ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سڌايي صاحب، لطيف جي يارھن سُرن ۾ ڪم آندل علامتن کي مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آھي. ڪتاب ۾ علامت نگاري جي فن، تاريخ، ان جي اوسر، تعريف، علامتن جي قسم ۽ وسعت جھڙن موضوعن تي بحث ڪيل آھي.
لطيفيات
شاھ لطيف جو علامتي شعور
- 0/5.0
- 26
- 2
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”شاھ لطيف جو علامتي شعور“ اوھان اڳيان پيش آھي، ڪتاب جو مرتب تاج محمد شيخ آھي.
لطيف سائين جي شاعري تصوف جي روايتن پٽاندڙ ڪيل آهي جنھن ۾ هن پنھنجي تاريخي ۽ روايتي وٿن (Values) جي آڌار تي، سماج کي سڌارڻ، خصوصن سنڌي قوم ۽ عمومن ڪائنات جي مڙني انسانن جي ذهني، اخلاقي ۽ سماجي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اهو سربستو احوال علامت ذريعي اوريو اٿس. لطيف سائين پنھنجي دور کان اڳ وارن شاعرن جي علامتن کي بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي، اهي علامتون اسان جي ڪلاسيڪل ادب جو حصو ۽ نيم تاريخي ڪھاڻين جا ڪردار ۽ انھن سان واسطو رکندڙ اشارا ۽ نشان آهن جن جي بنياد تي انھن ڪردارن مستقل تصورن جو روپ حاصل ڪيو. لطيف سائين جو رسالو علامتن سان ڀريو پيو آهي، رسالي جو هر هڪ بيت ذوفھم، اختراع معنيٰ (Obstruction) ۽ اعليٰ سوچ جو ڀنڊار آهي.
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سڌايي صاحب، لطيف جي يارھن سُرن ۾ ڪم آندل علامتن کي مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آھي. ڪتاب ۾ علامت نگاري جي فن، تاريخ، ان جي اوسر، تعريف، علامتن جي قسم ۽ وسعت جھڙن موضوعن تي بحث ڪيل آھي.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مُرتب تاج محمد شيخ
- مصنف ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
- ڇپيو ويو 2007
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 0
- آن لائين ٿيو 01/Sep/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 2 ڀيرا