مشتاق ڦل

Author Name

 پيءُ جو نالو خان محمد ڦل هو.هن هڪ هاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو.سندس بچ پن ۾ لابارو ڪيو، ڳاه ڳاهيو، رات جي وڳڙي ۾ فصل کي پاڻي به ڏنو ته ٽاڪ مجھند جو مال به چاريو. هن مٿي ته پور به کنيا ته ننڍي هوندي کير وڪڻي پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ به ڪڍيو. علم ادب،راڳ رنگ ،صوفياڻي مزاج واري شهر ٽالپر وڏا جي ڀڪ ۾ ڳوٺ محمد حيات ڦل جتي سهراب فقير کان وٺي صوفي علي محمد فقير ٽالپر، غلام محمد فقير ٽالپر ،فقير نظر علي ڦل،ڪرم ٽالپراحمد ٽالپر جهڙن شاعرن سان گڏ ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگھڙن اک کولي مشتاق ڦل جو جنم به ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو.مشتاق ڦل جي وڏڙن ۾ صوفي نظر علي فقير، محمد حيات ڦل پڻ شاعري ڪندا هيا جن مان نظر علي فقير جو ته ڪتاب پڻ ڇپيل آهي.هن پائمري تعليم ــ پرائمري اسڪول ٽالپر وڏامئٽرڪ ــ هاءِ اسڪول ٽالپر وڏا تعلقو ڪوٽڏجي ضلعو خيرپورانٽر__ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ايم  بي بي ايس _ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻوايم اي سوشيالاجي _ شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين جڏڏهن ته هينئر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز نواب شاه ۾ اينيسٿيزيا جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي .سندس ٻه شاعريءَ جا ڪتاب هوءَ مان ۽ ڄامشورو ،۽دل ته چوي ٿي،ترتيب ڏنل ڪلنگيءُ جو پار، قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌ (ترتيب) ،سفرنامو ” شاعر جي اک سان آمريڪا جا عڪس ڇپجي چڪا آهن ۽ سندس هڪ ٻيو سفرنامو” يورپ ياترا “ پڻ ڇپائي هيٺ آهي .سندس شاعري ڪيترن ئي شاعرن ڳائي آهي جن ۾سرمد سنڌي ، شفيع فقير،غلام علي سنديلو ،برڪت بٽ،صادق فقير،سليم رضا ڪنڀر،احمد مغل ،نظير سمون، رحمت علي،اختيار چاڪراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. شفيع فقير جي آواز ۾ ”ڄامشوراو اسان جي پرينءَ جو شهر“ ۽ سرمد جي آواز ۾ ”چنڊ مونکان نه پڇ آئون ڇوٿو روئان“ ۽ سنڌ جي ڳاڙهي جھنڊي وانگي،ڏاڍو پيارو لڳندو آهين“ سندس مشهور گيت آهن جيڪي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن ۾ مشهور آهن.هو1978ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبررهيو آهي جڏهن اٺين جماعت ۾ پڙهندو هيو. سندس پهرين ڪهاني باراني رسالي گل ڦل ۾ 1978ع ۾ ڇپي،جڏهن ته سندس پهريون غزل عبرت مئگزين ۾ ڇپيو.مختلف وقتن تي سڀ کان پهريان ٽالپر وڏا شاخ ،ڄانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو شاخ جو ميمبر رهڻ بعد هينئر ڪنب شاخ جو ميمبر آهي.2004ع ۾ پهريون ڀيرو ساس جي مرڪزي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ هارائڻ کانپوءِ 2006ع ۾ وڏي اڪثريت سان جوائنٽ سيڪريٽري۽ 2010ع ۾ پهريون ڀيرو،2012ع ۾ ٻيو ڀيرو ۽ 2014 ۾ ٽيون ڀيرو لڳاتار سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيو. ڊاڪٽر ڦل کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هو سنڌي ادبي سنگت جو لڳاتار ٽي ڀيرا چونڊيل پهريون سيڪريٽري جنرل هجڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جيڪا اختر ڪاٽيجز قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي ان جي نئين سر پيڙه جو پٿر رکڻ سان گڏ جوڙائي مڪمل ڪيو.سندس دور ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم زور شور سان جاري رهي ۽ لڳاتار ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ تائين بل به پهتو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ،مان قرارداد به منظور ٿي.سندس ئي دور ۾ ملڪ کان ٻاهر ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به شاخن جو قيام عمل ۾ آيو آهي.
هو سنڌي ادبي سنگت سان گڏ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن توڙي روٽري انٽرنيشنل جو نه صرف ڪارڪن رهيو آهي پر اهم عهدن تي به رهيو آهي. ان ڪري ڊاڪٽر ڦل جي سڃاڻ هڪ شاعر، ترجمه نگار،سفرناما نويس ۽ نثر نگار،ڪالم نگار سان گڏ هڪ سماجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ واري پڻ رهي آهي 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مشتاق ڦل جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


مشتاق ڦل جا ڪتاب

دل تہ چوي ٿي، ليکڪ : مشتاق ڦل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دل تہ چوي ٿي
ليکڪ : مشتاق ڦل
رستي ۾ آهيان، ليکڪ : مشتاق ڦل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رستي ۾ آهيان
ليکڪ : مشتاق ڦل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ