مارئي، سونهن، ست ۽ سورهيائي جو اهڃاڻ
سر مارئي جو مطالعو ڪندي محسوس ٿئي ٿو تہ ٿر ڄائي نينگري نہ صرف ظاهري خوبصورتي جو اهڃاڻ هئي پر سندس اندروني خوشبوءِ بہ ايتري تہ مدهوش ڪندڙ ۽ دلفريب هئي جو شاھہ عنايت ۽ شاھہ لطيف جهڙن ڏاهن سندس سونهن ۽ سرهاڻ کي جڳ آڏو پيش ڪندي فخر محسوس ڪيو.
ٿر ڳڻوانن جو علائقو ۽ همت ۽ سادگي واري جوءِ آهي. هتان جون ڀٽون تاريخي عظمت جي ان دور کي اندر ۾ سانڍيو پيون اچن جن جي روشني، جهرو ڪن ۽ انمول هيرن کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن ڀٽن جي سيني کي چيري چاندي جيان چمڪندڙ ذرن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. ڀٽائي سائين ٿر جو ذرو ذرو گمهي ڏٺو ۽ اتان جي ماڳن مڪانن کي اکين ڏسي ڳالهيون سڻي، ڪي نتيجاڪڍيائين ۽ پوءِ انهن کي اظهار جو روپ ڏيئي هميشه لاءِ رسالي جي زينت بڻائي ڇڏيائين.
جنهن سماج ۾ مارئي جهڙي عظيم عورت جنم وٺي ٿي سو سماج ڪيڏو نہ ابدي آسائشن ۽ سونهن سرهاڻ جو مرڪز هوندو. جتي عزت، پاڪائي ۽ اخلاق جا درياءَ وهندا هجن اتي ڪير هوندو جو اُڃو پياسو رهجي وڃي. بس اهڙي ماحول ۾ پرورش پاتل مارئي نيٺ پنهنجي ڀرپور ڪردار سان عمر جهڙي جابر حڪمران کي ٺڪرائي ڇڏيو. دنيا ڏٺو تہ عمر کي اهڙي تاريخي شڪست زندگي ڀر ڪونہ ملي.
نفسياتي طور تي بہ ٿر جو علائقو اهڙن ماڻهن جي سر زمين آهي جيڪي سادگي پسند، مهمان نواز، غيور، وفادار، ۽ امن گهرندڙ آهن، سندن سيني ۾ سڪ ۽ قرب جا امنگ پيا اڇلون ڏين. انساني محبت ۽ پيار جي حوالي سان لطيف سائين ٿر جي سر زمين کي چونڊيو.
نڪاڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لـــحم،
بڻيو هــــــــو نہ بـــــــت ۾، اڃاڪي آدم،
مون توهين سين سڱ، اها ساڃاھہ سپرين !
(مارئي 1ـ6)
محبت جي هي وادي جتي نينهن ٿو نپچي جتي پيار ٿوپلجي، جتي سڀ کان اڳ ۾ پيار جو پڙاڏوگونجيو، انهيءَ سر زمين جا رهواسي ڪيڏا نہ مهان، مڻيادار ۽ موچارا هوندا ! هوءَ جهڙي خوبصورت هئي کيس خوبصورتي جي تحفظ جي سکيا بہ اهڙي ئي مليل هئي. تنهن ڪري تہ هن عمر جهڙي ارڏي حاڪم کي آمهون سامهون ٿي ڪوروجواب ڏنو. انهيءَ حقيقت جي پيش نظر لطيف سائين، مارئي جي تحفظ جو ضامن ٿر کي ۽ اتان جي سماج کي سمجهيو آهي
ورسي وطن ڄائيون، صحرا سترجن،
(مارئي 3 ـ 15)
مارئي جڏهن ٿر جي جهنگن ۾ اڪيلي پيرون پٽيندي البيلائي جا ڏينهن گذاري، ٿي تڏهن سندس سيل ۽ ست تي ڪو ٽڪو ڪونہ لڳو ڇو تہ ٿر امن جي جاءِ ۽ ستين جو ماڳ آهي. اتي ڪنهن جي عصمت تي حرف ڪونہ ٿو اچي ۽ نہ ڪنهن جي لوڙهي کي لتاڙي ننگن ۾ نگاه وڌي وڃي ٿي. اهي سڀ پرڪار وٽن آهن ئي ڪونه. پر عمر سومري پنهنجي آمرانہ هلت ۽ حاڪمانہ ڦونڊ ۾ ڀرجي مارئي کي زوري کڻي اچي ڪوٽ ۾ قابو ڪيو. جنهن ڪري صحرا ۾ گهمندڙ نينگري جو حسن ۽ ست ڪوٽ ۾ اچي مجروح ٿي پيو. هن کي هر طرف کان طعنن جي تنوار ٻڌڻ ۾ آئي هوءَ پاڻ کي مياردار سمجهڻ لڳي. انهي خوف سندس اندر جهوري وڌو. لطيف سائين، مارئي جي انهي جذبن کي لفظن جو روپ ڏيندي چيو.
سونهن وڃايم سومرا،مارو مس مڃين،
ڏنگاڏاڏي پوٽيين، ڪن ڏنا ڪي ڏين.
(مارئي 5ـ 1)
سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناه حسن ري.
(مارئي 5 ـ 2)
مارئي، عمر جي ڪڌي هلت تي ڏاڍي پريشان آهي هوءَ پنهنجي پيڪن تي حرف اچڻ کي نهايت برو ڀانئين ٿي؛ سوچي ٿي تہ جيڪر هو ڄمي ئي نہ ها. لطيف سائين مارئي جي من کي جنهجوڙي سندس اندر جي آواز کي نهايت اثر ائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو.
هڪ جيئن نہ ڄاياس ٻيو ڄاپندي جي مران،
(مارئي 6 ـ 3)
مَ سپنـــي مــــارئي مــئــــــي مَ ڄـــائي!
جـــنهن اچي عمر ڪوٽ ۾ لوئي لڄائـي.
( مارئي 6 ـ 6)
هوءَ نڌر نماڻي ۽ پروس آهي، کيس عمر جون لالچون ۽ دڙڪا پهر پهر ۾ پيش اچن ٿا، ڊپ اٿس تہ ڪٿي حربي ۾ وڪوڙجي، ڪوڙڪي ۾ نہ قابو ٿي وڃي. هيڻائي ۽ اڪيلائپ جا سوين وسوسا اندر ۾ اچنس ٿا، عمر کي التجاڪندي چوي ٿي.
سيل ڀڃڻ جي سومرا مونکي مت نہ آڇج مير،
( ڪلياڻ آڏواڻي ؛ مارئي 6 ـ 3)
ڇو ته
جهڙي آيس جيئن، جي تهڙي وڃان تن ڏي.
(مارئي ؛ 6 ـ1)
هو ءَ عمر کي ٻڌائي ٿي تہ شادي شده عورت پنهنجي ورسان بيوفائي جو سوچي بہ نہ ٿي سگهي. ٿر جي عورت اڄ بہ روايتي طور تي پنهنجي سماجي ۽ نفسياتي قدرن جي رکپال آهي. ڪٿي ڪو ٿاٻو اچيس تہ يڪدم وات مان هي اکر نڪرندا ؛ ’’ بچي فلاڻي جو پيءُ ‘‘يا ’’جيئي گهر ڌڻي ‘‘ اهڙي ماحول ۾ نپيل مارئي ڪٿي ٿي کيت کي وساري. چو ي ٿي ؛
ڪانڌ نہ ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيروئي خوب،
ميروئي محبـــــوب، اسان مـارو مـــن ۾.
(ابيات متفرقه ؛15)
مارئي جو پنهنجي ڪانڌ سان محبت وارو عمل انساني توڙي ڪائناتي شعور جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جهڙي تهڙي پنهنجي کي قبولڻ، دراصل انسانيت جي ان سچائي ڏانهن اشارو آهي جنهن سان معاشري ۾ جنسي آزادي کي ٻنجو اچي ٿو ۽ هڪ ٻئي سان سچي هجڻ ڪري، پاڪائي ۽ پوتر تائي جو عنصر وڌي ٿو.
جيتوڻيڪ مارئي ننڍي نيٽي،اڻ تجربيڪار ۽ اڪيلي عورت آهي پر سندس سوچ، همت ۽ وقتائتي فيصلي جي سگھہ منجهس هڪ تجربيڪار ڏاهي جهڙي موجود آهي، جنهن جي آڌار تي هو قومي ۽ انساني بقا وارا فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿيندو آهي. مارئي بہ اهڙي ڏاهپ، قوت ۽ خوبصورتي جو اهڃاڻ آهي.
هو ءَ جڏهن ڪوٽ ۾ اچي قابو ٿئي ٿي تہ مٿس ٻاهرين خبر چار جون سڀ راهون بند ڪيون وڃن ٿيون. کيس اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو تہ تنهنجي مارن توکي جيئري ئي مئو سهايو آهي ۽ تنهنجي جي وجود کي ناپاڪ سمجهي ملير جي ڌرتيءَ تي ٻيهرڏسڻ نٿا چاهن. پر مارئي ڏاهي هئي هن کي پنهنجي پيڪن تي ويساه هو. هن جي اندر ۾ مارن لاءِ جيڪا اڪير موجود هئي تنهن سندس همت ۽ حوصلي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي. پنهنجي محبت ۽ ڪوشش جي قوت ڪري هن ۾ مارن سان ملڻ واري سوچ وڌيڪ پختي ٿي ويئي. دشمن جي ڪو ڙي پروپئگنڊا کان بنھہ متاثر نہ ٿي ۽ وڏي واڪي کين چيائين. ’’ سنهي سئي سبيو مون مارن سين من ‘‘ سندس يقين تڏهن وڌيڪ پختو ٿي ويو جڏهن مارن جو نمائندو عمر وٽ پنهنجي ٻانهن ( مارئي) وٺڻ لاءِ ڪهي آيو. لطيف سائين انهي ءَ صورتحال کي ٻڌائيندي چويٿو ؛
اتـان اوٺـي آئـــيو. خــبر اي کــري،
وساريـــج مَ ور کي، پـئج مَ مــنڌ مري،
ويندين ات وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.
(مارئي 10 ـ 4)
هينئر هوءَ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ زنده رهڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳي مرڻ سان مطلب ڪو نہ ملڻو هو. کيس موقعو ملي ويو. عمر جي هر ڳالھہ کي هينئن چئي ريٽي ٿي ڇڏيائين تہ آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، ’’ پهنوارن پچار ‘‘ ڇو تہ هاڻ سندس واهرو پيدا ٿي چڪا هئا. هن پاڻ کي ڪوٽ ۾ بہ اڪيلو ڪونہ ٿي ڀانيو.
عمر کي کليل لفظن ۾ ٻڌايائين.
جيها سي تـيها، مــون مــارو مـڃيا،
مون جيـــڏيون مليـر ۾، چونڊن موڪ مها،
منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
(مارئي ابيات متفرقه.9)
لطيف سائين مارئي جي هر سوچ ۽ عمل کي ذري پرذي ظاهر ڪيو آهي، ائين ٿو باسي تہ ڄڻ لطيف ساڻس همراهي ۽ هم صلاحي هو. مارئي مارن جي نمائندہ فرد جو اهڃاڻ آهي، هوءَ مارن جي انهي عمل کان ڏاڍي خوش ۽ مطمئن آهي جو اهي، سندس قيد ۾ وڃڻ کانپوءِ بہ پنهنجي عملي جدو جهد ( يعني مارئي جي آزادي واري جدو جهد) کان هٿ ڪڍي ڪونہ ويٺا، انهي ءَ ڪري ئي اڀرا سڀرا کيس پسند آهن. هن جي خواهش آهي تہ جيسين کيس مڪمل آزادي ملي تيسين اهو عمل جاري رهڻ گهرجي. هن کي پورو ڀروسو آهي تہ جيڪڏهن مارن طرفان اهڙي مهم جاري رهي تہ پوءِ اهو گڏيل عمل (آه) ضرور عمر جي ڪوٽ کي ڪيرائي وجهندو ۽ آئون آزاد ٿي ملير موٽنديس.
سوين سال اڳ مارئي جي اها خواهش هئي تہ عمر جو هي قهري ڪوٽ ڪري ۽ هوءَ آزاد ٿي ملير موٽي. پر اڄ اسين ان ظلم جي اهڃاڻ کي انهي ڪري صحيح سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا تہ ماضي جي انهي يادگار کي اڄ جي عمر کي ڏيکاري ظلم کي ورجائڻ کان روڪيون.
ظالم قوتن کي ڪوٽ جون ارڏيون ديوارون ڏيکائي وقتي طور خوفزده تہ ڪري سگهجي ٿو پر اهي لاڀ ڀريا نتيجا اوستائين حاصل ٿي ڪونہ سگهندا جيستائين. اسين لطيف سائين جي مٿين بيتن جي تشريح واري روح تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڦيرو تہ آڻينداسين. انهي ڪري ئي لطيف سائين اڄ جي هر باشعور فرد کي عمل لاءِ اڪسائيندي چوي ٿو تہ زندگي جو سچو عمل ئي پائدار رهي ٿو، باقي سڀ فنا آهي.
ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾ لوئي هڏ مَ لاه.
( مارئي ؛ 10 ـ 5)
مددي ڪتاب
1 ـ رائچند ؛’’ تاريخ ريگستان ‘‘ ( ڀاڱو ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1988 ع.
2 ـ جوڻيجو عبدالجبار ( ڊاڪٽر)’’ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ‘‘ سره ڪتاب حيدرآباد 1973 ع.
3 ـ سنڌي حميد ( مرتب) ؛ ’’ مارئي ‘‘ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز.
4 ـ شهواڻي غلام محمد ؛ ’’ شاھہ جو رسالو ‘‘ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 61 ـ 1960 ع.
5 ـ آڏواڻي ڪلياڻ ؛ ’’ شاھہ جو رسالو‘‘ مڪتبہ اسحاقيه ڪراچي 1976 ع.