شاھہ جي شاعريءَ ۾ وير رس جو اڀياس
رس جون ڪئي حالتون آهن انهن مان ڏهن جو اڀياس عالمن ۽ ودوانن ڪيو آهي ۽ اهي سڀئي حالتون جمالياتي زمري ۾ آنديون ويون آهن. رس جي بنيادي معنيٰ آهي پيار ڪرڻ، سواد وٺڻ، عالمن رس جي ڪيفيتن جي آڌار تي ان جون جدا جدا حالتون بيان ڪيون آهن. ڊاڪٽر سنديلي هن جا ٻه مکيه قسم بيان ڪيا آهن. سندس خيال موجب پهريون، جسماني رس آهي، جنهن جا هن ڇھہ قسم ٻڌايا آهن، جڏهن تہ ٻيو حسي يا ڪلپنا وارو رس آهي جنهن جاوري (9) قسم ٻڌايا اٿس.
مولوي پنڊت حبيب الرحمان شاستري نو (9) رس بيان ڪيا آهن. سنسڪرت ۾ ناٽيه شاستر گرنٿ جي ليکڪ مني جي، رس جا اٺ قسم بيان ڪيا آهن. ڪن عالمن ٻه قسم ٻيا بہ ٻڌايا آهن مجموعي طور رس جا ڏھہ قسم بيان ڪيا وڃن ٿا، جن جو وچور هن طرح آهي ؛
1 ـ شرنگار رس (شرنگ معنيٰ محبت جي ديوتا ڪامديو جو اڀرڻ)
2 ـ وير رس ( سورهيائي وارو رس)
3 ـ بڀتس رس ( بڇان، ڪراهت يا ڌڪار وارو رس)
4 ـ رودر رس (غصي ۽ ڪاوڙ جو احساس ڏياريندڙ رس)
5ـ هاسيه رس (( کل خوشي، آٿت ۽ آنند ڏياريندڙ رس)
6 ـ ادڀت رس ( اچرج يا حيرت وارو رس)
7 ـ ڀيانڪ رس ( خوف ڏياريندڙ رس)
8ـ ڪرڻ رس (شوق وارو رس)
9 ـ شانت رس ( سنسار جي سک چڱن لڇڻن ۽ ياترائن وارو رس)
10 ـ واتسليه رس ( ممتا وارو رس)
اصل ۾ اهي سڀ ذريعا آهن. خوشي، لذت، درد جي راحت، ڪاوڙ، سورهيائي، ڪراهت، خوف، اچرج ۽ شوق کي ماڻڻ جا. من جي اڇل يا احساس کي جيڪو جيتروماڻڻ جي قابل هوندو،اوترو ان مان لطف ۽ حظ حاصل ڪري سگهندو. ماڻڻ مان هتي منهنجي مراد آهي غم سان شناسائي، يعني جنهن جيترو غم جي شدت کي محسوس ڪيو هوندو، اوترو ان ۾ رس کي ماڻڻ جي قوت وڌيڪ هوندي.
پنڊت وشوناٿ “ساهتيه درپن”۾ معتبر عالمن جي سند سان هي نظريو ڏنو آهي تہ رس جو اصلي جوهر حيرت يا اچرج آهي. اسان جي خيال ۾ اها تاويل انهي خيال کان بہ درست آهي جو هر ڪا شيءِ ۽ هرڪو وجود هڪ راز (Secret) آهي ۽ راز جي کوجنا ۾ اچرج ۽ حيرت واريون حالتون پيدا ٿينديون رهنديون آهن ۽ اهي حالتون (situations) ئي انساني سرور جو سبب بڻبيون رهنديون آهن. سورهيائي هڪ اهڙي سچو ئيشن آهي جنهن کي شاعري ۾’’ وير رس‘‘ ڪوٺيو ويو آهي. جيئن تہ اسان جو موضوع بہ لطيف جي شاعري ۾ وير رس واري حالت کي سمجهڻ آهي، تنهن ڪري هيٺ انهي سلسلي جا ڪجھہ ويچار پيش ڪجن ٿا.
سچ سونهن ۽ انسانيت کي دائمي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪنهن شخص جي ڪردار ( Behaviour) ۾ اهڙو جذبو ۽ لگن پيداڪئي وڃي جو مقصد تائين پهچندي پهچندي، جيڪڏهن بيان ڪيل مٿين حالتن مان کيس گذرڻو پوي تہ هو ان حالت کي اهڙي نموني ماڻي (يعنيٰ برداشت ڪري) جو کيس هر حال ۾ خوشي، پيار ۽ لذت جو ذائقو محسوس ٿئي اهڙيئي انسان کي سورهيه سڏي سگهجي ٿو.اسان جي خيال ۾ “وير رس”کي سڀني کان اتم درجي وارو رس ڪوٺجي تہ بيجا نہ ٿيندو. فڪر جي طاقت هڪ اهڙو جاندار تجربو آهي، جيڪو شاعر جي داخلي ڪيفيت سان گڏجي اجتماعي نفسيات ۽ احساس جي ترجماني پڻ ڪندو آهي. شاعر ڄاڻي ٿو تہ ماڻهن جي سوچ ۽ چاهنا جو مظهر اهي ڪردار آهن جيڪي پنهنجي همت، حوصلي ۽ سورهيائي سان قومي فريضو بجا آڻين ٿا. لطيف سائين اهڙن ڪردارن ۽ تصورن کي نهايت سليقي، همت ۽ ارڏائي سان پيش ڪري، ”وير رس“ واري جمالياتي پهلو جو پورائو ڪيو آهي. اهڙا مثال سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سهڻي، سورٺ ۽ ڪيڏاري ۾ موجود آهن.
شاھہ سائين ”وير رس“ جي سلسلي جو سڀ کان موثر۽ مدلل اظهار سر ڪيڏارو ۾ ڪيو آهي. ڪربلا جي پڙ ۾ امام سڳورن جنهن سورهيائي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، اهو هر صورت ۾ اعليٰ ترغيب جو ذريعو آهي. هر بيت ۾ لطيف سائين جو مخصوص اندازِ بيان واقعاتي جوڙ جڪ ۽ ترتيب ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿي.
ڪربلا جي پــڙ ۾، خيــما کوڙيائــــــون،
جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،
منهن نہ موڙيائـون، پســي تاءُ ترار جــو.
(ڪيڏارو:2 ـ4)
سچ لاءِ ڏنل هر قرباني اتم درجو ماڻي ٿي. يزيد ۽ ان جا ساٿي ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي، ماڻهن سان زيادتيون ۽ بي واجبيون ڪري رهيا هئا. امام سڳورن ساڻن مدِ مقابل ٿي اڏيل ڪوڙي ڪوٽ کي ڪيرائي وڌو ۽ يزيد جي ساک مٽي ۾ ملائي ڇڏي. ستر بهادرن جي ننڍڙي لشڪر هزارن جي تعداد ۾ باطل جي لشڪر سان اهڙي جنگ جوٽي جو زمين ۽ آسمان ۾ ٿرٿلو مچي ويو. اصل ۾ اهو سڄو ڪمال عشق جو هو.
ڪامل ڪربلا ۾، آيا جنگ جــــــوان،
ڌرتـــي ڌٻـي، لــرزي، ٿرٿلــيا آســـمان،
ڪَره هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو.
(ڪيڏارو:2 ـ7)
سر ڪيڏاري ۾ وير رس جا ڪيترائي بيت موجود آهن. انهن مان ڪجھہ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1. ـــــــــ سچ ڪه بيبي ڄايــا، ھہڙا ســورهيه ســـپريـن.
2. ـــــــــ گهــــوڙن ۽ گهـــــوٽــــن، رڻ ۾ لائــــون لڌيــــون.
3. ـــــــــ گهـــــوڙن ۽ گهــــوٽــــن، جيــئڻ ٿــورا ڏينـــهــڙا.
4. ـــــــــ جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارن جــــون.
5. ـــــــــ جيڏيون! هن جُهنجهار، اُجاري سڀ اڇا ڪــيا.
6. ـــــــــ ڪِلي وير ڪٽــڪ ۾، سائـــو ســـڀ نہ هُــــــَونِ.
7. ـــــــــ تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.
8. ــــــــ مٿـــان تيـــغ تـــرار، مــــــار تہ متـــــــارو ٿـــئين.
لطيف سائين جي شاعري ۾ وير رس وارو اندازِ بيان ايڏو تہ موثر ۽ حساس ٿي پوي ٿو جو قاريءَ تي بہ ان جو اثر جيئن جو تيئن ٿئي ٿو. سهڻي ڪنڀر جي ڌيءَ آهي پر هن جي عشق ۽ مقصد سان سچائي واري عمل ڀٽائي کي ان تي لکڻ لاءِ اڪسايو.ڀٽائي سهڻيءَ جي ڪردار کي همت، حوصلي ۽ سورهيائي جو سمبل ڪري پيش ڪيو.
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيــتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساھہ جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جــي.
( سهڻي:1 ـ 9)
ڪسڻ جو قرار ڪرڻ ۽ سوريءَ کي سينگار سمجهڻ وارا سورما هر دور ۾ ايندا رهيا آهن. پر انهن جي علامتي حيثيت کي قائم (Establish) ڪرڻ ۽ مضبوط (Stable) ڪرڻ لطيف جو ئي ڪارنامو آهي.
سوري آ سينگار، اڳهين عاشقن جـــو،
مُــڙڻ مــوٽڻ ميهڻـــو ٿيا نــظاري نروار،
ڪــسڻ جو قرار اصل عاشقــن کـــي.
(ڪلياڻ ؛ 2 ـ 5)
هتي لفظ سوريءَ، علامت طور ڪتب آيو آهي. ’’ سوريءَ ‘’ مان مراد آهي، مقصد لاءِ موت. سورهيه انسان موت کي ميلاپ جو ذريعو ڀائيندا آهن. ان حوالي سان سوريءَ لفظ ٻڌڻ سان اسان جي آڏو حضرت عيسيٰ جو نالو ذهن تي اڀري ٿو. هونئن بہ شاھہ سائين جون سڀ علامتون ڪن تصورن ۽ نظرين جي عرفان جو ذريعوآهن.
پتنگ بہ قرباني ۽ سورهيائي جو سمبل آهي. شاعري ءَ ۾ ان جو استعمال تہ شاھہ کان اڳ بہ ٿيندو آيو آهي، پر شاھہ جو پتنگ صرف حُسن جي ادا تان قربان ٿيندڙ پوپٽ ناهي. هي تہ هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا ڪنهن اعليٰ مقصد تي پهچڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو رکي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي جو لطيف سائين جا سڀ پتنگ کڙا تڙا آهن ۽ سِرن جي اجتماعي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
پتنگن پھہ ڪيو، مڙيا مــٿي مــــچ،
پسي لهس نہ لچئا، سڙيا مـٿي سچ،
سدا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃــائـيا.
( يمن ڪلياڻ ؛ 3 ـ 16)
شاھہ جا سڀ سورما ۽ سورميون تصوراتي صورت ۾ آيا آهن، هر ڪردار ڪنهن نہ ڪنهن مقصد جي علامت بڻجي پيو آهي. سر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ هڪ خاص راجا جي ڪردار ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ ٻيجل جي حيثيت بہ عام منگتي واري ناهي رهي. ٻئي ڪنهن خاص مقصد تحت ڪم ڪري رهيا آهن. ٻنهي وٽ اها ڄاڻ موجود آهي تہ ڪنهن کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. لطيف سائين ٻيجل جي گهرڻ جي انداز ۽ ڏياچ جي ڏيڻ جي انداز کي ڪهڙي طرح نہ علامتائيو ( Symbolized) آهي جو تنبوري جي تار مٿان ڏياچ پنهنجي سر جي ڀيٽا کي هيچ ٿو ڀانئين.
تنــــد تـــماري تــانُ، ڪــــهيو سو قبـــول پيـــو،
ســـر تہ آهــــي سِــٽ ۾ پر ٻيو ڪو مـــڱج دانُ،
خاڪ مٽي کان بانُ، ڪاٽيا پوءِ ڪــجھہ نهين.
(سورٺ ؛ 4 ـ 5)
اصل ۾ ’’ وير رس ‘‘هڪ ذريعو آهي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ اڪسائڻ جو. ان حوالي سان لطيف سائين پنهنجي قاريءَ کي اهو عرفان ڏيڻ چاهي ٿو تہ حياتياتي يا مادي شيون عظيم تر ۽ بين الاقوامي نصب العين آڏو ڪا بہ حيثيت نٿيون رکن. سر جي ڀيٽا بہ ابدي خوشي آڏو ڪا حيثيت نٿي رکي. سندس عقيدي موجب جياپي جو دارو مدار بہ منصور جيان ڪڏندي ڪنڌ ڪپائڻ ۾ آهي. اُهيئي قومون زنده رهن ٿيون، جيڪي پنهنجي منزل ڏانهن وڌندي سورهيائي سان سر ڏيڻ کي ترجيح ڏين ٿيون.
سَڀَت پچار پـرين جي، سڀتِ هوت حضور،
ملڪ مڙيوئي منصور، ڪهي ڪهند ين ڪيترا.
(سهڻي ؛ 9 ـ 2)
حوالا
سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر ؛ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، سنڌالاجي ڄامشورو. 1986 ع.
پرسو جيسارام گدواڻي ؛ شاھہ جو شعر، سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر. 1973 ع.
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ سنڌي شاعري تي فارسي شاعريءَ جو اثر. سنڌالاجي ڄامشورو، 1980 ع.
سڪمارسين ڊاڪٽر تاريخ بنگله ادب ساهتيه اڪيڊمي دهلي، 1975 ع.