ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

Author Name

ناميارو ليکڪ ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو، پهرين سيپٽمبر 1948ع تي جيڪب آباد لڳ ڳوٺ ڊٻ ۾ ڄائو. هن پرائمري ۽ ثانوي تعليم جيڪب آباد مان پرائي، اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ 1982ع ۾ صحافت شعبي مان ايم. اي ڪيائين. هن 1975ع ۾ ايل. ايل. بي پڻ ڪئي. 1989ع ۾ نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري.‘ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات صحت کاتي ۾ ملازم طور ڪئي، بعد ۾ 1973ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس ڪهاڻيون، ڪالم ۽ تاثر سنڌ جي مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندا رهيا.
هــن وقـت تائيـن سندس 21 ڪـتاب شـايـع ٿـيـل آهــن، جــن ۾: (1) ’شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ (پي. ايڇ. ڊي جو مقالو)، (2) ’شـاهه لـطيـف جـو عـوامي شـعـور‘ (تحقيق)، (3) ’سـفـر زندگـيءَ جـو‘ (عـوامـي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت)، (4) ’نئين روشنــي‘ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ تي تنقيد)، (5) ’سچ سونهن ۽ وريام جي رونهه‘ (لوڪ ادب)، (6) ’سنگ سچ جو‘ (لوڪ ادب)، (7) ’غريبن جو ورثو، هڪ مطالعو‘ (تنقيد ۽ تحقيق)، (8) ’چونڊ سنڌي افسانا، هڪ مطالعو‘ (تحقيق)، (9) ‘سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، (10) ’سنڌي مضمون نگاري‘، (11) ’جيڪب آباد ۽ جان جيڪب‘ (ترتيب)، (12) ’نعره حق‘ (صوفي ٻڍل فقير جي ڪلام جو نثري اردو ترجمو ۽ ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي، شاهه، سچل ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ شاعريءَ تي 100 کن مقالا لکيا آهن. ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شاهه لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ اوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا اٿس. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، انهيءَ دوران هن جيڪب آباد ۾ ’شاهه لطيف سيمينار (1973ع)‘ منعقد ڪرايو ۽ ٻه ڪتاب: (1) ’سنڌي ڪهاڻيون ۽ (2) ’ٿا چنگ چرن جت چاهت جا‘ (شاعري) پڻ شايع ڪرايا. هي ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر به رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر سڌايو تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ بورڊ آف گورنرس سيڪنڊري ائنڊ انٽرميڊئيٽ ايجوڪيشن لاڙڪاڻي جو ميمبر، سچل چيئر جو ميمبر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي ۽ صحافت شعبن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ايم فل ۽ پي. ايڇ ڊي جو گائيڊ پڻ آهي. سندس رهبريءَ ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر منظور سولنگي ۽ ڊاڪٽر رياض احمد شيخ پي.ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو هن وقت ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، جيڪب آباد جو سيڪريٽري آهي ۽ هن سوسائٽيءَ جي تعاون سان هن انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب Jecob’s town Jacobabad ترتيب ڏنو آهي. هو صحافتي ميدان ۾ به ڪجهه اخبارن ۽ رسالن جي ادارت ڪري چڪو آهي، ڪجهه وقت راندين ۾ دلچسپي وٺندي ڊسٽرڪٽ هاڪي ائسوسيئيشن جوصدر پڻ رهيو ۽ ماضيءَ ۾ جيڪب آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪري چڪو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جا ڪتاب

ڪَلجُڳ جا رنگ، ليکڪ : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪَلجُڳ جا رنگ
ليکڪ : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
شاھہ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري، مصنف : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاھہ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري
مصنف : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
شاھ لطيف جو علامتي شعور، مصنف : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاھ لطيف جو علامتي شعور
مصنف : ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ