ڪرشن کٽواڻي

ناميارو مصور، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نگار ۽ ناول نگار ڪرشن کٽواڻي 7 نومبر1927ع تي عيدن داس کٽواڻي جي گھر ۾ ٺارو شاھہ ضلعي نوشھروفيروز ۾ اک کولي. ورھاڱي بعد ھو ھندستان لڏي ويو جتي ھن ننڍي کنڊ جي پھرين نوبل ايوارڊ وٺندڙ ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار ناول نگار، موسيقار ۽ شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جي تخليق ڪيل تعليمي اداري شانتي نڪيتن مان تعليم ورتي.
سنڌ جو ھي ڀلوڙ تخليقڪار 11 آڪٽوبر 2007ع ۾ ديھانت ڪري ويو سندس لکڻيون اڄ بہ وڏي شوق ۽ چاھہ سان پڙھيون وينديون آھن. 
ڪرشن کٽواڻي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھن

• مٺڙي تو نہ سڃاتو (ڪھاڻيون) 
• پرديسڻ (ڪھاڻيون) 
• جياپي جو ساڌو (ڪھاڻيون) 
• اڪيلي (ڪھاڻيون) 
• ٽٽل تارون (ڪھاڻيون) 
• وندري ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) 
• امر پيار (ناول) 
• منھنجي مٺڙي سنڌ (ناول) 
• وئرٿ زندگيون (ناول) 
• ست ڏينھن (ناول) 
• سرحد کان ھن پار (ناول) 
• ياد ھڪ پيار جي (ناول) 
• آشيانو (ناٽڪ) 
• رات کي گذرڻ نہ ڏي (ڪويتائون ڪونج ۾) 
• سياسي مدبر (جيوليون)
• آستانو-ناٽڪ
• ترندڙ بادل (ناول)

  • جنم: 1927-11-07
  • ورسي: 2007-10-11
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image