شيخ عزيز سڀني جو عزيز : مير اعظم علي ٽالپُر
هن جو پورو نالو شيخ عبدالعزيز هو، پر هو اخباري دنيا ۾ شيخ عزيز جي نالي سان مشهور هو. هن جو جنم حيدرآباد ۾ ۱۹۳۸ع دوران ٿيو پر سندس جوانيءَ کان هر ڳالهه ۾ سڃاڻپ اخبارون ۽ صحافت جو ميدان آهي. منهنجي سڃاڻپ ۽ واقفيت سائين شيخ عزيز سان (تاريخ ياد نه آهي) غالبن ۱۹۶۹ع کان ان وقت ٿي هئي، جڏهن کان عبرت ۾ اچڻ وڃڻ ۽ لکڻ جو سلسلو ٻارن جي صفحي ٻارڙن جي ٻاريءَ کان شروع ڪيو هو. ان بعد عبرت جي فلمي صفحي ۽ ان بعد فلم ايڊيشن ۾ لکندي ملاقاتون ٿينديون هيون. سائين شيخ عزيز سنڊي ايڊيشن لاءِ به مضمون لکيا، جنهن ۾ خاص ڪري آچر ۲ ڊسمبر ۱۹۷۳ع وارو آرٽيڪل ”ڊبلن جو اغوا“ بهتر هو، شيخ عزيز تي عبرت اخبار لاءِ فلمي صفحو ڪڍڻ لاءِ سائين شهزادي گلفام کي آماده ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ شهزادي گلفام جو عبرت جو فلمي صفحو فلم ايڊيشن بڻجي ويو ۽ عبرت جي واکاڻ لاهور ۽ ڪراچي فلم انڊسٽري تائين ٿيڻ لڳي هئي. شيخ عزيز کي مَلهه راند سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ان لاءِ هو اڪثر محرم سان ملي ملهه ڪرائڻ ۽ ان تي لکڻ پسند ڪندو هو، ان ڪري شير سنڌ مير بحر ۽ ملهه تي عبرت ۾ گهڻو ڪجهه وقت به وقت شايع ٿيندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ پروانو ڀٽي به ملهه راند سان شوق رکندو هو.
شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ان وقت ڪم ڪيو، جڏهن ڪنهن اخبار کي مواد پهچائڻ لاءِ اڄ جهڙي آسان ٽيڪنالاجيءَ واري سهولت ميسر نه هئي، مواد لاءِ ٽپال يا هٿ سان پهچائڻ جو رستو هو. ان جي باوجود شيخ عزيز عبرت اخبار ۾۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ شاندار صحافت ڪندي اخبار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو ته هي هڪ طرف ايماندار صحافت ڪندڙ هو ته ٻئي طرف نواڻ پسند هو، ان زماني ۾ اخبار کي خبرون ا پ پ (سرڪاري ايجنسي) ڏيندي هئي، پر شيخ عزيز ٿامس ڪاليج لنڊن مان ڊپلوما واري تجربي ۽ علم کي سنڌي صحافت ۾ ڪم آندو. حالانڪه شيخ صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي اوليت نه ڏني ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيئن ڪاروان ۾ ۱۹۵۸ع ان بعد عبرت ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽر به ڪم ڪيو ۽ ايڊيشن جو انچارج هو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ پرنٽر طور به ڪم ڪيو.
شيخ عزيز ۱۹۷۶ع کان سنڌ نيوز جو ايڊيٽر ٿيو، جتي راقم کي به گڏ وٺي ويو ۽ فلم ايڊيشن شروع ڪيو، هن سنڌي اردو ڊڪشنري لاءِ حڪومت پاران هلندڙ اسڪيم ۾ لغت لاءِ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ فوڪ نور ڪليڪشن پروجيڪٽ ۾ ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين مشغول رهيو. هن بطور اعزازي استاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس ورتا.
ڪي ٿورا ماڻهو قدرتي ڏات جو ڀرپور اظهار ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ شيخ صاحب جو نانءُ نمايان آهي. هُن نه فقط افسانا لکيا، پر صحافت بابت به خوب لکيو. اُن کان علاوه سفرنامو پڻ لکيو. شيخ عزيز جي مختلف ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب پراسرار ڪهاڻيون آهي، جيتوڻيڪ سندس ٻين ڪتابن ۾ مختصر ڪهاڻيون، عمل صحافت، مون لينن جو ڏيهه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين.
شيخ عزيز کي موسيقيءَ جي فن سان به شوق هو ۽ هن هڪ ڪتاب سنڌ جي ساز ”چنگ“ تي تحرير ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ثقافت کاتي وٽ اٺن مهينن کان امانت پيل آهي، خبر نه آهي اهو ڪتاب ڪڏهن ڇپبو؟ ان لاءِ سائين سردار شاهه وزير ثقافت کي جلدي ”چارڻ چوريو چنگ“ چورڻ ۽ شيخ عزيز جو اهو چنگ تي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.
بهر حال اڳ عبرت ۾ سڀني جو عزيز هوندو هو شيخ عزيز، جيڪو آخر ۾ جنگ اردو، ان بعد حريت ۽ آخر ۾ ڊان ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ خوب نالو ڪمايو. ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ ۽ سدائين صحافت جي ميدان ۾ بطور استاد سندس نالو زنده رهندو. ڇو ته هو سڀني جو عزيز هو ۽ عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندي به بيمار هو کيس روزانا انجيڪشن لڳندي هئي ۽ سندس ڀاءُ شيخ ابراهيم ڪراچي ريڊيو تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد جلدي گذاري ويو هو.
(روزاني عبرت حيدرآباد، 10 آڪٽوبر 2018ع)