طارق عزيز شيخ

اديب ۽ صحافي طارق عزيز شيخ، حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ 19 ڊسمبر 1971ع تي نامياري صحافي ۽ اديب شيخ عزيز جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سيٺ حافظ اسڪول ڦليلي مان، ميٽرڪ نور محمد ھاءِ اسڪول، انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۽ ايم. اي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان پاس ڪيائين، جڏهن تہ ايم. فل جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي سنڌي شعبي مان "ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو" جي عنوان سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نگراني ۾ حاصل ڪئي. ھن لکڻ جي شروعات 1987ع کان ادبي، سياسي، تاريخي ۽ ٻاراڻي ادب جا مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي. 1989ع ۾ ‘عوامي آواز’ اخبار ۾ پھرين پروف ريڊر ۽ ڪجهہ عرصي کانپوءِ سب ايڊيٽر طور صحافتي ڪم شروع ڪيو. ان کان پوءِ ثقافت کاتي ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو. ان دوران ئي ڪھاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن تي مشتمل سندس ڪتاب ‘سرها ساھ پرينءَ جا’ 1994ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال ‘بزنس ايڪسپريس’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. آغا سليم جي ادارت ھيٺ ‘جاڳو’ اخبار جي ادبي صفحي ‘سرهاڻ’ جو ھڪ سال تائين انچارج رهيو. 1997ع ۾ ‘ڪاوش’ ۾ رپورٽر ۽ اشتھارن جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. 1998ع ۾ ‘سنڌ اخبار’ جي اشتھارن واري شعبي جو انچارج رهيو. 1999ع ۾ ‘بختور’ جو ڪراچيءَ لاءِ بيورو چيف مقرر ٿيو ۽ شاھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر پڻ مقرر ٿيو، جتي اداري جي تحقيقي جرنل ‘ڪلاچي’ جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ھن شاھ لطيف چيئر ۾ ‘سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت’ واري رٿا ۾، شيخ محمد اسماعيل جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو. 1999ع ۾ ‘سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو’ جي نالي سان سندس ڪتاب ڇپيو. نائين، ڏهين ۽ ٻارهين درجي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ ‘مھراڻ جا موتي’ جي نالي سان سندس ٻہ جلد 2002ع ۾ شايع ٿيا. 2002ع ۾ ھو روزاني‘عوامي آواز’ ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ پوءِ ‘سب ايڊيٽر’ مقرر ٿيو. 2004ع ۾ نيوز ميگزين ‘افيئر ’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 2006ع ۾ روزاني ‘عوامي فورم’ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. طارق عزيز شيخ، روزاني ‘جنگ’ اخبار جي ھفتيوار صفحي ‘مھراڻ رنگ’ ۾ 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. ان کانسواءِ روزاني ‘حريت’ اخبار جي سنڌ ايڊيشن ۾ بہ سندس مضمون شايع ٿيا. طارق عزيز شيخ پرائيويٽ توڙي سرڪاري ادارن لاءِ ماحوليات، معدنيات، نباتات، جابلو سلسلن سميت ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ دستاويزي اسڪرپٽ پڻ لکيا آھن. ھن مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل، سياسي مضمون، تجزيا ۽ موجودہ معاملن/ مسئلن تي مضمون پڻ لکيا. صحافتي ڪم دوران سياستدانن، اديبن ۽ مختلف شخصيتن جا انٽرويو پڻ ڪيا اٿس. پبلشر جي حيثيت ۾ 1994ع کان وٺي ‘باک پبليڪيشن’ جي مالڪ طور سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ جا 8 ڪتاب شايع ڪرايا اٿس. 2001ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ پھرين ليڪچرر ۽ 2018ع کان اسسٽنٽ پروفيسر طور پنھنجون ذميواريون انجام ڏئي رهيو آھي. ھن کي سال 2009ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران منعقد ڪرايل قومي ادبي ڪانفرنس ۽ 2015ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران منعقد ڪرايل پھرين لوڪ ادب ڪانفرنس جا اوارڊ، جڏهن تہ گورنمينٽ نئشنل ڪاليج ڪراچيءَ پاران سال 2022ع ۾ ايم فل جي مقالي تي شيلڊ ڏني وئي.

  • جنم: 1971-12-19
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب