شخصيتون ۽ خاڪا

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
Title Cover of book يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون)

شيخ عزيز جي نانءِ : مھتاب اڪبر راشدي

شيخ عزيز جي نانءِ : مھتاب اڪبر راشدي

ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪنهن پنهنجي ويجهي ترين وڇڙيل ويل لاءِ لکڻ. سچ ته هيءُ آهي ته ادا عزيز شيخ تي لکڻ لاءِ دل سان گڏ اکين کي به سمجهائڻو پئي پيو. جتي دل ڀرجي پئي آئي، اتي اکيون لڙڪ هارڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. يادگيرين جو هڪ هجوم آهي، جنهن اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي آهي. حيدرآباد جو مٺڙو شهر ۽ شهر جو مشهور حيدر چوڪ گاڏي کاتي جي دل، ڪنڊ تي اسان جو گهر، جنهن جي ٻي ڪنڊ تي عبرت اخبار ڏانهن ويندڙ گهٽي جنهن جي ڪنڊ تي وري ڪلو پڪوڙائي ويهندو هو، ان جي پڪوڙن جو مٽ ته ڪٿي به ڪو نه لڀيو اٿم، شايد ننڍپڻ يا عمر جي اوائلي دور جا سڀ ذائقا ذهن ۾ دائمي رهجي ويندا آهن، بلڪه ايئن جيئن پراڻا تعلق، سڃاڻپون ۽ دوستيون به وقت گذرڻ سان گهريون ٿينديون وينديون آهن ۽ اهو تعلق اڳتي هلي ٻئي نسل تائين منتقل ٿي ويندو آهي.
ادا عزيز سان به اسان جو اهڙو ئي تعلق هو، اندازو ئي ڪو نه ٿيندو هو ته ادي زيب شيخ جو ڀاءُ ادا اسماعيل شيخ جهڙي ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ۽ ابراهيم شيخ براڊ ڪاسٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مشهور پروڊيوسر جو ننڍو ڀاءُ ۽ ڪڪي (زمرد) جو مامو عزيز شيخ پاڻ کان عمر ۾ گهڻو گهٽ، مهر، مهتاب ۽ آفتاب سان انهن جي ذهني سطح تائين لهي کين وڏيون وڏيون ڳالهيون سولائيءَ سان ڪيئن سمجهائي ويندو هو؟ صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو، ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا، ماما ڀاڻيجا ۽ ڀاڻيجيون، ڀينرون ۽ ڀائر ۽ ڀاڄايون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هوندا هئا. سندن سک به گڏ هئا، ڏک به، ڪنهن گهٽ وڌائي جي خبر ته اوڙي پاڙي تائين به نه پڄندي هئي. ها البته اوڙي پاڙي وارا کين پنهنجو سمجهي ٿوري ٿڪي تي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڀاءُ تائين پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا ۽ اڳيان به شيخ خاندان انهن جي مسئلي کي پنهنجو سمجهي حل ڪرڻ ۾ جنبي ويندو هو.
ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا، سندن ساٿ نه رڳو پيشي جي حد تائين هو بلڪ سندن تعلق ڪم کان وٺي خاندانن تائين پهتل هو، جيڪو اڄ به هڪ نسل کان ٻئي ۽ ٽئين تائين منتقل ٿي چڪو آهي.
اسان جي گهر ۾ ادي زيب شيخ، جيڪا ان خاندان جي وڏ-ور نياڻي هئي ۽ پنهنجن ڀائرن جي ساٿ سان علمي ۽ ادبي ذوق رکندي هئي، سا سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ اخبار ۾ عورتن جو صفحو سنڀاليندي هئي. اسان جي گهر ۾ سڀ کان وڌ اچڻ وڃڻ، ادي زيب، ڪڪي (زمرد) ۽ ادا عزيز شيخ جو ئي ٿيندو هيو.
منهنجو مٺڙو ڀاءُ آفتاب اسان جي ته اکين جو ٺار هوندو ئي هو پر ادا عزيز شيخ جو به دل گهريو هو، بلڪل پنهنجي اولاد وانگر، آفتاب جي بي وقت وڇوڙي تي هو ڪيترو دل گرفتار هو، تنهن جو احوال حميده (ادا عزيز جي گهر واري) اڄ به ٻڌائيندي روئي پوندي آهي.
مان ادا عزيز شيخ جون ڳالهيون ڪندي پنهنجي ذاتي تعلق ۾ هن جي پيشيوراڻي مهارت کي وسارڻ نه چاهيندس. شيخ عزيز بلاشبه سنڌي صحافت جو وڏو بلڪه صف اول ۾ رکڻ جهڙو نالو آهي. هن جي پنهنجي پيشي سان محبت ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا پنهنجا پيمانا وضح ڪيل هئا، سهيل سانگيءَ جهڙو سينيئر صحافي به شيخ عزيز کي پنهنجو رول ماڊل تصور ڪري ٿو. هو ان کي چنڊ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن اهڙن صحافين ۾ شمار ٿو ڪري، جيڪي پنهنجي دور ۾ دنيا ۾ رائج جديد صحافتي رجحانن کان مڪمل واقفيت رکندو هو. صحافت هن لاءِ رڳو ڊيسڪ تي ويهي رپورٽون ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو نانءُ ڪو نه هو، بلڪ هن جو چوڻ اهو هو ته ”هڪ سٺي صحافيءَ لاءِ (ان وقت جي ضرورت مطابق) هٿ سان اکر جوڙڻ ”پليٽ ٺاهڻ“ ۽ فلم ٺاهڻ جي طريقي ڪار کان واقفيت تمام ضروري هئي، ڇو ته ان زماني ۾ اڃا پري پري تائين ڪمپيوٽر جو نالو نشان ئي ڪو نه هو ۽ اخبارون مٿي ٻڌايل طريقي ڪار ڄاڻڻ سان ئي ڇپائيءَ جي مرحلن مان گذرنديون هيون. هن وٽ صحافت جي ڊگري ته ڪو نه هئي پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن ”ماس ڪميونيڪيشن“ جو شعبو کليو ته اتي شيخ عزيز ”مهمان استاد“ طور ليڪچر ڏيندو رهيو.
اهو ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو هو ۽ ان ئي زماني ۾ هن صحافت تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هنن جي نصاب ۾ اڄ به شامل آهي. شيخ عزيز وٽ رڳو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ذاتي تجربو ئي نه هو بلڪه هن ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت جي ڊپلوما به حاصل ڪئي هئي.
زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو هن حيدرآباد ۾ گذاريو، اٽڪل ٽيهه سال هن سنڌي صحافت کي ڏنا، عبرت اخبار ۾ هن گهڻو عرصو صرف ڪيو، اتي هن جا نائب ۽ هن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪرڻ وارا اڄ ”سينيئر صحافي“ بڻجي چڪا آهن. هن جو مزاج ارڏو ضرور هو پر اوترو ئي هو سڀني جو مددگار به هو، ڪم سيکارڻ ۽ راهه ڏيکارڻ ۾ دل جو ڪشادو ۽ هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار، عجيب ڳالهه هئي ته هن جو شوق رڳو صحافت تائين ته محدود هيو ئي نه. هو سنڌ جي انهن عاشقن مان هو جيڪي سنڌ، سنڌ جا نعرا هڻڻ بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي ڄاڻ رڳو صحافت سان لاڳاپيل نه هئي پر هن جي سوچ ۽ شوق جي اڏام سنڌ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي معاملن تائين پهتل هئي. سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ميلي ۾ وڃڻ ۽ ملاکڙي ڏسڻ جو شوق هو. ملهه جا داءَ پيچ ته ڪو شيخ عزيز کان پڇي. ملهه وڙهندڙ ڪهڙو پهلوان مشهور آهي ۽ ڇو آهي ان جا سبب به ادا عزيز کي معلوم هئا، هن جا انداز ڪي ورلي ئي صحيح نه نڪرندا هوندا، سنڌ جي پراڻن ۽ اصلوڪن سازن متعلق معلومات جو به هن وٽ وڏو ذخيرو هو. هن سال ئي جون، جولاءِ ڌاري مون کي فون تي ٻڌايائين ته سنڌ جي سازن متعلق هڪ ڪتاب لکيو اٿم، ان جو ڇا ڪجي؟ مون کيس چيو ته ڪنهن سان ڳالهايان ٿي.
ادا مدد علي سنڌيءَ ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ۽ مهرباني ڪري ادا عزيز شيخ جي گهر وڃي کانئس مسودو وٺي آيو، ڇو ته ان مهل حڪومت جو مدو پورو پئي ٿيو، ان ڪري ڪتاب ته ڇپجي نه سگهين. اميد اٿم ته سنڌ حڪُومت جو ثقافت کاتو، شيخ عزيز کي مان ڏيندي اهو ڪتاب ضرور ڇپرائيندو.
شيخ عزيز جي دسترس رڳو سنڌ سان متعلق معاملن تي ئي نه هئي پر پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۽ بين الاقوامي معاملات ئي به هن جي گهري نظر هئي اسان وٽ اهڙي قابليت ۽ اهليت رکندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي رهجي ويا آهن. سنڌي اخبارن ۽ صحافت سان سلهاڙيل صحافي ته پنهنجي ئي برادريءَ کان بَه مشڪل داد وصول ڪري سگهندا آهن، ڇو ته اڄ ڪلهه صحافي ٿيڻ بنهه سولو آهي ۽ اهڙن صحافين لاءِ صحافتي آداب، قدر ۽ عام هئڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي.شيخ عزيز جي سامهون پنهنجي اڳئين نسل جا باوقار صحافي به هئا ته سندس هم عصر پڻ. هن سڀني جي تجربن مان به سکيو ۽ پاڻ پورهيو ڪري پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو.
سياسي معاملن تي هن جا متوازن تجزين ۽ اڻ ڌري صحافت جي پيڙهه وڌي، پاڪستان جي سياسي تاريخ تي سندس ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ کي اسان جي ملڪي تاريخ جو انتهائي مستند ڪتاب چئي سگهجي ٿو. ان ڪتاب جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ شيخ صاحب انهن ڳالهين کي به واضح ڪيو آهي. جيڪي پاڪستان جي تاريخ کي اڻ ڌريو، ايماندارانه طريقي سان لکڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا رهيا. هن جي خيال مطابق ”تاريخ نويسيءَ جي جديد نظريي جهڙيءَ طرح قومن ۾ شعور پيدا ڪيو آهي، سو اسان ۾ ناپيد آهي، اسان اڃا تائين بادشاهن جي فتوحات جي ڳالهين کي پڙهي پاڻ کي تاريخ جا شاگرد چورايون ٿا، يا وري چچ نامي جهڙي ڪتاب کي تاريخ جو هڪ وڏو ماخذ سمجهي ان کي ساراهڻ ۾ لڳا پيا آهيون. اسان جا ڏاها مورخ اڃا تائين سنڌ جي ڪا مستند تاريخ مرتب ڪري نه سگهيا آهيون. سنڌ ڇا پوري ملڪ جا تاريخي ماخذات اڃا تائين مستشرقين جي حوالن تي رکيا ويٺا آهن. حد ته اها آهي ته سنڌيءَ جي صوتيات تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان کي يورپي ۽ آمريڪي اسڪالرس جي رهنمائي وٺڻي ٿي پئي. شيخ عزيز صاحب جو هي ڪتاب پاڪستان جي وجود کان وٺي مشرقي پاڪستان جي بنگلا ديش ٿي وڃڻ تائين جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي محرڪات درج آهن، جن جي ڪري هي ملڪ نه حقيقي جمهوريت کان آشنا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ملڪ سان محبت ڪرڻ وارا بي لوث عناصر ان جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهيا.
شيخ عزيز کي خون ۾ ذهانت سان گڏ محنت جي سُتي به پيل هئي، هن کي هو پنهنجي پيشي سان جنون جي حد تائين عشق هو، ان ۾ وري سندس مطالعي جي ذوق وڌيڪ گهرائي ۽ مستند معلومات قلم بند ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪئي. ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو ۽ انگريزي زبانن تي عبور مٿس سنڌي کان علاوه اردو ۽ انگريزي اخبارن جا دروازا به کولي ڇڏيا. پنهنجي صحافي زندگي جو سفر حيدرآباد کان شروع ڪرڻ واري شيخ عزيز ۱۹۵۷ع کان وٺي ۱۹۸۰ع تائين انهي ٿڌڙين هوائن واري شهر کي ارپيا ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچيءَ ۾ آيو ته روزناما ”جنگ“ جي ميگزين کي به سنواريائين ته ۱۹۸۷ع ۾ ”حريت“ جي نيوز ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. ۱۹۹۰ع ڌاري انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع ۾ اتان ايڊيشن انچارج طور رٽائر ٿيو. ڊان اخبار ۾ هن جا سنڌ جي معتبر ماڻهن تي لکيل خاڪا، نهايت مستند ۽ ادبي تاريخي اهميت جا حامل آهن.
۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين شيخ عزيز صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ وائيس چيئرمين طور به ڪم ڪيو. اهو منصب شايد سندس پيشيوراڻي زندگيءَ جو آخري منصب هو. هن جي صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف طور ۲۰۰۱ع ۾ هن کي ترقي پسند ادبي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ۲۰۰۰ع ۾ صحافت ۾ ايڪسلنس ايوارڊ به کيس ڏنو ويو. هو حيدرآباد پريس ڪلب جو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين صدر پڻ رهيو، ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين.
هن جي قلم مان ڪيترا ئي ڪتاب تحرير ٿيا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، ڀٽو ميمورائيس اينڊ رميمبرينسز، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا. سندس لکيل ڪتابن جي عنوان مان ئي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هو متنوع موضوعات تي طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي. اسان ان کي رڳو صحافت تائين محدود نه ٿا رکي سگهون. تاريخ، ادب، موسيقي، ثقافت، سياست ۽ صحافت هن جا موضوع رهيا آهن. اسان هن کي سندس من گهرئي پيشي صحافت جو ناميارو ۽ صف اول جو صحافي تسليم ڪندي، کيس مورخ ۽ ناميارو اديب تسليم ڪرڻ کان به انڪار نه ٿا ڪري سگهون.
پنھنجن ٻن لائق پٽن طارق ۽ خرم ۽ قابل نياڻين ڊاڪٽر شهلا ۽ منيزه جو ناميارو پيءُ ان لحاظ کان خوش قسمت هو ته هن خود دار شخص ڏاڍي عزت ۽ مان سان پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم يافتا ٿيندي ۽ سٺا عهدا ماڻيندي ۽ خوشگوار ازدواجي زندگي گذاريندي اکين سان ڏٺو. سندس بيماريءَ ۾ سندس خاندان پاران سنڌ حڪُومت جي ثقافت کاتي کي ”سار نه لهڻ“ جو ڏوراپو به نه ڏنو ويو. هو جيتري وڏي انا وارو خوددار، باعزت ۽ معتبر ماڻهو هو ۽ اوترو ئي شان مان سان هيءَ دنيا به ڇڏيائين ۽ ساڳي طرح عزت ۽ شان سان پنهنجي سادي پر شاندار زندگي به گذاريائين.
سندس شادي به ياد اٿم، جڏهن هڪ ڀولي ڀالي گهٽ عمر واري متوسط گهراڻي جي ڇوڪري حميده سندس زندگيءَ ۾ آئي، جنهن کي هن اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿايو ۽ هوءَ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج مان پروفيسر ٿي رٽائر ٿي. حميده جو شيخ عزيز جهڙي ارڏي شخص سان زندگي گذارڻ، سندس ٻارن کي سٺي تربيت ڏيڻ، سندس خاندان ۽ دوستن سان ناتا رکڻ ۽ نڀائڻ وري هڪ ٻي ڪهاڻي آهي. حميده ته ادا عزيز تي بس اڪن ڇڪن ۽ گهور ويندي رهي آهي. عشق ڇا ٿيندو آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ محبوب سان هم قدم ٿي زندگي ڪيئن گذاربي آهي، حميده عزيز شيخ ان جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. اهو ئي سبب آهي جو ادا عزيز پنهنجي ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ جو انتساب سندس نالي ڪندي لکيو آهي ”حميده جي نالي جنهن مون جهڙي اڻ گهڙيي ڪاٺ مان مجسمو ٺاهڻ لاءِ سڄي ڄمار ڳاري ڇڏي.“ حميده لاءِ ته باقي زندگيءَ جو سفر اڻانگو ٿيندو پر منهنجو ارڏو، البيلو ۽ مٺڙو ادا عزيز شيخ پنهنجو وارو وڄائي ويو. منهنجي ڀاءُ آفتاب کي هنج ۾ ويهاري آڱر پڪڙي هلائڻ ۽ عبرت اخبار جي دفتر ۾ ادا جاني (پير مظهر) سان ڪچهريون ڪندي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندو رهيو. آفتاب جي دنيا مان اوچتي لڏي وڃڻ تي هو به اوترو ئي لڇيو هيو جيترو اسان پئي تڙپياسين. پر زندگي اها ئي آهي، آخر فنا! ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن لاءِ بس... جدائي، امتحان ۽ آزمائش! ادا عزيز توهان وڇڙي ته ويا آهيو پر ياد ڏاڍا ايندئو.


(روزاني عوامي آواز ڪراچي، آچر 14 آڪٽوبر 2018 ع)