سر رامڪلي ۾ تاريخي اهڃاڻ
شاعريءِ جو واسطو جذبن سان گڏ سوچ سان بہ آهي جيڪڏهن سوچ منطقي ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل هوندي تہ اهڙي حالت ۾ لفظ اهڃاڻ جو روپ وٺندا. اديب ۽ شاعر پڻ اهڙي استدلالي سوچ سان پنهنجو مقصد بيان ڪندا آهن. سر رامڪلي ۾ لطيف سائين جيڪي تاريخي اهڃاڻ استعمال ڪيا آهن سي سڀ انساني ڀلائي، پيار ۽ خوبصورتي جي ورکا ڪندا نظر اچن ٿا. منجهن ڪنهن بہ قسم جي نفرت، ڪدورت ۽ ٻيائي جو شائبو نظر نٿو اچي.
رهيا اٿئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لن ءُ لنءُ منجهہ لطيف چئي، ڪرتنين جي تات،
سنـــدي جوڳـــين ذات، ٻي ڀيري مـس مـڙي.
(8ـ1)
اهڃاڻن کي عام طور تي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن تہ ؛
1 ـ ذاتي، 2 ـ روايتي، 3 ـ سڀاويڪ
مضمون جي لحاظ کان وري اهڃاڻن کي جاچي ڏسبو تہ ان لحاظ سان هيٺيان ٽي قسم سامهون ايندا ؛
1ـ تاريخي اهڃاڻ، 2ـ جاگرافيائي اهڃاڻ، 3ـ فڪري اهڃاڻ،
تاريخي اهڃاڻ ۾ حياتياتي، نفسياتي ۽ تعميراتي اهڃاڻ شامل هوندا آهن، شاھہ سائين پهريون وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي فني مشاهدي ۽ صلاحيت سان شاعري ۾ ذاتي تجربا ڪيا. اهوئي سبب آهي. جو سندس شاعري ۾ ذاتي اهڃان گهڻا نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ اهو عمل نڀائڻ، هر ڪنهن شاعر جي فني سگھہ کان گهڻو مٿڀرو آهي.ڊاڪٽر ٻوهيو لطيف سائين جي ذاتي اهڃاڻ جي استعمالي عمل لاءِ لکي ٿو ؛’’ آءُ ڀانيان ٿو تہ هن باري ۾ بہ حضرت شاھہ سائين اسان جي بهترين اعليٰ آرٽسٽن مان هوندو. جن ذاتي اهڃاڻ ستعمال ڪيو هوندو.‘‘ (1)
مضمون جي لحاظ کان ’’ رامڪلي ‘‘ کي اسين نئين رخ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان مطابق لفظ ’’رامڪلي‘‘ ’’رام‘‘ ۽
’’ڪل ‘‘ جو سنگم آهي.
رام کي هندو پنهنجو اوتار ڪري مڃيندا آهن. هي ايوڌيا جي راجا دسرت جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ جي ڏنل وچن کي پوري ڪرڻ لاءِ چوڏهن سال بنواسي ٿي رهيو. هن هڪ تحريڪ هلائي جنهن جو بنياد ي مقصد ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي مخالفت هو. انهي ڇوت ڇات واري نظام ۾ روحاني طور تي آزاد ۽ سماجوادي بڻجڻ ڏکيو مسئلو هو. پر رام ائين ڪري ڏيکاريو.
سر رامڪلي کي پڙهڻ کان پوءِ ائين پيو لڳي تہ شري رامچندر جي ان عمل ۽ وديا کي شاه صاحب ’’ ڪل‘‘ (خبر يا ڄاڻ) سڏيو آهي جنهن مان ’’ رامڪلي ‘‘ ٺهيو. انهي حوالي سان هن سر ۾’’ رام وديا ‘‘ جي سگهاري ۽ سرت ڀري تعليم ڌنل آهي. هونءَ ’’ رامڪلي ‘’ هنڊول راڳ جي پنجن استرين مان هڪ آهي. شري ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو تہ هن سر ۾ جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آهن. لطيف سائين هن سُر ۾ جن جوڳين ۽ لاهوتين جا نشان پتا بيان ڪيا آهن، سي سڀ ان فڪري تحريڪ سان واسطو رکندڙ معلوم ٿين ٿا.
نڪي کڻن پاڻ سين نڪو ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءُ نہ جيندي ان ري.
(1ـ31)
لطيف سائين پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو هو ۽ انهن سان گڏجي ساڳي مقصد لاءِ ڪم بہ ڪيو هئا ئين.
جوڳين جي ان تحريڪ (رام ڀڳتي تحريڪ) کي برصغير ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هي تحريڪ پندرهين ۽ سورهين صدي عيسو ي جي هندو توڙي مسلمان دانشورن جي سوچ جو منطقي نتيجو هئي. انهي نڪتہ نظر کي سامهون رکندي، ڪيترن ئي ويدانتي ۽ تصوف سان واسطو رکندڙ دانشورن انهي عمل کي اڳتي وڌايو. هن تحريڪ جو بنيادي رڪن رامانج کي چئي سگهجي ٿو. رامانج پنهنجو زياده تر توجھہ گهٽ ذات وارن هندن ڏانهن رکيو هو.(2) جيئن تہ رام پاڻ سماجوادي شخصيت هو تنهن ڪري هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ذات پات جي مخالفت ۽ انسانيت، محبت ۽ يگانگت جو درس هو. انهي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ برصغير جي ڪيترن شاعرن اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ؛
“ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال،سمن، تلسي، رحمان ۽ ڪالو و غيره جا هندي دوها، سنڌ ۾ بہ عام مروج ۽ مقبول هئا. ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف وٽ بہ انهن جو قدر هو. ڀٽائي صاحب وقت بوقت انهن دوهن کي دهرايو۽ انهي ڪري ئي اهي دوها ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سر بيراڳ هندي هيٺ هڪ اهم باب جي صورت ۾ قلمبند ٿيا.“ (3)
لطيف سائين سر رامڪلي ۾ جن ماڳن، مڪانن توڙي اوتارن، تيرٿن ۽ شخصيتن جي تاريخي اهميت ۽ ڪرداري سگھہ کي بيان جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، تن سڀني جي لطيف جي اظهاري قوت ڪري ڪردار کان وڌيڪ اهڃاڻي حيثيت ٿي پئي آهي. اهي سڀ اهڃاڻ، سنڌي سماج جي نفسياتي مامرن ۽ منطقي نتيجن جي حاصلات جو سبب بنيا. اچو تہ هيٺ انهن مان ڪن خاص اهڃاڻن جي تاريخي حيثيت تي هڪ نظر وجهون.
هنگلاج ؛ لس ٻيلي ۾ 30، 35 اتر ۽ 31، 65، اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ هنگلاج پهاڙ تي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار کن فٽ مٿي هنگلور نديءَ جي عربي سمنڊ جي ڇوڙ واري هنڌ کان 15 ـ18 ڪلو ميٽر کن اڳتي هڪ سوڙهي وادي ۾ آهي. هنگلاج جي ڏکڻ ۾ مالن (Malan) پهاڙ آهي. هتان هالار جبل جي پڇڙي ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري واري جابلو سلسلي جي شروعات ٿئي ٿي.
هنگلاج واري ماڳ کي’’ اڪل پنٿ ‘‘ بہ چون ٿا. هتي هڪ ديويءِ جو مندر آهي جنهن کي مسلمان ناني ۽ هندو ڪالي، امبا، پار بتي ۽ درگا ماتا وغيره چون ٿا.
مٿيان سڀ اهڃاڻي نالا ماتا جي شڪتي جو اظهار آهن. هندو ديومالا واري ڊڪشنري مطابق هن کي مهاديوي (شوجي زال)، پاربتي (پربت جي ڌيءُ)،مهاوت ( هماليه جي ڌيءُ) ديوي چون ٿا شوجي مونث سنگھہ آهي، هن جا ٻه رخ آهن، هڪ جمالي ۽ ٻيو جلالي. سندس ٻيو رُخ پوڄيو ويندو آهي. سندس جمالي رُخ اما آهي. ٻيا نالا اٿس گوري، هيماوتي، جگن ماتا ۽ ڀواني ماتا. سندس هڪ شديد رخ درگا بہ آهي.
لاهوت لامڪان ؛ ڪراچي کان اتر اولھہ طرف اٽڪل 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي سارونہ جي ويجهو آهي. لاهوت لامڪان جي اهڃاڻي حيثيت ان مان لڳائي سگهجي ٿي جو هڪ روايت موجب هتي سوالک نبي سڳورا ۽ ولي الله عبادت ڪري چڪا آهن. اهوئي سبب آهي.جو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملنگ، لاهوت تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن لاهوت تي ايندڙ هر ماڻهو کي ’’ لاهوتي ‘‘ سڏيو ويندو آهي.ٻي معنيٰ ۾ اهي رنگجي ريٽا ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي بہ ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ضمانت بڻجي پوندا آهن. لاهوت ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي تہ اڳ ۾ ’’ هاهوت ‘’ ڪجي اها هڪ اهڙي سوڙهي دري يا غار آهي جنهن کي پرک جي دري بہ چوندا آهن.
شِو مهاديو ؛ کشترين جو ديوتا آهي. شو بنيادي طور تي غير آريائي خدا آهي، اڻ آريا ان جي پوڄا ڪندا هئا. هندن جي عقيدي موجب ٽن مکيه ديوتائن مان شومهاديو بہ آهي. اهي آهن ؛
1ـ برهما ـ تخليق ڪندڙ
2 ـ شِو ـ تباھہ ڪندڙ
3ـ وشنو ـ حفاظت ڪندڙ
ترشنا برهما جي ٽنهي شڪتين جي اهڃاڻي صورت آهي.
ناٿ ؛ ناٿ لفظ جي معنيٰ آهي مالڪ ايشور ۽ ڀڳوان وغيره. اهي گوسوان قابل ۽ اِندرين کي جيتڻ وارا هئا يا اِندرين جا مالڪ بڻجي، غالب پئجي ويا ۽ انهن کي ئي ناٿ سڏيو ويو. هندي شاسترن ۾ چيل آهي تہ ناٿ اپاڌي ڌاري گوسوامي پوري طرح شو جا ڀڳت آهن ۽ شنڪر ڀڳوان انهن جو مکيه ديوتا آهي. ناٿ جا ٻه قسم آهن. هڪڙا اهي جيڪي ناد مان پيدا ٿيا ۽ ٻيا اهي جيڪي ٻوند (بود) مان پيدا ٿيا. اهڙي طرح يوگ گرنٿ ۾ نو (9) ناٿ مڃيا ويا آهن.
1- شري گرو مڇيندر ناٿ، 2- شري گرو گهِني ناٿ، 3- شري گرو جوالندر ناٿ، 4- شري گرو ڪاريڻيا ناٿ، 5- شري گرو چرينٽ ناٿ، 6- شري گرو ريوڻناٿ، 7-شري گرو ناگ ناٿ، 8- شري گرو پرٺ ناٿ ۽ 9- شري گرو گوپيچندر ناٿ.
هندي علم مطابق جيڪي بہ منتر پڙهبا آهن تہ انهن ۾ واسطا يا ڊوهيون نون ناٿن جون وڌيون وينديو ن آهن.هندي ڏند ڪٿا مطابق اهي ماري ۽ وري جيئاري بہ سگهندا هئا. سنڌ ۾ قاضي قاضن کان وٺي شاھہ لطيف تائين پنٿي پيغام جو اثر نمايا ن نظر اچي ٿو.
گرو گورکناٿ ؛ گرو گور کناٿ، شري گرو مڇيندرناٿ جو چيلو هو پر گورکناٿ ڄاڻ ۾ استاد کان اڳتي نڪري ويو. هن پنهنجو وڏو مرڪز سيوستان کي ٺاهيو ۽ ٻيا ننڍامرڪز شاھہ لاهوت، ڪراچي، ماري پور، آمري تلاءُ ۽ هنگلاج تي ٺاهيائين. هنگلاج وارو انيل کوه گورکناٿ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.
گرو گورکناٿ جدا پنٿ قائم ڪيو. سندس متوهو تہ دنيا ۾ ڪوبہ اونچ نيچ ناهي ۽ انسان سڀ برابر آهن.
سنياسي ؛ سناسين جا ٻه ڀيد آهن، هڪڙا اهي جيڪي استري (زال) هوندي بہ ڪرم ڀوڳ ۽ سنياس جي سکيا وٺندا هئا، ۽ ٻيا اهي جيڪي گرهست ۾ رهي ڪري گيان جو اپديش وٺي عمر جي چوٿين حصي ۾ سنياس وٺندا هئا
گنگا؛ هي ندي ڪيلاش پربت جي مانسروور ڍنڍ جي مور منهن (peacock) مان نڪري ٿي،۽ هندن وٽ نهايت پوتر ليکي وڃي ٿي. ڪيلاش پربت لاءِ هندن جو عقيدو آهي تہ شو مها ديو اتي رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چٽائن ( وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي، هن کي آسماني ندي بہ چئجي ٿو. هن ندي جو جتان وهڪرو ٿئي ٿو. اتي ڪيترا اشنان گهاٽ جوڙيا ويا آهن. جتي لکن جي تعداد ۾ هندو اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئن ٿا.خاص طور تي بنارس انهي سلسلي ۾ مشهور آهي.
ناگو (نانگو) ؛ ڏهن ياٻارنهن سالن جي شيوا پوري ڪرڻ بعد ۽ پوري سکيا کانپوءِ چيلي کي سڌ گرو يا جماعت هن کي نانگو بنائڻ جي لائق سمجهندي هئي، تڏهن هن کي نانگو بڻائي ڇڏيندا هئا. ناگا بنائڻ لاءِ خاص اسٿان ۽ وقت مقرر هئا. جيئن هريدئار جو ڪنڀ، جيڪو مشيس سنڪراتي 1938 ع ۾ ٿيو پرياگ جو ڪنڀ جيڪو مڪر سنڪراتي ۾ 1940ع ۾ ٿيو گوداوري جو ڪنڀ جيڪو سنگھہ سنڪراتي ۾ 1944ع ۾ ٿيو. اجين جو ڪنڀ جيڪو 1945ع گرمين ۾ ٿيو ۽ هر هڪ موقعي تي 100 کان 150 تائين ناگا بڻايا ويندا هئا. اهو انديشو هو تہ متان ڪنهن نانگي کي استري ڀوڳ جي خواهش ٿئي،ان لاءِ تنگ توڙ (خصي ڪرڻ) جي رسم بہ هلندي هئي مگر اڄ ڪلھہ سناسي ناگن ۾ اها رسم ڪانهي ۽ بلڪل بند آهي. سر رامڪلي ۾ آيل اهڃاڻي شخصيتن ۽ ماڳن مڪانن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو ؛
سر رامڪلي ۾ جيڪي اهڃاڻي شخصيتون بيان ڪيل آهن سي سڀ ڪنهن نہ ڪنهن طريقي سان انساني رهبري، وديا ۽ اهنجن ۽ انيائن کي هٽائيندڙ هستيون ۽ قرب پيار جي نور سان ٽمٽار نظر اچن ٿيون.
مونا طور سينا، سـندا سنـاسين،
پورب کنيو نہ پاڻ سين بود بيراڳــــين،
ردا آهــــي راز جـــي، اوڇـــن آديسيـــن،
قرب ڪاپڙين، نهن چوٽي سين ڍڪيو،
(5 ـ2)
هن سر ۾ ڪم آيل تاريخي ماڳ مڪان بہ اهڃاڻي حيثيت جا حامل آهن. اهي سڀ هنڌ ۽ جايون تيرٿ ۽ تڪيا جتي روحاني آنند، ڪلياڻ ۽ سڪون جو سبب آهن، اتي سماجي ۽ نفسياتي مسئلن کي نبيرن ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ جا مرڪز پڻ آهن حاصل ڪلام تہ سر رامڪلي ۾ اجتماعي سوچ ۽ ڪوشش جي اپٽار، انسان جي حرمت ۽ نفس تي ضابطي جا عملي گر ڏسيا ويا آهن. ان سان گڏ هن سر ۾ انساني زندگي کي تڪليفون ۽ تن تسيا ڏئي، آسان بڻائڻ جا اصول، سونهن کي پائڻ، شر کان حفاظت ۽گرو جي گس لڳڻ جا پيچرا بہ ڏيکاريا ويا آهن.
گل گل ڏسي گودڙيا، گهڻا م ڀانـــــئيج،
سوئي سڃاڻيج، هيءُ هو آهي هيڪڙو.
حوالا
(1) گرامي غلام محمد ؛’’ سماهي مهراڻ ‘‘ سنڌي ادبي بورد ڄامشورو. اپريل ـ سيپٽمبر 1975 ع ص ـ 73
(2) قاضي جاويد ؛’’ برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا ‘‘ نگارشات لاهور 1986 ع ص ـ 71
(3) ’’سماهي مهراڻ ‘‘ سيارو 1955 ع مقالو بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر : ’’ سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو ‘‘ ص ـ 117