شخصيتون ۽ خاڪا

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
Title Cover of book يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون)

شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو باني ڪار : ھمسفر گاڏھي

شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جو باني ڪار : ھمسفر گاڏھي

۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مون کي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس. ٿيو ايئن جو ۸۸ع - ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچيءَ کان سواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو.
شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترا ئي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف _ م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سر موڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهوءَ جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: ”اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضيءَ جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو.“
شيخ عزيز جنگ اخبار جي ”مهراڻ رنگ“ ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار’ڊان‘ تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، 83ع ۽ 86ع جي ”ڊان“ جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: ”در اصل ايم آر ڊيءَ کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي ’ڊان‘ وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.“ شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.
شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن ”عملي صحافت“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ ”تقسيم کان تقسيم تائين“ پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو ”ڀٽي کان ضياءَ تائين“ جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب ’آمريت کان آمريت تائين‘ اڻ ڇپيل آهي. ”ملهه سنڌ جي قومي راند“ ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ روس جو سفر نامو، ”نقش لطيف“The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي. سندس آخري علمي پورهيو ”چنگ“ ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويوءَ“ جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو.
شيخ عزيز ”ڊان“ اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي ’ڊان‘ ۾ کين ٽربيوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو.
شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسيءَ ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVDڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورت حال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نه ٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي.
بهر حال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو. (پندرھن وار افيئر نيوز مئگزين، ڪراچي، نومبر 2018ع)