شخصيتون ۽ خاڪا

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
Title Cover of book يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون)

شيخ عزيز ڪڏھن به نه وسرندو : حميده گھانگھرو

اهي ماڻهو جن جو حوصلو هماليا کان به اوچو، پهاڙ کان به مضبوط، ڪارونجهر جي قيمتي هيرن وانگر سندن سوچ فڪر ۾ ادبي سرمايو سانڍيل هو، انهيءَ اهم قطار مان هڪ هو شيخ عزيز. شيخ عزيز ڪير نه سڃاڻي ۽ جيڪڏهن ڪير اهو چوي ته شيخ صاحب کي نه سڃاڻيون ته سمجهو انهن صحافت، ادب، آرٽ جي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. شيخ عزيز صحافت جو سرمايو آهي، جنهن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ پنهنجي فرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ڪيترن صحافين کي آگاهي ڏني ۽ لکڻ جي فن ۾ ماهر ڪيو.
شيخ عزيز بغير موڪلاڻيءَ جي وڇڙي ويو ڪن انسانن جي وڇوڙي جي اچانڪ خبر پوي ته موت کي به ميار ڏيڻ تي دل چوندي. اي موت تون ايڏو جلد ڇو آئين، ڪن ماڻهن جون زندگيون اهڙيون قيمتي هونديون آهن جن جي جيئڻ لاءِ هميشه دعائون گهربيون، شيخ عزيز به انهن مان هڪ هو. صحافت، علم، ادب، آرٽ سڀني جو سنگم. شيخ عزيز پهريون دفعو ڏسو ته بلڪل نه محسوس ٿيندو ته هي ماڻهو ايڏو نرم نازڪ ۽ دل ۾ ٻين جي محبتن جذبن کي سانڍڻ وارو سچو کرو بيباڪ صحافي اديب، دانشور ۽ سڀ کان وڌيڪ نظرياتي سوچ جو ارڏو انسان، ڪڏهن به آڻ نه مڃڻ بلڪل صاف گو مصلحت ۽ خود پسنديءَ کان هزارين ميل ڏور رهڻ وارو، محفل جي مجموعي ۾ خوش رهڻ پسند ڪندو هو. هي تمام حساس دل به هو.
مون کي ياد آهي نذير عباسيءَ سان شادي ٿئي پئي، نذير هول ٽائمر ڪامريڊ هئو، هن وٽ سامان وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا ۽ سهيل سانگي، شيخ عزيز، قاضي سليم ريشم گلي وٺي وڃي ڪجهه پائڻ جا ڪپڙا سامان ۽ بيگ وٺي نذير کي ڏني ته کڻي وڃ، هو ڪامريڊ به هو ته ڪامريڊن جو خيال به ڪندو هو. سندس صحافتي سفر ته عبرت اخبار کان شروع ٿيو، پر جڏهن سنڌ نيوز شايع ٿيڻ لڳي ته سندس صحافتي ڪردار ڪافي نکرجي سامهون آيو ۽ خاص طور سنڌي پڙهندڙ سندس لکڻين کي ساراهيندا هئا. ايڊيٽوريل پڙهڻ جهڙا هئا، سندس لکڻين جي ڏات دل کي ڇهي ڄڻ ماڻهوءَ جي حساس جذبن سان ڳالهائيندو هو، سنڌ نيوز اخبار شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ نيوز جي ٽيم قاضي سليم، شيخ عزيز، سهيل سانگي پوري سنڌ جو دورو ڪيو، ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪچهريون ڪيون. اخبارن جو معيار تمام بلند ٿيڻ لڳو، قاضي سليم ۽ شيخ عزيز سهيل سانگيءَ کان دير سان واندا ٿي اسان جي گهر آيا، امان کي چيائون ته ڪامريڊ جي گهر واري امڙ جي هٿ جي چانهن پيئنداسون. اُن وقت سيءُ به تمام گهڻو هو، پنهنجائپ وارو خلوص ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
سنڌ نيوز جي اعزازي ڪاپي اسان جي گهر ايندي هئي ۽ اسين سڀ ڀينر ڀائر ڏاڍي شوق سان پڙهندا هئاسين. سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪاليج جي مطالبي ۽ احتجاج دوران هاءِ اسڪول جا شاگرد گرفتار ڪيا ويا جن ۾ مان ادي زبيده ۽ منهنجو بابا به انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا وياسين ته ڪاليج لاءِ احتجاج ڇو ڪيو. بابا کي نواب شاهه جيل ۽ اسان ٻنهي ڀينرن کي نارا جيل ۾ رکيو ويو. بيگم نسيم ولي خان بيان ڏنو ته ڇا پاڪستان ڪنهن چئن پلرن تي بيٺل آهي جنهن کي اسڪول جون ننڍيون شاگردياڻيون ڪيرا ئي ڇڏين ها. مون کي ياد آهي ته آزادي کان پوءِ جڏهن اسين حيدرآباد گاڏي کاتي ٽريڊ يونين آفيس آيوسين ته شيخ عزيز صاحب ۽ قاصي سليم خاص طور همت حوصلي تي داد ڏيڻ آيا. قاضي سليم ۽ شيخ عزيز ۾ ڪا وڏائي نه هئي يا وري اهو سوچڻ ته مزدورن جي آفيس ۾ ماني ڪيئن کائون.
نذير عباسي، تاج مري مزدور اڳواڻ بشير ڀائي حيدر چوڪ تان پڪوڙا ماني ۽ نهاري گهرائي جيڪا اسان سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ قاضي سليم کي سنڌ آبزرور لاءِ ڪجهه تاثرات وٺڻا هئا، ان کان پوءِ جيل جون ڳالهيون ڪندي مون شيخ عزيز صاحب کي ٻڌايو ته ڪنڊيارو شنوائي کان پوءِ ٻيهر نارا جيل وٺي پيا وڃن ته جيل جي ماڙي تي تلاشي ورتي ويندي آهي، مون وٽ شيخ صاحب جو ڪتاب هو، جيل سپرينٽڊنٽ کي اعتراض ٿيو ته توهان جيل اندر هي ڪتاب نٿا کڻي وڃي سگهو. جيلر حئي قريشي هيو، تنهن چيو هي ڳاڙها ڪتاب آهن جيل ۾ اجازت ناهي.مون هڪدم ڪتاب جو ٽائٽل پنو ڦاڙيو جنهن تي ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ ۽ چيو ته هاڻي ته ڳاڙهو ڪتاب ناهي. حئي قريشيءَ کي منهنجي ان سياڻپ ۽ جرئت تي حيراني ٿي ۽ هلڪي مسڪراهٽ ۾ چيائين خير آ هاڻي ڦاٽل پراڻو ڪتاب ٿي ويو. دراصل آزاد ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته حيي قريشي ڪنهن زماني ۾ شاگرد يونين ۾ به رهيو هو.
بهر حال هنن جي نظر ۾ هي ڦاٽل ڪتاب جيل ۾اسان جي ٽٽندڙ اعتماد ۽ مايوسي کان بچائڻ لاءِ ڏاڍو قيمتي ۽ ڪارگر ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ۱۹۱۷ع بالشويڪ انقلاب کان پوءِ جون سڄون حقيقي حالتون ۽ منظر هئو.
شيخ عزيز صاحب هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته مون ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي هارين جي حالتن کي ڏسڻ چاهيو ته ڏاڍي خوشي ٿي اتان جو هاري به بلڪل خوشحال آهي ۽ هر هلائڻ، لاباري جي تڪليف واري صورتحال ناهي بلڪه ٽريڪٽر ۽ ٿريشر استعمال ڪري هاري محنت کي سولو ڪري ڇڏيو آهي. شايد اهو ئي سبب هئو جو اسان وٽ سستي قيمت ۾ روسي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر عام وڪامجڻ لڳو پر هتان جي آب هوا جي ڪري شايد هي مشينري ايترو ڪامياب نه وئي.
ان کان پوءِ هڪ جاءِ تي لکيو اٿائين ته ”آئون تاشقند گهمڻ ويس ۽ سوچيم ته ڀلا هتي ڪميونسٽ انقلاب آيل آهي، مسلمانن جا ڪهڙا حال هوندا، مون کي مسجدون بلڪل صاف سٿريون خوبصورت نظر آيون، ڪنهن به مذهب جي ڪا توهين ناهي، هر ماڻهو پنهنجي آزاديءَ سان رهي ٿو. ڪامريڊ لينن جو نظريو ڪنهن مذهب جي خلاف ناهي پر طبقاتي فرسوده نظام جي خلاف ۽ انساني بنيادن تي هر ڪنهن کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس وضو ڪرڻ ويٺس ته نلڪي جي ٽوٽي غائب هئي، خير وري ٻاهر آيس ته دروازي تي ماڻهو شور پيا ڪن. ڪو ماڻهومنهنجي نئين جتي کڻي پراڻي جتي رکي ويو هو. مون سوچيو ته واهه، مسلمان جتي به هوندو حسب عادت نلڪي جي ٽوٽي ۽ جتي چورائڻ واري رسم کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو“. شيخ صاحب بلڪل سچ ۽ کرو سچ لکيو آهي جنهن جاءِ تي تنقيد هئي تنقيد به ڪئي آهي جنهن جاءِ تي بالشويڪ انقلاب جا سٺا اثر هئا اهي به بيان ڪيا آهن.
مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته آخر هن ۾ ڳاڙهي ڪتاب واري ڪهڙي نشاني هئي؟ ها جيڪڏهن ڳاڙهي ڪتاب جي نشاندهي هئي ته اهو هڪ انقلابي ڏيهه جي اکين ڏٺل احوال هو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين هضم نه ٿو ٿي سگهي. شيخ اياز چيو آهي ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ سو شيخ عزيز جهڙا بي باڪ ڪردار سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا هئا. توڻي جو کڻي انهيءَ ادب تي به ۱۴۴ جو قلم لاڳو ڪري اديب گرفتار ۽ ادب اسٽورن حوالي ڪيو ويندو هو پر اها خبر نه هين ته قلم ۽ سچو اديب ڪڏهن به قيد ناهي ٿيندو.
شيخ عزيز به ڪڏهن قلم ۽ سوچ کي قيد ڪرڻ نه ڏنو بلڪه ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سچائي ايمانداري ۽ بيباڪيءَ جي سوچ کي پاڻ وٽ قيد ڪيو، اڄ هو اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس علمي ڪتابن جو ذخيرو يادن جو در کولي هڪ هڪ کي سڏ ڏينديون ان وقت سڀني کي شيخ عزيز وڇڙيل نه پر محفل جو مور ٿي اڳيان ايندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن وڇڙندا جن جي تاريخ قلم سان لکيل هجي. هي ڪنهن هڪ ڏينهن تي ديڳ جو ڀت کارائي ڪٺو ڪري ياد نه ڪيو ويندو پر جڏهن به صحافت، علم، ادب آرٽ، فن جو ذڪر ٿيندو ته شيخ عزيز زنده نظر ايندو.

(عوامي آواز سنڊي مئگزين، 14آڪٽبر 2018ع)