شيخ عزيز صحافت جو روشن ستارو: جاويد مرزا
منجهند جا تقريبن ۱۲ ٿيا هئا ته طارق عزيز جو فون آيو ته بابا گذاري ويو آهي. ڇا ٿيو چاچا کي مون پريشاني مان پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو رستي ۾ طبيعت خراب ٿي پئي پوءِ حيدرآباد سول اسپتال ۾ خرم وٺي ويو پر اُتي طبيعت بهتر نه ٿي، اُن کانپوءِ آغا خان اسپتال ڪراچي وٺي آياسين ۽ اُتي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو. طارق ٻڌايو ته آئون فورن پنهنجي گهرواري گُلبدن سان گاڏي ۾ ڪراچي روانو ٿيس، رستي ۾ مون طارق سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته شهلا (چاچا جي وڏي نياڻي) لنڊن ۾ آهي، هو ٻئي ڏينهن ڪراچي پهچندي، اُن ڪري تدفين ٻئي ڏينهن ٿيندي. گاڏي هلندي رهي ۽ آئون سوچيندو رهيس اها شخصيت اسان کان اڄ جدا ٿي وئي آهي، جيڪو سنڌي انگريزي توڙي اردو صحافت ۾ وڏو نالو هو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نمايان ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن، چاچا عزيز جي وڏي ڀاءُ چاچا شيخ محمد اسماعيل سان منهنجي والد ممتاز مرزا سان دوستي نه پر برادري وارو رشتو هو، مطلب ته اسان جو هڪڙو ئي ڪٽنب هو، جڏهن چاچا عزيز جي فيملي گاڏي کاتي کان اسان جي پاڙي ٽنڊو آغا ۾ لڏي آئي ته منهنجو سندس گهر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو، چاچا عزيز اُن وقت عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، ٻڌائيندو هو ته آفيس ۾ گهڻو ڪم هوندو آهي، چاچا عزيز پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندو هو، ڪمپوزنگ جي ڪم کان وٺي ڇپائيءَ تائين هر ڪم جو ڄاڻو هو، هو پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان ڪندو هو، جيستائين ڪم مڪمل نه ٿيندو هو تيستائين ويٺو رهندو هو، پوءِ ڀلي هن کي رات ڇو نه ٿي ويندي هئي پر هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري پوءِ ايندو هو، ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو، صرف پنهنجي ڪم سان سچو هوندو هو، جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندي هئس اها چئي ڏيندو هو، چاهي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، هو اُن جي پرواهه نه ڪندو هو، هن جو رويو ساڻس ڪم ڪندڙن سان تمام سٺو هوندو هو پر جيڪڏهن ڪنهن غلطي ڪئي ته سختيءَ سان سمجهائيندو هو، جيئن اهو اڳتي اهڙي ڪا به غلطي نه ڪري. چاچا عزيز يارن جو يار هو، سندس آفيس ۾ ڪيترا ئي دوست ايندا رهندا هئا ۽ ڪڏهن به اُنهن کي ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هو ۽ جيڪو به ڪم هوندو اهو ڪرائي ڏيندو هو، چاچا عزيز راڳ جو ڄاڻو هو، هو بانسري وڄائيندو هو ته دل چاهيندي هئي ته ويٺو ٻڌجي، هو ٻيا ساز به وڄائي ڄاڻندو هو. ملهه جو شوقين هوندو هو، مشهور پهلوان سندس آفيس ۾ ايندا رهندا هئا، پاڻ ملاکڙا ڏسڻ لاءِ به ويندو هو ۽ ملهه پهلوانن جي هر ممڪن مدد ڪندو رهندو هو. اوچتو چاچا عزيز سخت بيمار ٿي پيو، کيس قلعي تي آپا امينا اشرف (قاضي محمد اڪبر صاحب جي صاحبزادي) جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس اهليه چاچي حميده ۽ آئون ساڻس گڏ هئاسين، چاچا جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي ۽ پاڻ تمام ڪمزور ٿي ويا هئا پر پاڻ همت نه هاري ۽ بهادري سان ان بيماري جو مقابلو ڪيو ۽ صحتياب ٿي گهر آيو. چاچا عزيز ڪافي وقت اسپتال ۾ رهيو، قاضي محمد اڪبر سندس عيادت ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ ايندا رهندا هئا. چاچي حميده چاچا عزيز جي هر ڏکي ۽ سکي مرحلي ۾ گڏ هوندي هئي، خاص طور تي چاچا کي وقت تي دوا ڏيڻ، سندن ڪپڙن، کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ لکڻ دوران چاچا کي پرسڪون ماحول مهيا ڪرڻ، مطلب ته سندس هر قسم جو خيال رکندي هئي. ايتري قدر جو تقريبن ۾ به چاچا سان گڏ گڏ هوندي هئي، چاچا آفيس ۾ هوندو ته چاچي وقت تي پاڻ دوائون کڻي ويندي هئي ۽ کيس کارائيندي هئي. چاچي جي عظمت کي سلام هجي جو هن پاڻ کي پوئتي رکي چاچا جي وڏي خدمت ڪئي، چاچا کي ڪامياب شخصيت بڻائڻ ۾ به چاچي جو وڏو ڪردار هو، ڌڻي تعاليٰ کيس پنهنجي ٻارن طارق، خرم، شهلا ۽ مونا سان هميشه خوش ۽ آباد رکي. جڏهن چاچا جي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ٿي ته روزانه سنڌ نيوز جو افتتاح ٿيو، قاضي محمد اڪبر ان وقت جي وڏي وزير رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کان افتتاح ڪرايو، چاچا عزيز اُن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، آئون ساڻس گڏ ايندو هئس ۽ سندس کاڌي پيتي ۽ دوائن جو خيال رکڻ منهنجي ذميواري هوندي هئي، جو چاچي مون کي سمجهائيندي هئي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي وقت ڏيڻي آهي، چاچا عزيز جي نگراني ۾ مون صحافت جي تربيت ورتي، پاڻ منهنجو رهنما ۽ اُستاد هو، ڪجهه وقت کانپوءِ اخبار جون حالتون صحيح نه رهيون ۽ پوءِ چاچا حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو ويو ۽ آخري عمر تائين اُتي ئي رهيو، پاڻ روزانه جنگ ۾ آخر ۾ روزانه ڊان سان وابسته رهيو، جتي هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سندس ڪتاب ۽ لکڻيون اڄ به نمايان حيثيت رکن ٿيون، جيڪي هميشه کيس زندهه رکنديون، پاڻ اسان کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ اسان وٽ هميشه زندهه رهندو.
(روزاني عبرت حيدرآباد، 27 آڪثوبر 2018ع)