لطيفيات

شاھ لطيف جو علامتي شعور

ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سڌايي صاحب، لطيف جي يارھن سُرن ۾ ڪم آندل علامتن کي مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آھي. ڪتاب ۾ علامت نگاري جي فن، تاريخ، ان جي اوسر، تعريف، علامتن جي قسم ۽ وسعت جھڙن موضوعن تي بحث ڪيل آھي.

Title Cover of book شاھ لطيف جو علامتي شعور

سر بروو سنڌي جو مطالعو

سر بروو هندستان جي راڳن مطابق هڪ راڳڻي جو نالو آهي. هن سر جو واسطو’’ بروو ‘‘ جي ڪردار سان آهي جيڪو ’’رپ“ جو عاشق هو. هي هڪ لوڪ ڪهاڻي آهي جنهن جي اهميت کي ڏسندي شاھہ سائين ان کي پنهنجي بيتن جو موضوع بڻايو آهي.
هن سر۾ ڪل ٽي داستان آهن. پهرين داستان ۾ 18 بيت ۽ هڪ وائي آهي. ٻي داستان ۾ 12بيت ۽ ٻه وايون ۽ ٽين داستان ۾ 10 بيت ۽ ٻه وايون آهن. ان لوڪ ڪهاڻي جو مضمون هيٺين ريت آهي.
’’ بروو ‘‘ جنهن کي بروئڙ ‘‘ بہ چون ٿا. ان نالي سان هڪ قديم شهر جا کنڊر سمروٽي واري علائقي (ٿر ۾) سماننگر جي اتر طرف اٽڪل پنجن ڇهن ميلن تي موجود آهن. اهو شهر هاڪڙي درياه جي ساڄي ڪپ تي آباد هو. انهي شهر ۾ ڪنهن سمي ’’ بروئو ‘‘ نالي سردار رهندو هو. بروئڙ شهر کان اٽڪل 15 ميلن جي پنڌ تي اولھہ پاسي ريڻي ندي جي ساڄي ڪپ تي ڪلياڻ بادشاھہ جي راڄڌاني هئي جنهن کي هڪ سندر نياڻي ’’ رپ ‘’ نالي سان هئي. سندس سندرتا جي واکاڻ سڻي ’’ بروو‘’ ري ڏٺي مٿس عاشق ٿي پيو. بروي جي بيقراري ڏسي سندس مائٽن رپ جو سڱ گهريو. پر ڪلياڻ راضي ڪو نہ ٿيو. ان ڪري بروو وڌيڪ پريشان رهڻ لڳو ۽ رات ڏينهن روڄ راڙو ڪرڻ لڳو.
اڄ پڻ اکڙين، سڄـــڻ پنهنجـــــا ساريــــــا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نہ ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺيئــــي نہ لهــي.
(1 ـ10)
اهڙي صورتحال ۾ بروي پنهنجو شهر ڇڏي اچي، پرين جو پاڙو وسايو. اتي ڪاسائي وٽ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي جسم جو گوشت، رپ جي نوڪرياڻي جي ذريعي ڏانهس موڪليندو رهيو. رپ کي جڏهن انهيءَ راز جي پروڙ پئي تڏهن هوءَ بہ سندس قرباني ڏسي، مفتون ٿي پيئي، پر هوءَ عورت هئي، اندر ئي اندر پڄرڻ لڳي.
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهــن ٻاهر ٻاڦ نہ نـــڪري.
(رپ ؛ 2 ـ 17)
هن سر جي مضمون کي معنوي لحاظ کان اسان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهرين حصي ۾ وحدت ۽ ڪثرت جا مامرا ۽ خدا جي وحدانيت ۽ قدرت ڏانهن اشارا ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾ عشق جون پيچيدگيون، محبت جا وهنوار ۽ سپرين جي سونهن جي واکاڻ ڪيل آهي ۽ ٽئين حصي ۾ مادي مقصد جي حصول کي اهميت ڏني ويئي آهي. ائين پيو ڀاسجي تہ لطيف سائين هڪ لوڪ ڪهاڻي جي حوالي سان زندگي جي مڙني رخن جو باريڪي سان اڀياس ڪري نتيجا ڪڍيا آهن. هونءَ بہ ڪامياب زندگي جي حصول لاءِ قاعدا ۽ رخ، سماجي ڏاهائي متعين ڪندا آهن. لطيف سائين حق جي لامحدود ۽ وسيع سلطنت جي ڄاڻ ڏيندي ٻڌائي ٿو تہ سڀ مادي شيون ڇڏي، حق سان هڪ ٿيڻو آهي. اهڙي ويلي جاهلن جي جهالت حاسدن جا حسد، وهمين جا وهم ۽ ڪوڙ جا ڪڪر سڀ ختم ٿي ويندا. صرف عقل ۽ دانش جو راڄ هوندو. ان ڪري بصيرت جي اها تقاضا آهي تہ اڳواٽ ئي حق ۽ عقل سليم جي حڪمراني ۽ عظمت کي تسليم ڪجي.
ڇاکي وڃي ڇو، ٻيلي ٿين ٻين جــو،
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو
سـوکو هونـدو سـو، جنهن جو عشق الله سين.
(1 ـ1)
هن بيت ۾ هڪ پاسي انسان کي پنهنجي ظاهري (مادي) برتري جو احساس ڏياريل آهي تہ ٻئي پاسي ان تصور کي بہ پختو ڪيو ويو آهي تہ انساني برتري، خداجي نور، طاقت ۽ هيڪڙائي ۾ ڪامل ويساه سان حاصل ٿي سگهي ٿي.
اهوئي سبب آهي جو لطيف سائين پنهنجي وجود کي ان واجب الوجود کان ڌار نٿو ڀانئين ۽ جز کي ڪل ۾ سمائي ڇڏڻ جي تانگھہ رکي ٿو.
تـــون صاحبزادو سپرين، آئون نسورو نــوڪر،
بيحـد ڪريان بندگــي، هـــٿ ٻڌي حـــاضر،
ڇن، ڇڏيندس ڪينڪي، دوس اوهان جـــو در،
مون تان مهر نظـــر، پرين ! لاه مَ پنهنجــو.
(1 ـ18)
انسان ۽ خدا جو اهو رشتو فطرت جي تقاضا موجب ۽ هڪ عظيم درجو آهي، پر مادي لحاظ کان بہ انسان ڪيترو علم،حلم ۽ عقل جو مالڪ هجي، پر بي وسيلو، بي استادو ۽ بي مقصد و انسان منزل ڀيڙو نٿو ٿي سگهي، ان ڪري لطيف خدا جي ڳانڍاپي واري تصور کي، انساني بقا جو سبب سمجهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح هڪ انساني وجود ٻي انساني وجود سان منسلڪ ۽ وابستہ آهي. اهو اهڙو ئي واضح مادي تصور آهي جهڙو مٿيون فطرت جي ڳانڍاپي وارو تصور چٽو آهي. سچ ابدي هجي يا وقتي هجي، هرحال ۾ اهو پاڻ کي مڃائي ٿو. اهڙي حالت ۾ انسان جيڪو ٿوري وقت لاءِ دنيا ۾ اچي ٿو ان جي حقيقت کان بہ انڪار، ڪير نٿو ڪري سگهي ۽ عشق جي حڪمراني ۽ ڪاميابي واري واضح دليل کان بہ ڪوئي انڪاري ٿي نٿو سگهي. اهي ٽئي اهڙا سچ آهن جيڪي هر هنڌ ۽ هر ماڳ تي ملندا جتي انساني وجود جو واسو هوندو.
’’هيڏانهن هوانهن سپرين،ڪاڏي واريان ڪنڌ‘‘
(1 ـ وائي)
سپرين جي سونهن جي سرهاڻ ۽ چٽاڻ جو هر جاءِ هجڻ وارو تصور (Concept) صوفين وٽ وڏي اهميت رکي ٿو ؛ صوفي انساني وجود جي خوشبوءِ تي پاڻ نڇاور ڪري، معرفت جو مقام ماڻينداآهن. اها شعوري طور تي مادي ڪوشش ئي، کين روحاني رمزن کي سمجهڻ لاءِ ڪارائتي ٿئي ٿي لطيف چوي ٿو ؛
جانب تون جيڏو، آهين شان شــعور سيــن،
مون تي ڪر منهنجا پرين! توھہ تـسي تيـڏو.
اي ڪامل! ڪيڏو، جيئن نوازنيم نگاه ‎سـين.
(2ـ1)
ڪنهن وجود ۾ پيهي وڃڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي.ان لاءِ باطني پاڪائي، تمام ضروري آهي. پاڪائي، جو اهو تصور ظاهر ۽ باطن جي خوشبوئن کي نروار ڪري ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ طالب کي سواءِ مطلوب جي ٻي ڪا شيءِ متاثر نٿي ڪري.هو ڪائنات جي هر شيءِ کي محبوب جي ڀيٽ ۾ هيچ سمجهي ٿو.
ناز منجهارا نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پــڻ بسـم الله چـئـي راه چمـي ٿي رنــد،
اڀيون گهڻي ادب سين حورون حيرت هنڌ،
سـائين جو سوڳنــد، ساجن سڀيئـان سهڻو.
(2 ـ 6)
در اصل پنهنجي محبوب سان اها مقصدي وابستگي ئي طالب ۾ انسانيت لاءِ پيار ۽ ساڃھہ پيدا ڪري ٿي ۽ پوءِ هو هر انسانيت جي پيڙا، سک ۽ سڪون، سڀ پنهنجا ڀائيندو. ڇو تہ اهو رشتو ايترو گهرو ۽ پختو آهي جو موت بہ ان کي ماري نٿو سگهي.
ڪڙو منجهہ ڪڙي، جيئــن لهار لپيٽـــــو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپر يان سوگهو ڪيو.
(2 ـ 5)
ڪـــي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور بہ اوڏاسپرين،
ڪي سنڀرجن نہ ڪـڏهن، ڪي وسرن نہ مور،
جيئن مينهن ڪنڍي پور، تيئن دوس وراڪو دل سين
(1ـ11)
هيٺ جيڪي ٻه بيت ڏجن ٿا انهن ۾ رياڪاري، وقت ۽ حالتن جي مٽجڻ جي تاريخي ۽ سچي حقيقت سڻائيندي، لطيف سماج جي هر فرد کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي صلاح ڏي ٿو. آسرو بيماري آهي ۽ آسرن تي
هلڻ وارا سدائين ڏوجهرن ۾ گذارين ٿا. ڇو تہ گهڻوتڻو ماڻهو پنهنجي مفاد کي اوليت ڏي ٿو. هي ڪلجڳ آهي سوچي سمجهي اڳتي وڌجي.
يار سڏائي سڀــڪو، جاني زبـــــاني،
آهي آساني، ڪم پئي تہ ڪَل پئي.
(3 ـ3)
آدميـن اخلاص، مٽائي ماٺو ڪـــــيو،
هـاڻي کائي سڀڪو ماڻهو سندو ماس،
دلبر ! هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
ٻي سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
(3 ـ 4)
جيئن تہ هي هڪ لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل سر آهي. هن ۾ اندر جا اڌما، تهذيب، سڀيتا،ڀرم، وسوسا، پريم پيار ۽ روحاني رمزون بيان ڪيل آهن، دارصل اهڙيون ئي ڪهاڻيون تاريخي مٿ سان واسطو رکنديون آهن.
هن سر جي مطالعي مان جيڪو نتيجو حاصل ٿئي ٿو اهُو آهي، سَت جي پائڻ لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏڻ،هن سر مان جنهن ٻي اهم نڪتي جي نشاندهي ٿئي ٿي، اهو ارادي جو اٽل هجڻ آهي. مقصد دنيوي هجي يا روحاني، مقصود مادي هجي يا ماورائي، سڀني جي حاصلات لاءِ مٿيان ٻئي اصول اپنائڻا پون ٿا. جيڪڏهن ڪو کڻي مقصد نہ رکي ۽ نہ مٿيان ٻئي گُر استعمال ڪري تہ بہ بي مقصدو بڻجي هي جهان هڪ ڏينهن کيس ڇڏڻو ئي پوندو.
فـاني ئي فـاني، دنيــــا دم نہ هـــــيڪـــڙو،
لٽي لوڙھہ لتن سيـن جوڙيندءِ جانــــــي،
ڪوڏر ۽ ڪاني،آهي سر سڀ ڪــنهن.
(2 ـ 8)

مددي ڪتاب
1. شاهواڻي غلام محمد ؛ ’’ شاھہ جو رسالو ‘‘ آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد 1961 ع.
2. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ ’’ سنڌي ادب جي مختصرتاريخ زيب ادبي مرڪز حيدآباد 1983 ع.
3. سورلي ايڇ ٽي ڊاڪٽر ؛’’ ڀٽ جو شاھہ ‘‘ (سنڌي ترجمو) سنڌيڪا اڪيدمي ڪراچي 1992 ع.
4. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ؛ ’’ شاھہ جي شاعري ۾ علامت نگاري ‘‘ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1992 ع.
5. شيخ محمد يوسف (مرتب) ؛ ’’ سنڌ باب لاسلام (جلد پهريون، تنظيم فڪر و نظر سکر 1985 ع.