سر سورٺ جو مطالعو
سورٺ، ڏياچ جي پٽ راڻي هئي ۽ ٻيجل سوراشٽر جو چارڻ هو جنهن پنهنجي فن سان موسيقي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو هو سورٺ سان منسوب ٻه قصا آهن؛ هڪ ڪاٺياواڙي ڪهاڻي ۽ ٻي سنڌي. ڪيئن بہ هجي، پر اهو گمان مڃتا ماڻي چڪو آهي تہ سورٺ ڄمندي ئي ڪٽنب کان وڇڙي پراون درن تي پلجي جوان ٿي ؛ پر مالڪ کيس ور اهڙو ڏنو هو، جو ننڍپڻ جا سور ۽ درد کيس ياد ئي ڪونہ رهيا. قدرت بہ عجيب رنگ رچي ٿي هن اڃا سهاڳ جو جوڙو بہ ڪونہ مٽيو هو، اڃا پريت جي ريت نڀائڻ لاءِ پهرين وک وڌائي هئائين تہ کيس ڏهاڳ ڏسڻو پيو.
راءِ ڏياچ سندس سونهن تي اهڙو موهت هو، جو جڏهن هوءِ گهمندي هئي تہ سندس وک وک تي گلن جون پٿرڻيون وڇائبيون هيون. هن جي هڪ مرڪ تي سوين ٻانهيون قربان ٿينديون هيون ۽ هن جي هڪ جنبش تي هزارين دايون ۽ داسيون حڪم جي پورائي ءَ لاءِ هڪيون تڪيون کڙيون هونديون هيون. سورٺ سوچيو بہ ڪونہ هو تہ اوچتو اهڙي ڪا پن ڇڻ جي هوا گهلندي،جو سندس ور کيس سدائين جو ڏهاڳ ڏئي، هيئن اڪيلو اداس ڇڏي هليو ويندو. محل جي هر ڪنڊ هر دالان، هر ڪمرو ۽ ڪياري سندس جسم جي مهڪ سان ٻهڪندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن حسب معمول هوءَ محل جي باغ ۾ هوريان هوريان هلي رهي هئي. پٺيان ناز سهندڙ، چاهت جو پيڪر، راڄ جو راڻو راءِ ڏياچ اچي رهيو هو. سورٺ جي هلت ۾ اڄ البيلائي هئي، ناز هو ۽ پنهنجائپ هئي. شايد اڄ سونهن ۽ چاهت جو آخري سنگم ٿي رهيو هو. اوچتو سرهاڻ ڀري وايو منڊل ۾ هڪ ٻانهي جو آواز اڀريو تہ جهونا ڳڙھہ جي شهر ۾ هرپاسي ۾ اهو چوٻول آهي تہ گرنار ۾ ڪو عطائي آيو آهي، جنهن جي طلب ۽ تونس نهايت عجيب ۽ انوکي آهي. هو نہ حڪومت ۽ نہ شان شوڪت طلبي ٿو، پر سودو سر جو ڪرڻ چاهي ٿو ؛
سر مڱي، سر گهري، سر رِي ٿئي نہ صلاح
ٻيجل عطائي نه، بلڪ ماهر سر ندي نواز هو. هن کي پنهنجي فن تي پورو ڀروسو هو. فني ڄاڻ ۽ خوبين جي ڪري، هن جي طلب ۽ تنوار وڌيڪ مؤثر ۽ پختي ٿي وئي. جڏهن.گرنار جي گهٽين ۾ تنبوري جي تند ۽ تار، رون رون ۽ رس گڏجي گونجڻ لڳا تہ محل جون دريون کلي ويون. دايون ۽ ٻايون شهزادا ۽ شهزاديون راڻي ۽ بادشاھہ سڀ چارڻ جي چنگ جي راڳ ۽ آلاپ کي سڻڻ لاءِ بيتاب ٿيڻ لڳا.
جاجِڪ جهونا ڳڙھہ ۾، ڪو عطائي آيـــو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
شهر ســـڄو ئي سُـــر سين تـــندن تــپايو،
دايون درمانديون ٿــــــيون، ٻاين ٻاڏايو،
چارڻ ٿي چايو ، تہ ماري آهي مڱڻو.
(2 ـ1)
شاهي حڪم سان ٻيجل کي ڏياچ آڏو پيش ڪيو ويو. ڏياچ منگتي جي ساز جي ساراھہ ڪندي چيو تہ ’’ تنهنجي سرندي تہ منهنجي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو آهي. خبر ناهي تہ اها ڪهڙي ڪشش ۽ سوز تنهنجي سرندي ۾ سمايل آهي، جو آءُ چاهيان ٿو تہ تنهنجي هر بکيا کي مان ڏيان. چارڻ تہ سر جو سوالي هو، تنهن سر جي سئن
هنئين. ڏياچ ٻيجل جي اهڙي انوکي طلب تي سرهائيءَ سان وراڻيو ؛
جاجــڪ! تو جـــهار، ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏياچ چئي،
جنــهن ۾ مال نہ مِـرِءَ جيترو، تنهن تون طمعدار،
جي اچئي ڪم ڪپار، تہ ويھہ ڀيرا وڍي ڏيئين.
(3 ـ 6)
جيتوڻيڪ سورٺ، ٻيجل کي انهي ءَ گهر کان روڪڻ لاءِ سوين لالچون ۽ سوغاتون آڇيون، منٿون ۽ ميڙون ڪيون، نياڻين جو ننگ وڌائين، پر منگتو هڪ ئي پير تي اها صدا هڻندو رهيو ته، مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نہ چرندو،جيئن تہ راءِ ڏياچ ساز ۽ آواز جو عاشق، سورهيه ۽ سخي مرد ۽ مخالف انيراءِ سندس سخاوتي روين کان چڱيءِ پر واقف هو. هن سندس اهڙي خاصيت مان فائدو وٺندي، ٻيجل جهڙي ماهر سرندي نواز کي، سندس سروٺڻ لاءِ منتخب ڪيو ۽ اهو انتخاب هر لحاظ سان پورو هو. شاھہ سائين انهي ءَ نڪتي کي هيٺينءَ طرح نروار ڪيو آهي ؛
موٽي مڱڻهار، شال م اچين ڪڏهـــين،
اٺئي پهر اجل جو، ڪنڊو منجهہ ڪپار،
جُھ تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن تي .
(2 ـ 15)
هن بيت ۾، مڱڻهار، مڱڻهار ناهي، پر اهو مڱڻهار جي حيثيت کان اڳتي وڌي هڪ اهڃاڻ ٿي ٿو وڃي. عام مڱڻهار خطرناڪ ناهي، ان کي اجل جو ڪنڍو منجهہ ڪپار ناهي اهو مڱڻهار ڇٽ، پٽن تي هڻي نٿو سگهي. رڳو هڪڙو فنڪار ٻيجل ئي آهي، جيڪو فنڪار جو اهڃاڻ آهي، جيڪو وري وري ٿو اچي ۽ ڇٽ پٽن تي ٿو هڻندو رهي. اهو صحيح معنيٰ ۾ فنڪار آهي جنهن آڏو تاج، تخت يا حڪو مت ڪا بہ معنيٰ نٿيون رکن.(1)
بيت جي ظاهري سچوئيشن مطابق اهو ڪلاڪار وري وري اچي ٿو اهو ڪلاڪار سپر طاقت جو ڊپلوميٽ بہ تي سگهي ٿو جنهن کي پنهنجي ڄاڻ ۽ فن تي عبور آهي. ان جي آڏو ڪو بہ تخت يا حڪومت ڊاهڻ ڏائي هٿ جو کيل آهي (2)
جيئن ٻيجل انيراءَ جي اشاري تي پنهنجي فني صلاحيت سان ڏياچ جي تخت کي اونڌو ڪري ڇڏيو. اهڙا ڪردار ۽ اهڙا انسٽرومينٽ (ساز) جيڪي ڪنهن حڪومت يا ملڪ کي مليا ميٽ ڪري سگهن، تن سڀني کي ٻيجل ۽ سندس سرندي سان علامتائي (SYMBOLIZED) سگهجي ٿو ؛ ڇو تہ سڀئي سپر طاقتون ۽ سڀ طاقتور ماڻهو پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ بين الاقوامي توڙي اخلاقي پابنديون اورانگهڻ لاءِ پنهنجا ڇاڙتا ۽ ايجنٽ استعمال ڪرڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نہ ڪنداآهن.
انيراءِ ظالم قوت ۽ ظلمت جو اهڃاڻ هو، جنهن جي روش ڪنهن بہ طرح اجتماعي ڪانہ هئي ؛ پر هن انفرادي مقصد لاءَ اهڙا حربا هلايا جن سان وقتي طور هن کي اهڙي ڪاميابي ملي، جيڪا ڪنهن مضبوط بنيادن تي ٻڌل ڪانہ هئي. اهڙيون تخريبي قوتون، هر دور ۾ اينديون رهنديون ۽ پنهنجي مقصد لاءِ ٻيجل جهڙن ماهر فنڪار، سائنسدانن، ڪيميادانن ۽ ٻين کوڙ سارن شعبن جي ماهرن کان، محسوساتي يا غير محسوساتي طور تخريبڪاريءَ جو ڪم ڪرائينديون رهنديون.
ڏياچ ان جي برعڪس سادگي، پاڪائي ۽ سخاوت جي سمبل ۾ پيش ٿيو آهي جنهن کي پنهنجي وچن نڀائڻ ۽ سخاوت ڪرڻ ۾ مڪتي ((salvation نظر اچي ٿي. هن جي آڏو سر، ملڪ ۽ حڪومت ڪا حيثيت نٿا رکن. اهڙا اعليٰ انسان بہ هر دور ۾ ايندا رهندا ۽ پنهنجي عمل ۽ ساک سان دنيا کي سماجي سورن (SOCIAL UN REST) کان بچائڻ لاءِ جتن ڪندا رهندا.
سورٺ هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جيڪو ڏياچ جهڙن ڪردارن جي حفاظت لاءِ ساڻن گڏ گڏ ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ جڏهن هو ڪوشش جي باوجود چڱائي ۽ طاقت جي سرچشمي کي بچائي نہ سگهندو آهي تہ پوءِ پاڻ بہ اهڙي ماحول ۾ رهڻ بدران، ان سان گڏجي مڪتي کي ترجيح ڏيندو آهي.
ٻيجل جي ڪردار کي لطيف سائين اهڙي علامت ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي فن، فڪر ۽ معلومات مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ کان ڪيٻائي نٿو، هو هڪ ماهر سرندي نواز آهي، جنهن کي سُر تي مڪمل مهارت آهي. اهو فنڪار پنهنجو فن ٽڪن تي وڪڻي، انساني بهتري بجاءِ تخريبي سرگرمين ۾ شامل ٿي ٿو وڃي. ٻيجل جو ڪردار عام مڱڻهار کان مٿي هڪ علامتي روپ ۾ نروار ٿيو آهي. هو مهان شخص راءِ ڏياچ جي سخاوت ۽ سماجي ڀلائيءِ واري راڄ کان راضي نہ آهي، بلڪ هو دشمن قوتن جو ڇاڙتو ۽ ٽڪن تي وڪاڻل آهي، ان ڪري راءِ جي راڄ کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ آهي.
تاريخي طور تي ڏسبو تہ سنڌ ۾ هي داستان سمن جي سماجي ۽سياسي ڊپلوميٽ روين جي ڪري مشهور ٿيو. سما حڪمران خاص ڪري راءِ ڏياچ سخاوت ۾ مشهور هو ۽ اهڙي قسم جي دان ڏيڻ جا واقعا کيس پسند هوندا هئا. شاھہ سائين هن سر ۾ سورٺ کان وڌيڪ ڏياچ کي انهي ڪري اجاگر ڪيو آهي، جو هڪ تہ شاھہ صاحب وٽ موسيقي جي اهميت اتم هئي ۽ ٻيو تہ ٻيجل ان دور جو اهڙو تہ جاجڪ هو، جيڪو پنهنجي فن ذريعي هر ڪنهن ڪم کي تڪميل تي پهچائي پئي سگهيو. هونئنءَ تہ ماهر فنڪارن ۽ موسيقارن کان سنڌ ڪڏهن بہ خالي ڪانہ رهي آهي، پر ٻيجل جهڙو با اعتماد فنڪار، جيڪو پنهنجي فن ذريعي شاهن جا ڇٽ پٽن تي هڻڻ جو گر ڄاڻي پيو، تنهن ڀٽائيءَ کي موهي وڌو. ٻئي پاسي ڏياچ جهڙي جهوناڳڙه جي وڏي حاڪم، ساز ۽ موسيقي تي موهت ٿي، دنيا جون ساريون خوشيون ۽ خوبصورتيون ڇڏي، سر جهڙي وڏي دان ڏيڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس ڪانہ ڪئي تہ اها ڳالھہ بہ ڀٽائي ءَ کي ڏاڍي وڻي. انهن واقعن ۽ سببن جي ڪري هن فخري طور راڳ جي رس ۽ اثر جي قوت کي محسوس ڪيو ۽ سندس اعليٰ فهم، راڳ جي نوعيت بابت اهو نڪتو نروار ڪيو تہ راڳ اهو جو دلين تي اثر ڪري. (3)
لطيف سائين چاهي ها تہ سورٺ جي سونهن سوڀيا ۽ قرباني سان گڏ سندس درد ۽ فراق جو ذڪر بہ ڪري ها، پر هر هر سندس ذهن تي ٻه اهم ڪردار حاوي رهيا ۽ پاڻ جذباتي طور انهن ڪردارن سان اهڙو تہ منسلڪ ٿي ويو، جو پنهنجي هڪ اهم سورميءَ سورٺ جي ڪردار جي اها ڊرامائي تشڪيل ڪري نہ سگهيو ۽ نہ وري انهن جذبن کي لفظن جو روپ ڏئي سگهيو، جيڪي سورٺ جي من ۾ ڏياچ جي ڏهاڳ وقت پيداٿيا. پر ٻين شاعرن وٽ انهن جذبن جو اظهار ملي ٿو ؛
سورٺ مڱڻهار کي، جــال ڀري جانا،
اسـين ٻـئي، ٻه ڄڻا، ٻيجل جا ٻانها،
ڇڏ تندن جا طعنا، موٽي وڃ تون منگتا! (4)
مطلب تہ هي قصو سخاوت، همت، حوصلي ۽ سورهيائيءَ جو اهڙو مثال هو، جو اڄ بہ هر سنڌي ۽ هر مقصدي ماڻهو، ڏياچ جي اهڙي عمل تي فخر ٿو محسوس ڪري. لطيف سائين جون ڇھہ لوڪ ڪهاڻيو ن ’ پيار ‘ جي عنوان تي مشتمل آهن، پر هڪ ئي ڪهاڻي سورٺ، ”موسيقي ءَ سان پيار“ جي عنوان تي ٻڌل آهي.
هرعورت جي ڪهاڻي هونئن تہ انسانيت جي ماءُ جي ڪهاڻي ءَ طور بيان ڪري سگهجي ٿي، پر هتي سورٺ جو روپ هڪ اهڙي سنڌي عورت جو روپ آهي، جيڪا راڄ ماتا (جيڪا راءِ ڏياچ جي اصل ماءُ آهي) کان هڪ قدم اڳتي وڌي. ٻيجل جي ٻانهي بڻجڻ چاهي ٿي ؛ پر ڏياچ تي ڏِ نگو ڏينهن ڏسڻ نٿي چاهي. اها سورٺ ئي آهي جيڪا جڏهن پنهنجي ور کي بنھہ بچائي نٿي سگهي تہ پوءِ پاڻ بہ ڏياچ جي ڏولي سان ستي بڻجي ٿي.
اصل ۾ اهي ٻئي ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا لازوال، نرالا ۽ حيرت انگيز ڪردار آهن. هڪ پاسي ڏياچ سخاوت جي ساک رکڻ لاءِ ساز ۽ وچن تي سر ڏنو تہ ٻئي پاسي سورٺ پنهنجي پتي ۽ پيار جي خاطر جيئري ستي بڻجي پاڻ ملهايو.
جيڪا ڌرتي موسيقي سان محبت ڪري ٿي، سخاوت کي سونهن سمجهي ٿي، وچن کي حڪم ۽ پيار کي امر ڄاڻي ٿي، اها ڪابہ قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻائيندي آهي ۽ اها حيثيت سورٺ ۽ ڏياچ ماڻي، سدائين لاءِ امرٿي ويا.
تند تمهاريءَ تان، ڪهيو سـو قـبول پـيو،
سر تہ آهي سٽ ۾، ٻيو ڪي مڱج دان،
خاڪ مٽي ڪابان، ڪاٽيا پوءِ ڪجھہ نهين.
حوالا
(1) عباسي تنوير ؛’’ شاھہ لطيف جي شاعري ‘‘ شاھہ لطيف ثقافتي سوسائٽي،ڪراچي، 1976 ع، ص 146
(2) سڌايو غلام نبي، ڊاڪٽر ؛’’ شاھہ جي شاعري ءِ ۾ علامت نگاري ‘‘، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1992 ع ص357
(3) بلوچ نبي بخش خان،ڊاڪٽر ؛’’ سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ ‘‘ ڀٽ شاه ٽقافتي مرڪز 1978 ع ص 153
(4) مرليڌر جيٽلي ؛ اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪهاڻيون (راِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي) اصل ڀرتيه سنڌي ساهتيه پريشد، انديا، ص 55