ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾ : محمد حيات بلوچ
شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسيءَ تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري ”عبرت“ هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزيءَ جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽيءَ ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇا ڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين. اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بنيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيا جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، خط ڏنومانس. پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفر نامو آهي. اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفر نامو شروع ٿي ويو آهي پوءِ هو ائين سفر ناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفر نامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان.
شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، اخبارن ۾ شايع ٿيا ته والد سندس همت افزائي ڪئي ۽ مضمون نويسيء ۾ پٽ جي تربيت ڪيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏيو، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، والد کي ڏيکاريائين ته نهايت خوش ٿيو ۽ پٽ کي شابس ڏنائين. هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشيءَ سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس. پر پوء ساڻس مڪمل مدد ڪيائين ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاندار نموني سان رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو. ڪي سينيئر پوئتي ٿي جونيئر کي اڳتي وڌڻ لاء خود اعتمادي پيدا ڪندا آهن شيخ عزيز اهڙن ماڻهمن مان هو. اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خيرمحمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو اهي هئا شيخ عزيز ۽ خيرمحمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خيرمحمد کوکر هئي، سو خيرمحمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهر حال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سر انجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خيرمحمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خير محمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچيءَ ۾ سيٽل ٿيو ماتري کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪ دم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پرواني ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين.
شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين.
بهر حال شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو.
(روزاني عبرت حيدرآباد، 27 نومبر 2018ع)