ڪرشن کٽواڻي

ناميارو مصور، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نگار ۽ ناول نگار ڪرشن کٽواڻي 7 جولاءِ 1927ع تي عيدن داس کٽواڻي جي گھر ۾ ٺارو شاھہ ضلعي نوشھروفيروز ۾ اک کولي. ورھاڱي بعد ھو ھندستان لڏي ويو جتي ھن ننڍي کنڊ جي پھرين نوبل ايوارڊ وٺندڙ ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار ناول نگار، موسيقار ۽ شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جي تخليق ڪيل تعليمي اداري شانتي نڪيتن مان تعليم ورتي.
سنڌ جو ھي ڀلوڙ تخليقڪار آڪٽوبر 2008ع ۾ ديھانت ڪري ويو سندس لکڻيون اڄ بہ وڏي شوق ۽ چاھہ سان پڙھيون وينديون آھن. 
ڪرشن کٽواڻي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھن

مٺڙي تو نہ سڃاتو (ڪھاڻيون) 
پرديسڻ (ڪھاڻيون) 
جياپي جو ساڌو (ڪھاڻيون) 
اڪيلي (ڪھاڻيون) 
ٽٽل تارون (ڪھاڻيون) 
وندري ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) 
امر پيار (ناول) 
منھنجي مٺڙي سنڌ (ناول) 
وئرٿ زندگيون (ناول) 
ست ڏينھن (ناول) 
سرحد کان ھن پار (ناول) 
ياد ھڪ پيار جي (ناول) 
آشيانو (ناٽڪ) 
رات کي گذرڻ نہ ڏي (ڪويتائون ڪونج ۾) 
سياسي مدبر (جيوليون)
آستانو-ناٽڪ
ترندڙ بادل (ناول)

1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image