رياضت ٻرڙو

Author Name

نوجوان، شاعر ۽ ليکڪ رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو 27 فيبروري 1970ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي موجودہ قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ بہ قمبر مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي فزڪس ڪيائين. ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ هن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون بہ حاصل ڪيون، رياضت ٻرڙو بنيادي طرح شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم آهي. پھرين شاھ لطيف ڪاليج قمبر ۽ هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي. هي هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”سائنس“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهي چڪو آهي.

رياضت ٻرڙو سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ قمبر شاخ جو 4 سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي، سنگت قمبر جي نيوز ليٽر باک جو ايڊيٽر بہ آهي، ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي، اڪيدمي پاران نوجوان محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا اٿائين. رياضت ٻرڙي پاران شايع ڪرايل ڪجھ هن ريت آهن، پيار ڪهاڻي ڪهاڻيون: 1994ع، سائنسي معلومات 1994ع، سائنسي سوال جواب 1995ع، سائنسي ڄاڻ 2004ع، شام جي هوا شاعري: 2004ع، ديوان رياضت شاعري:2005ع، چانڊوڻا چمڪن ترتيب: 2007ع، ذات ڏيئا ٻاريا لاڙڪاڻي جا چونڊ شاعر 2010ع.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رياضت ٻرڙو جا ڪُل 7 ڪِتاب موجود آھن


رياضت ٻرڙو جا ڪتاب

واءُ وکيريا خيال، ليکڪ : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
واءُ وکيريا خيال
ليکڪ : رياضت ٻرڙو
ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا، مُرتب : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا
مُرتب : رياضت ٻرڙو
ڏاهپ جو جنم، سنڌيڪار : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏاهپ جو جنم
سنڌيڪار : رياضت ٻرڙو
مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)، سنڌيڪار : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)
سنڌيڪار : رياضت ٻرڙو
فطرت، سائنس ۽ سماج، سھيڙيندڙ : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
فطرت، سائنس ۽ سماج
سھيڙيندڙ : رياضت ٻرڙو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي، سھيڙيندڙ : رياضت ٻرڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي
سھيڙيندڙ : رياضت ٻرڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ