتابن کي معنوي لحاظ کان پُرڪشش بنايو آهي. موجودہ ڪتاب اِن لحاظ کان پُر معنيٰ آهي تہ هن ۾ سنڌي ادب جي اُنھن 353 ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاھ جي رسالي مان چونڊيل آهن. انھن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي.ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري بہ آهي تہ رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي تہ ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي بہ داد ڏيڻو پوي ٿو.

Title Cover of book آديسين ادب، آھي اکڙين ۾

ناول

سسي نيزي پاند - محمد عثمان ڏيپلائي

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ ته اَڌ ٿئي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۹-۶)

ڏکن پٺيان سک - ٽهلرام آسودو مل

ڏکن پٺيان سُک، سِگها ٿيندئي سَسئي،
پيرمَ ڇڏج پرينءَ جو، توڻي لُڪون لَکَ
ڏورِج پاسي ڏکَ، ته پَوي ٻاجھ ٻروچ کي.
(سر حسيني، ۱۲-۳)

عشق ناهي راند - گوبند مالهي

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنس ڳَڀرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ ته اَڌ ٿئي.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱۹-۶)
ديسي سيڻ ڪِجنَ - گوبند مالهي

ديسي سيڻَ ڪِجَن، پَرَديسي ڪَهڙا پِرين؟
لَڏيو لاڏُوڻا ڪَيو، پَنهنجي ديس وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
(سر ديسي، ۱۲-۱)

سوري آھ سينگار - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سُوري آھ سينگارُ، اَڳهِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ، موَٽُڻ ميهَڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ،
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
(سر ڪلياڻ، ۵-۲)

سوريءَ جَنين سيج - منصور ويراڳي

اَنڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانيين؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تون پيارين پيڄَ!
سوريءَ جَنِين سيڄَ، مرڻ تَن مُشاهِدو
(سر ڪلياڻ، ۲-۲)

رُنم رَتُ ڦڙا - بادام ناتوان

لَڪِيُون! آن ڀَرِ لِکَ، ڪِي ڪوهيارا ورميا؟
جِنِين سَنديءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
(سر حسيني، ۴-۱۱)

پڙاڏو سو ئي سڏ - سراج الحق ميمڻ

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهِين،
هُئا اَڳِهِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻه ٿيا.
(سر ڪلياڻ، ۲۲-۱)


مَرڻ مُون سين آءُ - سراج الحق ميمڻ

تو سَڱَ، ساهَ! گهڻن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
مَرَڻُ! مُون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌُ ڪَرِيان.
(سر معذوري، ۱۰-۴)

کاهوڙي کجن - ڄام ساقي

کاهوڙي کِجَنِ، پَسِيو پورِهيَتَ ويسَرا،
ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ويا، رُڃُنِ مَنجھ رَهَنِ،
ڪامُلِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جي ڳالهَڙي.
(سر کاهوڙي، ۱۰-۱)

هڪ سسئي سؤ سور - سندري اُتم چنداڻي

پاڙي ناهِ پَروُڙَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذِري،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌي گُهورَ،
هِڪَ سَسُئي ٻِئا سُورَ، ويا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
(سر حسيني، ۱۰-۹، رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي)


حياتي هو تن ري - ڪلا پرڪاش

تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي،
سانڍَ پنهنجا ڊَڀَڙا، کَڏُ کڻي ۾ ڀُون،
ڪانَ گُهرجي مُون، حياتي هوتَنِ ري.
(سر يمن ڪلياڻ، ۱-۲)

سُورَن سانڍِياس - فضل احمد بچاڻي

سُورَنِ سانڍِياس، پُورَن پالي آهِيان،
سُکَنِ جي، سَيدُ چي، پُکي نه پِياس،
جيڪُسِ آئون هُياس، گُري گُوندَرَ وَلِ جي.
(سر حسيني، ۱۶-۱۰)

پِريَن پَڳَھ ڇوڙِيا - شهيد الله نصر / غلام نبي ناشاد

مون اُڀي تَــڙَ پاسِ، پِريَنِ پَڳَــھ ڇوڙِيا،
هو اَلله هارَ اُهِريا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس،
آهَ نه لاهِيندياسِ، موٽي ايندا مان ڳَري
(سر سامونڊي، ۷-۳)

وساريان نه وسرن – عمرالدين بيدار

چيتارِيان چُڻُڪَڻِ، وساريان نه وِسَرن،
ويروتار ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جِيئن.
(سر رپ، ۲۷-۱)

موٽي ماڳ نه آئيا - لعل بخش جهرڪائي

اُونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي،
موٽي ماڳ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊي سي،
کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ وري ويو!
(سر سامونڊي، ۱۲-۱)