يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون), ليکڪ : طارق عزيز شيخ

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)
ليکڪ : طارق عزيز شيخ
ڪيٽيگري : شخصيتون ۽ خاڪا
ڇپيندڙ : برکا پبليڪيشن، حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2019
شامل ڪيو ويو : 2019-11-10
ڏِٺو ويو : 3091 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 408 ڀيرا
هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شخصيتون ۽ خاڪا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ