لطيفيات

شاھ لطيف جو علامتي شعور

ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سڌايي صاحب، لطيف جي يارھن سُرن ۾ ڪم آندل علامتن کي مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آھي. ڪتاب ۾ علامت نگاري جي فن، تاريخ، ان جي اوسر، تعريف، علامتن جي قسم ۽ وسعت جھڙن موضوعن تي بحث ڪيل آھي.

Title Cover of book شاھ لطيف جو علامتي شعور

کاهوڙي، سچ، سونهن ۽ پيار جي علامت

لطيف سائين جو سڄو ڪلام انساني جدو جهد ۽ اڳتي وڌڻ جو اهڃاڻي درس آهي. ڪٿي بہ ڪا اهڙي واردات نظر نہ ٿي اچي جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي تہ لطيف پنهنجي وقت جي تيز گذري ويندڙ واقعن ۽ حادثن سان ڪا دلچسپي نہ رکي هجي ۽ نہ وري اهو درست آهي تہ هن پنهنجي دور جي ڪنهن سماجي يا سياسي تحريڪ ۾ حصو ڪونہ ورتو.(1)
بقول ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي تہ ڪانٽ ۽ هيگل پنهنجي دور ۾ سياسي عمل کان بلڪل پري رهيا (2)، ۽ انهي بنياد تي شاه کي بہ سماجي، سياسي ۽ نفسياتي مامرن تي سوچڻ ۽ عملي زندگي اختيار ڪرڻ وارو شاعر نہ سمجهڻ صحيح نہ آهي. دراصل شاه جو شعر اسان وٽ قومي شعور ۽ سماجي قدرن جي بحالي جو زنده ثبوت آهي. سائين محمد ابراهيم جويو لکي ٿو تہ شاھہ جي حساس ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلامي جي جهنم جي خلاف ڪنهن پر بهار ۽ روح پرور مسرت جي بهشت جو خواب جلوه گر ٿيو هو (3).
مانواري ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جو اهو چوڻ درست آهي تہ ڪانٽ ۽ هيگل جيتوڻيڪ پنهنجي سڄي حياتي سياسي گهوٽالي واري دور ۾ گذاري پر پوءِ بہ مٿن ڪو اثر ڪونہ پيو. دراصل ان جو بنيادي سبب اهو هو تہ شاھہ سائين جي دور (يعني ارڙهين صدي جي وچ) تائين مغربي ادب ۾ پڻ عام ماڻهو جي ٻولي ۾ شعر چوڻ يا عام ماڻهو جي باري ۾ لکڻ جو تصور اڃا پيدا ئي ڪونہ ٿيو هو. مغربي شاعري ۾ عام ماڻهو جي ٻولي ۾ لکڻ ۽ شعر ۾ عام ماڻهو جي جذبن جي اپٽار ڪرڻ جو تصور شاھہ لطيف کان اڌ صدي پوءِ پيدا ٿيو (4).
جيئن تہ لطيف سائين حليم طبيعت ۽ اعليٰ سڀاءُ وارو انسان هو هن ۾ جلد بازي ۽ ڪٽر پڻو ڪونهو ۽ نہ وري منجهس ڪنهن ڪم نہ ٿيڻ ڪري بي صبري يا مايوسي پيدا ٿيندي هئي. شايد سندس ميٺ محبت ۽ صبر ڏسندي ڊاڪٽر سورلي جهڙي مدبر بہ کيس روز مره جي واقعن کان بي خبر سجهيو هجي.
پر ان جي ابتڙ لطيف سائين پنهنجي دور جي مڙني واقعن کان باخبر، سياسي ۽ سماجي تبديلي تي نگاه رکندڙ۽ انهن قوتن جو ٻانهن ٻيلي رهيو جن سنڌ جي بقا ۽ خوشحالي لاءَ جتن ڪيا. سائين محمد ابراهيم جويو چواڻي هن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزادي جي جد جهد جا سال هئا. تاريخ جي شاگردن کي بخوبي ڄاڻ هوندي تہ سنڌ ۽ سنڌي سماج لڳ ڀڳ ٻه سئو سال غلامي ۾ گذاريا. انهي دوران سنڌ ۾ آزادي ۽ خوشحالي جون تحريڪون بہ هليون هونديون. جن ۾ ڀڳت ميڪڻ بدين واري جي جوڳ جي تحريڪ، شاھہ عنايت شهيد جي گيڙو فقيرن جي تحريڪ ۽ شهيد بلاول جي مريدن جي بلاولي تحريڪ ڪافي مشهور ٿيون. انهن سڀني تحريڪن جاروح روان ۽ سرواڻ وقت جا وڏا عالم، درويش ۽ روحاني رهبر هئا. جن ۾ محمد معين ٺٽوي. خواجه محمد زمان لنواري وارو. شاھہ عنايت شهيد، مخدم بلاول، مخدوم ميان دين محمد سيوهاڻي، ميان پير محمد اگهم ڪوٽي، ڪوٽڙي ڪبير جو ميان محمد، روهڙي جو ميان جان الله شاھہ رضوي، گهوٽڪي جو ميان موسيٰ شاھہ جيلاني ۽ سندن ٻيا سوين ساٿياري هئا جن سڀني سنڌي سماج جي قومي بحالي ۽ قومي بقا لاءِ سنڌي ماڻهن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ ٿي گهريو (5).
انهن مقصدي ماڻهن وٽ ٻيا بہ ڪيترائي ماڻهو قومي بقا جي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ ايندا رهندا هئا. جيڪي ماڻهو انهن وڏن جي معيار مطابق هوندا هئا انهن کي کاهوڙي سڏيو ويندو هو ۽ پوءِ انهن کي ٽن کاهوڙي تربيت جي مرڪزن مان ڪنهن بہ هڪ ۾ عملي تربيت لاءِ موڪليو ويندو هو. جن مان هڪ گنجي ٽڪر تي، ٻيو پٻ پهاڙ جي وادي ۾ ٽيون بدين جي گرو ميڪڻداس جو اوتارو هو(6)
شاه صاحب بہ انهن مرڪزن تي عملي تربيت حاصل ڪئي هئي.
شاھہ سائين انهن مرڪزن جو ذڪر هِن سر ۾ ڪيو آهي.
پــيو جــــن پــــرو، گنجي ڏونگر گام جو،
ڇــــڏي کــــيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
*
وييون پٻ پيهي، کيرون کاهوڙين جون.
انهن مرڪزن مان جيڪي کاهوڙي ڪامياب سکيا وٺي موٽندا هئا. اهي سچا قومي ڪارڪن ٿي پوندا هئا. اهي پنهنجا ذاتي مسئلا ڦٽا ڪري صرف ديس جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ لوچيندا هئا انهن کي اهڙن اڻانگن پنڌن ۽ پيچرن تان گذرڻو پوندو هو جتي جيڪر سونهان بہ ويندي ڪيٻائين. کاهوڙين جو اصل ڪم لوڪان لڪائي. آزادي جي علامتن کي عام ڪرڻ هو. وقت جا حاڪم ۽ انهن جا ڪارندا ۽ ڇاڙتا سندن خفي مهم کان ڊنل هئا. پر کاهوڙي پنهنجي قول توڙي عمل سان اهڙو ڪو بہ ثبوت ڪونہ ڇڏيندا هئا جنهن سان سندس شخصيت جي سڃاڻ ٿئي. پيرين ۽ لڱين اگهاڙي قومي ساڃھہ جو ڪم ڪندا رهندا هئا. انهن کي مرڪز کان جيڪي بہ ڪم سپرد ڪيل هئا تن کي همت حوصلي ۽ ڳجھہ ڳوه ۾ ڪندا رهندا هئا.
ڀّڪليا ڀـــــوڻن ڌڙ کي گـڏيو ڌوڙ ۾،
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نہ ڪن،
ڪامل آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.
(1ـ11)
شاه صاحب کاهوڙين جي صبر، جاکوڙ، قوت ۽ ڪم جي طريقي کي ڏسي کانئن ڏاڍو متاثر ٿيو هو. اهوئي سبب هو جو رسالي ۾ کاهوڙين جي باري ۾ ٽن داستانن تي مشتمل سڄو سارو سر لکي، انهن جي گڻ ڪٿا ڪيائين. کاهوڙي بڻجڻ لاءِ ٻه اهم اصول اپنائڻا پون ٿا، انهن جي نشاندهي ڪندي لطيف چيو ؛
ويجهو ونءَ مَ واٽ کي، ڪهج ڏانهن ڪواٽ،
اُجهي منهجان آٽ، آديسي ٿي آءُ تون.
(3ـ3)
ٻيو اصول هيٺين بيت ۾ واضح ڪيل آهي ؛
مون کاهوڙي لکيا، آين نہ آرام،
ڪيائون تن تمام، جيئن ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.
(1ـ18)
مٿين ٻنهي بيتن ۾ لطيف سائين کاهوڙي ٿيڻ لاءِ جيڪي اهم اصول ٻڌايا آهن، انهن ۾ ڪواٽ اختيار ڪرڻ ۽ تن کي تسيا ڏئي آرام ۽ سک ڦٽا ڪري، سرلو ٿي هلڻ آهي.
کاهوڙي انهن ماڻهن جو اتحادي گروپ هو جيڪي سنڌ جي آزادي ۽ بقا واري ويڙھہ ۾ هر اول دستي طور ڪم ڪندا رهيا. اهي اهڙا تہ سچا ۽ حساس قومي درد رکندڙ انسان هئا جن کي پنهنجي سماجي ڏکن ۽ امنگن جي بخوبي ڄاڻ هئي. هنن کي صرف اهائي چنتا هئي تہ سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ خوشحال سماج بڻائي پيش ڪجي. اهڙن قدرن جي حاصلات لاءَ سماج مان ڪينو، ڪٽرپڻو ۽ ڪانئر پڻو ختم ڪري، يگانگت، پيار ۽ محبت جو سلو سندن دلين ۾ اڀارڻو هو. سچ، سونهن ۽ نيڪي جي فلسفي کي عام ڪرڻو هو. انفرادي سوچ بدران اجتماعي شعور کي اجاگر ڪرڻو هو. انهن مقصدن جي حصول لاءِ کاهوڙين پنهنجي وجود کي وساري، انساني ڀلائي ۽ ڀائيچاري واري فضا بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. لطيف اهڙن درد رکندڙ کاهوڙين جا پار پتاهيٺين بيت ۾ ٻڌائي ٿو.
سڪا سنڍ ڪڇن ۾، کِرڪڻا پيرين،
ٽمندي نيڻن اّن ڪي کاهوڙي گڏيا؟
(1ـ27)
لطيف جا کاهوڙي سماج ۾ نون قدرن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ماضي جون تلخ يادون، حال جون اڻ وڻندڙ حالتون ميسارڻ ۽ سونهري مستقبل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهيا.کين ايندڙ وقت جي روشني ۽ خوبصورتي حاصل ڪرڻ لاءِ عقل، همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪرڻو هو. ڇو تہ بلند ترين مقصد ۽ اجتماعي مفاد لاءِ. وقتي خوشين ۽ انفرادي مفاد تان هٿ کڻڻو پوي ٿو.کاهوڙي اهڙين ئي عادتن تي هريل هئا.
ڪپيري ۾ پير ڪنهين پاتو پيريــين،
جيان مُنجهڻ ماڻهين ، سڄڻ تيان ئي سير،
اُنِ ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙن منجهان ڪولهي.
(3ـ4)
اصل ۾ کاهوڙي واري علامت، لطيف سائين روحاني رهبر، راه حق جي پانڌيئڙي، قومي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جستجو ڪندڙ انسان لاءِ اختيار ڪئي آهي. حاصل ڪلام تہ لطيف جي کاهوڙي جي کير، هر سماجي روحاني ۽ سياسي گُهٽ کانپوءِ ايندي رهندي. پوءِ ڪڏهن سندن واسو گنجي ۽ پٻ پهاڙن تي هوندو تہ ڪڏهن ڪارونجهر چوٽي ۽ ٿر جي ڀٽن ۾ هوندو. ڪڏهن اتر هوندو تہ ڪڏهن لاڙ. ڪڏهن منگهي پير تي پڙاءُ هوندو تہ ڪڏهن منهوڙي تي ميڙاڪو، مطلب تہ لطيف جو رسالو جيسين اسان وٽ امانت طور موجود رهندو تيسين کاهوڙي بہ پيدا ٿيندا رهندا ۽ سنڌي سماج جي مرڪ ۽ ممتا بہ قائم رهندي. بس اهو اسان جو اعتقاد آهي تہ کاهوڙي هر دور م نون ويسن ۽ ورنن ۾ ايندا رهندا ۽ديس واسين جا ڏمر ڏور ڪندا رهندا.
کاهوڙي کرا، سوڌي خبر پکيا،
سوجهي جن ڪيا مٿي اڱڻ آهِرا.
(3ـ19)

حوالا
(1) سورلي ايڇ ـ ٽي (ڊاڪٽر) ’’ ڀٽ جو رسالو ‘‘ (ترجمو) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992 ع ـ ص 231.
(2) ايضا ـ ص 231.
(3) جويو محمد ابراهيم ؛ ’’ شاھہ سچل سامي ‘‘ سنڌي اديبن جي سوسائٽي حيدر آباد 1968 ع ـ ص 54.
(4)عباس تنوير ؛’’ شاھہ لطيف جي شاعري ‘‘ شاھہ ثقافتي سوسائٽي ڪراچي.1976 ع ـ ص 14.
(5) جويو محمد ابراهيم ؛’’ شاھہ سچل سامي ‘‘ ـ ص 75.