شيخ عزيز جي مرتئي تي لکيل تاريخ جو ھڪ پَنو : نصير اعجاز
شيخ عزيز سان ڪجھه ورھين کان نيازمندي ھئي، پر ساڻس سفر ۽ ڪچھريءَ جو اھو پھريون موقعو ھو. سفر ڊگھو ھو پر اسان ٽئي ڪچھريءَ جا ڪوڏيا، سو سفر جي ڊيگھه جي خبر ئي ڪا نه پئي، پر ان سفر جي خاص ڳالھه ھئي سنگيت بابت شيخ عزيز جي ڄاڻ. سندس ئي پسند تي ڪار ۾ استاد منظور علي خان جا ڪلام ھلڻ شروع ٿيا ته ھن اسان کي ھر راڳ ۽ سُر بابت به ٻڌائڻ شروع ڪيو. استاد منظور علي خان جو ھڪ ڪلام ته اھڙو ھو جنھن کي ٻُڌڻ سان اسان روحاني طور ڄڻ ته ڪنھن ريگستان ۾ اُٺن جي قافلن سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئاسين جتي رات جي سانت ۾ رُڳو اُٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽَلين وڄڻ جا آواز گونججي رھيا ھئا. شيخ عزيز جي فرمائش تي اھو ڪلام ورجائي ھلايو ويو ۽ پوءِ اسان اھو سمورو وقت ان راڳ جي سحر ۾ گُم رھياسين. انھيءَ ڏينھن خبر پئي ته شيخ عزيز رُڳو صحافي ڪونه ھو پر کيس سنگيت جي علم تي به دسترس حاصل ھئي. ان يادگار سفر کانپوءِ اسان جون ٻيون به گھڻيون ئي ڪچھريون ٿيون جيڪي رات جو دير تائين مڌ ماٽيون خالي ٿيڻ تائين جاري رھنديون ھيون.
شيخ عزيز مون کان گھڻو سينيئر، بلڪه منھنجي سينيئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو جنھن ۾ سينيئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو ڄڻ ته اکين ڏٺو شاھد ھو. سال ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا. جڏھن ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کان پوءِ شيخ عزيز صاحب صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.
جڏھن ۱۹۸۱ ۾ اسان گڏ سچل واري ادبي ڪانفرنس لاءِ سفر ڪيو، تنھن کان ڪجھ ورھيه اڳ ئي شيخ عزيز حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچيءَ منتقل ٿي چُڪو ھو جتي ھن اردو اخبارن حُريت ۽ جنگ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ۱۹۸۹ کان انگريزي اخبار ڊان ۾ صحافت شروع ڪيائين جتان ۲۰۰۸ م رٽائر ٿيو پر پوءِ به ھن ڊان لاءِ لکڻ جاري رکيو ـ وڏي ڄمار ھوندي به ھو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو ۽ ايتري قدر جو گھر ۾ ھوندي به ھُو ڪم ڪندو رھيو.
شيخ عزيز جا ڪيترا ئي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ پوليٽيڪل ھسٽري آف پاڪستان Political History of Pakistan اِلسٽرٽيڊ ھسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌIllustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ڀُٽو- ميمائرس اينڊ رميمبرنسBhutto – Memoirs and Remembrance ، ھسٽري آف سنڌي لٽريچرHistory of Sindhi Literature ۽ دي اوريجن اينڊ اِوولوشن آف سنڌي ميوزڪThe Origin and Evolution of Sindhi Music شامل آھن.
صحافتي دنيا ۾ سندس قدآور شخصيت ھجڻ ڪري کيس اھو اعزاز به حاصل رھيو ته ۱۹۹۸ کان ۲۰۰۴ تائين کيس آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي جج طور طور به مقرر ڪيو ويو جڏھن ته حياتيءَ جي آخري ورھين ۾ ھن سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن جو عھدو به سنڀاليو.
شيخ عزيز پنھنجي سنگت ۾ اينسائڪلوپيڊيا طور مشھور ھو. ڪھڙو به موضوع ھجي، وٽس ڄاڻ جو خزانو ھوندو ھو. مٿي ذڪر ڪيل سندس ڪتاب ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن، پر جيڪڏھن ڊان توڙي ٻين اخبارن ۾ ڇپيل مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن، ملڪي ۽ عالمي صورتحال توڙي ادب ۽ ثقافت تي مضمون گڏ ڪري ڇپرايا وڃن ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي ويندا. شيخ عزيز پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڪجھ ورھين ۾ نھايت ئي اھم ڪم شروع ڪيو ھو ۽ اھو ھو پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڊان ۾ سندس مضمون جيڪي ھُو A leaf From History جي عنوان سان لکندو ھو. انھن مضمونن ۾ صدر غلام اسحاق خان ھٿان محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو، پاڪستان ۽ دولتِ مشترڪه، بينظير ڀٽو حڪومت خلاف سازشون، وفاقي شريعت عدالت پاران زرعي سُڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيڻ، سنڌ ۾ نسلي فساد، سياچن تڪرار، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراھه حميد گل جون سياسي سرگرميون، بينظير حڪومت کي ڊاھڻ ۾ حميد گل ۽ اسلامي جمھوري اتحاد جو ڪردار، پاڪستان جو ائٽمي پروگرام، سياست ۾ ڪوڙ، بينظير حڪومت دوران سينيٽ ۾ پ پ پ جي شڪست، جھاز جي حادثي ۾ آمر جنرل ضياءَ جي موت بعد ملڪ جي صورتحال ۾ آيل تبديليون، انھيءَ کان اڳ ۱۹۸۵ ۾ جنرل ضياءَ جون ڪرايل غيرسياسي چونڊون، محمد خان جوڻيجي جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ پوءِ ضياءَ ھٿان ئي برطرف ٿيڻ، اوجھڙي ڪئمپ وارا ڌماڪا، ملڪ ۾ ٺھندڙ سياسي اتحادن پٺيان لڪل ڪھاڻيون ۽ اھڙا ٻيا انيڪ موضوع شامل آھن جن کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي سياسي حالتن ۽ انھن پٺيان لڪل عوامل تي شيخ عزيز جي ڪيتري ڳُوڙھي نظر ھئي. منھنجي خيال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي جيترو ڳُوڙھي نظر سان شيخ عزيز لکيو آھي، شايد ئي ٻئي ڪنھن لکيو ھجي. جيڪڏھن سندس اھي تحريرون ڪتابي شڪل ۾ اچي وڃن ته ھڪ وڏو اھم تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو جيڪو موجوده توڙي ايندڙ وقت جي سياست جي شاگردن لاءِ مطالعي جوڳو ھوندو.
شيخ عزيز سان منھنجي آخري ملاقات ڪجھه مھينا اڳ اسان جي ھڪ ٻئي دوست يوسف شاھين جي آفيس ۾ ٿي ھئي جتي ھو ڪڏھن ڪڏھن ساڻس ڪچھريءَ لاءِ ايندو ھو. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته تاريخ جا پنا لکندي لکندي شيخ عزيز پاڻ به تاريخ جو ھڪ پنو ٿي ويندو ۽ پوئتي ھڪ وڏو خال ڇڏي ويندو.
(روزاني سنڌ حيدرآباد، 9 آڪٽوبر، 2018ع)