ويا سي وينجهار: شيخ عزيز : ميرزا ڪاظم رضا بيگ
انتهائي الميي، ڏک ۽ صدمي سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي مربي، محسن، ڀر جھلي ۽ ساٿ ڌڻي سرواڻ شيخ عزيز اسان کان 7 آڪٽوبر 2018ع تي موڪلائي راھ رباني ورتي, جنهن ڏانهن اسان سڀني کي هلڻو آهي.
شيخ عزيز جي علمي مقام، مرتبي ۽ عظمت جي باري ۾ ڇا لکي لکجي؟ شيخ عزيز جهڙا نادر گوهر, املھ ماڻڪ, ڏاها ۽ بينا هن ڌرتيء تي اڳ به پيدا ڪيا آهن ۽ انشاءَ الله تعاليٰ اڳتي به پيدا ڪندي رهندي ۽ انهن ئي مان هڪ سندس فرزند طارق عزيز شيخ به آهي جيڪو پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي تاريخ ۽ ادب ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو پيو اچي. پر شيخ عزيز جهڙي منفرد ۽ يڪتا هستي پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هي مرد دانا، صحافي ۽ محقق پنهنجي دور جي انهن ڳاڻ ڳڻين شخصيتن مان هڪ هو، جن سنڌي ٻوليءَ جي چمن جي آبياري پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جوئي وغيره کان پوء اهڙي طرح ڪئي جو علم، ادب، تاريخ، لوڪ ادب، لغت نويسي، لطيف شناسي، سنڌ شناسي ۽ صحافت جي ميدان ۾ اهڙا ته معرڪا سر ڪيا آهن جو پاڪستان ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ سنڌ سنڌي تهذيب و ثقافت ۽ سنڌي ٻولي بين الاقوامي سطح تي باقاعدي مڃتا حاصل ڪري پاڪستان ۾ هڪ شانائتو درجو حاصل ڪري پاڻ ملهايو آهي.
شيخ عزيز پنهنجن مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سڀيتا جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي جيڪي پنهنجي وقت ۾ ملڪ ۽ غير ملڪي مايه ناز اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهئا ته ان وقت جي عالم، صحافين، اديبن ۽ ڏاهن ان ۾ پيش ڪيل تحقيق کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ سرهائي جو اظهار ڪندا هئا. اهي مضمون، مقالا، ڪالم يا ڪتاب شيخ صاحب مرحوم (جنهن کي مرحوم لکندي دل کي صدمو رسي ٿو) جي علمي پورهئي جي معراج آهن.
شيخ صاحب جي علمي ڪاوشن ۽ تحقيقي ثمرات جي اصلي خزاني مان انيڪ اعلي و ارفع خوبين سان نوازيو، جن جو شمار ڪرڻ لاءِ به تمام گهڻو وقت درڪار آهي. خاص طور تي پاڻ حلم و مرنجان مرنجي , نهٺائي ۽ نوڙت, خلوص و صداقت جو پيڪر هو. ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ پسند ڪونه ڪندو هو ۽ پنهنجي عميق علمي مطالعي ۽ دقيق فلسفياڻن نڪتن کي علم قاري تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش اجائي غير ضروري ۽ دانشورانه موشگافين کان پاڪ ۽ صاف هوندي هئي. سندس نثر ٺيٺ، تُز ۽ عوامي لهجي ۾ هوندو هو ۽ سندس گفتار به روزمره جي عام فهم سنڌي ٻولي ۾ هوندي هئي. مون کي يقين آهي ته شيخ صاحب جي ڪتابن , مقالن ۽ ڪالمن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان جا نوجوان محقق، وڌيڪ انهن علمي ادبي کيتر ۾ داخل ٿي اڃا به وڌيڪ ريسرچ ڪري اهڙن سوالن جا جواب ڳوليندا , جيڪي شايد لائق مصنف پنهنجين لکڻين ۾ اٿاريا آهن. ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو بعد از مرگ شيخ صاحب جا اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ مقالا شايع ڪن ۽ اهڙي ڀيٽا خراج عقيدت طور پيش ڪن، جنهن سان سندس خاندان وارن، گهڻگهرن، صحافين، ادبي هم عصرن ۽ شاگردن کي قبول پوي. ڇو ته شيخ صاحب ۽ سندس وڏي ڀاء لوڪ ادب ماهر ۽ لطيف شناس شيخ محمد اسماعيل جا سنڌ واسين تي ايترا ته احسان آهن جو اهي اسين ڪڏهن به لاهي ڪونه سگهنداسين پر جيئن ته سنڌ جي پراڻي روايت آهي هميشه ڳائيندا رهنداسين. الله سائين شيخ صاحب کي جنت ۾ جڳھ عطا ڪري. آمين