شاھہ لطيف جي عڪسي شاعري
علامتي صورتن ۾ هڪ صورت عڪس جي بہ آهي جنهن ۾ معنيٰ جي سطح بدلجي ويندي آهي. عڪس ماضي جي ڪن حقيقتن جو هڪ مخصوص زماني ۽ مڪاني رشتو ڳنڍيندا آهن. عڪس کي وڌيڪ چٽائي ءَ سان هئين سمجهي سگهجي ٿو تہ عڪس ٻن مختلف شين، يا واقعن يا مو قعن جي مشترڪ وصف ۽ مقابلي جو ٻيو نالو آهي. جيڪو شخص عڪس کان ڪم وٺي ٿو اهو هڪ موقعي جي احوال جي تشريح ٻئي موقعي جي احوال ذريعي ڪندو آهي. عڪسن جو واسطو مصوري سان بہ آهي، مصوري لفظن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي، عڪس کي محاڪاتي استعارو بہ چئي سگهجي ٿو، عڪس مان مراد آهي معلومات يا محسوسات جا اڳ ۾ حاصل ٿيل هجي، تنهن کي وري جاڳايو وڃي. تنوير عباسي لکي ٿو تہ شاعر کي پنهنجي محسوس ڪيل ڪائنات ٻيهر تخليق ڪرڻي پوي ٿي. ڪائنات جي انهيءَ ٻيهر تخليق واري عمل لاءِ عڪس بهترين ذريعو آهن. شاعر ۽ اديب عڪس کان گهڻو ڪم وٺندا آهن، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان دنيا سان واسطو رکندڙ مختلف شين ۽ حالتن جي وچ ۾ اختلاف جي حقيقت کي سمجهي سگهندا آهن. ان مان اها ڳالھہ ظاهر ٿي تہ عڪس بنيادي حقيقت جي دريافت جو نهايت اهم ذريعو آهن، معنوي ۽ صورت گري جي لحاظ کان عڪس کي ڪيترن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، پيٽر جونس عڪس کي ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي،
ڊاڪٽر ٻوهيو پهرين کي معنوي ۽ ٻئي کي ظاهري يا لفظي سڏي ٿو. ايف ـ ايس فلنٽ عڪس جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن نئنڊس عڪس جا ڇھہ طريقا ٻڌائي ٿو ؛
(1) نظري عڪس (2) ٻڌڻ جوعڪس (3) سنگهڻ جوعڪس (4) ذائقي جو عڪس (5) ڇهڻ وارو عڪس (6) ٿڌي ۽ گرم جو احساسي عڪس.
شاھہ لطيف جي شاعري فطرت جي مشاهدي جو هڪ کليل ڪتاب آهي ان ڪري سندس رسالي ۾ عڪس جي بہ گهڻائي آهي. هن وٽ ٻولي جو خزانو آهي، سندس ٻولي جو هر هڪ لفظ جذبات ۽ احساسن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري انساني حواسن تي جلد حاوي ٿي وڃي ٿي. اهڙن ئي جذبن جي تصوير هيٺين بيت ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
سـر نسريا پاند، اتر لڳـــا آءُ پــريـن،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
( سامونڊي)
سَرن جو ڳڀ جهلڻ ۽ اتر واءُ لڳڻ اهڙو ويلو آهي جنهن ۾ انساني جذبا جوان ٿين ٿا ۽ ڦوڙائو ازدها بڻجي ڏنگي ٿو. هن بيت ۾ لطيف لفظن کي جذبات جو عڪاس بنائي انگ انگ ۾ احساس جي باھہ ڀڙڪائي ڇڏي آهي.
جذبن ۽ احساسن جي اپٽار لطيف جي هر بيت ۾ نظر اچي ٿي. سر سهڻي جي هيٺئين بيت ۾ شاھہ صاحب ذهني ۽ جذباتي احساس جي تصوير پيش ڪري عڪسي شاعري جي تڪميل ڪئي آهي.
گهــــڙي گهـــڙو هٿ ڪــــري، الاهي تـهار،
ڄنگھہ ڄرڪي وات ۾، سسي کي سينـسار،
چوڙا ٻيڙاچــــــــــڪ ۾، لڙ ۾ لـڙهيـــــس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿر نئو ڌار،
مــــــــڙيا مڇ هـــزار، ڀــــاڱا ٿيندي سهـــــڻي.
اهڙي عڪس کي وليم ڪوهين ڀرپور عڪس (Charged Image) ڪوٺيو آهي.
لطيف جا عڪس، وڇڙيل دلين جون اداس تمنائون بہ آهن تہ ٽمڪندڙ آڪاش هيٺان ان ماڳ ۽ مڪان جو تصور بہ پيش ڪن ٿا جتي محبوب جو ديرو آهي.
تــــو ڏانهن گهڻو نهاريان تارا تيلاهين،
سڄــــڻ جيڏاهين، تون تيڏانهين اُڀرين،
هُن تاري، هُن هنڌ، هُت منهنجا سپرين،
سڄـــڻ ماکي منڌ، ڪوڙا ٿين نہ ڪڏهين.
لطيف سائين درياھہ جي متضاد ڪيفيات جي بہ تصوير ڪشي ڪئي آهي. درياھہ کي هو ڪٿي جابر بادشاھہ جي رنگ ۾ ڏسي ٿو تہ ڪڏهن ان جي ڪنن جي ڪڙڪن کي لطف سان ڀريل محسوس ڪري ٿو، جيڪي مشڪ ۽ عطر جي هٻڪارن سان لبريز آهن. ٻنهي صورتن ۾ لطيف جو ڪمال آهي جو سالڪ کي هر حال ۾ درياھہ ۾ گهڙڻ لاءِ آتو ڏيکاري ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو ؛
دهشت دم درياھہ ۾ جت جايون جانارن،
درنـــدا دريا ھہ ۾، واڪا ڪــــيو ورن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اتـــي اڻتارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تــــون.
ٻئي هنڌ چوي ٿو ؛
لهــر مڙيـوئي لعل، وهـــڻُ کٿوريان وترو.
اوٻــــــارا عنـــــبير جا، جـــر مــان اچن جال،
ڪُنن گهڙي ڪال، سڪ پريان جي سهڻي،
هي بيت سنگهڻ جي احساس جو عڪس آهي. ڪنهن نظاري جي چٽسالي يا ڪنهن ماڻهو جي مهانڊن جو نقشو چٽائي سان اکين اڳيان اڀري اچي تہ اهڙي عڪس کي نظر ي عڪس چوندا آهن. سر حسيني ۾ شاھہ صاحب فرمائي ٿو ؛
لڪڙ هاريون آڱريون، ٻارو چاڻو پير،
اچــو پَسون جيڏيون، تازو پنهون پير.
هن بيت مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ڄڻ پنهون هاڻي هاڻي هتان گذريو آهي، هن جي پير جو نشان بہ اڃا تازو آهي. سندس سنهيون آڱريون ۽ مخصوص ڊول وارو ٻروچڪو پير پنهو نءَ جي خوبصورتي ۽ سندس انفراديت جي عڪاسي ڪري ٿو.
آوازي عڪس ۾ سر، موسيقي ۽ ٻڌڻ جو تاثر ملي ٿو. ان جو هڪ مثال ڏسو ؛
اديــون سـڀ انـدام، چڙن منهنجا چــوريا،
لارن جا لنو لائي سا، ڪيئن آڇيان عـام،
لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست منجي.
هن بيت ۾ چڙن جي آواز ٻڌڻ سان سهڻي جي انگ انگ ۾ جيڪو سرور پيداٿئي ٿو سو ميهار جي چڙن جي آواز جو اثر آهي، بيت ۾ رومانس جو جيڪو تاثر شامل آهي سو دائمي صداقت جي نشاندهي بہ ڪري ٿو، ۽ شاعرجي ذهني ۽ فطري ”ائپروچ“ ڏانهن بہ اشارو آهي. هي بيت علامتي عڪس جو بہ بهترين نمونو آهي.
ڪن بيتن ۾ ٻٽا عڪس بہ نظر اچن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي تہ اهو تجربو گهڻ عڪسو بہ ٿي پوي ٿو. شاعر جو اهم تجربو صرف عڪس چٽڻ لاءِ نہ هوندو آهي، بلڪ اهو هن کي هڪ نڪتي تي مرڪوز ڪرڻ جو ذريعو هوندو آهي. مٿئين مثال جي وضاحت لاءِ سر سارنگ جو هي بيت هڪ جامع صورت جو آئينہ دار آهي.
اڱڻ تازي، ٻهر ڪُنڍيون، پکا پٽ سونهن،
سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسـان ۽ پريـن، هون برابـر ڏينــهڙا.
هيءَ بيت انساني خواهشن جي لازوال عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ هر پاسي گهڻي خوشي جو اظهار ڪيل آهي. پر ان ۾ جيڪو نراسائي جو نڪتو شاعر بيان ڪيو آهي اهو ڏاڍو واضح ۽ چٽو ۽ ڪيف ۽ سرور کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندڙ آهي. هڪ طرف خوشي جا سڀ سامان آهن پر ٻئي طرف پرين جي نہ هجڻ جو تصور بہ لڪل آهي. شاعر جي تمنا آهي تہ اهڙي ويلي ٻئي گڏ هجون. اهو من جو مامرو بہ آهي ۽
انساني نفسيات سان واسطو رکندڙ حقيقت پڻ آهي.
مطلب تہ شاھہ صاحب جي شاعري ۾ هر قسم جا عڪس ۽ اولڙا موجود آهن، ڇو تہ سندس مشاهدو وسيع ۽ منظر ۽ لفظ انساني حس تي حاوي ٿيندڙ آهن، انڪري ئي سندس شاعري جذبات جي ڀرپور ترجمان ۽ عڪاس آهي جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي. هن ڏس ۾ بہ دنيا جا ڪي ڳاڻ ڳڻيا شاعر شاھہ لطيف جي همسري ڪري سگهن ٿا.