لطيفيات

شاھ لطيف جو علامتي شعور

ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سڌايي صاحب، لطيف جي يارھن سُرن ۾ ڪم آندل علامتن کي مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آھي. ڪتاب ۾ علامت نگاري جي فن، تاريخ، ان جي اوسر، تعريف، علامتن جي قسم ۽ وسعت جھڙن موضوعن تي بحث ڪيل آھي.

Title Cover of book شاھ لطيف جو علامتي شعور

شاھہ سان منصوب ٻه روايتون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌي زبان جو سرواڻ آهي. ان ڪري اسان تي لازمي آهي تہ لطيف جي ڪلام جي نئين سر، سچائي، خلوص ۽ فهم سان تحقيق ڪريون، بقول سرج الحق ميمڻ ؛
’’ اسان جي بزرگن پنهنجي وقت جي ماحول۽ دائري ۾ رهي ڪم ڪيو، ۽ ان ڪري هو تصوف کان اڳتي نہ وڌيا، پر نوجوان ٽهي جو ذهن بہ جيڪڏهن انهن ساڳين ڏانوڻن ۾ گرفتار رهيو تہ پوءِ اسان ان تهمت کان ڪڏهن آجا ٿي نہ سگهنداسين تہ سنڌي رڳوسنڌي ٽوپي سان سڃاتا وڃن“ (1).
سراج جي انهي ءَ خيال سان آءُ بلڪل متفق آهيان تہ اسان جي بزرگ عالمن پنهنجي ماحول مطابق لطيف جي فڪر کي سمجهيو، پرکيو ۽ ان جي تشريح ڪئي. ان ڪري ئي انهن تصوف کي صرف ۽ صرف عقيدي جو بنياد ڄاتو. جڏهن تہ تصوف هڪ اهڙي راءِ آهي، جنهن ۾ انسانيت جو معراج، عبادتن جو عروج ۽ سچائي جي واٽ ڏيکاريل آهي. تصوف اهو پڻ ٻڌائي ٿو تہ خودي جي خوءِ ختم ڪري، مخلوقات خدا جي فلاح ۽ بهبودي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏجي،
ادب کي پرکڻ لاءِ اڄ نوان طريقا ۽ نوان ماڻ مقرر ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن اسين ادب ۽ شاعري جي پرکا جي انهن طريقن کان منهن موڙي ڇڏيندا سون تہ پوءِ لطيف جي ڪلام جي ڪيترين ئي چڱاين ۽ سچاين کي سمجهي ڪونہ سگهنداسين. لطيف رحه جي شخصيت۽ زندگي جا پڻ ڪيترا اهڙا پهلو آهن، جن کي يا تہ بنھہ غلط طريقي سان اسان آڏو پيش ڪيو ويو آهي، يا انهن کي عقل، فهم ۽ جديد نظرين مطابق پرکيو نہ ويو آهي، نتيجي ۾ لطيف کي فقط هڪ ڪرامتن جو صاحب ۽ رڻ ۾ رهندڙ صوفين جو سرتاج ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
شاعري جا ڪيئي قسم آهن، پر انهن مان ٻه قسم نهايت اهم سمجهيا وڃن ٿا، هڪ جذباتي ۽ ٻيو دماغي يا عقلي. جذباتي شاعري جواني جي جولاني ۽ ظاهري لڳاءُ جو رد عمل آهي، جڏهن تہ دماغي يا عقلي شاعري تجربيڪار ذهن جي پئداوار آهي، جنهن ۾ عقل ۽ فهم جو استمال سوچ ۽ سمجھہ جي ماپن سان ڪيو ويندو آهي نڪي دل جي اشاري تي.
بقول عارف شاھہ گيلاني ؛
’’شاھہ عبداللطيف جي شاعري تي پڻ اها حقيقت صادق اچي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس شروعاتي شاعري ۽ ڪبيرسني جي شاعري ۾ نهايت آساني سان تميز ڪري سگهو نٿا. هر نئين شاعر وانگر، شاھہ پڻ ابتدا ۾ اهڙا شعر چيا جن ۾ آتش جذبات جي اپٽار هئي، مگر جڏهن سندس فن پختو ٿيو، تڏهن هو تصور جي انهن حدن تائين پهچي ويو، جو سندس پر جوش ترنم ۾ ماڻهو گم ٿي وڃي ٿو ‘‘ (2)
آءَ گيلاني صاحب جي انهي ڳالھہ سان اختلاف ڪونہ ٿو رکان تہ جذباتي شاعري ڪونہ ڪئي ويندي آهي، پر آءُ صرف اها ڳالھہ ڪندس تہ حقيقت ۾ جذبات ئي شاعري جو مول مقصد آهي، سواءِ امنگ، احساس ۽ جذبي جي ڪوبہ شعر دل تي اثر ڪري ڪونہ ٿو سگهي، پر جذباتي شاعري بقول عارف شاھہ گيلاني ’’ ناپائدار جواني جي لطيف جذبي جو انتهائي رد عمل آهي.‘‘ سان متفق ڪونہ ٿيندس، حقيقت وارين نگاهن سان ڏٺو وڃي تہ جواني جي جذبي جو رد عمل انساني سوچ فڪر ۽ ماحول تي مدار رکي ٿو. جهڙو ماحول ملندو، تهڙي سوچ پئدا ٿيندي.ان ڪري اها ڳالھہ تہ بلڪل صاف آهي تہ لطيف سائين کي ننڍپڻ کان جواني تائين جيڪو ماحول ميسر ٿيو، سو پاڪ،صاف ۽ بصارت سان لبريز هو. ان ڪري ئي لطيف سائين جي جواني پڻ پختگي ۽ ذهني نڪتي نگاه کان قابل رشڪ حقيقت جو مظهر آهي،جنهن تي اسان جي وڏڙن ويهي ويچارڻ جي بجاءِ لڪير جي فقير مثل نقل در نقل اسان آڏو پيش ڪندا رهيا آهن. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ لطيف جي ڪلام کي نئين سر ماڻ جي جديد طريقن مطابق ماپيو وڃي.
ٻولي ۽ شعر جي اڀياس جا نوان طريقا ڪهڙا آهن ؟ تن جي باري ۾ سوين سال اڳ اسان کي شام ولايت ۾ هڪ مشهور عرب شاعر ابوطيب احمد بن حسين المعروف متنبي (پئدائش 303ھہ وفات 354) جو نالو سامهون اچي ٿو، جنهن ان وقت جي شاعرن، اديبن ۽ عالمن ۾ هڪ انقلاب، نواڻ ۽ تحرڪ برپا ڪيو.اها تحريڪ اڳتي هلي ڪيترن ملڪن ۾ رائج ٿي، فرانس ۾ هن تحريڪ جو بنياد 1886 ع ۾ پيو ۽ اهڙي قسم جي ادب کي علامتي ادب ڪوٺيو ويو، هن تحريڪ جي پوئلڳ شاعرن توڙي اديبن جي ڪلام ۾ انهن مان اصلي شين ۽ نالن بجباءِ شاعر جي اندر جي ڪيفيت جو اظهار ٿيل هوندو آهي. هونءِ بہ شاعري عام قاري جي ذهني پهچ کان مٿي ڪنهن اعليٰ ۽ ارفع مفهوم ڏانهن اشارو هوندو آهي. جئين علام ابن رشيق شاعري لاءِ لکي ٿو ؛
’’شاعر کي شاعر ان لاءِ چوندا آهن جو اهو انهن شين کي محسوس ڪندو آهي،جيڪو ٻيا ناهن ڪندا. جيڪڏهن ڪلام ۾ معنيٰ آفريني، اختراع، ندرت الفاظ ۽ جدت بياني ناهي تہ اهو حقيقت ۾ شاعر سڏائڻ جو مستحق ناهي،’‘(3)
علامت نگاري جي شروعات جو پتو تہ اسان کي المتنبي کان ملي ٿو، پر ان صنف جو سنڌي ادب ۾ واضح ڏس شاھہ عبداللطيف جي شاعري ۾ ملي ٿو، جنهن علامت کي هڪ اصول ۽ قاعدي پٽاندڙ پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب لکي ٿو ؛
”ڀٽائي جي شاعري جو سڄو تاڃي پيٽو اهڃاڻ تي رکيل آهي. هن شاعري جو وڏو تعلق مشاهدي جي اونهائي سان آهي، جنهن کي شاھہ سائين ’’ پسڻ ‘‘ سڏيو. ‘‘ (4)
پسڻ = ڏسڻ جي مٿانهون معنيٰ آهي، پر مٿانهين معنيٰ حقيقت جو اظهار هوندي آهي. اهي حقيقتون انساني ڪارج وارين شين توڙي انساني حواسن جي پهچ کان پري ڪونہ هونديون آهن، پر انهن جو مفهوم ۽ ڪيفيت هڪ حقيقت تائين پهچڻ جو سبب آهن. لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي علامتون استعمال ڪيون آهن، سي سڀ هڪ مستقل صورت اختيار ڪري چڪيون آهن ڇو تہ لطيف سائين سنڌي زبان جي اهڙي مستند ۽ مدلل تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ اقتصادي، سماجي، ثقافتي تعليمي ۽ سياسي گهٽ وڌاين جي مڪمل اپٽار ڪيل آهي.
علامت ڇاآهي ؟ اهو هڪ جداگانہ ۽ مڪمل بحث جي قابل سوال آهي، جنهن لاءِ هڪ جداباب جي ضرورت آهي، هت صرف اهو ٻڌائڻو آهي تہ علامت ٻولي جو اهو سڌريل مستقل ۽ ٺوس وسيلو آهي، جنهن ۾ لفظن جي اندروني ڪيفيت مبهم ۽ مخفي طريقي سان پيش ڪئي ويندي آهي. اسان جو شاعر شاه ڀٽائي جنهن ڌرتي جو ڏاهو هو، تنهن درجي جا ڏاها صدين پڄاڻان پئدا ٿيندا آهن، هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي اشارا ۽ علامتون استعمال ڪيون آهن، تن کي سمجهڻ تيسين سولو نہ ٿيندو جيسين شعر جي ان جديد طريقي کي سمجهيو وڃي.
هيٺ آءُ شاھہ صاحب سان منسوب ٻن روايتن کي مذڪورھہ ماڻ مطابق ڀيٽِي، اصلاح احوال جي صورت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ؛
’’ روايت آهي تہ شاھہ سائين ويهن ورهين جو هو تہ کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو.چو نٿا تہ ڪوٽڙي جي مرزا مغل بيگ جو شاھہ حبيب ۾ ڪامل ويساه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو، سندس گهر ۾ ڪو اگهو ٿي پوندو هو تہ مرشد کي عرض ڪري، دعا لاءِ وٺي ايندو هو. قضا سان هڪ ڏينهن سندس فياڻي بي چاق ٿي پيئي، اتفاق سان ساڳئي وقت شاھہ حبيب جي طبيعت بہ ناساز هئي، انهي ڪري مرزا مغل بيگ جي عرض تي پنهنجي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين.شاھہ، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين ’’ جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو.‘‘ اهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لعل ٿي ويا، پر ٻاهريان صبر اختيار ڪيائون ان کانپوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو تہ پٽائي کنيائون، جو هو لاچار ٿي، ڪوٽڙي ڇڏي اتر طرف ڪجھہ مفاصلو پري، وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا.
ڪلياڻ آڏواڻي جي انهي روايت تي بحث بعد ۾ ڪبو. هيٺ ساڳي روايت لاءِ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ؛ ’’ هڪڙي ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي. هميشه وانگي سيد حبيب شاھہ کي سڏڻ آيا، پر پريو مڙس پاڻ اڻ چڱو هو، تنهن ڪري سندس پٽ شاھہ عبداللطيف کي هلڻ لاءِ چيائون. جو سيد تمام ڀلارا هئا. شاھہ لطيف ساڻن ويو نينگري ڪپڙن ۾ ويڙهجي کٽولي تي سمهي پيئي هئي، جو ڌارين جو منهن لڳڻو نہ هوس، هو پردي دار ماڻهو ۽ وڏي خاندان جا هئا.
شاھہ لطيف هن نينگري جي چيچ ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو تہ ’’ جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾ آئي آهي، تنهن کي نڪي لهر نڪي لوڏو، جيسين ڪه سيدن کي ملي. ‘‘ اهي اکر شاھہ صاحب ڳالهايا، تن تان مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ڪاوڙ ۾ تپي ويا، پوءِ ساڻن وير رکي، هن کي وقت بوقت اهنج ايذاءِ رسائڻ ٿي ڪيائون.‘‘ (5) ساڳي روايت لاءِ شيخ اياز ٻه ڳالهيون ڪري ٿو، هڪ ۾ لکي ٿو ؛
’’ شاھہ لطيف کي مرزا مغل بيگ عورتن ۾ اندر وٺي ويو. ان وقت نوجوان شاھہ لطيف اوچتو جڏهن هڪ حسين وجميل دوشيزه کي پنهنجي سامهون ڏٺو ۽ ٻنهي جون اکيون هڪ ئي وقت، هڪ ٻئي ڏانهن کڄيون تہ ٻنهي جي دل ۾ محبت جي باه ڀڙڪي اٿي، جنهن جو اندازو فورا مرزا کي ٿيو پر مصلحتن ان وقت ٽاري ڇڏيائين. ‘‘ (6)
اڳتي هلي شيخ اياز لکي ٿو ؛
بهرحال جڏهن اها خبر شاھہ حبيب کي پئي تڏهن پٽ کي ڏاڍو سمجهايائين، پر ڪو بہ کڙتيل ڪونہ نڪتو. آخرڪار پاڻ مجبورن ڪوٽڙي ڇڏي، ڪنهن ٻي جڳھہ رهڻ مناسب سمجهيو..‘‘ شيخ اياز ٻي روايت ساڳي نموني جيئن ڪلياڻ آڏواڻي ۽ مرزاقليچ بيگ لکيو آهي. تيئن بيان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ؛ ’’ جڏهن نوجوان نينگري جي ڪرائي شاھہ جي هٿ ۾ آئي تہ سندس زبان کان پاڻمرادو هي الفاظ نڪتا، ’’ جنهن جو هٿ سيد جي هٿ ۾ اچي ٿو، پوءِ ان لاءِ دک درد ڇا جو“ انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ؛
’’ جڏهن شاھہ لطيف مرزا مغل بيگ جي گهر ويو، تڏهن ڏٺائين تہ ڇوڪري ويڙهي سيڙهي پلنگ تي پيئي آهي، مگر هن جو نينگري کي ڏسڻ ۽ مٿس عاشق ٿيڻ نينگري جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين ؛ ’’ جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. ‘‘(7)
مطلب تہ اسان جي سڀني عالمن ۽ اديبن لطيف جي انهي پهلو کي بغير ڇنڊڇاڻ جي جيئن جو تيئن بيان ڪيو آهي. سواءِ شيخ اياز جي، جنهن ساڳي حقيقت لاءِ ٻه روايتون بيان ڪيون آهن، لطيف جي انهي مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ اسين مٿين روايتن مان چند ڳالهيون ذهن ۾ رکنداسون.
1 ـ لطيف هڪ ڀلاري خاندان جو فرد هو.
2 ـ مرزا مغل بيگ جو سيدن ۾ مڪمل ويساه ۽ پيري مريدي جو رشتوهو.
3 ـ شاھہ، مغل بيگ جي ڌيءَ جو حسن ڏسندي بي خود ٿي ويو،
4ـ نينگري ويڙهجي سيڙهجي پلنگ تي سمهي پيئي هئي جو ڌارين جو منهن لڳڻو نہ هوس.
جيئن تہ شاھہ ڀٽائي هڪ ڀلاري خاندان جو فرد هو، انڪري کيس بہ عزت نفس جو خيال هوندو. مرزا مغل بيگ جو سيدن ۾ ايڏو ويساه بہ ڪنهن تجربي ۽ سندن حسن سلوڪ جي ڪري ٿيو هوندو. پوءِ شاھہ لطيف جهڙو ڏاهو ۽ پاڪ سيرت انسان هڪ ئي منٽ ۾ اهڙي ويساه کي ڪيئن ٿي ختم ڪري سگهيو. شيخ اياز کان سواءِ باقي سڀني عالمن جي خيال مطابق نينگري شاھہ جي منهن ڪونہ لڳي هئي، پوءِ شاھہ بغير نينگر ي کي ڏسڻ جي بيخود ڪيئن ٿيو، جڏهن تہ مرزا وارن سان سندن تعلقات تمام پراڻا، ۽ پيري ۽ مريدي وارا هئا. انهي سلسلي ۾ هڪ مثال ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان اڄوڪي دور جو هڪ ڊاڪٽر جيڪو اعليٰ تعليم يافته، جديد دور جي سڀني تقاضائن جو پورائو ڪندڙ ۽ نئين قدرن جو حامل آهي، اهو جڏهن ڪنهن نوجوان مريضه کي سندن گهر تپاسڻ لاءِ وڃي ٿو، تڏهن هو مريضه کي بنفس نفيس سامهون ويهاري ٿو ۽ سندس ڪرائي تي هٿ رکي، پيٽ تي زور ڏيئي ڇاتي تي اسٽسڪوپ لڳائي،اکين جي ڇپرن کي هيٺ ڪري منهن ۾ ٽارڇ سان روشني وجهي وات جو معائنو ڪري ٿو، سندس هسٽري کانئس روبرو مخاطب ٿي پڇي ٿو، پر پوءِ بہ عزت نفس جي ڪري ۽ پيشي جي مناسبت سان مٿس ڪابہ بي خودي طاري نٿي ٿئي ۽ نہ مٿس ڪو بہ خيال اچي ٿو.
پر شاھہ لطيف تي اڄ جو عالم اهڙي بي خودي صرف ويڙهيل سيڙهيل نينگري جي آڱر وٺڻ سان طاري ڪريٿو ڇڏي، جيڪو حقيقت کان بعيد ۽ عقل کان عاري الزام آهي شاھہ فرمايو ؛
’’جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. ‘‘ مٿين سٽ حقيقت ۾ علامتي نوعيت جي آهي جنهن مطابق آڱر مان مراد قرابت ۽ واسطيداري ڏيکاريل آهي ۽ سيد مان مراد رهبر، سونهون، معالج ۽ سردار آهي، جڏهن تہ لهر ۽ لوڏو اهڙيون علامتون آهن جنهن مان مراد بچاءِ تحفظ ۽ سلامتي وٺي سگهجي ٿي. جيئن تہ لطيف سائين هڪ روحاني رهبر ۽ سلوڪ جو صاحب هو، انڪري هن پنهنجي مريضه کي جيڪي فرمايو، اهو عالمگيريت جي معنيٰ ۽ مفهوم جو حامل پيغام آهي. هن فرمايو ؛ ’’ جيڪو انسان سچي رهبر ۽ سونهين جي قربت ۾ اڇيٿو تنهن کي دنيوي مسائل ۽ مشڪلاتون ڪجھہ بہ ڪري نٿيون سگهن.‘‘
پر مرزا مغل بيگ ان کي غلط ۽ ٻي نموني سمجهيو. ياد رهي تہ مرزا مغل سابق حڪمران ٽولي ارغون خاندان جو فرد ۽ نواب هو، هو لطيف سائين جي همه گير شخصيت ۽ عوامي رابطي واري زندگي کان سخت خائف هو، هن جڏهن ماڻهن جا هجوم لطيف جي در تي ڏٺا تڏهن کيس پنهنجي نوابي جو وجود ڌو ڏا کائيندو نظر آيو ۽ هن انهي دعا کي غلط رنگ ۾ استعمال ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ثابت ٿيو تہ اهڙا ماڻهو ڪوڙي انا خاطر پنهنجي عزت کي داغ لڳائڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويندا آهن (ياد رهي تہ لطيف جي عوامي رجوعات کان، وقت جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو بہ خوف کائيندو هو، هن پڻ ڪيترا دفعا شاھہ ڀٽائي کي مارائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا هئا.)
جيڪڏهن مرزا مغل بيگ حقيقت شناس هجي ها ۽ مذڪوره ڳالھہ بہ سچي هجي ها تہ هو اهو سڀ تمام خفيه نموني ۽ رازدارانہ انداز ۾ ڪري ها، جيئن ’’ نانگ بہ مري تہ لٺ بہ بچي.‘‘ پر حقيقت اها هئي تہ اهو سڄو هن جو شاھہ کي بدنام ڪرڻ لاءِ گهڙيل منصوبو هو، جنهن کي اسان جي عالمن بغير ڇنڊڇاڻ جي قبول ڪيو آهي.
ان بعد شاھہ حبيب پنهنجي پٽ سميت ڪوٽڙي کان ٿورو پري
اچي حويلي اڏي پر ان جي باوجود ماڻهن جي رجوعات شاھہ ڏانهن ساڳي طرح رهي، مرزا مغل بيگ اهڙي حالت ڏسي، ساڻس وڌيڪ زيادتيون ڪرڻ لڳو، پر شاھہ خاموش رهيو.
مرزا مغل بيگ جو رويو عوام الناس سان تمام خراب هو، ان ڪري ’’ دل ‘‘ قوم جا ماڻهو، جيڪي اڳ ئي سندس ظلم جو نشانو بڻيل هئا، تن سان سندس جهيڙو ٿي پيو. مرزا ساڻن مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو تہ شاھہ لطيف کيس مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي. انهي موقعي تي هڪ بيت لطيف چيو جنهن کي اسان جا عالم ۽ اديب مٿين موقعي جي مناسبت سان ڏيکاريندي مرزا لاءِ پٽ ۽ پاراتي جي معنيٰ ۾ وٺن ٿا. گربخشاڻي صاحب لکي ٿو ؛
’’ مرزا مغل بيگ اجائي بڪ شڪ ڪئي ۽ شاھہ کي ويڻ ڏنائين. شاھہ جي دل کي نهايت رنج رسيو ۽ چو نٿا تہ سندس زبان مان بي اخيتار هي پاراتو نڪري ويو ؛
بــيـگ تنهنجي بيگي، رهندي ڪوٽڙي ۾ ڪان،
اٿم آس الله ۾، دل ماريندءِ مان، (8)
اهو ذڪر 1713 ع جو آهي،
حقيقت هي آهي ته، مٿيون بيت، پٽ ۽ پاراتي لاءِ جن ماڻهن ورتو آهي، تن کان سهو ٿي آهي. ڊاڪٽر هو تچندمولچند گربخشاڻي لکي ٿو ؛
’’ اسان جي نظر۾ پٽ پاراتا بہ فقير جي شان وٽان نہ آهن ۽ نڪي ڪو اسين اعتبار ۾ آڻيو نٿا تہ شاھہ جهڙي برد بار ۽ رحمدل انسان جي واتان اهڙا اکر نڪتا هوندا،‘‘ پر حقيقت ۾ پٽ ۽ پاراتي جو انساني زندگي تي ڪوبہ اثر نٿو پوي. (9)
هي بيت بہ علامتي نوعيت جو آهي جنهن ۾ ’’ بيگ‘‘ لفظ هڪ صاحب اقتدار حاڪم۽ طاقتور ڏانهن اشارو ڪري ٿو ۽ ’ بيگي ‘ مان مراد حاڪميت، راڄ ۽ دٻدٻو وٺي سگهجي ٿو، ڪوٽڙي پڻ علامت هڪ اهڙي Territory جي آهي جنهن حدن اندر راڄڌاني هجي. آس پڻ علامت آهي، جنهن مان مراد وٺبي اميد، آسرو، نياءُ ۽،دل هونءَ تہ هڪ ذات آهي پر هت مراد آهي، اهڙو انسان جيڪو برائي کي تڙي ڪڍي يا اهڙي ذات ياهستي جيڪا ظلم ۽ زيادتي کي ماري مات ڪري.
لطيف سائين فرمائي ٿو ؛
’’ اي حاڪم تنهنجي حاڪميت هن ڌرتي تي سدائي قائم رهي نٿي سگهي. ان ڪري توکي جڳائي تہ تون ظلم ڇڏي نيڪي جو رستو اختيار ڪر ورنہ مونکي اميد آهي تہ توکي تنهنجي ڪرتوتن ڪري برائي کي تڙيندڙ هستي ماري مات ڪندي.‘’
قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي.
ترجمو ؛ “اي ايمان وارو توهان تي روزا ائين فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان کان اڳ امتن تي ڪيا ويا هئا. اميد تہ توهان فلاح پايو.“ (سوره بقر)
جنهن نموني هت’’ اميد ‘‘ جو لفظ استعمال ٿيو آهي بلڪل ساڳي نموني لطيف بہ ’’ آس‘‘ جو لفظ ڪم آندو آهي. ٻنهي ۾ يقيني ڳالھہ ناهي ۽ نہ وري پٽ پاراتي جي معني ٰوٺڻ جڳائي. ڇو تہ ٻنهي جاين تي اهو ٻڌايو ويو آهي تہ چڱاڪم ڪندا رهندا تہ توهان فلاح پائيندا پر جي برائي ۾ رڌل رهيا تہ اميد يا آس آهي تہ نيستي توهان جو مقدر بڻبي.هي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي هر باشعور ماڻهو قبول ڪندو. لطيف هت اهو فلسفو بيان ڪيو آهي تہ هي دنيا فنا جي جاءِ آهي.هتان جو ڪوڙو ڪروفر ۽ فرعونيت سدائين قائم ناهي رهڻي. جيڪڏهن توهان عقل سليم رکو ٿا تہ پاڻ ۾ سڌارو آڻيو ورنہ توهان جو انت عنقريب اچڻ وارو آهي.
هن مقالي ۾ موضوع جي مناسبت سان پنهنجو نڪتہ نظربيان ڪيو آهي.اميد تہ شاھہ ڀٽائي جي ڪلام ۽ فڪر تي تحقيق ڪندڙ ٻيا حضرات انهي ڏس ۾ منهنجي وڌيڪ رهنمائي ڪندا.

حوالا
(1) مرتب سيد صفدر علي شاه؛ گوهر لطيف (سنڌي حصو) ص ـ37، شعبہ مطبوعات، سنڌ اطلاعات کاتو ڪراچي، 1986.
(2) ايضاً (ص ـ 39)
(3) سيد جليل الرحمان اعظميِ : ”ابوطيب متنبي“ ( ـ 5) اداره تصنيف و تاليف آل پاڪستان ايجو ڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي، 1958ع
(4) مولانا غلام محمد گرامي: ”سه ماهي مهراڻ“ (ص 71)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1975ع
(5) مرزا قليچ بيگ ”احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي“ (ص ـ 23)، چوٿون ڇاپو، شاه عبدالطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز 1972ع
(6) شيخ اياز: ”رساله شاه عبدالطيف (اردو) (ص ـ 6) سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، 1963ع
(7) ڊاڪٽر گربخشاڻي: مقدمه لطيفي“ (ص 24ـ 25)، ورسٽي پبليڪيشن سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 1077ع
(8) ايضاً (ص ـ 35)
(9) ايضاً (ص ـ 35)