شخصيتون ۽ خاڪا

يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز بابت لکڻيون)

هي ڪتاب نامياري صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت لکڻين تي مشتمل آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ طارق عزيز شيخ آھي. مھيش ڪمار لکي ٿو:
”شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.“
Title Cover of book يادون ۽ ڳالھيون (شيخ عزيز  بابت لکڻيون)

يادن جي نگار خاني مان : نصير مرزا

آچر ستين آڪٽوبر 2018ع، صبح جا ست، هر دل عزيز استاد محترم شيخ عزيز سدائين لاء، اسان کان وڇڙي چڪا هئا. جيئن هر ڄاتل سڃاتل شخص جي پويان بطور رهبر رهنما ڪونه ڪو استاد ضرور ۽ منهنجي لاء منزل جو نشان ۽ آئيڊيل شيخ عزيز صاحب، جنهن جي نقش قدمن کي اکين ۾ رکي، مون ڪا نه ڪا منزل ماڻي ضرور، سندن شخصيت ۾ اسان شاگردن جي لاء ڇا ته عجيب طلسم هو، ڪلاس روم هجي يا آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊار ۾ ڪرسين تي ويهي هلندڙ ڪچهري، هر هنڌ شيخ عزيز صاحب سراپا ڄاڻ جي کاڻ ۽ اڄ مُڙي ٿو ڏسان ته ساڻس گڏ گذاريل، هر هڪ گھڙي، ڄڻ ياد جي آسمان تي انڊلٺ ريکا، صحافت، ادب، آرٽ، موسيقي، ٿئيٽر، حسن سان موھ، عشق، جنون، رويي ۾ شفقت، لهجي ۾ نرمي ۽ اهڙا سارا گُڻ شيخ عزيز مان ئي اسان پرايا.
بيشڪ جديد سنڌي صحافت ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب جو وڏو نالو هو پر خبر جي ڊسپلي، لي آئوٽ ۽ ان جي ادبي چاشني ڀري ڏيکارڻ ۾ شيخ عزيز صاحب جهڙي ايڊيٽر ۽ سکيا ڪار کي ڪيئن آئون وساريان ! 1978ع کان 1980ع تائين پور ٽي ورهيه ، سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبه صحافت کان ڪوھ نور چاڙھي لڳ، سنڌ نيوز اخبار جي دفتر تائين پاڻ مرڪندڙ گلاب جي گل مثل ۽ روشن شمع. هي آئون، آغا رفيق، آفتاب پٺاڻ، ظھير شيخ، نور احمد چنڙ، عبدالخالق جوڻيجو، جئه رام ائين سندن ارد گرد جهڙا پتنگ ۽ پروانا.
پاڻ بابت ڇا لکان، منهنجي زندگيءَ جو ڪو بهترين دور ته بس اهو ئي هو، جيڪو سندن قدمن ۾ مون گذاريو. سندن وصال جي دکدائڪ خبر جيئن ادا مدد علي سنڌي ۽ نور چشم طارق عزيز شيخ (جنهن کي شيخ صاحب پيار مان سدائين راڻو سڏيندا هئا) کان ٻڌم ته ساڻس گڏ گذاريل وقت جون سوين ساروڻيون، ڪُجھه ڌنڌليون، ته ڪُجھه چٽيون چوطرف کان ڦرڻ لڳيون. اجھو تصور ۾ پهرين تصوير اڀري آئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ فلور تي شيخ صاحب ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ جي ڀر سان بيٺل آهي ۽ ان نئين شروع ٿيندڙ شعبي ۾ ٻڌايائون پئي خبر، اخبار، صحافت جي نفسيات......
"ماڻهو صبح جو اخبار ان لاء پڙھندو ۽ ريڊيو، ٽي وي ان لاء کوليندو آهي ته ڏسان آئون جي بچي ويو آهيان ته باقي دنيا ڇا پئي ڪري!" پوء انهيءَ شام سنڌ نيوز ۾ پريڪٽيڪل.... اتي به شيخ صاحب جا شاگرد پروانا موجود، سهيل سانگي، امداد چانڊيو، اسرار شام ۽ فور مئن استاد گل بابا.
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پتو پيو اتي، ڪو کاٻي ڌر، ته ڪو ساڄي ڌر جو. گڏو گڏ آئوٽ ڊور اسٽڊي ٽوئرز، جيڪي شاندار ايراني آرام ده بدڍس ۾،.... ۽ انهن ۾ مهتاب آپا گڏ ۽ ان جي بي مثل مُرڪ....
شيخ صاحب جي ساري سنڌ ۾ ايڊيٽر طور پي آر شپ زبردست. هاڻي موهن جو دڙو وڃون، سکر بئراج، رني ڪوٽ، پي ٽي وي، ريڊيو ڪراچي، حيدرآباد، هر هنڌ ضيافتون، گڏو گڏ سيد صالح محمد شاھه، عابده پروين، زرينه بلوچ سان ملاقاتون، جنهن سبب ئي مون کي ريڊيو پروڊيوسر ٿيڻ جو شوق ٿيو، ايئن شيخ صاحب جي ايتري صحبت ملي جو آئون ريڊيو ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي ويس. پاڻ مون کي فيڪلٽي ٽاپ جو اعزاز ڏياريائون، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن پڻ.
اجهو ياد جو هي منظر اوجهل ته، سنڌ نيوز ۾، يونيورسٽيءَ مان موٽڻ وقت شيخ صاحب جي ٽئبل تي لنچ وارا ٽفن باڪس، جيڪي کلندا هئا ته مڇي، پلي، سلاد ۽ اسٽائيل سان ڪپيل ليمن جي خوشبو ۽ شامي ڪباب، چاپون، جيڪي سڀ ڀاڄائي حميده شيخ عزيز جي هٿن جون ٺاهيل، ڀاڄائي حميده کي اسين سڀ شاگرد شيخ صاحب سان والهاڻي پيار سبب، احترام ۾ امڙ حميده ڪري سڏيندا هئاسين. هوءَ شيخ صاحب کان ڄمار ۾ ڪافي ننڍي ۽ خوبصورت شخصيت واري شفيق خاتون آهي. اجهو لنچ وارين ڊشز، انهن جي خوشبو ۽ ذائقي واري ياد ۾ گم ۽ سامهون اُڀري آئي آهي هي تصوير: منهنجي ذاتي لائبريري جو شيلف، جنهن ۾ شيخ صاحب جا سنڌي، اردو ۽ انگريزيء ۾ لکيل ڪتاب، عملي صحافت، سنڌ جون پر اسرار ڪهاڻيون، الحمرا جا داستان، نقش لطيف، مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين، سنڌ ڪي محلاتي سازشين، ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، راڳ ساگر، بر صغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت ۽ ڀٽو کان ضياءَ تائين وغيره گڏو گڏ ننڍي کنڊ جي ٽاپ موسٽ مرحوم راڳين، اداڪارن، اديبن، صداڪارن ۽ سازڪارن بابت لکيل تعزيت نامن جون ڪلپنگس....
اکين اڳيان اهي منظر به اوجهل ته، امڙ حميده سان شيخ صاحب جي گفتگوء جي تصوير سامهون..... سندس چوڻ ته شيخ صاحب، جنهن جو سمهڻ وارو ڪمرو اهڙو جو، ان جي چوء طرف آڊيو ويڊيو ڪئسٽس جا انبار، ڪلاسيڪل فلمون، سمفنيز جون سي ڊيز، پنهنجي پسنديده راڳي بڙي غلام علي خان، منور علي خان، رضا علي خان، زاهده سلطانه، نورجهان، فريده خانم، اقبال بانو، مهدي حسن ۽ ڪنن ۾ باک ڦٽيء تائين اکين آڏو ڪمپيوٽر ۽ ڪي بورڊ تي آڱريون هلندڙ..... دوران مصروفيت چانھن ۽ ٿورا بسڪيٽ.
اجهو هي منظر به اوجهل ته ان جي جاء تي نئين تصوير اُڀري آئي آهي: " تون وقت ڪڍ، مون وٽ نويد بنگلوز، گلستان جوهر اچ، مون وٽ جيڪو آڊيو ويڊيو مٽيريل آهي، ان جو ڪئٽلاگ گڏجي ٺاهيون "پوء ٻڌائڻ لڳا ته " پنهنجي آٽو بائيو گرافي مون لکي آهي، توکي ان ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکڻو آهي" سيل فون تي هي عظيم استاد پنهنجي ادنيّّ شاگرد کي ڇا اعزاز بخشي رهيا هئا ۽ هيڏانهن حالت منهنجي هيء جو خلا ۾ اڏامڻ ٿو لڳان. ياد جي نگار خاني مان سک ڇنڀ ۾ اها تصوير به گم- ۽ جيڪو منظر سامهون، اهو هي.... نيشنل ميوزم ڪراچيء جو شمشيرالحيدري هال وارو آڊيٽوريم، جتي ڪجھه مهينا اڳ عبدالقادر منگي صاحب جي آتم ڪٿا "مان جوئي آهيان سوئي آهيان" جي مهورت شيخ عزيز صاحب ۽ امڙ حميده فرنٽ سيٽ تي موجود. شيخ صاحب شديد ڪمزور، سندن پيرن ۾ ويهي رهيس. "اڙي بابا، اڙي بابا" هميشه جيان اهو پنهنجو تڪيه ڪلام دهرائين ٿا. " ٺيڪ ته آهيو نه " ڳڻتيء مان پڇيو. " اڙي بابا ڇا ٿيو آهي مون کي ٺيڪ ته آهيان هلان ڦران پيو، موج به ڪريان پيو ۽ لکان به پيو "
اجهو اهو منظر به اکين کان الوپ....هاڻي امڙ حميده جو ڳڻتي واري آواز ۾ فون ٿو اچي : " نصير، پنهنجي استاد سان تڪڙا تڪڙا ملو، شيخ صاحب بابا ٺيڪ ناهن. توهان کي ياد ڪري روئيندا به آهن "
ياد آيم ٻه ورهيه اڳ روزاني ڪاوش حيدرآباد جي صفحن ۾ سندن سالگره جي ڏينهن تي ڪالم لکيم، پسند ڪيائون ۽ داد طور چار لڙڪ به آڇيائون.
اوچتو اها تصوير به گم ۽ هي آچر ستين آڪٽوبر 2018ع . صبح سان لڙڪن ڀنل آواز ۾ ٻئي پار کان طارق عزيز شيخ ٻڌائڻ ٿو لڳي ته ڇنڇر تي دل جي تڪليف سبب لمس حيدرآباد پئي آياسين اتي ڊاڪٽر ڏٺو ته مايوسي ڏيکاريائون، تڏهن موٽي ڪراچيء جي هڪ وڏي خانگي اسپتال پهتاسين. اُتي دل جو آپريشن ڪامياب ٿيو، دل جي شرياني ۾ اسٽنٽ رکيو ويو ۽ رت روان ٿي ويو، پر اوچتو ان کان اڳ طارق عزيز زار و قطار روئڻ لڳو ۽ اها تصوير به اوچتو ڌنڌلي.
۽ اکين سامهون جيڪا تصوير، اها گلستان جوهر بلاڪ سترنهن نويد بنگلوز جي مسجد جي جتي پاڻ ڏولي ۾ آرامي پيا آهن، جتان اسان جي شيخ صاحب جو آخري سفر شروع. تڏهن سندن صحافت واري ڪامياب سفر جون يادون به سامهون اينديون رهيون. روزانه ڪاروان، عبرت، سنڌ آبزرور، سنڌ نيوز، حريت، ڊان، ادبي بورڊ جي وائس چيئرمينن شپ، ڪيترن ئي ادارن جي مشاورت ۾ شراڪت. ٿامس ڪاليج آف جرنلزم، لنڊن ۾ صحافت جي تعليم ۽ ڪسنڌين جي انهيءَ قافلي ۾ جيڪو پهلوان ڳوٺ واري قبرستان ڏانهن وٺي ويندڙ، ڪير ڪير نمايان، ڪلهي ڪانڌيء پروفيسر محمد سليم ميمڻ، مدد علي سنڌي، الھه ڏتو وگهيو، ذوالفقار شيخ، آغا رفيق، ڪرم الاهي چنا، اختر مرزا، جاويد مرزا، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڪرم علي شاھه، فقير محمد ڏاهري، حافظ احمد الدين انڍڙ، سڪندر شاھه ۽ تربت ۾ لاهڻ وقت طارق عزيز شخ ۽ خرم عزيز شيخ.
۽ هي اٺين آگسٽ 2018ع جي منجهند 9 ڊسمبر 1938ع تي امڙ بختاور شيخ ۽ والد احمد شيخ جي هيء امانت سدائين لاء مٽيء ماء جي هنج ۾ لهي وئي.
مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده آباد.

(ڪاوش دنيا مئگزين، آچر 14 آڪٽوبر 2018ع)