مان جو ئي آھيان سو ئي آھيان: طارق عزيز شيخ
ٻالڪپڻي واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو. پڙھڻ لکڻ کان سواء هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. نيرن صبح ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾ سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي.
گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملھ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون، ثقافت، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوع جا ٺاهيندو هو.
هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري آهي، هو سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاء ڪن اخبارن جي مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي سٺين خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل هجي.
دنيا جي سمورن ملڪن جي سياست ۽ ملڪي حالتن کان مڪمل باخبر رهندڙ بابا جو مزاج اڄ اسان جي گهر جي روايت بڻيل آهي، سمورا گهر ڀاتي هر ڪلاڪ وارين خبرن کان آگاھه رهن ٿا. منهنجي والد صاحب جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي.
۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي سندس لاڏاڻو ٿيو. ان کان پوء سندس شيلف مان مڪمل ڪتاب مليو جيڪا هن جي آتم ڪهاڻي هئي. هي ڪتاب ”دارون ۽ ڪارون“ جي نالي سان لکيل آتم ڪهاڻي آهي جيڪا هن ۲۰۱۱ع ۾ لکي پوري ڪئي. هيءَ آتم ڪهاڻي عام ليکڪن جي آتم ڪهاڻيءَ کان قطعي تبديل آهي جيئن ڪو ليکڪ پنهنجي ٻالڪپڻي کان زندگيءَ جي شام ٿيڻ تائين فقط پنهنجي ذات تائين محدود هوندو آهي. هيءَ آتم ڪهاڻي انهن عام رواجي انداز کان بنھه تبديل آهي. ڪجھه عرصي ۾ هي ڪتاب منظر عام تي اچي ويندو.
بابا جي هر تحرير جو انداز هونئن به منفرد رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ زماني کي ڪيئن ڏٺو سو بيان ٿيل آهي. بابا ملڪ جي نمبر ون رهندڙ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن عبرت، سنڌ نيوز، جنگ، حريت ۽ ڊان ۾ هميشه ڪي پوسٽن تي رهيو پر ڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو نه کنيائين نه وري ڪو فائدو ورتائين. اهو اسان کي فخر آهي. هو نه ڪڏهن بليڪ ميل ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيائين. هو بي باڪ ليکڪ هو، سچ لکڻ ۾ دير نه ڪندو هو ڀلي اهڙي سچ چوڻ سان ڪو ڪاوڙجي وڃي يا پاڻ کنڀجي وڃي. هن آخر تائين قلم ۾ ڪوڙ جي مس ڪونه ڀري. مون کي سچل سرمست جي هوبهو هن سٽ مثل لڳو ’ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان.‘
(روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)