مور مغيري
شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ محقق مور مغيريءَ جو اصل نالو غلام عمر ۽ پيءُ جو نالو رئيس عبداللطيف مغيري آهي، ادبي نالو مور مغيري اٿس. ھن تاريخ 13جنوري 1976ع تي ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارھہ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليم :ايم. اي (سنڌي ۽ پوليٽيڪل سائنس) (ايم. ايڊ، ايم فل (سنڌي ادب ) 2020ع، ايم فل عنوان: "صوفي سيد رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو. " پاڻ تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. ادب ۾ وجھہ شھرت: شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ محقق اٿس. سنڌ جي مقبول فنڪارن مور مغيري جي ڪلام کي آواز جو روپ ڏنو آهي. مور مغيريءَ جو پھريون شعري مجموعو "ڳوڙها ڳوڙها ڳل" 2018ع ۾ شايع ٿيل آهي. مور مغيريءَ جو ٻارن جي شاعريءَ جو مجموعو "بابا مون کي ڪر نہ ڌنار" 2020ع ۾ ڇپيل آھي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل