پيش لفظ
بابا پنهنجي ڪم سان نهايت سچو ۽ ايماندار رهيو. اها ڳالھ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ صحافي چڱيءَ ريت ڄاڻيند هئا. پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان ڪونه هٽيو. هن جي زندگيءَ ۾ لالچ، ڪوڙ ۽ ڌمڪيون ڪا حيثيت ڪونه رکنديون هيون. سڄي ڄمار حق ۽ سچ لکي انهيءَ تان هٿ نه کنيائين. سندس خوبين ۾ اها ڳالھ به واضع هئي ته هر حڪومت جي اُوڻاين ۽ ڪمزورين تي بي رحم تنقيد لکندو هو. سنڌ سان زيادتي هن کي تڪليف ڏيندڙ ڳالھ لڳندي هئي ۽ انهيءَ دور ۾ وري اقتدار ۾ سنڌي حڪمران هجن ته معاملو برداشت کان ٻاهر نڪري ويندو هئس. سندس ڪالم ۾ سختيء ۽ سگھ جو سبب به اهو ئي هوندو هو.
هن سنڌ جي لوڪ فنڪارن کان وٺي، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن تائين آبيچيوري جي روايت وڌي. آبيچيوري ڪنهن شخصيت جي وفات ٿيڻ تي سوانحي خاڪو هوندو آهي پر مختصر ۽ جامع. ڪيتريون ئي آبيچيوريز لکيائين ۽ اهي پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين پڙهي کيس ساراهيو. سندس پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ ڏينهن سينيئر صحافي اختر بلوچ کي ٻڌايائين ته ”اڄ آئون پنهنجي آبيچيوري لکي آيو آهيان.“ اختر بلوچ چيو ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ چيائين ”اسان صحافت ۾ ڏٺو آهي ماڻهو مرڻ کان پوء ڪُوڙ ٺوڪيندي دير نه ٿا ڪن، ڪهڙي خبر منهنجي لاءِ غلط لکي ڇڏين“ ۽ حيرت جي ڳالھ هيءَ آھي ته بابا جي هٿ اکر لکيل ساڳئي آبيچيوري سندس وفات واري ڏينهن، جيڪي جيڪي صحافي دوست مون کان سوانح پڇندا رهيا، انهيءَ مان پڙهندو انگ اکر ٻڌائيندو رهيس. اهڙيءَ طرح سندس لکيل آبيچيوري سندس وفات جي خبر بڻجي شايع ٿي.
منهنجي والد صاحب جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي پريس ڪلبن سان تمام اهم تعلق رهيو. حيدرآباد پريس ڪلب کي ٺاهڻ وارن باني ميمبرن مان هو. انهيءَ کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب سان به خاص تعلق رهيس، ڄڻ سندس ٻيو گهر هجي. جنهن کي به ملاقات ڪرڻي هوندي هئي کيس ڪلب جو ٽائيم ڏيندو هو. اخباري دفتر ۾ ڪنهن سان ملڻ پسند نه ڪندو هو جو ڪم ۾ رخنو پوندو هئس. ڪير فون تي رابطو ڪندو هئس ته ڏکيائيءَ سان فون تي ڳالهائڻ جو وقت ڪڍندو هو، اهو به اُجلت واري انداز ۾. هن جي ڪچهريءَ جو هنڌ پريس ڪلب رهيو. سندس وفات کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب پاران تعزيتي ريفرينس ٿيو، جنهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، يوسف شاهين، پروفيسر سليم ميمڻ، آغا رفيق، اختر بلوچ، همسفر گاڏهي، سعيد سربازي، حبيب خان غوري، خورشيد تنوير ۽ ڪجھ ٻيون نامياريون شخصيتون شريڪ ٿيون. ھُنن تقريرون ڪيون جيڪي رپورٽ جي صورت ۾ ئي آهن.
انهيءَ کان پوءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافي دوست گروپ پاران تعزيتي ميڙاڪو ٿيو. انھيءَ ميڙاڪي کي پير مظهرالحق، قاضي خادم، مجاهد بريلوي، جي اين مغل، آغا رفيق، نصير مرزا، فاروق سومرو، ظهير احمد، ظهير ميراڻي، منٺار مڱريو، عبدالله سروهي، ذوالفقار علي قريشي ۽ مهيش ڪمار مخاطب ٿيا. هن تقريب جون تقريرون به رپورٽن جي صورت ۾ پيش ڪيون ويون آهن.
بابا جي وفات کان پوء سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ناميارين شخصيتن پاران آرٽيڪل لکيا ويا، جيڪي ساڻن واسطي جو ثبوت ھُئا. ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلز تي رپورٽون ۽ خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا. سوشل ميڊيا تي هزارين تعزيت ناما مليا، جيڪي ڏيھ پرڏيھ مان شيئر ٿيل هئا. فون ڪالون ۽ ايس ايم ايس انھن کان علاوه موصول ٿيا. مختلف سياسي پارٽين ۽ وزيرن جون پريس رليزون پڻ تعزيتن ۾ شامل رهيون. تعزيتن جو ڊگهو سلسلو ٻڌل رهيو. جيڪي مضمون محفوظ ڪري سگهيس، سي مون سهيڙيا آهن باقي سوشل ميڊيا ۽ اخباري رپورٽون ڪجھ چونڊ ڪري رکيون اٿم.
بابا جي وفات کان پوءِ سندس شيف مان سندس آتم ڪهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب ’دارون ۽ ڪارون‘ ڪمپوزڊ صورت ۾ هٿ آيو، جيڪو پياري دوست جي توسط سان پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪرايو. بعد ۾ انهيءَ جي به رونمائي سنڌ لٽريچر فيسٽيول 2019ع ۾ ٿي. اها رپورٽ ۽ ڪتاب تي ٿيل تبصرو به شامل ڪرڻ لازمي سمجهيم.
هي ڪتاب ’يادون ۽ ڳالهيون‘ بابا جي وڇوڙي جي ياد ۾ سندس حوالي سان ٿيل ڳالهين تي آڌاريل آھي، جن کي ڪتابي صورت ڏيڻ سان کيس پيش ڪيل ڀيٽا هميشه لاء محفوظ ٿي ويندي. هن ڪم ۾ مون سان مهيش ڪمار ڀرپور سهڪار ڪيو آهي، جنهن کي منهنجو والد صاحب پنهنجن ٻچن جيان ڀائيندو هو. هن ’سنڌ‘ اخبار ۾ ڀرپور ڪوريج ڏني. هن جو نهايت ٿورائتو آهيان. پاڻ صحافي دوست گروپ پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ به تعزيتي پروگرام ڪرايو هئائين، جڏهن ته اهو فرض پريس ڪلب انتظاميا جو هو. ان کان علاوه قاضي اسد عابد جو به ٿورائتو رهندس، جنهن ’عبرت‘ اخبار جو بابا جي چاليهي تي خاص رنگين ايڊيشن جاري ڪيو.
’عوامي آواز‘ اخبار ته نظرياتي طور منهنجي والد جي پاليسي رکندڙ اخبار رهي آهي، جنهن پڻ خبرن، مضمونن ۽ سنڊي ميگزين کان علاوه عوامي آواز ٽي ويءَ جو خاص تعزيتي پروگرام به ڪيو. اهڙيءَ ريت سائين امداد اوڍي به سٺو ساٿ نڀايو. ريڊيو وائس آف سنڌ تان خبرون ۽ رپورٽون هلايائين، جنهن سان پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين وٽان موچاري موٽ ملي. انھيءَ سموري سنگت کي به سلام ھجي، جنهن هن ڏکوئيندڙ گهڙيءَ ۾ مون کي اڪيلو رهڻ نه ڏنو. انهن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته ’ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.‘
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
طارق عزيز شيخ
ڪراچي.
آگسٽ 2019ع