بشير منگي

Author Name

 شاعر، ڪالم نويس، مترجم بشير منگي پهرين اپريل 1963ع تي، پنجُو ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد پنهل منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي (اڪنامڪس) آهي. جولاءِ 1990ع کان آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان لاڳاپيل آهي. بشير منگي ڪاليج واري دور کان جساف سان واڳيل رهيو ۽ لکڻ به شروع ڪيو. ان سان گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو عهديدار به رهيو، جن ۾: مرڪزي آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت سنڌ (2010ع کان آگسٽ 2013ع)، ميمبر، رحيمداد مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر، ميمبر، لطيف ادبي سنگت لاڙڪاڻو، ميمبر، در محمد فقير (روحل فقير) يادگار ڪميٽي سکر، جنرل سيڪريٽري، الفتح ويلفيئر ايسوسيئيشن محلا الله آباد لاڙڪاڻو (1980ع)، صدر، آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن گڊو بئراج ڊويزن سکر (1995ع)، صدر، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن سکر ڊويزن 1995ع اهم آهن. بشير منگي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترو وقت ڪالم به لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: وڏڦڙو (هائيڪا: 2004ع)، سنسار سنڌ ۽ منهنجي سوچ (ڪالم: 2011ع)، منٽو جا سئو سال (ترجمو: 2012ع)، پکي پيار امن جا (سفرنامو: 2014ع)، ڪير ٿو مون کي سڏي (شاعري: 2017ع)، پاڻيءَ جي کوٽ (ڊيم ۽ عالمي تضاد: 2020ع) اچي وڃن ٿا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي بشير منگي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


بشير منگي جا ڪتاب

ڪير ٿو مونکي سڏي، ليکڪ : بشير منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪير ٿو مونکي سڏي
ليکڪ : بشير منگي
پکي پيارَ امن جا، ليکڪ : بشير منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پکي پيارَ امن جا
ليکڪ : بشير منگي
منٽو جا 100 سال، ليکڪ : بشير منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منٽو جا 100 سال
ليکڪ : بشير منگي
سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ، مصنف : بشير منگي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ
مصنف : بشير منگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ