شخصيتون ۽ خاڪا

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
Title Cover of book يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون)

صحافت ۾ گھاريل عمر جون ساروڻيون: منوج ڪمار

صحافت ۾ گھاريل عمر جون ساروڻيون: منوج ڪمار

اسان جي چوگرد واريون ھاڻ سڀ شيون ڊھنديون پيون وڃن. اھي سڀ جڳھيون جيڪي اسان جي يادن جون مڪين ھيون ۽ جن سان اسان جي ھيءَ دنيا نشانبر ٿيندي ھئي تن جا وجود ھاڻ ختم ٿي رھيا آھن. مون کي خبر ڪونھي ته انھن ماڳن، مڪانن، رستن، بيٺڪن ۽ آستانن کان سواءِ اسان پنھنجي چوگرد دنيا کي ڪيئن سڃاڻنداسين. اھي جايون ته شھرن جي چھرن جا خد و خال آھن بنان انھن خد و خال جي اھي شھر ٻين کان ڪيئن الڳ ڪري سگھبا ۽ پنھنجا شھر سڃاڻي ڪيئن سگھبا؟ سڀاڻي فاران ھوٽل نه ھوندي ته آئون حيدرآباد کي ڪيئن سڃاڻي سگھندس؟ اھا فاران ھوٽل جتي اسان دوستن ڪيئي بيٺڪون ڪيون ھونديونسين. جتي آئون حليم بروھيءَ کي ڪچھريءَ لاءِ وٺي آيو ھئس ته حليم ٻڌايو ھو ته سندس گھر کان فقط چند قدمن جي فاصلي تي واقع ھن ھوٽل ۾ ھو ٽيھن سالن کان پوءِ آيو ھو. منھنجي حيرت کي ڏسي ٻڌايو ھئائين ته اھا ھوٽل سندس مامي جي آھي ۽ اختلافن سبب ھُو انھيءَ ھوٽل ۾ ڪونه ايندو ھو. اتي ويٺل سندس ماروٽ اسان کان بل وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو. حليم شايد مون سان انھيءَ ھوٽل ۾ آخري دفعو آيو ھو. ھاڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اھا ھوٽل ڊاھي اتي ڪو پلازا پيا ٺاھين. ساڳي طرح رڳو شھر جا ماڳ ۽ مڪان نه پر اھي ڪردار به ختم پيا ٿين جيڪي شھرن کي رنگ ۽ آواز ڏيندا آھن. اڃان به تڪليف جي ڳالھ ته اھي روايتون، اھي لقاءَ ۽ اھي ادارا به ختم پيا ٿين جن سان شھرن جا مزاج جڙندا آھن. رڳو ياد آھي جتي اھي سڀ شيون موجود آھن پر ياد به ويسارپ جي خلاف ويڙھ ھارائي وٺندي.
شايد ڪتابن ۾ اھي شيون محفوظ ڪري ڇڏجن جو جيڪڏھن ڪو وري ھن شھر کي وري انھيءَ اصلي صورت ۾ ٺاھڻ چاھي ته وٽس ڪو نقشو ھجي. انھيءَ سلسلي ۾ شيخ عزيز جي تازي ڇپيل آتم ڪٿا ’دارون ۽ ڪارون‘ وڏي مدد ڪندو.
جيڪي ماڻھو شيخ عزيز کان واقف ھئا تن کي خبر ھوندي ته ھُو ڪيڏو منفرد ماڻھو ھو. اڌ صدي صحافت کي ارپيندڙ شيخ عزيز جديد سنڌي صحافت جي بانين مان ھڪ ھو جنھن سنڌي صحافت ۾ خبر کان وٺي لي آئوٽ ۽ مواد کان وٺي پبليڪيشن ۾ نوان لاڙا آندا. ھُن نه فقط سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تنھن وقت نئين قائم ڪيل شعبي ۾ پڙھايو پر ان جو نصاب به ترتيب ڏنائين ۽ شايد صحافت جي فن تي پھريون سنڌي ڪتاب به لکيائين. سنڌي صحافت سان گڏ شيخ عزيز اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ وڏو وقت ڏنو ۽ آخر ۾ انگريزي اخبار ڊان مان سينيئر پوزيشن تان رٽائر ڪيائين. انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي حوالي سان سندس مضمون ۽ گذاري ويندڙ شخصيتن تي تعزيت ناما به سندس سڃاڻپ ھوندا ھئا. شيخ عزيز ھڪڙو عالم ماڻھو ھو جنھن تاريخ ۽ ادب تي به ڪافي ڪتاب لکيا. سنڌي ادب جي تاريخ تي سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب پڙھڻ جھڙو ھو. موسيقيءَ جو شوقين ھو ۽ ان تي کيس گھري ڄاڻ ھئي. ھُن سنڌي موسيقيءَ جي ارتقا تي به ڪتاب لکيو ۽ سندس ايندڙ ڪتابن ۾ چنگ جھڙي ساز تي به ڪتاب آھي. شيخ عزيز ملھ سان به گھرو شغف رکندو ھو ۽ ان تي ڪتاب لکيائين، پر انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ شيخ عزيز سنڌ جو مني صديءَ تائين گھرائي ۾ مشاھدو ڪيو ۽ ان جي ثقافت، صحافت، سياست، سماج، ادب سميت ھر موضوع تي انسائيڪلوپيڊيائي ڄاڻ ھئي. گذريل سال سندس مرتيي کان پوءِ سندس ڪاغذن مان سندس لکيل آتم ڪٿا ھٿ آئي جنھن کي سندس پٽ طارق عزيز شيخ تازو ڇپرائي آندو آھي.
شيخ عزيز جون اھي ساروڻيون سڀني لاءِ پڙھڻ جھڙيون آھن. اسان پارا جيڪي حيدرآباد جي رومانس ۾ رھيا آھن انھن لاءِ ته شيخ عزيز، حيدرآباد جي سڀني حسناڪين کي وري وقت جي تھن مان کوٽي کڻي آيو آھي. شيخ عزيز حيدرآباد ڄائو ھو ۽ حيدرآباد جي شھر سان ان جو انس ھو. ھن حيدرآباد جي ھر گھٽي، رستي، مڪان، ھوٽل، سينيما، شراب خاني، باغ، اسڪول، پاڙي بازار سميت ھر جڳھ جو ايئن ته ذڪر ڪيو آھي جو اھي سڀ جڳھيون سامھون اچي بيھي ٿيون رھن. رڳو شھر جي ٻاھرين جاگرافي ڪونھي جيڪا ھن بيان ڪئي آھي. ھر شئي جي ھڪڙي اندرين جاگرافي به ھوندي آھي جيڪا ان جي روايتن، رسمن، واقعن، مزاجن ۽ ڪيفيتن ۾ ھوندي آھي. شيخ عزيز شھر جي اھا اندر جي جاگرافي به بيان ڪئي آھي. شھر جي تاريخ ۽ پيش ايندڙ واقعن کي به اوتري سادگيءَ سان بيان ڪيو آھي ڄڻ ته پاڻ سان پيش ايندڙ واقعن کي پنھنجي گھر ڀاتين سان پيو ونڊي. شھر جا منفرد ڪردار، اديب، موسيقار ۽ سياستدانن سان سندس ساروڻيون آباد آھن.
شيخ عزيز جي اھو ساروڻيون صحافت سان لڳاپيل ماڻھن لاءِ پڙھڻ ته بنھ ضروري آھن ته ڏسن ته صحافتي قدر ڪيئن تبديل ٿيا آھن. ھي جيڪو دور آھي اھو ميڊيا جي حوالي سان ھڪ عجيب دور آھي جنھن ۾ ڪلاسيڪي ۽ روايتي ميڊيا جي سامھون سوشل ميڊيا اچي بيٺو آھي. انھيءَ سوشل ميڊيا ۾ خبر جي حرمت جي اھميت ته پھرين ڌڪ سان تين وال ٿي وئي آھي. ھن دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي سرحد ڊھي وئي آھي. ھاڻ واري دور ۾ جيڪر ڪوڙ ۾ ماڻھو اعتبار ڪن ٿا ته اھو ئي سچ آھي. پر شيخ عزيز پراڻي دور جو صحافي ھو جنھن وٽ خبر جي حرمت ھئي. شايد ھُو واحد سنڌي صحافي ھو جنھن لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي ھئي، کيس نه رڳو خبر جي ٽيڪنيڪي پاسن کان واقف ھو پر ھُو خبر جي اثر کان واقف ھو.
شيخ عزيز جون اھي ساروڻيون ملڪ جي سياسي تاريخ تي به تبصرو آھن ته مختلف اھم شخصيتن جا خاڪا به آھن. ھن ۾ سندس سفر جا احوال به آھن ته سندس تجربن جا بيان به آھن، پر ڪتاب جي باري ۾ ھڪڙي شڪايت آئون سندس پٽ طارق ۽ ڪتاب جي پبلشر سان ضرور ڪندس ته شيخ عزيز ھڪڙو باڪمال ايڊيٽر ھو جنھن سدائين متن جي صحيح ۽ سٿري ھئڻ تي زور ڏنو. جيڪر ڪتاب جا پروف ٿورو غور سان ڏسجن ھان ته شيخ عزيز جو روح وڌيڪ خوش ٿئي ھان.

(روزاني ڪاوش حيدرآباد، 30 اپريل 2019ع)